ٻارن جا ليک
لومڙي ۽ ٻلي
ليکڪ:
عائشه آگره
هڪڙي هئي لومڙي ۽ ٻي هئي ٻِلي. لومڙيءَ کي هئي
ٻٽاڪ هڻڻ جي عادت، سو هڪ دفعي ٻليءَ کي چيائين ته
”ادي، مان ته ڪنهن کي وَٺُ ڏيان ئي ڪونه. جيڪڏهن
ڪو اوپرو ڏسان ته وٺي ڀڄان، ۽ جي ڪو مٿان اچي پوي
ته کڻي مکر ڪريان، ڄڻ ته مئل آهيان. مان ڏاڍي
چالاڪ آهيان.“ مڄاڻ ته اتي وڻ جي پٺيان ڪنهن
شڪاريءَ بيٺي هنن کي تاڙيو. تنهن بندوق سڌي ڪري جو
ٺڪاءُ ڪيو ته ٻلي ته امالڪ ٽپ ڏيئي وڻ تي چڙهي
ويئي، باقي رهي ٻٽاڪي لومڙي، سا ڏند شيڪ شيڪ،
ٽنگون ٽيڙ ٽيڙ، پڇ موڙ موڙ!
جهرڪي، ڪٻر ۽ ڪانءُ
ليکڪ:
بلقيس عمر 13 سال
هڪ ڪانءَ جهرڪيءَ سان شادي ڪئي. ڪانءَ جو جهرڪيءَ
سان گهڻو پيار هوندو هو. هنن جو چڱو وقت خير جو
گذرندو رهيو. هڪ ڏينهن ڪانءَ کي رستي ۾ ڪٻر ملي.
انهيءَ ڪانءَ کي چيو ته تون مون سان شادي ڪر.
ڪانءَ چيس ته مون کي اڳي ئي هڪ زال آهي. ڪٻر چيس
ته نه، مون سان ضرور شادي ڪر مان توکي خوش رکنديس.
ڪانءَ چيس ته چڱو، مان توسان ڪهڙي به نموني شادي
ضرور ڪندس، پر مان اول پنهنجي گهرواريءَ کان پڇا
ڪيان. ڪٻر چيس ته گهرواريءَ کان ٿورو ئي پڇبو آهي.
ماڻهو مرضي پوي ته پاڻ شادي ڪندو آهي. ڪانءَ چيس
ته مان جيستائين ڪنهن به ڳالهه لاءِ صلاح نه
ڪريان، تيستائين منهنجو ڪم ٿيندو ئي ناهي. ڪٻر چيس
ته گهرواري توکي موڪل ڏيندي يا نه. ڪانءَ چيو ته
ليڪن مون کي ڇڏ ته مان پڇي ته اچانس، ۽ ٻيو ته
منهنجا ٻار به روئيندا هوندا، چوندا هوندا ته بابا
ڪاڏي ويو آهي. منهنجو ڪم به رهجي ويو آهي؛ ڏس ته
ٻارن لاءِ ڪي سڪل ٽڪر به نه ميڙي آيو آهيان،
ويچارا بک مرندا هوندا. منهنجي زال به انتظار ڪندي
هوندي. ٻارن رت ۾ رات ڪئي هونديس ته بابا ڪاڏي ويو
آهي.
اِتي ڪٻر چوڻ لڳيس ته توکي زال ۽ ٻچا پيارا آهن،
سو مون سان تون شادي ڪيئن ڪندين! ڪانوَ چيس ته مان
ضرور توسان شادي ڪندس، ڇڏ هاڻي مون سان گهڻو مٿو
نه هڻ. ڪٻر چيس ته چڱو هاڻي هليو وڃ. ٻه ٽي ڏينهن
توسان انجام آهي، پوءِ مان توسان ملندس. پوءِ
ڪانءُ هليو ۽ پنهنجو ڪم ڪري سڪل ٽڪر ميڙي، گهر کڻي
ويو ٻچن لاءِ. جهرڪي پڇيس ته يڪو ڪاڏي ويو هئين.
چيائين ته هڪ ڪٻر مون کي ملي ۽ چيائين ته تون مون
سان شادي ڪر. مون چيومانس ته مان گهرواريءَ کان
پڇي اچان پوءِ مان توکي جواب ڏيندس. تنهن تي
جهرڪيءَ ڪانو کي چيو ته تون ڀلي ٻي شادي ڪر، پر
مون کان وڌيڪ بڇڙي ٻي ڪا ڪانه اٿئي. تون شادي ڪر
ته مان توکي چڱيءَ طرح ٿي ٺاهيان. ڪانءُ غريب چپ
ڪري ويهي رهيو.
ٻن ٽن ڏينهن کان پوءِ وري ڳڀو ٽڪر ڳولڻ لاءِ نڪتو
ته رستي تي ڪٻر مليس. چوڻ لڳيس ته ڇا خبرچار؟
ڪانءَ غريب چپ ٿي ويو ۽ ڪجهه نه ڪڇيائين. نيٺ
چيائينس ته مون کي موڪل نٿي ڏئي. جنهن تي ڪٻر چوڻ
لڳيس ته جيڪو گهرواريءَ کان ڊڄي، اهو مڙس ڪهڙو
ٿيو. تون ته ڪو مڙس ئي ناهين جو گهرواري کان به
ڊڄين ٿو! مان جيڪر مڙس هجان ها ته يڪدم زال کي
ٺاهي جواب ڏيان ها.
هاڻي ويچاري ڪانو غريب کي ته هوڏانهن به ڳالهائڻ
مليا، ۽ هيڏانهن وري ڪٻر غريب کي واريو. ايتري ۾
ڪانو کي هڪ دوست گدڙ ملي ويو. پڇيائينس ته ڇا آهي.
تنهنجي ۽ ڪٻر جي وچ ۾ ڪهڙو جهڳڙو آهي؟ ڪانءُ ايتري
۾ خوش ٿيو ۽ جلديءَ ۾ چيائين ته دوست، ڪٻر ٿي چوي
ته مون سان شادي ڪر. مون گهرواريءَ کي چيو ته مان
ڪٻر سان شادي ڪريان؟ چيائين نه. گدڙ چوڻ لڳس، ڪهڙي
تنهنجي گهرواري آهي، جهرڪي؟ چيائين ته هائو. گدڙ
چيس ته جهرڪي توکي ڇا ڪندي. جهرڪيءَ کان ته ڪٻر
چڱي آهي. نيٺ غريب کي گهڻيون لاهيون چاڙهيون
ڏنائين. گدڙ ۽ ڪٻر پوءِ غريب ڪانو کي گهر وٺي ويا.
ڪانءُ جهرڪيءَ کي چوڻ لڳو ته تون ڇا به ڪرين ته
مان شادي ڪندس. جهرڪي غريب جو ڪٻر کي ڏسي ٻوٿ ويو
ڦري. دل ۾ چيائين ته هي ڇا ٿي ويو! نيٺ غريب هن کي
جواب نه ڏنو. پوءِ ڪانءُ ويو ۽ وڃي گدڙ جي سامهون
ڪٻر سان نڪاح وڌائين ۽ ڪٻر کي گهر ۾ آندائين.
جهرڪي غريب گهر کان ٻاهر نڪري، هڪ ڪنڊ ۾ ويهي رهي.
اتي ڪا ڳاڙهي رنگ جي کٽين جي ديڳ لٿي پيئي هئي،
انهيءَ ۾ ٽٻي کائي، چوڻ لڳي ته ”کهنبو جوڙو چوڙيان
ٿي، ناڻي ۾ ٻوڪان ٿي.“ ڪٻر جو اهو ٻڌو سو هن کي
ڏسي چوڻ لڳي، ”ادي، تو اهو ڳاڙهو جوڙو ڪٿان پاتو؟“
جهرڪيءَ چيو ته ”ادي، ديڳ ڳاڙهي لٿي پئي هئي،
انهيءَ مان ڳاڙهي ٿي آهيان.“ ڪانو کي ڪٻر چيو ته
”تون اُٿ، مون کي به ڳاڙهو ڪر.“ اتي ڪا هڪ ٻي به
ديڳ کٽين جي باهه تان تازي لٿي پئي هئي. انهيءَ ۾
کڻي ڪانو ڪٻر کي ٽُٻي ڏياري ته ڦٿڪي پيئي. پوءِ
ڪٻر کي ڪانءُ پٺيءَ تي کڻي هليو درياهه وٽ ٺارڻ.
اتي ڪٻر چيس ته ”ميان ساڙيئي سو ساڙيئي، هاڻي ته
ڇڏ.“ ڪانو چيس ته ”نه، تون گرم آهين توکي ٺاريان
ٿو.“ ائين چئي درياهه ۾ وڌائين ته ٺرڻ لڳي. ٺاريس
پيو ته ڪٻر ٻڏي ويئي، مري ويئي ۽ ڪانءُ روئندو ويو
گهر. ڪانءُ کي ڏسي جهرڪيءَ جهمر پاتي، ۽ ڳالهه ختم
ٿي.
ظالم
ليکڪ:
علي نواز خاصخيلي
هڪڙو بادشاهه شڪار تي پئي ويو ته واٽ تي هڪ ويران
شهر ڏٺائين. ان ۾ ڪي وڻ بيٺا هئا، جن ۾ چٻرن جو
جهيڙو لڳو پيو هو. بادشاهه چرچو ڪري وزير کان پڇيو
ته ”وزير، اهي چٻرا ڇا پيا چون؟“ وزير عرض ڪيو،
”جيئندا قبلا، هنن ۾ شادي آهي. ڪنوار جو پيءُ چوي
ٿو ته ’منهنجي ڌيءَ کي چاليهه ڦٽل ڳوٺ ڏاج ۾ ڏي.‘
گهوٽ جو پيءُ چوي ٿو ته ’هينئر چار ڳوٺ ڏاج ۾ ڏيان
ٿو اهي قبول ڪر، باقيءَ لاءِ ڪجهه ڏينهن ترس. هن
بادشاهه جي حياتيءَ جو ڌڻي تعاليٰ خير ڪري چاليهه
ڇا، پر سَوَ چوندين ته به حاضر ڪندس.‘ بادشاهه
ڏاڍو شرمندو ٿيو ۽ ان ڏينهن کان وٺي اهڙو ته عدل
وارو ٿيو، جو سڄي رعيت منجهائنس خوش رهي.
ٻه ساهيڙيون
ليکڪ:
نوشيره جوڻيجو
هڪ دفعي اُميد پنهنجي ساهيڙيءَ ڪاميابيءَ سان ملڻ
چاهيو. جيڪا هڪ جبل تي رهندي هئي، ۽ ان جبل جو
نالو سخت هو، ۽ رستي ۾ هڪ قلعو هوندو هو جنهن جو
نالو شڪ هو. ان ۾ مايوسيءَ نالي هڪ جادوگرياڻي
رهندي هئي. مايوسيءَ اُميد کي ان پاسي ويندي ڏٺو ۽
پهريدار جي مدد سان، جنهن جو نالو وهم هو، اُميد
کي گرفتار ڪري ڇڏيو، ۽ شڪ جي قلعي ۾ هڪ سرنگهه ۾
بند ڪري ڇڏيو. اتي اُميد کي خودڪشي ۽ پريشاني ملڻ
آيون. اتفاق سان اُميد جو ڀاءُ حوصلو به الائي
ڪيئن اُتي پهچي ويو. هن اُميد کي انهن ٻنهي سان
ڳالهائڻ کان روڪيو. پوءِ اُميد حوصلي کي چيو،
”ڀاءُ! مان هن قيد مان ڪيئن نڪران؟“ حوصلي چيس،
”ڀيڻ! گهٻراءِ نه. هي وٺ چاٻي جيڪا مون کي ارادي
ڏني آهي. مان هن سان قلعي جو دروازو کولي سگهان
ٿو.“ اميد جڏهن چاٻي گهمائي ته دروازو برابر کلي
ويو، ۽ پاڻ ۽ حوصلو ٻيئي ٻاهر نڪري آيا.
ٻنهي کي ٻاهر نڪرندو ڏسي، وهم ۽ مايوسي ٻيئي ڊڄي،
ڀڄي ويا. ۽ اُميد پنهنجي ڀاءُ حوصلي سان گڏ وري
جبل تي چڙهي. رستي ۾ وري انهن کي مصيبت جا جبل آڏو
آيا، جنهن تي ٻيئي همت سان چڙهي ويا، ۽ ٿوريءَ دير
کان پوءِ ان هنڌ تي پهچي ويا جتي ڪاميابي رهندي
هئي. اتي پهچي، ٻيئي ساهيڙيون خوش ٿي پاڻ ۾ مليون.
اُميد ڪاميابيءَ سان رستي جي مشڪلاتن جو احوال ڪيو
ته ڪاميابيءَ چيو ته ”ڀيڻ! جڏهن به مون سان ملڻو
هجئي ته پنهنجي ڀاءُ حوصلي کي پاڻ سان گڏ رک،
ڇاڪاڻ ته اُهو رستي کان چڱيءَ طرح واقف آهي. آئنده
هتان اڪيلي اچڻ جي ڪوشش نه ڪر.“
کارسر جي ٽڪري
ليکڪ:
قاضي قطب الدين
کارسر جي ٽڪري، تعلقي ننگر پارڪر ۾ اوڀارينءَ ڪنڊ
تي، اٽڪل سورهن ميلن جي پنڌ تي آهي. جنهن جي ڀر ۾
ٽي ميل کن ڏکڻ طرف، پاري ننگر جو جهونو مشهور
تواريخي شهر هن وقت ويران حالت ۾ موجود آهي.
سڏوت ۽ سالنگا جي قصي ۾ انهيءَ شهر بابت انيڪ
ڪوتائون (دوها) آهن. هڪ دوهو هي آهي:
پاري نگر پڌرا جو ڪري
ڀڳوان ويس،
جان گهر ناريل رونکڙا،
اس گهر لڳائجو آديس.
انهيءَ پارڪر جي ڀِٽ ۾ ٻيون به ٽڪريون آهن. هتي
کارسر جي ٽڪريءَ جو ڪجهه احوال پيش ڪجي ٿو.
هن ٽڪريءَ جي اڀرندي دامن ۾ کارسر جو ڳوٺ آهي،
جنهن ۾ هڪ قدرتي پهڻ آهي، جو ڳوٺ جي نزديڪ ٻين
پهڻن سان نظر اچي ٿو. انهيءَ کي ڌڪ هڻن سان نغاري
جهڙو آواز ٿيندو آهي.
وچ ٽڪريءَ جي اتاهين ڀاڱي کي ”نيزو“ سڏيندا آهن،
انهيءَ نيزي تي چڙهي، دوربينيءَ جي وسيلي ڀارت جا
شهر ڏسي سگهبا آهن. ٽڪريءَ جي آسپاس وارا ڳوٺ،
مڪان ۽ گاهه به چٽا ڏسڻ ۾ اچن ٿا.
ڏکڻ ۽ اوڀر ۾ ڪڇ جي رڻ جو عجيب نماءُ نظر ايندو
آهي. رڻ جي کاري، ٽڪريءَ جي اڀرندي ۾ اچي پوري ٿئي
ٿي. ڏينهن جو اُس جا ترورا کاريءَ جي آخري حد
تائين چلڪندا نظر ايندا آهن. پاري ننگر ۽ ويرا
واهه جي ڀرسان مشهور سانگاهه تلاءُ جو ديدار به
چڱي نموني پسبو آهي. سهائي رات ۾ جو پاڻي چانديءَ
وانگر چمڪندو نظر ايندو آهي. سانگاهه بابت مولوي
صاحب عبداللطيف (سابق هيڊ ماستر ويراواهه) ڪي شعر
ٺاهيا هئا:
1- سانگهاهه مٿي سکڙا هئا،
ڪي ڏينهن اتي ڪکڙا هئا؛
قسمين قسمين پکيئڙا هئا،
اڏامي وڃي ٿيا دربدر.
2- پر سال جت پوکون هيون،
پاڻيءَ سنديون موڪون هيون؛
هارين جتي ڦوڪون هيون،
هِن سال ڪڍيا قحط ڪر.
3- سانگاهه سڄڻ سارو سڪو،
ڪلڙي ڀري ٿي ويئي ڀڪو؛
پاڻي رهيو باقي چڪو،
ڇڏيو ڌنارن ڌمچڪر.
ٽڪريءَ جي اولهه وارن پهڻن ۾ (ڀيم گوڏي) نالي هڪ
پٿر ۾ کڏ آهي، جنهن ۾ برسات جو پاڻي ٽي چار فوٽ کن
جمع ٿيندو آهي. انهيءَ موسم ۾ اتي وهنجڻ ۽ گهمڻ ۾
ڏاڍي فرحت ايندي آهي. پٿرن جي ڳاڙهاڻ ۽ وسڪاري يا
موسم ۾ گاهه جي ساوڪ انسان جي روح کي قدرت الاهي
ڏانهن متوجهه ڪري ٿي.
جبل جي اتر اولهه واري حصي ۾، اتاهين چوٽي نظر
ايندي، جنهن کي ”ٽونڪ“ سڏيندا آهن. جنهن تي ڪجهه
مشڪلات بعد چڙهي سگهبو آهي. مٿي چڙهڻ کان پوءِ
پارڪر جو پَٽ گهڻو پيو ڏسبو آهي، ۽ اتر اولهه
واريون ڀٽون به چڱي چهچٽي سان نظر اچن ٿيون.
سلائي جي مشين
ليکڪ:
ممتاز حسين پنهور- ميٽرڪ اسٽونڊنٽ، ابراهيم آباد،
ضلعو دادو.
توهان ڪيترا دفعا سلائي جي مشين ڏٺي هوندي، ۽
پنهنجيءَ ماءُ يا ڀيڻ کي ڪپڙا سبندي ڏٺو هوندو.
ليڪن توهان اهو ڪڏهن به نه سوچيو هوندو ته هن مشين
جي ٺهڻ ۾ ڪيترن انسانن جو عقل ۽ محنت آهي. مشين جي
ٺهڻ کان اڳ هر ڪنهن قسم جا ڪپڙا هٿ سان سبب هئا، ۽
انهن جي سبڻ ۾ محنت ۽ وقت گهڻو لڳندو هو.
ارڙهينءَ صديءَ ۾ ڪيترن ئي انسانن ڪپڙن سبڻ جي
مشين تيار ڪرڻ جي ڪئي، ليڪن ڪنهن کي به خاص
ڪاميابي نصيب ڪانه ٿي. سن 1790ع ۾، ٽامسن سينٽ، هڪ
انگريز، ڪپڙن سبڻ جي مشين اهڙي بنائي، جيڪا جهڙو
تهڙو ڪپڙو سبندي هئي. 1820ع ۾ هڪ فرانسيسي
انجنيئر، هڪ سبڻ جي مشين تيار ڪئي، ليڪن هيءَ مشين
به سٺو ٽوپو ڪانه ڏيندي هئي ۽ عام استعمال ۾ ڪانه
اچي سگهندي هئي.
سال 1846ع ۾ امريڪا جي هڪ شخص اهڙي مشين تيار ڪرڻ
۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جيڪا عام استعمال ۾ اچي
سگهندي هئي. اهو شخص، 1819ع سپنسر (امريڪا) ۾ هڪ
غريب پساريءَ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. جڏهن هن جي عمر
سترهن سال ٿي ته هو ڪپهه جي ڪارخاني ۾ ملازم ٿيو،
ليڪن هن کي مشينن سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي، جنهن
ڪري هن ڪپڙن سبڻ جي اهڙي مشين تيار ڪئي، جنهن سان
آسانيءَ سان ڪپڙو سبي سگهبو هو. هو 1843ع ۾ مشين
جو هڪ نئون ماڊل ٺاهڻ لڳو، ۽ ٽن سالن جي لڳاتار
محنت کان پوءِ ڪامياب ٿي ويو؛ جنهن ۾ سئي اڳيان ۽
پويان ڪپڙي جي سطح سان گڏ هلندي هئي. اڄڪلهه جي
مشينن ۾ سئي هيٺ ۽ مٿي هلي ٿي.
هُن پوءِ پنهجي ايجاد ڪيل مشين جي ماڊل کي رجسٽرڊ
ڪرايو، يعني ته سندن اجازت کان سواءِ ٻيو ڪوبه شخص
هي مشين نه بنائي. هن پوءِ جلد ئي ڪٿان قرض حاصل
ڪري انگلنڊ ڏانهن روانو ٿيو. اتي هڪ ڪارخاني واري
اهو سندس ٺاهيل ماڊل ڇهن هزارن رپين ۾ خريد ڪيو.
هو جڏهن واپس امريڪا آيو ته هِن پنهنجو قرض لاٿو،
ليڪن هن وٽ ڪجهه به نه رهيو. تيستائين هن جي ماڊل
جون مشينون بنجي رهيون هيون. دوستن هن جي مدد ڪئي
۽ هن سڀني ڪارخانيدارن تي بغير اجازت جي هن جي
مشين بنائڻ جي ڏوهه ۾ ڪيس ڪيو ۽ آخر هن کي عدالت
سڀني ڪارخاني وارن کان چڱي رقم وٺي ڏني. هڪ دفعي
وري هن وٽ چڱي رقم گڏ ٿي ويئي.
هن وقت هُن جون ٺاهيل مشينون هڪ ڪارخاني ۾ تيار
ٿيڻ لڳيون، سالاني آمدني پندرهن ويهه لک ٿي ويس.
هاڻي هن جون بنايل مشينون ٿوريءَ تبديليءَ سان گڏ
توهان کي هر گهر ۾ ملنديون. |