سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1995ع

باب: --

صفحو :4

عظميٰ پنهور

شيشي جو بال

ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ملڪ تي هڪ بادشاهه حڪومت ڪندو هو. ان بادشاهه کي ٽي پٽ هئا. بادشاهه سوچيو ته پنهنجي پٽن لاءِ هڪ الڳ محل ٺهرائڻ گهرجي، آخرڪار بادشاهه کي هڪ جاءِ پسند آئي ان جاءِ تي ميوو، ڀاڄيون، پاڻي يعني سڀ ڪجھ هو. بادشاهه محل تعمير ڪرائڻ جو ڪم شروع ڪرايو. پر ان جاءِ تي هڪ جادوگر جو قبضو هو. جڏهن جادوگر کي خبر پئي ته هن کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي، جادوگر فيصلو ڪيو ته بادشاهه کان بدلو ضرور وٺندس. هڪ ڏينهن هن وٽ شهزادو گلفام ۽ شهزادو گلزار پنهنجو محل ڏسڻ آيا. جادوگر شهزادي گلفام کي هڪ وڏي مڇي ٺاهي درياء ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ شهزادي گلزار کي سرڻ ٺاهي هوا ۾ اُڏائي ڇڏيو. جڏهن نوڪرن اهو حال ڏٺو ته تمام گهڻا پريشان ٿيا ۽ واپس آيا. انهن بادشاهه ۽ ننڍي شهزادي گلريز کي سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي. انهن اها ڳالهه ٻڌي تمام گهڻا پريشان ٿيا. آخر گهڻن ڏينهن تائين شهزادن جي خبر نه پئي ته، ننڍي شهزادي گلريز پنهنجي پيءُ کان اجازت ورتي ته ”آئون پنهنجي ڀائرن کي ضرور ڳولي ايندس.“ بادشاهه چيو ته ”نه آئون توکي اجازت ڪونه ڏيندس، ڇاڪاڻ ته هو ٻئي گم ٿي ويا آهن. جڏهن تون به گم ٿي ويندين ته منهنجو ڇا ٿيندو“، ائين چئي بادشاهه روئڻ لڳو. شهزادي گلريز بادشاهه کي حوصلو ڏنو ۽ اجازت وٺي ڀائرن کي ڳولڻ لاءِ نڪري ويو. شهزادو هلندي هلندي آخر  جهنگ ۾ پهتو، اتي هن ڪنهن جو آواز ٻڌو، ٿورو اڳيان ويو ته هو ڏسي حيران ٿي ويو ته ٻه جن پاڻ ۾ هڪ ٽوپيءَ تان وڙهي رهيا هئا.

شهزادو گلريز انهن وٽ ويو ۽ انهن کان پڇيو ته ”توهان ٻئي ڇو وڙهي رهيا آهيو.“ ان تي هڪ جن چيو ته ”اي آدم ذات تون هتان هليو وڃ نه ته اسان توکي ماري ڇڏينداسين“، وري به شهزادي انهن کي چيو ته ”توهان ڇو وڙهي رهيا آهيو“، ته ٻئي جن چيو ته ”تون اصرار ٿو ڪرين ته ٻڌايان ٿو“، هي هڪ جادو جي ٽوپي آهي. ان کي ڪوبه ماڻهو مٿي تي پائيندو ته ان جي دلي خواهش پوري ٿيندي. ان لاءِ اسان وڙهي رهيا آهيون.“ شهزادي چيو ”اها وڙهڻ جي ڳالهه آهي. هي ٽوپي مون کي ڏيو، آئون هن وڻ وٽ وڃي ٿو بيهان، توهان مان جيڪو مون وٽ پهرين آيو، ٽوپي ان کي ملندي.“ شهزادو ٽوپي پائي وڻ وٽ وڃي بيٺو ۽ جن ڊوڙڻ لڳا. شهزادو اڃا وڻ وٽ ئي هو ته هن دل ۾ سوچيو ته ”الله سائين جيڪڏهن مان ان جادوگر وٽ پهچي وڃان، جنهن منهنجن ڀائرن کي مڇي ۽ سرڻ ٺاهيو. شهزادو اهو ئي سوچي رهيو هو ته هڪ اهڙي جهنگ ۾ پهچي ويو. جتي گل گاهه وغيره سڀ ڪجھ سونهري رنگ جا هئا. ان کي ڏاڍي حيراني ٿي. اتي هن هڪ اهڙي ماڻهو کي ڏٺو جو ڪافي اداس هو. شهزادي ان کان پڇيو ته هي ڪهڙي جاءِ آهي ته ان ماڻهو چيو هي تيمور بادشاهه جو ملڪ آهي. ان جي هڪ ڌيءَ آهي جنهن جو نالو گل ناز آهي، اها تمام خوبصورت آهي. پر ان کي هڪ جادوگر کڻي ويو آهي ۽ هتي پنهنجو طلسم ڪري ويو آهي. تڏهن کان بادشاهه پريشان آهي. شهزادي گلريز هن کان پڇيو ته جادوگر جو قلعو ڪٿي آهي ان ماڻهو هن کي سامهون هڪ سونهري رنگ جو قلعو ڏيکاريو. شهزادي اها ساڳي ٽوپي پائي دل ۾ خواهش ڪئي ته آئون قلعي ۾ پهچي وڃان. جڏهن شهزادي اکيون کوليون ته پاڻ کي ان قلعي ۾ ڏٺو. شهزادي گلريز ڏٺو ته قلعي ۾ تمام گهڻا دروازا هئا، پر خبر نه آهي ته شهزادي ڪهڙي ڪمري ۾ آهي. تنهنڪري آهسته آهسته دروازا کوليندو ويو. آخر هڪ ڪمري ۾ هڪ مائي ويٺي هئي جيڪا پوڙهي هئي. شهزادي ان عورت کان پڇيو ته ”تون ڪير آهين ته ان عورت چيو ته آئون شهزادي گل ناز آهيان.“ شهزادي حيراني سان چيو ته ”مون ٻڌو آهي ته شهزادي گلناز تمام خوبصورت آهي، پر تون... نه نه تون شهزادي گلناز نه آهين.“ شهزاديءَ چيو ته ”جيڪڏهن توکي يقين نه ٿو اچي ته هي منڊي ڏس هن ۾ منهنجي اصل تصوير آهي.“

شهزادي جڏهن منڊي ۾ ڏٺو ته ان ۾ هڪ خوبصورت ڇوڪري پريشان هئي. شهزادي چيو ته توکي پهرين ان ڍڳي سان مقابلو ڪرڻو پوندو، جيڪو جادوگر موڪليو آهي. ٻين ڪيترن ماڻهن مون کي ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جو مقابلو نه ڪري سگهيا، ڇاڪاڻ ته ان کي دل ۾ خنجر هڻڻ سان هو مري ويندو، پوءِ ان جي اندران هڪ سرڻ نڪرندي جنهن ۾ بيدو هوندو ۽ ان بيدي مان هڪ هڪ شيشي جو بال نڪرندو، تون ان بالڪ کي جادوگر وٽ کڻي ويندين ته جادوگر تنهنجو غلام ٿي ويندو.

شهزادي چيو ته منهنجون ٻه خواهشون آهن. هڪ پنهنجن ڀائرن کي آزاد ڪرائڻ ۽ ٻيو توهان کي آزاد ڪرائڻ. اهو چئي شهزادو ٻاهر ويو ته ٻاهر ڍڳو بيٺو هو. هن ان کي خنجر هنيو پر اهو دل ۾ نه لڳو، ڪجھ دير مقابلي کان پوءِ اهو خنجر ڍڳي جي دل ۾ لڳو ۽ هو مري ويو. هن جي اندران هڪ سرڻ نڪتي، پر اها هوا ۾ اُڏامي وئي. شهزادو تمام گهڻو پريشان ٿيو. پر ڪجھ دير کان پوءِ اتي ٻئي سرڻ آئي ۽ ان سان وڙهڻ شروع ڪيو ته بيدو ان جي منهن مان ڇڏائجي پاڻي ۾ ڪريو. شهزادو وري پريشان ٿي ويو، هڪ مڇيءَ ان بيدي کي کڻي ڪناري تي رکي وئي. شهزادو ڏاڍو خوش ٿيو ۽ هو سمجھي ويو ته سرڻ ۽ مڇي منهنجا ڀائر آهن. جن منهنجي مدد ڪئي آهي. شهزادي اهو بيدو ڀڳو ته ان جي اندران هڪ شيشي جو بال نڪتو، شهزادي اهو کڻي جادوگر وٽ ويو، جادوگر چيو، ”ڇا حڪم آهي منهنجا آقا“، شهزادو چيو ته ”پهرين منهنجي ٻنهي ڀائرن کي اصلي حالت ۾ آڻ پوءِ شهزادي کي آزاد ڪري ان کي به اصلي حالت ۾ آڻ.“ جادوگر چيو ته ”منهنجا آقا اوهان شيشي جي بال ۾ ڏسو توهان جون ٻئي خواهشون پوريون ٿي ويون آهن. شهزادي جڏهن شيشي جي بال ۾ ڏٺو ته هن جا ٻئي ڀائر پنهنجي پيءُ بادشاهه سان ملي ويا ۽ شهزاديءَ گلناز پنهنجي اصلي حالت ۾ قلعي جي ٻاهران ان جو انتظار ڪري رهي هئي.

ترجمو: غلام مصطفيٰ سولنگي          ڊاڪٽر ذاڪر حسين

ڦوڪ سان ٿڌو- ڦوڪ سان ڪوسو

ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ ڪاٺير رهندو هو ۽ روزانو جهنگ مان ڪاٺيون وڍي پنهنجو پيٽ پاليندو هو. هڪ ڏينهن هو سُڪين ڪاٺين جي ڳولا ۾ گهاٽي جهنگ ۾ هليو ويو، سياري جي مُند هئي، تنهڪري پارو پئي پيو. هن ويچاري جا هٿ ٺري برف ٿي ويا هئا، سو انهن کي وات سان ڦُوڪي گرم ڪري ڪهاڙي هلائڻ ٿي لڳو ۽ وري جڏهن سندس هٿ ٺري ٿي ويا ته هن انهن کي ڦوڪون ڏيئي گرم ٿي ڪيو.

ٻڌو آهي ته گهاٽي جهنگ ۾ ڏيڍ گراٺيا به رهندا آهن. جڏهن اسان جهڙو ڪو ماڻهو ڏسندا آهن ته حيران ٿي ويندا آهن. پر اهي ڏاڍا سُٺا هوندا آهن، جو ڪنهن کي به نه ستائيندا آهن.

ڪاٺير هڪ وڻ مان سُڪيون ڪاٺيون وڍي رهيو هو ۽ هڪ ڏيڍ گراٺيو هڪ وڻ پويان لِڪي اهو سڀ ڪجھ ڏسي رهيو هو. ڪجھ دير کان پوءِ ڪاٺير ڪهاڙو اڇاليو ۽ ڦُوڪن سان هٿ گرم ڪري وري ڪهاڙو کڻي ڪاٺيون وڍڻ ڳو. ڏيڍ گراٺي ڪافي دير سوچيو ته“ آخر اهو ڊگهو ماڻهو ائين ڇو ڪري رهيو آهي، پر کيس ڪجھ به سمجھ ۾ نه آيو. هن کان رهيو نه ٿيو ۽ اهو ڄاڻڻ لاءِ هو ڪاٺير وٽ آيو ۽ چيائين:

”اسلام عليڪم! ادا ڪاٺير مان توهان کان هڪ ڳالهه پڇڻ چاهيان ٿو.“

ڪاٺير ڏيڍ گراٺي کي چتائي ڏٺو ۽ کانئس کل نڪري وئي، پوءِ کِل روڪيندي چيائين، ”ها ها! ڀلي پُڇ...“

”مان اهو پڇڻ ٿو چاهيان ته تون هٿن کي وات سان ڦوڪي رهيو آهين؟“ ڪاٺير وراڻيو، ”سيءُ ڏاڍو آهي، تنهنڪري ڪهاڙو وهائيندي هٺ ٺَري پارو ٿي وڃن ٿا. کين ڪوسو ڪرڻ لاءِ وات سان ڦوڪيان پيو.“

”واهه! ته اها ڳالهه آهي.“ ائين چئي ڏيڍ گراٺيو اتان کسڪي آيو ۽ هڪ وڻ تي ويهي ڏسڻ لڳو ته هاڻي ڪاٺير ڇا ٿو ڪري.

منجهند ٿي ۽ ڪاٺير کي بُک به اچي ورايو، سو هن ٻه پٿر کڻي هڪ چُلهه ٺاهي ۽ گنڍ مان ديڳڙي کولي ان ۾ پاڻي ۽ ٻه، ٽي پٽاٽا وجهي چُلهه تي رکي پاڻ ڀرسان ويهي رهيو.

چُلهه جي باهه تيز ڪرڻ لاءِ هن وات سان ور وَرَ پئي ڦوڪيو ۽ ڦوڪڻ ملڻ سان باهه تيز ٿي پئي وئي. ”واهه! هن جي وات مان ته باهه به پئي نڪري.“ ڏيڍ گراٺي حيران ٿيندي سوچيو.

ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪاٺير ديڳڙي چُلهه تان لاٿي ۽ سنهڙي ڪاٺيءَ ۾ هڪ پٽاٽو ٽنبي ان کي ڦوڪ سان ٺاري کائڻ لڳو.

”هي ته پٽاٽي کي به پيو ڦوڪي، ائين ته پٽاٽو سڙي رک ٿي ويندو.“

هُو حيران ٿي ويو، پر پٽاٽو ڪونه سڙيو. اهو ڏسي ڏيڍ گراٺيو ويتر حيران ٿي ويو، وڻ تان لهي ڪاٺير وٽ آيو ۽ چيائين، ”ناراض نه ٿيو ته هڪ ڳالهه پُڇان.“

”ها پُڇ.... ناراض ڇو ٿيندس.“ ڪاٺير وراڻيو.

”تون صبح ٻڌائي رهيو هئين ته مان وات سان ڦوڪي هٿن کي ڪوسو ڪري رهيو آهيان ۽ هاڻي وري پٽاٽي کي گرم ڪري رهيو آهين. اهو ته ديڳڙيءَ ۾ ئي گهڻو گرم ٿي ويو هوندو.“

”اها ڳالهه ناهي...... مان ته ان پٽاٽي کي ڦوڪي ٺاري رهيو هوس ته جيئن کائڻ سان منهنجو وات نه سڙي پئي.“

اها ڳالهه ڏيڍ گراٺي کي سمجھ کان چڙهيل هئي. هو هيڊو پيلو ٿي ويو ۽ ڏڪڻ لڳو. اهو ڏسي ڪاٺير کانئس پڇيو، ”تون ڏڪين ڇو پيو.... سيءُ ٿيئي پيو ڇا.....؟!“ پر ڏيڍ گراٺي ڪا ورندي ڪانه ڏني ۽ پوءِ ٿورو پري وڃي چيائين، ”تون ڪو جون ڀُوت ٿو ڏسجين.... ڦوڪ سان گرم ٿو ڪرين ۽ وري ڦُوڪ سان ئي ٺارين ٿو.“

اهو ٻڌي ڪاٺير کلڻ لڳو ۽ ڏيڍ گراٺو ڊوڙندو گهاٽي جهنگ ۾ هليو ويو.

مشتاق ڀرڳڙي

شرارت جي سزا

”ڏاڏا ڪا ڪهاڻي ته ٻڌاءِ!“ اڄ پهريون دفعو سندس چئن پوٽن، هن سان اهڙي قسم جي ڳالهه ڪئي، جا ڪجھ هن طرح آهي ته، هڪڙو هو بادشاهه، جنهن تي پرستان جي هڪ تمام سهڻي پري عاشق هئي.

”اهو بادشاهه.....“

”نه ڏاڏا نه! اسان اهڙي قسم جي ڪوڙي آکاڻي نه ٻڌنداسين.“ ”ايڪهين صدي پئي هلي، پوءِ به تون ڏاڏا اسان کي اهڙيون هٿ ٺوڪيون ڪوڙيون آکاڻيون ٻڌائي رهيو آهين.“

”اڄ ته ڏاڏا اسان کي ڪا اهڙي مزيدار ڪهاڻي ٻڌاءِ، جيڪا حقيقت تي مبني هجي.“ هن جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي، هن جي پوٽن چيو، هي سوچن ۾ جي ساگر ۾ ٻڏي ويو ۽ سوچڻ لڳو ته، اڄ جا ڇوڪرا ڪيئن نه سچ ۽ ڪوڙ جي سڃاڻپ رکڻ لڳا آهن ۽ ڪيئن نه هر ڳالهه کي سائنسي اصولن جي ڪسوٽيءَ تي پرکي رهيا آهن.... هن جي جند انهن خيالن مان تڏهن ڇٽي، جڏهن پوٽا کيس ٻانهن مان وٺي جنجهوڙيندي چوڻ لڳس ته، ”ٻڌاءِ نه ڏاڏا ڪهاڻي!؟...... ٻڌاءِ نه ڏاڏا ڪهاڻي!؟....... ”ها ها بابا ڇو نه!.“ هن سوچن کي خيرآباد چوندي چيو ۽ پوءِ ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪيائين.

هي ان وقت جي ڳالهه آ، جڏهن پاڪستان جي وجود ۾ آئي ويهارو کن سال ٿيا هئا. ان وقت اسان جي هن ئي پاڙي ۾ هڪ تيرنهن سالن جو ڇوڪرو رهندو هو. جيڪو ڏاڍو شرارتي هو. سندس شرارتن جي ڪري، پاڙي جا سڀ ماڻهو، هن مان تنگ هئا. پر ساڳي وقت هن کي سڀ ڀائيندا به ڏاڍو هئا. هن کي گهڻو ڀانئڻ جو هڪ سبب هي هو ته هو ڏاڍو ذهين ڇوڪرو هو، سچ ڳالهائيندو هو ۽ سڀني جا سنها ٿلها ڪم ڏاڍي خوش اصلوبيءَ سان سرانجام ڏيندو هو ۽ ٻيو سبب هي هو ته هن جو والد وفات ڪري ويو هو ۽ هو يتيم ٿي ويو هو.

انهيءَ ڇوڪري جون شرارتون ڏاڍيون مزيدار هونديون هيون ۽ دوستن ۾ شرارتن جي حوالي سان سڀني کان اڳيان هوندو هو.

ان وقت اسان جي محلي ۾ هڪ پوڙهو جمن رهندو هو. هن جو نانءُ ته جمن هو، پر سڀ پاڙي وارا هن کي ادب وچان ڏاڏا ڪري مخاطب ٿيندا هئا.

هڪ ڏينهن اهو شرارتي ڇوڪر، ڪنهن ڪم سان ڏاڏي جي گهر آيو ته، ڏاڏي جو چشمو، جيڪو سمهڻ مهل هو، وهاڻي جي پاسي ۾ رلي جي هيٺيان رکندو هو، اهو کسڪائي آيو. ڏاڏو جيڏي مهل سجاڳ ٿيو ته، چشمي لاءِ رلي مٿي ڪري هيڏانهن هوڏانهن هٿ هنيائين گهڻا، پر چشمو نه لڌو نيٺ ٿڪجي پنهنجي ڇوڪري کي سڏي چيائين ته: ”ابا! رلي مٿي ڪري آس پاس ڏس، هتي منهنجو چشمو هوندئي، اهو ته هٿ ڪري ڏي.“ هُن رلي اُپٽائي سپٽائي گهڻو ئي ڏٺو، پرچي هجي ته هٿ به اچي نه!!. ڏاڏو اچي پريشان ٿيو ۽ پٽ کي چيائين ته: ”ابا وارو ڪر چشمو ڳولي ڏي، اڄ مون کي پنهنجي پڳ مٽ يار خدا بخش ڏي وڃڻو آهي، هن منهنجي دعوت ڪئي آهي. چشمي کانسواءِ ته آءُ هن تائين پڄي ڪونه سگهندس.“ سو چشمي جي پويان وٺ پڪڙ شروع ٿي وئي. سڄو گهر ڦلوريو، پر چشمو چئي ”آءٌ لڀان ڇو ٿو.“

پاڙي جي سڀني شرارتي ڇوڪرن کان پڇيو ويو، پر چشمو ڪنهن به نه باسيو. نيٺ انهيءَ شرارتي ڇوڪر کي به ڏاڏي جي چوڻ تي هن آڏو حاضر ڪيو ويو. ڏاڏي هن کي پيار وچان چيو ”ابا، جي چشمو کنيو اٿئي ته موٽائي ڏي. ڏس نه تنهنجي ڪم جو به ڪونهي يا جي ڪنهن وٽ ڏٺو اٿئي ته اَبا هٿ ڪري ڏي ته خرچي به ڏيائين.“ پي اهو شرارتي ئي ڪهڙو جو چشمو موٽائي. سو ڏاڏا کي چيائين ته: ”ڏاڏا! آءٌ  تنهنجو اهو چشمو کڻي ڇا ڪندس، تنهنجي انهي چشمي عيوض ته يارو هَٽ (دڪاندار) وارو ڀڳڙن جي مُٺ به ڪونه ڏيندو. سو شرارتي چشمو نه باسيو ۽ ائين ڏاڏو دعوت تي وڃڻ کان رهجي ويو. بعد ۾ ٻئي ڏينهن تي سندس ئي بستري مان ڏاڏي جو چشمو مليو، جنهن تي ڏاڏو ڪيترائي ڏينهن حيران ۽ پريشان رهيو.

ٻارو! ڏاڏي کنگهڪار ڪري گلو صاف ڪيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو ته، ”هونءَ ته شرارتي جا کوڙ قصا آهن، هن جون ڪئي شرارتون مشهور آهن. مثلاً پاڙي جي گهرن مان روز ڪڪڙن جا آنا کڻڻ، اسڪول دير سان پڄڻ تي، ڪلاس ۾ استاد کي نه ڏسي، سڀني ڇوڪرن کي استاد جي اڄ اسڪول نه اچڻ جو چئي موڪل ڪرائڻ ۽ پاڙي ۾ خوفناڪ قسم جون خبرون ڦهلائڻ به انهن مان ڪجھ آهن. پر هينئر آءٌ شرارتي جو اهو قصو توهان کي ٻڌايان ٿو، جيڪو شرارتيءَ کي خود ڳچيءَ ۾ پئجي ويو هو.... ها ته قصوپ ڪجھ هن طرح آهي ته، ان وقت چاچي رمون وارن نيئن مان ڪال بيل لڳرائي، ڄڻ هن کي شرارت جو نئون سامان مهيا ڪري ڏنو هو. هاڻ هن جو اڪثر وقت ڪال بيل وڄائي، ڀڄي لڪي وڃڻ هو ۽ چاچي رمون وارن کي ٻاهر چڪر لڳرائي خوب تنگ ڪرڻ هو، هن جي بيل وڄائڻ جو ٽائيم اڪثر ڪري منجهند جو هوندو هو، جنهن وقت گهر جا تقريباً سمورا ڀاتي آرام ۾ هوندا هئا ۽ هي انهن جو آرام ڦٽائي خوب مزا وٺندو هو.

اهو شايد اربع جو ڏينهن هو، ان ڏينهن صبح ساڻ ئي زوردار برسات پئي هئي. هر پاسي گپ ۽ چڪ لڳي پئي هئي. پر پوءِ به هي ان ڏينهن، پنهنجي روزاني جي شرارت کي ڇڏڻ وارن مان ڪٿي هو. سو هي گهر مان نڪتو ۽ پير پير تي ڏيندو، پاڻ کي گپ چڪ کان بچائيندو، چاچي رمون وارن جي گهر وٽ اچي پڳو. دروازي وٽ پهچي ڀڄڻ جي پوزيشن وٺندي جيئن ئي ڪال بيل جي بٽڻ تي آڱوٺو رکيائين ته بجلي پڪڙي ورتس، ان بعد ڇا ٿيو هن کي ڪابه خبر نه هئي ۽ جڏهن اک کليس ته پاڻ کي اسپتال جي بستري تي ستل ڏٺائين. زوردار ڪرنٽ لڳڻ ڪري هٿ ۾ پٽي ويڙهيل هوس، جنهن مان رکي رکي ڪري سور جون سٽون اڀري رهيون هئس ۽ بت سڄو اڇو ٿي ويو هوس، ڄڻ ته جسم ۾ رت ئي نه رهيو هوس.“

ٻارو! ان ڏينهن کان پوءِ هن شرارتن ڪرڻ کان توبهه ڪئي ۽ تمام سٺو ڇوڪرو بنجي ويو. ڪهاڻي پوري ڪرڻ کان پوءِ هن پنهنجي پوٽن ڏانهن سواليه نگاهن سان نهاريندي پڇيو ته، توهان کي خبر آهي ته اهو شرارتي ڪير هو، جنهن کي شرارت جي سزا ملي؟؟

سڀني هڪ آواز ٿي چيو ته نه ڏاڏا، ڪير هو؟؟ هن واري واري سان پنهنجي هر هڪ پوٽي جي منهن ۾ چتائي ڏٺو، مشڪيو ۽ پوءِ ڪجھ ساعت رکي چيو ته، اهو شرارتي ڇوڪر آءٌ هوس. ان ڪري ٻارو! توهان سڀني کي به شرارت ڪرڻ کان اڳ اهو سوچي چڱي طرح پڪ ڪرڻ گهرجي ته ان شرارت مان توهان کي يا ٻئي ڪنهن کي نقصان پوڻ جو انديشو ته ڪونهي. ٺيڪ آ نه ٻارو! سڀني چيو ٺيڪ آ ڏاڏا، ۽ پوءِ سڀ ڏاڏي جي ڀر مان اُٿي ويا.....

 

امام راشدي

بادشاهي ٻار

رياضوءَ جو پڙهڻ ڏاڍو مشڪل پئي لڳو. اسڪول جو نالو وٺبو هو ته وتندو هو بهانا ڳوليندو. صبح جو جڏهن به پڻس ننڊ مان اٿاري اسڪول وڃڻ لاءِ چوندو هو ته، هُو رلي مُنهن تان پري ڪري پيءُ کي چوندو هو، ”ابا... اڄ ته جمعو آ.“ وري ٻيهر رلي ويڙهي سمهي پوندو هو. پڻس به ٻني ٻاري جي ڪم سبب رياضوءَ جي اسڪول وڃڻ، پڙهڻ يا نه پڙهڻ تي ڪو توجهه نه ڏيندو هو. اهڙي طرح رياضوءَ کي به، نه پڙهڻ جو موقعو ملي ويندو هو، پر ماڻس کي مڙيئي ٿورو ٿڪو رياضوءَ جي پڙهڻ جو اونو هوندو هو ۽ هوءَ ڪوشش ڪري کيس اسڪول موڪليندي رهندي هئي. پر رياضوءَ جو اسڪول وڃڻ سڀني ٻارن کان مختلف هوندو هو. ماڻس ويچاري اسڪول مان ٻار گهرائي کيس ٽنگھو ٽالي ڪرائي پوءِ اسڪول روانو ڪندي هئي. اها رياضوءَ جي عادت بڻجي وئي هئي. استاد به ڏٺو ته، رياضو ٽنگھو ٽاليءَ کان سواءِ اسڪول ڪونه ٿو اچي ته، هُن وري ڪلاس ۾ هڪ ڇوڪري وريل کي اها ڊيوٽي لڳائي ڇڏي ته هُو روزانو رياضوءَ کي ڪلهي تي کڻي اسڪول پڄائيندو. اهو وري رياضوءَ لاءِ ڏاڍو ڀلو ٿي پيو. رياضوءَ جي انهيءَ عادت سبب ڪلاس جي سڀني ٻارن استاد کي چيو هو، ”سائين، رياضو ته بادشاهي ٻار آهي جو سدائين پاڻ ٻين جي ڪُلهي تي چڙهي اسڪول اچي ٿو.“ استاد کي به ٻارن جي اها ڳالهه ڏاڍي وڻي وئي ۽ پوءِ استاد به روزانو وريل کي حڪم ڪندو هو ته، وڃي بادشاهي ٻار کي وٺي اچ.“ وريل ته ڄڻ ان حڪم جو منتظر هوندو هو. پر اڳيان به رياضو نِپٽُ هو. جيڪو اسڪول وڃڻ کان نابري واريندو هو. ۽ جنهن ڏينهن اسڪول وڃڻ کان جواب ڏنائين، ان ڏينهن رياضو ڪلهي تي پاڻ کڻائي اسڪول پهچندو هو.

رياضو عرف بادشاهي ٻار اسڪول ۾ ايندو هو ته پوءِ استاد کيس سزا طور ڪافي تائين بئنچ تي بيهاري ڇڏيندو هو ۽ ان سان گڏ سندس پاڻي پيئڻ، هڪ ڪرڻ ۽ ٻن ڪرڻ جي موڪل سان گڏ رسيس به بند ڪري ڇڏيندو هو. ۽ هڪ لڳڻ جي صورت ۾ ٻه ڇوڪرا ساڻس گڏ ويهندا هئا. اهڙا حال ڏسي ٻار چوندا هئا ته، رياضو واقعي بادشاهي ٻار آهي، جو ڪلاس ۾ سڀني ٻارن کان مٿي بيهي پڙهي ٿو ۽ اهو اعزاز بادشاهي ٻار کي ئي نصيب ٿيندو آهي. اهڙيون ڳالهيون ٻڌي رياضو ڏاڍو خوش به ٿيندو هو ۽ دل ئي دل ۾ پاڻ کي بادشاهي ٻار سمجھڻ لڳندو هو.

ڀلا رياضو جي مائٽن ڪڏهن اسڪول جو منهن ئي ڪونه ڏٺو هو ته، پوءِ رياضو کي توجهه سان ڪيئن پڙهائن، هونئن رياضو جي پيءُ کي استاد به الائي ڪيترا ڀيرا چيو هو ته رياضو کي پڙهاءِ ۽ کيس باقاعدي اسڪول به موڪليندو رهه. پر هن کي ڄڻ اها ڳالهه وڻندي ئي ڪانه هئي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته رياضو کي پاڻ سان ٻنيءَ تي ڪم ڪار لاءِ به وٺي ويندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com