ٽي وي ٽاڪ: اسرار شام
گهر ڀاتي جو
هڪ ننڍڙو ڀاتي
ڪراچي ٽيليويزن سينٽر جي هڪ اسٽوڊيو ۾ گهر جو سيٽ
لڳل هو. رڪارڊنگ جي تياري ٿي رهي هئي. خاشي گهما
گهمي به ڏسڻ وٽان ٿي لڳي؟ هڪ طرف رڪارڊنگ ڏسڻ لاءِ
آيل ڪجھ مهمان هئا ته ٻي طرف: مونا جوڻيجو، قمر
ميمڻ، ريحانه اختر، الماس جمال، فرح بلوچ. اختر
شيخ، عابده علي، روشن عطا ۽ انور سولنگي جهڙا
سينئر فنڪار ميڪ اپ- گيٽ اپ ۾ رڪارڊنگ ڪرائڻ لاءِ
تيار ويٺا هئا. ڪي هٿن ۾ اسڪرپٽ کڻي ته ڪي وري
اکيون ٻوٽي چپن جي ڀڻ ڀڻ ۾ ڊائلاگ ياد ڪري رهيا
هئا! لائيٽ مين، لائيٽ درست ڪري رهيو هو،
ڪئميرامين، ڪئميرا جا موڊ ۽ لُڪ ٺاهڻ لاءِ پرين
جيڏين ڪئميرائن کي موبائل ڪري رهيا هئا. پراڊڪشن
اسٽنٽ وري ڊوڙ ڊڪ ڪري پنهنجي موجودگيءَ جو احساس
ڏيارڻ لاءِ ڏاڍيان ڳالهائي رهيو هو؟
انهيءَ سموري هنگامي کان بينياز هڪ پتڪڙي ٻالڪ
پنهنجي ساچي هٿ تي کاڏي رکي غور سان مشاهدو ڪرڻ ۾
محو هو. سندس خيالن جي تند تڏهن ٽٽي، جڏهن سندس
ڀرسان ويٺل ڪنهن نامعلوم مهمان ساڻس ڳالهائڻ شروع
ڪري ڏنو.
مهمان: اوهان رڪارڊنگ ڏسڻ آيا آهيو؟
ٻالڪ: نه! ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ آيو آهيان.
مهمان: اڇا! ڀلا، ڪهڙا ڊائلاگ چوندا؟
ٻالڪ: مون کي اڃان تائين ڊائلاگن جي خبر ناهي.
مهمان: ڪمال آهي؟ پوءِ ڪم ڪيئن ڪندا؟
ٻالڪ جيئن ڪم ڪبو آهي، تيئن ڪندس!!
ٻالڪ جو پختو ارادو ڏسي مهمان وائڙو ٿي ويو. ٻالڪ
ٻيهر اٿي سيٽ جي ڀرسان پسار ڪرڻ لڳو. اوچتو پينل
تي ويٺل پروڊيوسر سميع بلوچ جو اسپيڪر ذريعي
فنڪارن ۽ هيڊ فون ذريعي ڪئميرا مين لاءِ هدايتون
ڏيڻ لاءِ آواز گونجيو. سڀ الرٽ ٿي ويا. ”اسٽينڊ
باءِ ڪئميرا“ جي رولنگ سان پهريائين سي. آر ۽ پوءِ
وي. ٽي. آر رڪارڊنگ شروع ٿي ويئي.
وڏن وڏن سينئر فنڪارن چار چار پنج پنج ڀيرا وري
ٽيڪ ڏنا، جنهن ڪري نئين سر، بار بار رڪارڊنگ ڪرڻي
پيئي. پر پهريون ڀيرو ڪئميرا آڏو پرفارمنس ڪندڙ
ٻالڪ اداڪار پنهنجي ماءُ سان ايڪشن موشن، ويزن ۽
لمهي ڊائلاگ ڊليوري ذريعي ڪوبه ري ٽيڪ نه ڏيئي، نه
فقط وڏن فنڪارن لاءِ گهٽ وقت ۾ مثال قائم ڪيو، پر
سيٽ تي موجود مڙني ماڻهن کي حيران پڻ ڪري ڇڏيو.
موٽ ۾ کيس فردن فردن ايتري ته شاباس ملي جو کيس
ڪنهن عيد تي به ايڏي خرچي نه ملي هجي؟ (دراصل کيس
مڪالما رڪارڊنگ وقت ڏنا ويا) فن، ادب ۽ علم جي
ٽڪنڊي ۾ چنڊ وانگر ٽِڪ ٻڌندڙ هن ٻالڪ جو نالو
”جبران زيب“ آهي. علم جي حوالي سان ٻارهن سالن جو
جبران ايگل اڪيڊمي نسيم ننگر (حيدرآباد) ۾ ڇهين
ڪلاس جو شاگرد آهي ادب جي ذاتي سان نئين ٽهي جي
ڄاتل سڃاتل پبلشر ۽ سنڌي ڊرامه سيريل ”گهر ڀاتي“
جي ليکڪ زيب سنڌي جو پٽ آهي ۽ فن جي واسطي سان
ماضيءَ جي اُسرندڙ شاعر ۽ مذڪوره ڊرامي جي پروگرام
پروڊيوسر سميع بلوچ جو فني ڀائيٽو هجڻ ڪري کيس
ڊرامي ۾ ڪم ڪرڻ جو پهريون موقعو مليو ۽ پهرئين
موقعي ملڻ جي عيوض هن ٻالڪ داد ڪمائي ميرٽ جو سِر
اوچو ڪري ڏيکاريو نه ته.....؟
جبران زيب جي وهم گمان ۾ ڪونه هو ته هو ننڍڙي
اسڪرين تي ”سنجيده ڪردار“ ادا ڪري ڏيکاريندو؟
پنهنجي اسڪول جي هم غير نصابي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ
دوران هڪ مزاحيه خاڪي ۾ ڏاڙهيون مڇون لڳائي پيءُ
جو ڪردار ادا ڪرڻ، گيت ڳائي انعام ۾ ٽرافي حاصل
ڪرڻ، والد جا ادبي ڪتان اٿلائڻ پٿلائڻ، ٻالڪ ادب ۾
گل ڦل ۽ سنڌي ٻارڙا جا ڪتاب اڀياس هيٺ آڻڻ، ذهني ۽
جسماني نشونما لاءِ باقاعيدگيءَ سان فٽ بال ۽
ڪرڪيٽ کيڏڻ، ٽيليويزن تان چونڊ اهڙا ڊرامه ڏسڻ جن
۾ ٻارڙن جا ڪردار هجن، ۽ ٽيليويزن تي پنهنجي ابو
سان گڏ ڪنهن ڊرامي جي پهرين ڀيرو رڪارڊنگ ڏسڻ جي
گڏيل رد عمل ۾ هن ٻالڪ جي اندر ۾ جاڳيل ٻي ٻار
پاسو ورايو ته معصوم خواهشن جي تڪميل ۾ ڪراچي
ٽيليويزن جي ناٽڪ سڀا جي مرجهايل نرسري ۾ هڪ گل جو
واڌارو ٿي ويو. جبران بظاهر ڏسڻ ۾ ڏاڍو ماٺيڻو
شرميلو ٿو نظر اچي، پر سندس من اندر ۾ ڪي اڌما به
ٿي سگهن ٿا. ڇو ته دوست زيب سنڌي ٻڌايو هو ته:
”گهر ۾ ڪي مسئلا کڙا ٿيندا آهن ته تو وارو ڀائيٽيو
(جبران) انهن مسئلن تي ننڍڙيون ڪهاڻيون به لکي
ڏيندو آهي.“ وغيره جبران ڪافي قسطن ۾ اچي چڪو آهي.
هن اداڪاري ۾ ڪيترو ڪمال ڪيو؟ ان جو فيصلو ناظر
ٻارئي ڪري سگهن ٿا!
منير گهانگهرو، جبران زيب، الماس جمال ۽ ريحانه
اختر
آصف مٺياڻوي
نظم
ننڍڙي ننڍڙي نينگر کي ڏس، هٿ ۾ ڪيڏا ڪتاب اٿس،
ڏينهن سڄو ئي پڙهندي پڙهندي، ياد ڪيا ڪئي باب اٿس.
صبح سويري اٿڻ جي ويلي، هو مدرسي به وڃي پيو،
پهريان پهريان نماز پڙهي ۽ پوءِ قرآن پڙهي پيو،
ڪيڏي هن جي نيڪي هلي ٿي، ڪيڏو ملندو ثواب اٿس.
پهريان پهريان ڏندڻ ڪري ٿو، ڪپڙا پوءِ بدلائي،
ڪتاب پنهنجا سارا سهيڙي، پوءِ ٿو ماني کائي،
ڪيڏو پڙهڻ تي شوق رکي ٿو، ڪيڏو شوق نواب اٿس.
اسڪول سڄي ۾ هاڪ آ جنهن جي، ڳوٺ ۾ ڳالهه هلي پئي،
اوڙي پاڙي استادن کان، هن کي عزت ملي پئي،
تنهن سڄي اسڪول ۾ هن جي ڪين مليو ڪو جواب اٿس.
پڙهندي پڙهندي ويو ته پڄائي، فائنل پاس ڪيائين،
ٻين وانگر پاڻ به اڄڪلهه، سڏجي پيو ٿو سائين،
موليٰ هن جا پورا ڪيا ڏس، ماضيءَ وارا خواب اٿس.
سڪايل ملاح گوزئي
غزل
ٻالڪ پڙهڻ تي هري پئُه!
عَلم ادبَ ۾ اُڀري پئه!
جيئن دنيا ڏئي مثال تنهنجا،
اهڙي راهه وٺي نڪري پئُه!
قوم کي آ تنهنجي ضرورت،
مڪتب ڏي تون سنڀري پئه!
ٻاٽ اونڌاهي ڇا ڪندي؟
تون لاٽ جيان ٻري پئُه!
جڳ جڳ تون پيار ورڇي،
من ۾ مرڪي ٺري پئه!
دوست تنهنجا آ سٺو ڪتاب!
جلد تنهن ڏي وري پئه!
سوڀ تنهنجا قدم چمندي،
ڏاهو ٿي نه کري پئه!
اشرف زمان پير چنڊامي
نظم
اچو اچو ڙي پيارا ٻارو-
ديس جا نغما ڳايون
سڀ جهمريون پايون
علم هنر جون ڳالهيون ڪريون،
دَيوَ وساريون جن ۽ پريون،
ڳالهين مان ڪجھ سمجھ پرايون.
آرٽ سان گڏ سائنس سکجي،
پنهنجي پر تاريخ به پڙهجي،
۽ گل ٻوٽا به ڪجھ ٺاهيون.
جاگرافي به پڙهڻي آهي،
فوجي سکيا به وٺڻي آهي،
اچو ته سڀ ۾ پاڻ ملهايون.
دل مان دور ڪيون سڀ دوري،
محبت پنهنجي آ مجبوري،
ديس جي ڌرتي کي رنگ لايون.
اشرف جون هي ڳالهيون سمجھون،
شاعر، اديب، صحافي بڻجون،
نيڪ عمل سان نانءُ ڪمايون.
”حليم“ ساهڙ
مڪار ٻلي
هڪڙي جهنگ ۾ هڪڙي مڪار ٻلي رهندي هئي. هوءَ هر روز
پنهنجي مڪاري جي ڪري معصوم پکين جو شڪار ڪندي هئي،
اهڙي مڪار ٻلي کان ويچارا جهنگ جا بيوس پکي ڏاڍا
پريشان هوندا هئا. بس مڪار ٻلي جي ظلم کي تقدير
سمجھي پيا ٻه، ٽي ڏينهن گذاريندا هئا ۽ مڪار ٻلي
پئي روز پنهنجي ڏاڍ سان شڪار ڪندي هئي نه ڪنهن جو
ڊپ نه ڪنهن جي پرواهه.
هڪڙي ڏينهن مڪار ٻلي شڪار خاطر جهنگ طرف رخ
ڪيائين، واٽ تي ڪاڻي ڪانءٌ جو گهر ڏٺائين، ڪانءٌ
کي سلام ڪيائين ۽ چيائين، ”سائين! هيٺ لهي اچ ته
پاڻ ۾ ڳالهيون ڪريون.“ مگر ڪانءٌ ته ڪانءٌ هو.
توڻي جو هڪ اک کان ڪاڻو هو، مگر سڄي جهنگ ۾ سندس
ڏاهپ مشهور هئي ۽ مڪار ٻلي به انهيءَ ڏاهي ڪانءٌ
کي مڪارپ هيٺ آڻي، هميشه لاءِ ختم ڪرڻ جو قسم کنيو
هو ۽ اڄ انهيءَ قسم کي پورو ڪرڻ جو موقعو ملي ويو
هئس ۽ اهڙي ڏاهپ ڪاڻي ڪانءٌ کي پنهنجي مڪارپ ۾ ختم
ڪرڻ جو سڀ کان اول شرف حاصل ڪرڻ جو به موقعو هو.
تنهن ڪري ڪانءُ سان مٺڙيون ۽ صاف آواز ۾ ڳالهيون
ڪرڻ لڳي. پر ڪانءٌ هڪ اک نه هوندي به مڪار ٻلي جي
اکين ۾ مڪارپ محسوس ڪري ورتي ۽ جواب ڏنائين: ”ها
مان هن وڻ جي ٿڙ تي ٿو ويهان ۽ تون هيٺ ويهي
ڳالهيون ڪر.“
مڪار ٻلي ڏٺو ته اڃا هي ائين سونت ڪونه ڏيندو تنهن
ڪري چيائين، ”ڇو سائين؟ ائين پري ويهڻ، تو جهڙي
اهڙي ڏاهي کي سونهي ڪونه ٿو، تنهن کانسواءِ آئون
توکان هڪ راز جو فيصلو ڪرائڻ آئي آهيان. انهيءَ
ڪري انهي راز کي ٻيا پکي جانور ٻڌي وٺندا. اها سٺي
ڳالهه نه آهي تنهن ڪري تون اچ هيٺ ته پاڻ هڪ ٻئي
جي ويجهو ويهي ڳالهيون ڪريون.“
ڪانءٌ محسوس ڪري ويو ته هاڻي مون کي مڪار ڳالهين ۾
پوري نشاني تي ٿي آڻڻ چاهي، تنهنڪري چيائين ”ها
فيصلو وري ٻيهر ڪڏهن ڪنداسون، هينئر منهنجي طبيعت
ٺيڪ ناهي، تنهن ڪري آئون پنهنجي گهر ڏانهن ٿو
وڃان.“ مڪار ٻليءَ جو ڏٺو ته شڪار ويو ۽ تڪڙ ڪري
چيائين ”نه نه ٺيڪ آهي، اتي ئي ويٺو رهه، بس راز
ٻڌن ته پيا ٻڌن ۽ پوءِ مڪار ٻلي هيٺ مٿي مڪار جون
ڳالهيون ڪرڻ لڳي ۽ ڪڏهن ڪڏهن روئي به ڏنائين ٿي ته
هاءِ ڙي هيترا هيترا مون تي ظلم ٿيا آهن، مري وڃان
ها ته چڱو.“
اِهو چئي ٿوريءَ دير لاءِ خاموش ٿي ڪانءٌ ڏانهن
ڏٺائين ته ڪانءٌ اکيون پوريو ويٺو آهي ۽ دل ۾
چيائين، اهڙو موقعو وري ڪڏهن نه ملندو، ڪانءُ ته
منهنجي ڳالهين ۾ گم ٿي ويو آهي. حالانڪه ڪانءُ ته
ڪنهن ٽل سان ٻلي کي دوکي ڏيڻ جي ڪري ائين ڪيو هو.
۽ جيئن ئي ٻلي وڻ تي ڪانءُ کي جهٽڻ لاءِ ٽپو ڏنو
ته ڪانءُ اڳي ئي هوشيار هو ۽ ڦڙتي سان اکيون کولي
اُڏامي ويو ۽ ٻلي وڃي وڻ جي ٿڙ سان لڳي ۽ زوردار
ڌماڪو ڪري پٽ تي ڪري پئي هئي ۽ پوءِ ٿڙندي هڪ طرف
ڀڄڻ لڳي ۽ سندس جا اڳيان ڏند به ڀڄي پيا ۽ پوءِ
ڪڏهن به ڪنهن پکي يا جانور کي ستايائين ڪونه...!
اياز پاٽولي
وقت
وقت وڃائي ڪر نه زيان،
ننڍڙا ٻالڪ رک ڌيان.
وقت بچائي، وقت بچائي،
وقت سواءِ ٻيو چارو ناهه،
اُٿ اُٿي لَهه يار سَماءَ.
وقت وڃائي ڪر نه زيان،
ننڍڙا ٻالڪ رک ڌيان!
مَڃ ماءُ پيءُ جو تون ٿورو،
حق جو ٿجانءَ يار تون گهورو،
سَچ ڳالهائج صاف نسورو،
ڪوڙ ڪُپت کان رهجانءِ ڪورو،
ڪوڙي جو ڪٿ ناهي مان،
وقت وڃائي ڪر نه زيان،
ننڍڙا ٻالڪ رک ڌيان!
خلق خدا جي ڪر تون خدمت،
مان وڌائي پنهنجي عزت،
ٺوڪر کائي ايندي دولت،
وڌي تنهنجي ويندي شهرت،
سڀڪو چوندئي جيءُ ۽ جان،
وقت وڃائي ڪر نه زيان،
ننڍڙا ٻالڪ رک ڌيان!
ڪر عبادت نرڙ نمائي،
انهيءَ ۾ تنهنجي عزت آهه،
مولا تنهنجو مان وڌائي،
سڀڪو توکي ننڍڙا ڳائي،
خودي وڃاءِ ڇڏ تون خان،
وقت وڃائي ڪر نه زيان،
ننڍڙا ٻالڪ رک ڌيان!
ڪر جڏڙن جي تون نگراني،
بکين کي کارائج ماني،
کڻي هٿ ۾ سرمه داني،
پائي اک ۾ سُرمه ڪاني،
تون آهين موتي ۽ مرجان،
وقت وڃائي ڪر نه زيان،
ننڍڙا ٻالڪ رک ڌيان!
اياز تو ۾ آس رکي ٿو،
ننڍڙا تنهنجي پياس رکي ٿو،
چاهه تنهنجي چاس رکي ٿو،
خيال اهوئي خاص رکي ٿو،
مون گهر ٿي آ تون مهمان،
وقت وڃائي ڪر نه زيان،
ننڍڙا ٻالڪ رک ڌيان! |