سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1995ع

باب: --

صفحو :5

رياضو جي پڙهڻ جو حال ڏسي استاد به ڪڪ ٿي پيو هو استاد اڪثر رياضوءَ جي پيءَ کي چوندو هو ته، رياضو پڙهندو اصل ڪونه تنهنڪري هُن کي اها تڪليف نه ڏي ته چڱو! اها ڳالهه رياضوءَ جي پيءَ کي به ٺاهوڪي وڻي هئي. پر رياضو کي پڙهائڻ لاءِ پنهنجي زال جي ٿوري گهڻي دلچسپي ڏسي ۽ زور ڪرڻ تي هُو رياضوءَ کي اسڪول موڪليندو رهندو هو. اها ڳالهه رياضوءَ جي پيءُ کي سدائين سامهون ايندي هئي. پوءِ مڙئي دليو بي دليو رياضوءَ کي پيو اسڪول موڪليندو رهندو هو. ۽ رياضو ته پنڌ ڪرڻ کان بغير ٻارن جي ڪلهي تي چڙهي اسڪول ايندو هو ۽ جڏهن به اهڙي حالت ۾ رياضو اسڪول پهچندو هو ته پوءِ سڀ ٻار هڪ آواز ٿي چوندا هئا ته، ”بادشاهي ٻار اچي ويو، بادشاهي ٻار اچي ويو.“ بادشاهي ٻار جو اسڪول اچڻ ڪا جهڙي تهڙي ڳالهه ته نه هئي. آخر بادشاهي ٻار هو ۽ هُل هنگامي سان اسڪول ايندو هو.

رياضو عرف بادشاهي ٻار کي اسڪول ۾ ڪلهي تي کڻي ايندڙ وريل، رياضوءَ تي ڏاڍي خار کائيندو هو. اصل دل ئي دل ۾ پيو کيس ٺاهوڪيون گاريون ڏيندو هو. توڙي جو هُو سڀني ٻارن ۾ وڏو ۽ ٿلهو هيو! رياضوءَ کي کڻي کڻي وريل به ڏاڍو تنگ ٿي پيو هو. پر استاد جي دڙڪي داٻ سبب جواب به نه ڏئي سگهندو هو. نيٺ هن دل ۾ هڪڙي اٽڪل سوچي ۽ هُو ان اٽڪل تي عمل ڪرڻ لاءِ پيو وجھ ڳوليندو هو. ۽ هڪ ڏينهن اهو به آيو جو، وريل جيئن ئي رياضو عرف بادشاهي بار کي ڪلهي تي کنيون اسڪول ڏانهن پئي آيو ته رستي تي گهٽيءَ ۾ مٽيءَ جي ٿيل گاري ۾ کڻي رياضوءَ کي اڇلايائين. پاڻ به هاسيڪاري گاري کان ٻاهر ڪري پڇيو. رياضوءَ جو گپ ۾ ڪرڻ ڇا هو، ڄڻ ڌرتي ڌڏي وئي. کيس چڱو ڌڪ لڳو جو چيلهه ۾ هٿ وجھي روئڻ لڳو، ”اباڙي، اڙي وَرو... مري ويو مانءِ ڙي....... الله پُڄندءِ ڙي... اباڙي...“ رياضو گپ ۾ ائين ٿي ويو ڄڻ ڪوئو کٽاڻا ۾ ڪري پيو آهي. ڪتاب وغيره سڀ گپ ۾ خراب ٿي پيس. وريل ته کل ۾ اونڌو ٿي ويو، ڪيترائي ٻار اهو رُونشو ڏسڻ ٿي آيا. رياضو رڙيون ڪندو گهر هليو ويو. ماڻس، سندس حالت ڏسي وائڙي ٿي وئي ۽ کل نڪري ويس. کانئس پڇڻ لڳي. رياضو روئيندو به رهيو ۽ ڳالهه به ڪندو رهيو ۽ وريل کي ٺاهوڪيون گاريون به ڏيندو رهيو. ماڻس به خار ۾ ٻه چَنبا وهائي ڪڍيا ۽ چوڻ لڳي ته، ”چنڊا، تون به صبر سان اسڪول وڃين ته، ائين ڇو ٿئي!“ ماڻس کيس نلڪي تي وڃي وهنجاري صاف ڪيو، ان ڏک ۾ رياضو ٻه ڏهاڙا ته اسڪول ئي نه ويو ۽ نه وري استاد کيس ڇوڪرو موڪليو ٽئين ڏينهن استاد، وريل کي حڪم ڪيو ته، بادشاهي ٻار کي اسڪول ۾ پيش ڪيو وڃي. وريل کي حڪم ملڻ جي دير هئي ۽ ’ها سائين‘ چئي راهي ٿيو. جڏهن رياضوءَ وريل کي ڏٺو، تڏهن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين پر، وريل ڊڪي وڃي کيس ٻک وڌو، رياضو رڙيون ڪرڻ لڳو، ’امان، او امان‘ امان، مان پاڻهي اسڪول وڃان ٿو. وَرو مونکي وري اُڇليندو!‘ پر ماڻس اها ڳالهه ٻڌي اڻٻڌي ڪري ڇڏي. هاڻي هو پاڻ وريل کي ايلاز ڪرڻ لڳو. پيرن تي ڪري پيس ۽ کيس منٿون ڪرڻ لڳو. ’اڙي وَرو! مان پاڻهي ٿو اسڪول هلان مونکي ڇڏ.‘ وَريل کيس ڀاڪر وجهي ڇڪڻ لڳو ۽ چوڻ لڳس، ”نه، نه ، تون ته بادشاهي ٻار آن! توکي پنڌ ڪرڻ نه ڏبو.“ ”اڙي ورو... قسم ٿي قرآن جو، مونکي ڇڏ. هي ٻانهون ٿو ٻڌانءِ! مان بادشاهي ٻار ناهيان. مان توبهه ڪئي! مونکي ڇڏ.“- نيٺ وريل کي به مٿس رحم اچي ويو. ۽ ٻانهن کان ورتيون اسڪول وٺي آيو ۽ ان ڏينهن کان وٺي، رياضو پاڻهي اسڪول اچڻ لڳو.

حسن علي ”قمر“ ابڙو

مٺي ماني

هڪ ڏينهن، رحم دل نانوائيءَ هڪ وڏي خوشبودار مٺي ماني پچائي ۽ ارادو ڪيائين ۽ ٻيلي ۾ وڃي، سڀني جانورن کان وڌيڪ رحم دل ۽ پياري جانور کي اها مهماني طور ڏيندس. نانوائي ماني تيار ڪري ٿالهه تي رکي هڪ گهاٽي ٻيلي ڏانهن روانو ٿيو. ٻيلي ۾ تمام گهڻا، ڊگها ۽ ساوڪ ڀريا وڻ هئا، جن ۾ قسمين قسمين جانور هئا، نانوائي جڏهن گهاٽي جهنگ ۾ گهڙيو ته سڀ کان پهرين، مانيءَ جي خوشبوءَ تي جهنگ ٻلو هڪ ٻوڙي مان ٻاهر نڪري آيو ۽ لالچ ۾ چپ چٽيندي، نانوائي کان پڇيائين ”اها مٺي ماني ڪنهن لاءِ ٿو کنيو وڃين!“ نانوائي جواب ڏنو ”آئون هيءَ مٺي ماني هن ٻيلي ۾ رهندڙ سڀني جانورن کان وڌيڪ پياري، سچار ۽ رحمدل جانور لاءِ کنيو پيو وڃان. تون ٻڌاءِ ته اهڙو رحمدل ۽ پيارو جانور ڪهڙو آهي؟“

جهنگ ٻلي دانهن ڪري جواب ڏنو ”اڙي اهو ته آئون ئي آهيان، ڇا توکي اها به خبر ڪانهي!“

”نه يار، مون کي ته خبر ڪونهي.“

نانوائي ٻلي جي چالاڪيءَ تي کلندي جواب ڏنو ۽ ماني کڻي اڳتي هليو ويو. ڪجھ دير هلڻ بعد هڪ لومڙ پڇ لوڏيندو اچي سامهون بيٺس. نانوائي کي چيائين ”ميان هيءَ ماني ڪنهن لاءِ پيو کڻين وڃين؟“

”آئون هيءَ ماني ٻيلي ۾ سڀني جانورن کان وڌيڪ رحمدل ۽ پياري جانور کي ڏسيندس! ٻيلي لومڙ مهرباني ڪري ٻڌاءِ ته اهو ڪير آهي“ ”اها به ڳالهه ڪا پڇڻ جي آهي“ لومڙ مانيءَ ۾ اکيون کپائيندي چيو..... ”ميان وڌيڪ تڪليف ڪرڻ جي ضرورت ڪونهي، ماني مون کي ڏئي ڇڏ.“

اها ڳالهه ٻڌي نانوائيءَ کلي ڏنو ۽ ماني لومڙ کي ڏيڻ بجاءِ اڳتي هلڻ لڳو ۽ جلد ئي سامهون هڪ سهو سهڪندو اچي پهتس. نانوائيءَ کي چيائين ته سائين! هيءَ مٺي ماني ڪنهن لاءِ آهي؟“ اها ماني هن ٻيلي ۾ رهندڙ سڀني کان وڌيڪ رحم دل جانور لاءِ آهي، تون ٻڌاءِ ته اهو ڪهڙو جانور آهي؟“

سهو ڪجھ وقت لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ سوچي جواب ڏنائين ”سائين منهنجي خيال ۾ اها ماني لڌڙي کي ڏيو، ڇو ته اهو.... اهو ڏاڍو رحمدل ۽ پيارو آهي، پر ان سان گڏ اها مانيءَ جو ڪجھ ٽڪر ڪڇونءَ کي به ڏجو ته بهتر ۽... ها سائين ڪجھ مڙئي ڪوئي کي به کائڻ لاءِ ڏجو ويچارو بکايل آهي. ان کان سواءِ جهنگ ٻلي ۽ لومڙ کي به نه وسارجو، ڇو ته انهن کي مٺي ماني کائڻ جو شوق آهي.“

اهو جواب ٻڌڻ سان ئي نانوائي دل ۾ فيصلو ڪري ڇڏيو ته مانيءَ جو حقدار ڪير آهي؟

ٻارو! اوهان کي خبر آهي ته اها ماني نانوائي ڪنهن کي ڏيندو ۽ ڇو؟

ٻارو! نانوائيءَ سهي جي ڳالهه ٻڌي فيصلو ڪي ته سهو تمام رحمدل جانور آهي. ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪا لالچ يا لوڀ ڪونه هئي. مٺي ماني پنهنجي لاءِ نه گهري، پر پهرين پنهنجن ساٿين ۽ سنگتين کي ڏيڻ لاءِ نانوائي کي چيائين، تنهنڪري نانوائي سمجھي ويو ته سهو سچ پچ رحم دل جانور آهي.

ماڻهن ۾ به اهو ماڻهو رحم دل، پيارو چئبو، جيڪو لالچي نه هجي، پنهنجي ڀائرن ۽ دوستن لاءِ کيس همدردي هجي.

ڊاڪٽر منير احمد چنه

همت

ڇهين پيرڊ ۾ استاد حسين احمد حسابن جو پيرڊ وٺڻ لاءِ جيئن ئي اسان جي ڪلاس ۾ داخل ٿيو ته ڪلاس ۾ گوڙ ۽ شور لڳو پيو هو، استاد جي ڪلاس ۾ داخل ٿيڻ سان ئي خاموشي ڇانئجي وئي ۽ سڀ شاگرد وڃي پنهنجين جاين تي ويٺا، پر عامر علي، جيڪو پهرئين بئنچ تي ويٺو هو، هن جو هوشيار، ۽ ذهين شاگردن ۾ شمار ٿيندو هو، سو منهن تي ٻانهن ڏئي روئي رهيو هو، استاد جيئن ئي عامر جي منهن تان ٻانهن هٽائي ته عامر جو منهن زخمن سان ڳاڙهو لڳو پيو هو، سندس هڪ اک سڄيل ۽ ڳاڙهي ٿي پئي ئي، ڪپڙا ڦاٽل ۽ بٽڻ ٽٽل هئس.

”بابا، تنهنجي هي حالت ڪنهن ڪئي آهي؟ ۽ ڇا جي ڪري ٿي آهي؟“

”سائين هو، شاهد، جيڪو ڊائريڪٽر صاحب جو پٽ آهي، ڄڻ پاڻ کي به ڊائريڪٽر سمجھي ٿو، سائين هو، استاد جي ڪرسي تي، ويهي ڪري، استادن تي ٺٺوليون ڪري رهيو هو، مون صرف هن کي ايترو چيو ته، استاد جي ڪرسي تي ويهڻ سٺو اخلاق نه آهي، تنهن تي هو ڪاوڙجي پيو ۽ چوڻ لڳو ته، ”تون ڪير ٿيندو آهين، مون کي اخلاق سيکارڻ وار ۽ سمجھائڻ وارو ۽ پوءِ گاريون ڏيندو مون تي حملو ڪيائين ۽ هي حالت ڪئي اٿس.“

استاد کي تمام گهڻي ڪاوڙ آئي، ۽ شاهد کي گهرائي تمام گهڻي مار ڏنائين. ليڪن، شاهد استاد کي به گهٽ وڌ ڳالهائي رهيو هو ۽ استاد کي چوڻ لڳو ته: ”بابا کي چئي، توکي نوڪري مان لهرائي ڇڏيندس“، ايتري ۾ ٻيا استاد اچي گڏ ٿيا، ۽ استاد حسين احمد کي سمجھائڻ لڳا ته: ”توهانکي ائين ڪرڻ نه گهربو هو. اسين مڃون ٿا ته ڊائريڪٽر جو پٽ بد اخلاق ۽ جڏو آهي. ليڪن توهان کي سزا ڏيڻ نه گهربي هئي.“

تنهن تي استاد حسين احمد چيو ته: ”توهان جي غلط رويي ڊائريڪٽر جي پٽ، شاهد کي خراب ڪيو آهي. ڇا جيڪڏهن شاهد ڊائريڪٽر جو پٽ آهي، ته ان جو مطلب اهو آهي جو هن کي جيئن وڻيس تيئن پيو ڪري، استاد لاءِ سڀ شاگرد، برابر آهن، جيڪو به شاگرد غلطي ڪندو سزا پائيندو.“ انهيءَ ڳالهه جي جڏهن هيڊ ماستر کي خبر پئي، تنهن به استاد حسين احمد کي سمجھايو ۽ چوڻ لڳس ته، ”تون هاڻي ڪنهن اسڪول ڏانهن بدلي ٿيڻ جو انتظار ڪر.“ تنهن تي استاد حسين احمد چيو ته ”بدلي جي خوف کان ايمانداري ۽ سچائي جو دامن ڇڏڻ سياڻپ نه پر بيوقوفي آهي.“

ٻئي ڏينهن ڊائريڪٽر صاحب کي سڄي رپورٽ پهتي ته ڊائريڪٽر صاحب سڀ مصروفيتون ڇڏي سڌو، پنهنجي پٽ جي اسڪول ۾ آيو ۽ هيڊ ماستر جي آفيس ۾ ويو، هيڊ ماستر سمجھي ويو ته اڄ استاد حسين احمد جو خير نه آهي، ضرور سسپينڊ ٿيندو ۽ مون کي به دڙڪا ملندا، هيڊ ماستر ڏڪندي پڇيو: ”سائين خير ته آهي.“

”جيڪڏهن توکان اسڪول جو نظام صحيح نه ٿو سنڀالجي ته پوءِ رٽائر ڇو نه ٿو ٿئين.“

”استاد حسين احمد ڪٿي آهي؟“

”سائين اهو ڪلاس ۾ پيرڊ وٺڻ ويو آهي.“

چڱو هل ته هلي استاد حسين احمد سان ملون. ڪجھ ٻيا به استاد ڊائريڪٽر صاحب سان گڏ، جڏهن ساڳئي سندس پٽ واري ڪلاس ۾ پهتا ته استاد حسين احمد ڏاڍي سهڻي نموني حساب سيکاري رهيو هو، ڊائريڪٽر صاحب ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ استاد حسين احمد به اڳرو ٿي مليس. ”سائين هي ئي آهي استاد حسين احمد.“

ڊائريڪٽر صاحب، استاد حسين احمد کي ڏسي ڀاڪر پاتو، ۽ سندس، همت، محنت ۽ ايمانداري تي شاباس ڏني ۽ سڀني استادن کي چيو ته: ”توهان لاءِ سڀ شاگرد برابر آهن. جيڪو به شاگرد غلط حرڪت يا شرارت ڪري اهو سزا جو حقدار آهي. پوءِ ڊائريڪٽر صاحب پنهنجي پٽ کي چيو ته ”استاد کان معافي وٺ.“ پوءِ استاد حسين احمد به کيس پيار مان مٿي تي هٿ گهمايو ۽ پوءِ ڊائريڪٽر صاحب به هليو ويو. ۽ پوءِ ته سڀ استاد ۽ هيڊ ماستر به استاد حسين احمد جي همت جا ڳڻ ڳائي رهيا هئا.

تحرير: حليمه راڻي            جاسوسي ڪهاڻي

تخليص: ڪرم سنڌي

”مشيني ديوَ“

حمير ۽ سمير ٻه ڀائر هئا، هو پنهنجي والد سان گڏ ملڪ جي دارالحڪومت ۾ رهندا هئا. ٻئي نهايت ذهين ۽ بهادر هئا اُنهن جي ماءُ ۽ پيءُ، اُنهن جي تربيت ڪجھ اهڙي طريقي سان ڪئي هئي، جو هُو هميشه مظلومن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار رهندا هئا ۽ ٻين کي به سٺي راهه تي هلڻ لاءِ تلقين ڪندا هئا. هو ٻئي مقامي اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس جا شاگرد هئا. ٻئي صبح سوير اسڪول ويندا هئا، اسڪول مان اچڻ کان پوءِ ڪجھ دير آرام ڪندا هئا. پوءِ پنج بجي اُٿي وهنجندا هئا. اُن کان پوءِ ڪجھ وقت ويجهي گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ کيڏندا هئا. ڪرڪيٽ کيڏڻ کان پوءِ، واپس گهر اچي اسڪول جو ڪم ڪندا هئا. ۽ پوءِ رات جو ماني کائي سمهي پوندا هئا.

هڪ ڏينهن حسب معمول، ٻئي اسڪول کان واپس اچي رهيا هئا ته اوچتو تمام گهڻا ماڻهو پريشاني جي حالت ۾ بد حواس ڊوڙندا نظر آيا. هو ڊوڙندي ۽ سهڪندي ڪجھ ڳالهائي به رهيا هئا. سمير انهن ڏانهن توجهه ڏني ته ڪجھ جملا کيس سمجھ ۾ آيا. جيڪي هن طرح هئا.

”به..... بچايو..... اڙي...... بچايو...... ديوَ اچي ويو. هو اسان سڀني کي لٽي ويندو...... کائي ويندو!!!“

اُنهن ماڻهن مان هڪڙو ماڻهو ته باقائده پنهنجي ڇاتي تي ڌڪ هڻندو، اوڇنگارون ڏيئي روئيندو پئي ويو. ۽ روئندي چوندو رهيو ته:

”هاءِ! منهنجي عمر ڀر جي ڪمائي لٽجي وئي. هو مونکي جيئرو ڪونه ڇڏيندو. آهي ڪوئي، جيڪو منهنجي هن مان جان ڇڏائي. هُو مونکي ڦري ويو. آئون برباد ٿي ويس. تباهه ٿي ويس.“

حمير ۽ سمير حيرت مان هڪٻئي ڏي ڏٺو. هي مسئلو اُنهن جي سمجھ ۾ ڪونه. پهرين ته هنن اُنهن کي چريو سمجھيو پر جڏهن هنن ٻين ماڻهن جو به اهڙو حال ڏٺو ته اُنهن کي پنهنجي سوچ تبديل ڪرڻي پئي. ڇو ته هڪ ئي وقت ايترن ماڻهن جو چريو هئڻ مشڪل هو. ته پوءِ ڇا ماجرا هئي، ۽ وري هُو ديوَ...... ديوَ به چئي رهيا هئا. ڪوئي ڳوٺ هجي ها ته شايد اُنهن کي ايتري حيرت نه ٿئي ها. پر ايڏي وڏي شهر مان، اعليٰ تعليم يافته ماڻهن جي واتان اهي ڳالهيون ٻڌي، هو حيرت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا هئا. سمير، جنهن کي گهڻو تجسس هو، اُن هڪ ڊوڙندڙ ماڻهو کي روڪيو. جيئن اُن کان هن واقعي بابت پڇي سگهي. پر اِهو ماڻهو هڪ جهٽڪي سان اڳتي وڌي ويو. ۽ وري دانهون ڪرڻ لڳو.

”ڪجھ نه پڇو..... ڪجھ نه پڇو...... ڀڄو بس....... ڀڄو......... نه ته هو ديوَ اوهان کي کائي ويندو.“

سمير، حيرت ڀريل نظرن سان اُن ڏانهن ڏٺو، پر هو تمام پري وڃي چڪو هو. اهڙي طرح هنن گهڻن ئي ماڻهن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي. مگر ڪوئي به نه رڪيو. نيٺ حمير، سمير کي چيو ”يار! هلو گهر هلون ڏاڍي بک لڳي آهي. هن مسئلي کي پوءِ ڏسنداسين!“

”ها.....! هلو گهر هلي ماني کائيون، پوءِ وري اينداسين.“ پوءِ هو خاموشي سان گهر جي طرف هلڻ لڳا. گهر پهتا ته انهن سڄو قصو ماءُ کي ٻڌايو، اُنهن جي ماءُ به ڏاڍي حيرت جو اظهار ڪيو ايتري ۾ حمير ۽ سمير جو پيءُ به پهچي ويو. اُنهن جڏهن پنهنجي پيءُ کان پڇا ڪئي ته اُن ڪجھ دير خاموش رهڻ کان پوءِ چيو.

”آئون خود به حيران آهيان ته هي ڇا آهي؟ ليڪن جيتري معلومات حاصل ٿي آهي. اُن جي مطابق صبح ڏهين بجي ڌاري، شهر جي مين بازار ۾ هڪ هندو جوهري رام لال پنهنجو دڪان کوليو، اُن جو دڪان تمام وڏو آهي. ۽ هو مالدار سمجهيو وڃي ٿو. ها! اُن دڪان کولي مس هئي ته هُن پنهنجي پٺيان خوفناڪ رڙ ٻڌي. هُن پوئتي مُڙي ڏٺو ته هڪ ڊگهو ۽ ٿلهو ديوَ پنهنجي خوفناڪ آواز ۾ چئي رهيو هو.

”پنهنجي دڪان جو تمام قيمتي سامان ڪڍي منهنجي حوالي ڪري ڇڏ نه ته مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃ.“

جوهري رام لال ته پهرين خوفزده هو، وري ديوَ جي ڌمڪي ٻڌي صفا ڊڄي ويو. ۽ روئندو ٻئي طرف ڀڳو. اُن جي روئڻ ۽ رڙين جي ڪري ٻيا سڀ دڪاندار به اُن جي طرف متوجه ٿي ويا. ۽ جڏهن اُن جي چوڻ کان پوءِ انهن ديو کي ڏٺو ته هُو به پنهنجيون جانيون بچائڻ لاءِ، دڪانن کي کليل ڇڏي ڀڳا.

”اُن کان پوءِ ڇا ٿيو؟“ سمير بي چيني مان پڇيو.

”پوءِ اهي ماڻهو ڀڄندا ٿاڻي پهتا، ديوَ به انهن جي پويان هو. هُن اتان به دڪانن مان قيمتي سامان کنيو. جيڪو هڪ وڏي ٻوري ۾ بند ڪري، پٺن تي لٽڪائي ڇڏيو هو. پوءِ اهي سڀ ماڻهوءَ ٿاڻي جي بجاءِ ٻئي طرف ڀڄڻ لڳا. پر پوءِ ديوَ انهن جي پويان نه ويو، مگر بازار ڏانهن مڙي ويو. ۽ ٿوري دير کان پوءِ اُن بازار ۾ شور مچي ويو. ۽ اتي جي دڪاندارن پنهنجا پنهنجا دڪان ڇڏي. پنهنجي جان بچائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا.“

اهو چئي هنن جو پيءُ خاموش ٿي ويو.

”بابا ڇا واقعي ئي ديوَ جو ڪو وجود آهي؟“ حمير پنهنجي پيءُ کان پڇيو.

”نه پٽ! آئون اهڙين ڳالهين ۾ يقين ناهيان رکندو. اهي ته صرف قصن ۽ ڪهاڻين جون ڳالهيون آهن. اڄ سائنسي دؤر ۾ اهو سوچڻ به غلط آهي.“ اُنهن جي پيءُ فڪرمندي مان چيو:

”ته بابا هي سڀ ڇاهي؟“ سمير به ڳالهائڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو.

”پٽ! اهوئي ته سمجھ ۾ ڪونه ٿو اچي ته اصل ماجرا ڇا آهي؟ خير حڪومت جلدي ۾ ايڪشن ورتو آهي. جلدي خبر پئجي ويندي.“ اُنهن جي پيءُ ڪرسي تان اٿندي چيو.

”سمير! ڇو نه پاڻ بابا جو ريوالور کڻي هلون!“ حمير تجويز پيش ڪئي.

”منهنجو خيال آهي، ريوالر جي بجاءِ پاڻ پنهنجي رائفل کڻي هلون. ان سان پاڻ تمام گهڻو پري بيهي نشانو چٽي سگهنداسين.“ سمير وري پنهنجي تجويز پيش ڪئي.

”ها! تون صحيح ٿو چوين.“ حمير سمير جي راءِ سان متفق ٿيندي چيو، پوءِ جلدي رائفل کڻي ٻئي ٻاهر نڪتا، ٻاهر هر طرف خاموشي طاري هئي. ائين پئي لڳو ڄڻ ڪوئي انسان شهر ۾ هو ئي ڪونه!!! هُو شهر ۾ پهتا ته هڪ بازار مان ماڻهن جو هجوم ڊوڙندو پئي آيو. جيڪو خوفزده لڳي رهيو هو ۽ انهن جي پويان رڙين جو آواز اچي رهيو هو. هُو ٻئي هڪ ديوار جي اوٽ وٺي اُن هجوم جو جائزو وٺڻ لڳا. هجوم جي پويان هڪ ڊگهو ديو اچي رهيو هو.

”مار! هن جو قد ته آسمان کي ڇهي رهيو آهي!، حَمير پنهنجي منهن ڀڻڪيو. ديوَ حمير ۽ سمير کي ڏسي ورتو، ۽ هڪ ٺوڪر هڻي ديوار کي وچ مان ڊاهي ڇڏيائين. ديوَ هاڻي ٻنهي جي ويجهو پهچي چڪو هو. هو ٻئي خوف مان ديوَ کي ڏسي رهيا هئا. هاڻي ڀڄڻ جو به رستو ڪونه هو. ديو هلڪي ٺوڪر سمير کي هنئي (جنهن وٽ رائفل هئي) سمير جي سڄي بدن کي ڄڻ باهه لڳي وئي. رائفل پري وڃي ڪري. ٻنهي جا حواس ئي ختم ٿي ويا. ديوَ اُنهن ٻنهي کي جهلڻ لاءِ هٿ اُڀو ڪيو ئي هو ته حمير وڏي آواز سان سمير کي چيو:

”اچ ته ديوَ جي مخالف طرف ڀڄون.“ اِهو ٻڌي سمير به حمير جي پويان ڊوڙڻ لڳو، جڏهن ديوَ پنهنجي ڳري جسم سميت پويان مڙيو ته، هو ٻئي ديو جي نظرن کان اوجهل ٿي چڪا هئا. هو ٻئي ڏاڍي مشڪل سان گهر پهتا. ۽ پنهنجي پنهنجي بستري تي سمهي سوچڻ لڳا. ٿوري دير کان پوءِ، سمير ڀڻڪيو، ”اسين ان تي فائر ته ڪري ئي ڪونه ڏٺوسين.“

حمير، جيڪو سوچ جي وادي ۾ گم هو. تنهن بستري تان اٿندي چيو ته ”ها يار! رائفل هل ته کڻي اچون، نه ته بابا کي خبر پئي ته پنهنجي چمڙي ٽڪوئي ڪانه لهندي.“

ان کان پوءِ ٻئي لڪي گهر کان ٻاهر نڪتا، جتي ديوَ انهن تي حملو ڪيو هو، اُها جڳهه ويجهي هئي. اُن ڪري هُو جلدي اُتي پهچي ويا. ۽ رائفل به ملي وئي.

”شڪر ٿيو، هن کي ڪو نقصان ڪونه پهتو.“ حمير اڃا رائفل کنئي مس ته اُن کي ديوَ جي رڙ ٻڌڻ ۾ آئي.

”سمير ٻڌ! ديو شايد ويجهو ئي آهي. تون هتي بيهه، آئون اڳتي وڃي فائر ڪري ٿو ڏسان.“ سمير، حمير جي ڳالهه مڃڻ کان نابري واري.

”ڏس سمير: بيوقوفي واريون ڳالهيون نه ڪر، تنهنجي هٿ ۾ پهرين سور آهي. ۽ پوءِ آئون اڪيلو ويس ته مونکي ڀڄڻ ۽ لڪڻ ۾ آساني ٿيندي.“

اڃا هُو ٻئي ڪنهن نتيجي تي پهتي نه سگهيا هئا ته سڄي فضا اوچتو ڌماڪن سان گونجي اُٿي. اُنهن ڇرڪي مٿي ڏٺو مٿي هيلي ڪاپٽر نظر آيو. ۽ اُن مان شايد ديوَ تي گوليون هلايون پئي ويون. هو ٻئي مطمئن ٿي ويا ته هاڻي ديوَ جو بچڻ مشڪل آهي. ان ڪري هو ٻئي گهر هليا آيا. ٻئي گهڻا ٿڪل هئا. ان ڪري ٻنهي کي جلدي ننڊ اچي ويئي.

شام جو هو اٿيا، ٻنهي کي يقين هو ته هاڻي شهر ۾ امن امان ٿي ويو هوندو، مگر جيئن هو ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ ٻاهر نڪتا ته سڄي ماحول ۾ خاموشي ۽ پراسراريت اُنهن کي منجهائي وڌو. هو ٻئي فڪرمندي مان ٻيهر گهر آيا. اُنهن جي ماءُ ٽي- وي کولي ڏسي رهي هئي. تنهن وقفي وقفي سان خصوصي بليٽن نشر پئي ڪيا، هُو به ڌيان سان ٻڌڻ لڳا. ٽي- وي تي ديوَ جي باري ۾ فلم ڏيکاري پئي وئي. ۽ اوچتو هو ڇرڪي پيا ڇو ته خبر پڙهڻ وارو ٻڌائي رهيو هو ته ”حڪومت هن وقت فوري طور تي هنگامي اجلاس گهرايو آهي، ڇو ته هيلي ڪاپٽر سان ديو کي ڪجھ ناهي ٿيو، بم اڇلڻ جي تجويز به زير غور آهي. مگر ائين ڪرڻ سان ماڻهن کي چڱي خاصي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي. ان لاءِ ڪوئي متبادل ذريعو سوچيو پيو وڃي. حڪومت عوام کي گهر ۾ رهڻ جي درخواست ڪئي آهي. ڇو ته خبر ناهي ديوَ اڃا تائين ڪنهن جي گهر ۾ ناهي گهڙيو؟ باقي دڪانن ۽ بازارن مان گهڻو ڪجھ ڦريو اٿس. ۽ پوءِ هو ڪٿي غائب ٿي ويو آهي. خيال آهي ته هو سڄو سامان کڻي ويجهن ٻيلن ۾ هليو ويو آهي، پر يقين ڪنهن کي به ڪونه ٿو اچي ته هو ڪٿي ويو آهي. ڇو ته سڀ ماڻهو هن مان ايترا ته خوفزده ٿي ويا آهن جو ان جو تصور به ماڻهن جي بدن ۾ ڏڪڻي ٿو پيدا ڪري ڇڏي.“

سمير ۽ حمير بليٽن ٻڌي، ماءُ ڏانهن ڏسن ٿا.

”امان! ڇا سچ پچ ديو هوندا آهن!“ سمير پنهنجي ماءُ کان پڇيو، ”اوهان ڏٺو ته آهي پٽ!“ انهن جي ماءُ کلندي چيو، ”پر امان! منهنجو ذهن ڪونه ٿو مڃي، ته اهو سچو ديوَ آهي.“ حمير وري ڀڻڪيو.

”ته پوءِ نقلي ديو هوندو!“ اُنهن جي ماءُ شفقت مان مسڪرائي چيو.

”نقلي ديو.....!“ ٻنهي ماءُ جي ڳالهه ٻڌي، حيرت مان هڪ ٻئي ڏي ڏٺو ۽ پوءِ بي اختيار کلي پيا.

”واهه امان! اوهان به ڳالهه ڀلي ڪئي.“ ٻنهي گڏجي چيو، پوءِ پنهنجي ڪمري ۾ ويا ۽ پنهنجي بستري تي ليٽي پيا.

”يار ٻڌ! ٿي سگهي ٿو امان جي ڳالهه سچي هجي.“ سمير سوچيندي چيو.

”امان ته مذاق مان چيو ۽ تون سچ سمجھڻ لڳو آهين” حمير مذاق ڪندي چيو.

”پوءِ به.....“ سمير اڃا به منجهيل هو.

”اڙي ڪجھ به ڪونهي، صبح جو ٻيهر جڏهن هو شهر ايندو ته ڏسنداسين.“ حمير اوٻاسي ڏيندي چيو.

پوءِ هُو ٻئي اِهو موضوع ڇڏي. اسڪول جو ڪم ڪرڻ لڳا، پر سندن ذهن تي هر هر ديو جي تصوير اُڀري پئي آهي.

ٻئي ڏينهن سڀئي اخبارون ان خبر سان ڀريون پيون هيون. دارالحڪومت جي شهري ۽ ڪاروباري زندگي متاثر ٿي چڪي هئي. هاڻ ته ملڪ جي ٻين حصن ۾ خوف ڦهليل هو. اڄ به صبح 10 بجه اهو ديوَ شهر ۾ ڦرندي نظر آيو، پر اڄ اُن جو رخ شهر جي مختلف بئنڪن ڏانهن هو. گذريل ڏينهن وانگي اڄ به ديو مئنيجر کي سڄي رقم ڪڍڻ لاءِ چيو، مئنيجر خوف کان ڊڄندي ان ڏانهن روانو ٿيو هڪ هڪ ڪري انهيءَ ديوَ سڀني بئنڪن کي خالي ڪري ڇڏيو. ۽ رقم سان ڀريل وڏو ٿيلهو پنهنجن پٺن تي لٽڪائي شهر کان ٻاهر وڃڻ لڳو، اڄ به اُن جي پويان ڪوئي ڪونه ويو، ڇو ته هر ڪو ان مان خوفزده هو.

هوڏانهن حڪومت جا تمام عهديدار، سائنسدان ۽ فوجي آفيسر اجلاس ڪري رهيا هئا، مگر ان مصيبت جو ڪوئي حل انهن کي سمجھ ۾ نه پئي آيو.

هيڏانهن حمير ۽ سمير به پنهنجي ڪوشش ۾ لڳا پيا هئا، ٻئي پنهنجي پر ۾، ان ديوَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ترڪيبون سوچي رهيا هئا. اڄ هو سڄو ڪم ڪرڻ جي باوجود اسڪول ڪونه ويا هئا. پر گهر ۾ ويٺي ويٺي دماغ ڊوڙائي رهيا هئا. ايتري ۾ ٻنپهرن جي ماني جو وقت ٿي ويو. اُنهن ماءُ ۽ پيءُ سان گڏجي ماني کاڌي. انهن جي پيءُ انهن ديوَ بابت مزيدار ڳالهيون ٻڌايون، ماني کائڻ بعد هو پنهنجي ڪمري ۾ ويا ۽ بستري تي ليٽي پيا، پر اڄ به ننڊ هنن جي اکين کان ڏور هئي. هو ته بس ديوَ بابت سوچي رهيا هئا. خصوصاً سمير جو برو حال هو. هُو بار بار چئي رهيو هو ”حمير! مون کي ته انهن ماڻهن تي ترس پيو اچي جن کي ديو لٽيو آهي. ويچارن ڪيتري محنت کان پوءِ پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو هوندو. هڪدم هنن جو سڀ ڪجھ لٽجي ويو. هاڻي هي ڇا ڪندا!!!“

”حڪومت انهن جي مدد ڪندي.“ حمير بار بار آٿت ڏيئي رهيو هو. مگر هو ٻئي چڱي طرح ڄاڻندا هئا ته جيستائين ان ديو جو خاتمو نه ايندو. تيستائين پريشاني ختم ڪانه ٿيندي. هو ٻئي دير تائين ديو جي خاتمي لاءِ ترڪيبون سوچيندا رهيا.

پر جڏهن انهن جي ذهن ۾ ڪا موزون ترڪيب ڪانه آئي. ته هو ٻئي ڪمري مان نڪري ٻاهر آيا. چؤطرف خاموشي هئي، هو ٻئي شهر جي گهٽين ۾ ڦرڻ لڳا، اوچتو انهن جي نظر هڪ هانءُ- ڏاريندڙ منظر تي پئي. اُنهن ڏٺو ته ديوَ پنهنجن ڳرن ۽ وڏن هٿن ۾ هڪ چئن سالن جو ٻار جهلي، انهي کي روڊ تي اڇلائي رهيو هو. ٻار پهرين ته خوف ۽ دهشت وچان رڙيون ڪندو رهيو، پر پوءِ شايد بيهوش ٿي ويو. پوءِ ديوَ اُن ٻار کي زور سان رستي تي اڇلي، اُن تي پنهنجا وزندار پير رکي، اڳتي وڌڻ لڳو، ٻار جو سڄو جسم چيڀاٽجي ويو، ٻار جو موت ته پهرين ٿي چڪو هو. هاڻي ان جو سڄو جسم ٽڪرن ۾ هيڏانهن هوڏانهن پکڙجي ويو ۽ سڄو رستو ان ٻار جي رت سان ڳاڙهو لال ٿي ويو.

”حمير! منهنجي دل چوي ٿي ته هاڻي ان ديوَ کان وڃي پڇان ته ان معصوم ٻار تنهنجو ڪهڙو ڌاڙو هنيو هو؟؟؟“ سمير غم جي شدت ڪري روئي پيو. ۽ پوءِ ٻئي ديو جو پيڇو ڪرڻ لڳا اُنهن ڏٺو ته ديو شهر جي ويجهي ٻيلي ڏانهن وڃي رهيو هو، هو به لڪندا ۽ ڇپندا ديو جي پٺيان هلندا رهيا. پوءِ ديو ٻيلي ۾ ٺهيل هڪ خوبصورت عمارت ڏانهن وڌڻ لڳو.

”هن جهنگ ۾ عمارت جو ڪهڙو ڪم؟“ حمير حيرت مان ڀڻڪيو. ”هل ته هلي ڏسون، ممڪن آهي ڪا خبر پئجي وڃي.“ سمير، حمير ڏانهن نهاريندي چيو. ۽ پوءِ هو ٻئي آهستي آهستي عمارت ڏانهن وڌڻ لڳا. جڏهن ديو عمارت ۾ گهڙي ويو ته پهرين هُنن عمارت جي ويجهو، چؤطرف چڪر لڳايو. پوءِ هو ديوار جي ڀر ۾ بيٺل نم تي چڙهي سڄو لقاءُ ڏسڻ لڳا، عمارت جي هال ۾ مشينون ئي مشينون هيون. هڪ همراهه جي سامهون ديو بيٺو هو. هو بئنڪن ۽ دڪانن مان لٽي آيل سامان ۽ رقم ان همراهه جي قدمن ۾ اڇلائيندو، ڍڳ ڪندو پئي ويو. ايتري گهڻي دولت ڏسي همراهه ٽهڪ ڏنو. جذباتي انداز ۾ کلندي چيائين ”هاڻي هي سڀ دولت منهنجي آهي. آئون دنيا جو سڀ کان امير ماڻهو ٿي ويندس. هاڻي ڪير آهي جو پنهنجو مقابلو ڪندو.“ هو کلي کلي ٿڪجي پيو ۽ پوءِ گهڻن مشينن مان هڪ مشين جو بٽڻ دٻائي چيائين:

”منهنجا وفادار غلام! هاڻي تون وڃي آرام ڪر، سڀاڻي ماڻهن جي گهرن مان جيڪو قيمتي سامان ملي، سو کڻي اچجان!!!“

هو ٻئي خوش ٿي گهر موٽيا، اُنهن پنهنجي ماءُ کي سڄو تفصيلي قصو ٻڌايو. اُنهن جي پيءُ پهرين اُنهن کي شاباس ڏني، ۽ پوءِ پنهنجي دوست کي فون ڪيائين جيڪو فوج ۾ ڪرنل هو يڪدم اها ڳالهه صدر، ۽ ٻين عهديدارن تائين پهچي وئي. ۽ پوءِ آفيسرن، فوجين ۽ سائنسدانن تي مشتمل هڪ قافلو (جنهن ۾ حمير ۽ سمير کان علاوه انهن جو پيءُ به هو) جهنگل جي طرف وڌي رهيو هو، پهرين هُنن عمارت کي گهيرو ڪيو ۽ پوءِ ان شخص کي گرفتار ڪيو. پوءِ هُنن عمارت جو وڏو گيٽ کولي ڇڏيو. جيئن عام ماڻهو به اچي ڏسن. اُنهن سڀني جهنگ ۾ اڳي ايڏي شاندار عمارت ڪانه ڏٺي هئي.

اوچتو اُنهن مان هڪ سائنسدان گرفتار ڪيل شخص کي سڃاڻي ورتو، جڏهن ڪرنل رحمان پڇيو ته ”ڪير هن کي سڃاڻي ٿو.“

هُن ٻڌايو ته ”هي جبار آهي، ملڪ جو مشهور سائنسدان، هي ڪافي عرصي کان روپوش هو، ۽ عجيب عجيب تجربا ڪندو هو ۽ منهنجو ڪلاس فيلو هو.“

پوءِ سڀ ماڻهو، ان ڪمري ۾ ويا، جتي ديوَ رهندو هو، ديوَ بلڪل موڳو نظر اچي رهيو هو، جڏهن ٻين سائنسدانن ان جي مٿان لڳل نقلي چمڙي لاٿي، ته ڪاٺ جي جسم تي هر جڳهه مشينون ۽ برقي تارون لڳل هيون.

”مشيني ديوَ......!!“ حمير مهڪندي ڀڻڪيو.

ٻئي ڏينهن، سڀئي اخبارون مشيني ديوَ، جبار جي گرفتاري ۽ حمير ۽ سمير جي تعريف سان ڀريل هيون.

حڪومت بنا ڪيس هلائڻ جي جبار کي موت جي سزا ٻڌائي ۽ حمير ۽ سميرکي نقد انعام سان گڏ گولڊ ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو.

ٻارو! اهو سچ آهي ته بري ڪم جو انجام به برو ٿيندو آهي.

پر اصل ۾ حمير ۽ سمير هڪ جاسوسي فلم ڏٺي هئي، جنهن ۾ اهو سڀ ڪجھ ڏيکاريل هو. اصل ۾ اها ڪهاڻي هڪ جاسوسي فلم جي هئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com