حال احوال
پيارا ٻارو! ’گل ڦل‘ ماهه آگسٽ جو پرچو اوهان جي
هٿن ۾ آهي آگسٽ مهيني جي پهرين تاريخ تي اوهان جا
اسڪول به ٻن مهينن جي وئڪيشن کان پوءِ کليا آهن،
جن ٻارن استادن طرفان مليل هوم ورڪس ڪيو هوندو.
اهي ضرور خوش هوندا. باقي جن ٻارن، ڪتابن کي هٿ ئي
نه لاتو هوندو. سي پريشان هوندا. پر وري به وقت
ويو نه آهي، توهين سستي ڇڏي پنهنجي پڙهائي ڏانهن
ڌيان ڏيندا ته منزل ماڻيندا.
ٻارو آگسٽ مهيني جي 14 تاريخ تي اسان جو ملڪ
پاڪستان وجود ۾ آيو، هر سال جيان هن سال به 14
آگسٽ جو ڏينهن عيد جيان ملهايو ويندو.
ٻارو، ربيع الاول جو مهينو به وڏي اهميت رکي ٿو،
ڇو ته هن مهيني جي 12 تاريخ تي، اسان جو پيغمبر
حضرت محمدﷺ جن تولد ٿيا هئا، حضورﷺ جو ڏينهن به
وڏي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي، حضورﷺ
عربستان جي شهر مڪي ۾ پيدا ٿيا هئا، ان وقت
عربستان جي ماڻهن ۾ ڪيتريون غلط روايتون هيون، جن
کي الله جي رسول ختم ڪرڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي،
سندن احوال هن پرچي ۾ شامل آهي، جن کي پڙهي، اوهين
به ان تي عمل ڪندا، ڇو ته پاڻ ڪريم جن جي تعليم،
اسان لاءِ رهنمائي آهي.
اوهان جو ادا: اڪبر جسڪاڻي
لطيفي لات
آ گميو آهي، لڳه پَسُ لطيف چئي،
وٺو مينهن وڏ ڦڙو، ڪڍو ڌڻ ڪاهي،
ڇن ڇڏي پٽ پئو، سمرُ سنباهي،
وهو مه لاهي، آسِرو الله مان.
مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي.
هي بيت سر سارنگ جي داستان پهرين جو، پهريون بيت
آهي.
سمجھاڻي: لطيف سائين هن بيت ۾ چيو آهي ته جهڙ ٿي
ويو آهي، گهاٽا ڪڪر ڏسي سمجهجي ٿو ته وڏڦڙو مينهن
وسيو آهي. مالوند ماڻهو پنهنجا ڌڻ ڪاهي نڪري پئو.
سامان سڙو سهيڙي، هيٺاهون پٽ ڇڏي، مٿانهن پٽن تي
نڪري پئو. ڌڻي سائين مان آسرو لاهي نه وهو.
معنيٰ: آگميو
=
جهڙو ٿيو. ڇن
=
هيٺاهان ميدان. پَٽَ
=
مٿاهان ميدان. سمر
=
سامان سڙو.
(ڪلياڻ آڏواڻي)
ڊاڪٽر عبدالرزاق گهانگهرو
”حضورﷺ جن جو اخلاق“
اسان جي پياري پيغمبر حضرتﷺ جن جي زندگي مبارڪ
پوري انسانذات جي لاءِ هدايت ۽ رهنمائي جو ذريعو
آهي. پاڻ سڳورن کي الله تعاليٰ سڀني جهانن لاءِ
رحمت بنائي موڪليو. سندن پيدائش واري زماني ۾
سموري دنيا جهالت جي اونداهي سمنڊ ۾ ٻڏل هئي. اهو
دور گمراهي، ڏاڍ ۽ ڏمر جو دور هو ڇو ته انسان جڏهن
خدا کي وساري ويهي ٿو ته کيس هر جڳهه تي ذليل ۽
خوار بڻجڻو پوي ٿو. انهيءَ دور ۾ عرب دنيا جي حالت
سڀ کان وڌيڪ خراب هئي. انساني معاشرو مختلف طبقن ۾
ورهائجي چڪو هو. اخلاقي ۽ سماجي برايون عام هيون.
جهيڙن ۽ جهڳڙن جي ڪري انساني خون سان رتو ڇاڻ
ٿيندي هئي. اهڙي اونداهي هئي. اهڙي اونداهيءَ واري
دور ۾ اک کولڻ جي باوجود، پاڻ سڳورن انسانيت کي حق
جي واٽ ڏيکارڻ جي جدوجهد ڪئي. ان سلسلي ۾ کين سخت
تڪليفون پهچايون ويون ۽ کين هر طرح سان ستايو ويو.
ليڪن پاڻ سڳورن جي تعليم ۽ اخلاق جي برڪت سان ظالم
۽ جابر انسان رحم دل ۽ متقي بنجي ويا. اهي انسان
جيڪي هڪ ٻئي جي رت وهائڻ لاءِ ڪوشش ۾ هوندا هئا،
اهي هڪ ٻئي تي جان قربان ڪرڻ لڳا. اهي ئي انسان
جيڪي ٻين جي ناحق مال کائڻ ۾ ڪوبه عار نه محسوس
ڪندا هئا، سي ئي ٻئي انسان جي لاءِ سڀ ڪجھ گهورڻ
لڳا. اهي انسان جيڪي پاڻ سڳورن کي هر طرح سان
ستائيندا هئا، سي ئي پاڻ سڳورن جي اعليٰ اخلاق کي
ڏسي، توبهه تائب ٿيندا هئا ۽ سندن غلاميءَ کي قبول
ڪري مسلمان ٿيندا هئا، پاڻ سڳورن پنهنجي پوري
حياتي مبارڪ ڪڏهن به ڪنهن کي بد دعا نه ڏني،
جيتوڻيڪ کيس تڪليفون پهچائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي وئي.
طائف جو واقعو تاريخ جي ڪتابن ۾ مشهور آهي. پاڻ
سڳورا جڏهن طائف وارن وٽ خدا جي توحيد جو پيغام
پهچائڻ لاءِ ويا ته انهن نه صرف سندن مٿان چٿرون
ڪيون، بلڪ مٿن پٿر وسايا، جنهن جي ڪري کين تمام
گهڻي تڪليف پهتي. پٿرن لڳڻ ڪري سندن جسم تي زخم ٿي
پيا ۽ سندن جُتي مبارڪ خون سان ڀرجي وئي. ان هوندي
سندن زبان مبارڪ مان بد دعا جا لفظ نه نڪتا. کين
عرض ڪيو ويو ته طائف وارن جي لاءِ بد دعا گهرو ته
پاڻ جواب ڏنائون ته ”الله تعاليٰ مون کي رحمت
بنائي موڪليو آهي.“ ان کان علاوه سندن اخلاقي هلت
جا ڪيترائي واقعا تاريخ جي ڪتابن ۾ مشهور آهن. پاڻ
سڳورا نه صرف پنهنجن دوستن ۽ سڃاڻڻ وارن سان سهڻو
سلوڪ ڪندا هئا، بلڪ دشمنن سان اهڙو رحم وارو
برتاءُ ڪندا هئا، جو اهي سندن سهڻو سلوڪ ڏسي، تمام
گهڻو متاثر ٿيندا هئا. هڪ عورت جو قصو مشهور آهي
ته اها پاڻ سڳورن جي تمام گهڻي مخالفت ڪندي هئي.
پنهنجي گهر جو گند گڏ ڪري رکندي ۽ جڏهن پاڻ سڳورا
سندن گهر جي ڀرسان لگهندا هئا ته اهو ڪچرو مٿن
اڇلائيندي هئي. ان هوندي به جڏهن اها عورت بيمار
ٿي پئي ته پاڻ سڳورا کانئس پڇڻ ويا. پاڻ سڳورن جي
اهڙي اخلاقي روش ڏسي اها عورت پيشمان ٿي ۽ ڪلمون
پڙهي مسلمان ٿي.
اسلامي تاريخ ۾ مڪي جي فتح جو واقعو مشهور آهي.
پاڻ ڪريمن جڏهن فاتحانه نموني مڪي ۾ داخل ٿي، ڪعبة
الله کي بتن کان صاف ڪيو. ان وقت مڪي جا اهي سڀ
سردار، جن کين ۽ سندن اصحابن تي وڏا ظلم ڪيا هئا،
پيش ڪيا ويا. ليڪن پاڻ سڳورن انهن کان ڪوبه بدلو
نه ورتو. بلڪ کين معاف ڪري ڇڏيو. انساني تاريخ
اخلاق ۽ معاف ڪرڻ جو اهڙو مثال پيش ڪري نه ٿي
سگهي.
ابوجهل جيڪو پاڻ سڳورن جو وڏو دشمن هو، ان جو پٽ
عڪرمه به پنهنجي پيءُ وانگر مسلمانن جو مخالف هو.
ان قسم کنيو هو ته جيڪڏهن اسلام جو غلبو ٿيو ۽
پورو عرب مسلمان ٿي ويو، تڏهن به هو اسلام اختيار
نه ڪندو ۽ مسلمان ٿيڻ جي بدران پنهنجو پاڻ سمنڊ ۾
اڇلائي خودڪشي ڪندو. مڪي جي فتح جي موقعي تي اسلام
مخالفن پاڻ سڳورن جو اخلاق ۽ رحمت وارو سلوڪ ڏسي
اسلام اختيار ڪيو ته عڪرمه مڪي شريف مان ڀڄي نڪتو
۽ خودڪشيءَ جي ارادي سمنڊ جو رخ ڪيائين. اها خبر
جڏهن سندن گهر واري کي پئي ته اها کيس ان کان روڪڻ
لاءِ سندس پويان آئي ۽ کيس سمجھايائين ته تون
هروڀرو پنهنجي حياتي ختم ڪرڻ گهرين ٿو. تون مون
سان گڏجي هڪ دفعو پاڻ ڪريمن سان ملاقات ته ڪري ڏس.
تنهنجون سڀ غلط فهميون ختم ٿي وينديون. ان تي
عڪرمه مڪي شريف واپس اچي، پاڻ ڪريمن جي خدمت ۾
حاضر ٿيو ۽ سندن رحمت وار اخلاق ڏسي مسلمان ٿيو ۽
باقي حياتي هڪ سچي مسلمان جي حيثيت ۾ گذاريائين ۽
اسلام جي سر بلندي لاءِ وڏيون خدمتون سر انجام
ڏنائين.
اهڙي طرح پاڻ سڳورن جو اخلاق نه صرف پنهنجن سان،
پر دشمنن سان پڻ رحمت وارو هو. پاڻ سڳورن جي اخلاق
جي صحيح ۽ مڪمل اصولن جو بهترين نمونو پيش ڪيو
آهي. اهو ئي سبب آهي جو جڏهن حضرت بيبي عائشه رضي
الله تعاليٰ عنہ کان پاڻ سڳورن جي اخلاق جي باري ۾
پڇيو ويو ته بيبي صاحبه سوال پڇندڙ کي جواب ڏنو ته
ڇا تو قرآن پاڪ نه پڙهيو آهي؟ پاڻ سڳورن جو اخلاق
قرآن پاڪ ئي آهي. يعني قرآن پاڪ ۾ جيڪو اخلاقي
صفتن جو ذڪر ٿيل آهي. اهي مڙئي صفتون پاڻ سڳورن ۾
موجود هيون.
علي محمد ’درد‘ سولنگي
دعا
ڌڻي منهنجا ڪرم ڪر تون، اگهاءِ هي دُعا منهنجي،
ڪتبان سان الفت ۽، رهي چاهت سدا منهنجي.
ڪڍي ڇڏ ڪوڙ ۽ ڪينو، اندر منهنجي منجهان يا رب.
نه ڏيم ڪو دوکو، سچائيءَ سان رهان يا رب.
شناخت تون ڏجان مونکي، ادب ڪريان وڏن جو مان،
رنجايان ڪين دل ڪنهن جي، خيال ڪيان ننڍن جو مان.
پاڙيوارن جي ٻارن کي، عزيزن ۽ غريبن کي،
ستايان ڪين مان ڪنهن کي، فقيرن ۽ يتيمن کي.
وٺان شل واٽ نيڪيءَ جي، بديءَ کان تون بچاءِ مولا،
صداقت جي ته رستي تي، سدائين تون هلاءِ مولا.
جهالت جي انڌيرن کان، خُدايا تون بچائين شل!
مونکي تون سچ سندي، ۽ علم واري راهه لائين شل!
وڏو ٿي مان ڪيان ڌرتي، ۽ پنهنجي ديس جي خدمت،
اجالو علم سان ڪريان، وڌايان ڀائپي اخوت.
خدايا! منهنجي ڌرتي، ڌرتيءَ وارن کي به رک سکيو،
رهن خوشحال شل مارو، ڏسن نه ڏينهن ڪو ڏکيو.
الاهي! مان شاد ۽ آباد، رک سنڌڙي سونهاريءَ کي،
خدايا! بد نظر کان تون، بچا هن ڀون ڀلاري کي.
آهين ٻاجهارو پنهنجي ٻاجهه، شل سڀ تي ڪرين سائين،
پنهنجي رحمت جو دروازو، کليل سڀ تي رکين سائين.
سنڌيڪار: ڊاڪٽر قاسم ٻگهيو
پينٽر ۽ جج
(عالمي لوڪ ادب مان چيني ڪهاڻي)
هڪ ملڪ ۾ هڪ خسيس ۽ ڪميڻي قسم جو جج هوندو هو. هر
ڪنهن کي/ سڌ خبر هئي ته رڳو پنهنجو مسئلو ٻڌائڻ
لاءِ به هن جج وٽ لڪي ۽ ڳجهي نموني وڃي وڏي رقم
نذراني يا رشوت طور ڏيڻي پوندي هئي. رقم وٺڻ جي
باوجود اهو امڪان هوندو هو ته رقم به کائي وڃي ۽
اوهان سان صحيح انصاف به نه ڪري. اڪثر ڪري ماڻهن
کي اهو محسوس ٿيندو هو ته هن ساڻن ٺڳي ڪئي آهي.
هڪ ڏينهن جج کي خبر پئي ته، شهر ۾ هڪ اهڙو پينٽر
به رهي ٿو جيڪو تمام خوبصورت تصويرون ٺاهي سگهي
ٿو. جج، پينٽر کي گهرائي ورتو ۽ کيس سفيد پني جو
رول ڏيندي ڪم ڪرڻ لاءِ چيو.
”مونکي هڪ خوبصورت تصوير ٺاهي ڏي.“ جج چيس. پهريان
ته پينٽر ڪم ڪرڻ نه پئي چاهيو، جو کيس خبر هئي ته
هي ڪيترو نه خسيس آهي. پاڻ سان ڳالهائيندي چيائين
ته، ”ٿي سگهي ته هن تصوير ٺاهڻ لاءِ مان وڏي محنت
ڪيان ۽ آخر ۾ پئسا به نه ڏئي.“
”اڄ ڪلهه آءٌ ڏاڍو مصروف آهيان مونکي واندڪائي
بلڪل ڪونه آهي.“ هن چيس.
پر جج کي نماڻائيءَ سان منٿ ڪئي ۽ چيو ته، ”مان
تنهنجي تصوير کي اهڙي جاءِ تي ٽنگيندس، جتي شهر جا
سمورا معزز اهم ماڻهو اها ڏسي سگهندا.
آخرڪار پينٽر چيو ته هو جج لاءِ تصوير ٺاهيندو.
ٻئي ڏينهن، هو ڪاغذ جي رول ساڻ جج جي گهر پهتو.
”داناءَ سائين، مون تصوير ٺاهي ورتي.“
جج ڏاڍو سرهو ٿيو، وري جڏهن ڪاغذ سڌو ڪيائين ته،
کيس ڪابه تصوير ان تي نظر ڪونه آئي. تصوير جي
بدران ان تي لکيل هو، ”گاهه تي ڍڳيون.“
جج خالي ڪاغذ تي گهوريندو رهيو. ”پر گاهه ڪٿي
آهي؟“ هن پڇيس.
”جڏهن ڍڳين ڏٺو ته، سندن کائڻ لاءِ گاهه ڪونه بچيو
آهي، تڏهن سندن اتي بيهڻ اجايو هو، سو هليون
ويون.“ |