سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 5 ۽ 6

باب: --

صفحو :10

 

ديس ديس جون خبرون

 

پاڪستان

محرم جو ماتم

محرم مهيني جي ڏهينءَ تاريخ تي، سڄي ملڪ ۾، ڪربلا جي شهيدن جو ماتم ڪيو ويو. ڪراچيءَ ۾ تعزين جو وڏي ۾ وڏو جلوس صبح جو پٽيل پارڪ کان شروع ٿيو، ۽ شام جو مٺي در وٽ ”انجمن ايرانيان“، وٽ ختم ٿيو.

ان ڏينهن شهر ۾ تمام گهڻي گرمي هئي، ۽ ڪيترا ماڻهو ماتم ڪندي بيهوش ٿي ويا.

ان موقعي تي غريبن ۾ خيرات ورهائي ويئي: پياسن کي پاڻي، پياريو ويو، ۽ بکين محتاجن کي کاڌو ڏنو ويو.

]شهيد ڪربلا، حضرت امام حسين عليه السلام جن جي حياتيءَ ۽ شهادت جي احوال بابت ڏسو، رسالو ”گل ڦل“، صفحو 9، ماه جولاءِ 1960ع[

ريلوائي جي صد ساله سالگرهه

ستت پاڪستان ريلوائيءَ جي صد ساله سالگرهه ملهائي ويندي. ان موقعي تي هڪ وڏو جشن ٿيندو، جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ، ريلوائيءَ جي تاريخي شين جي هڪ نمائش ۾ ٻين نادر شين سان گڏ پاڪستان ۾ هلايل پهرين پهرين ريل گاڏيءَ جي انجڻ به هوندي.

 

آمريڪا

عالم جي وفات

 

”نفسيات جي نقطهء نگاه کان، موت ايتري ئي اهميت رکي ٿو، جيتر ڄَم!“ اهو فقرو گسٽاف جنگ لکيو هو. هن وڌيڪ چيو هو ته ”جيئن تِيرُ پنهنجي نشاني ڏانهن وڃي ٿو، تيئن حياتي موت ڏانهن هلي ٿي... موت کان ڊپ ڪرڻ، سالم دماغ واري ماڻهوءَ جو ڪم نه آهي- موت حياتي جي مقصد جو رهيل اڌ پورو ڪري ٿو.“

اهڙيءَ ريت گذريل هفتي تير پنهنجي نشاني کي وڃي پهتو- آمريڪا ۾، زيورچ ڍنڍ جي ڪناري تي، پنهنجي سهڻي سانتيڪي گهر ۾، ڊاڪٽر گسٽاف جنگ وفات ڪئي. (ان وقت جنگ جي عمر 85 سال هئي).

ڊاڪٽر جنگ ڪنهن به تعارف ۽ تعريف جو محتاج نه آهي، جنهن به ماڻهوءَ جي ”علم نفسيات“ ۾ ٿورڙي به دلچسپي هوندي، اهو ڊاڪٽر جنگ جو نالو پوري پوري احترام سان زبان تي آڻيندو. ڊاڪٽر جنگ ”علم نفسيات“ کي نئين زندگي ضرور ڏني هئي.

ڊاڪٽر جنگ نفسيات جي هاڪاري عالم، سگمنڊ فرائيڊ، جو شاگرد هو، پر هن کي ڪيترن ئي اصولن ۾ پنهنجي استاد سان اختلاف هو.

مانٽريل ۾ گذريل هفتي، سڄيءَ دنيا جي علم نفسيات جي عالمن جو ميڙ ٿيو- سٺ ملڪن جا عيوضي آيل هئا. هو سڀ اجالس شروع ٿيڻ کان اڳ اٿي بيٺا، ۽ روس جي وفد جي اڳواڻ ڀريل گلي سان اعلان ڪيو ته ”اسان دنيا جي هڪ هاڪاري عالم ۽ عظيم الشان جي موت تي افسوس ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون، پر حقيقت اها آهي ته موت ”جنگ“ جي خاتمي آڻڻ جي طاقت نٿو رکي، جنگ جو نالو قطب تاري وانگر نفسيات جي آسمان ۾ هميشه چمڪندو رهندو.“

 

انگلنڊ

بيٺل دل وري چالو ڪرڻ

بيٺل دل کي وري چالو ڪرڻ لاءِ ٻه نيون مشينون ٺاهيون اٿن. اڳ بيٺل دل کي وري چالو ڪرڻ لاءِ مالش کان ڪم ورتو ويندو هو، ۽ بعضي آپريشن رستي. مگر هينئر ڊاڪٽر چارلس هڪ اهڙي مشين ٺاهي آهي، جا مريض جي ڇاتيءَ تي رکي هلائجي ٿي، ٻي مشين جا ان  کان بهتر آهي، سا ڊاڪٽر جارج مارڪنس ٺاهي آهي، ۽ اها گئس پريشر تي ڪم ڪري ٿي.

 

روس

مريخ گرهه جو نقشو

روس جي ”سائنس ايڪيڊميءَ“ مريخ گره جي جاگرافيءَ بابت نقشن جو ڪتاب ڇاپيو آهي. اهڙو ڪتاب دنيا ۾ ڪٿي ڪونه آهي. ڪتاب ۾ 470 رنگين نقشا آهن، ۽ ڪتاب ۾ مريخ جي آبهوا بابت به احوال ڏنل آهي.

 

ڀلا ٻڌايو ته . . .

]نوٽ: گذريل پرچي ۾ ڇپيل سوالن جا صحيح جواب جن پڙهندڙن موڪليا آهن، تن جا نالا ۽ جواب هيٺ ڏجن ٿا. نوان پهتل سوال پڻ هيٺ ڏجن ٿا: انهن جا صحيح جواب ۽ موڪليندڙن جا نالا ايندڙ پرچي ۾ ڏينداسون. جيڪڏهن ڪوبه پڙهندڙ پنهنجي نون سوالن سان گڏ انهن جا جواب نه موڪليندو ته سندس سوال شايع نه ٿيندا، تنهنڪري نوان سوال موڪلڻ وقت انهن جا جواب انهن سان گڏ موڪليو. _ ادارو.[

صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا:

1- غلام قادر از ڀنگوبهڻ، 2- غلام نبي ميمڻ از کاهي راهو، 3- يعقوب علي بلوچ، 4- غلام سرور ميمڻ از نوشهرو فيروز، 5- عبدالقادر چانگ از فيض گنج ۽ 6- شاهه مردان شاهه از سکر.

اڳين سوالن جا صحيح جواب:

1- دنيا جي ملڪن ۾ سڀ کان گهڻي آدمشماري چين جي آهي.

2- اقوام متحده (گڏيل قومن) جو بنياد (24 آڪٽوبر) سال 1945ع ۾ پيو.

3- نئين آدمشماريءَ موجب پاڪستان جي آدمشماري 9 ڪروڙ 38 لک ۽ 12 هزار آهي.

نوان سوال:

موڪليندڙ: نذيده جوڻيجه، پاٽ.

1- عمر ”خيام“ ڪير هو، سندس مشهوري ڇا جي ڪري آهي، ۽ سندس مقبرو ڪٿي آهي؟

2- وڻ جي عمر ڪئين معلوم ٿيندي آهي؟

3- مٽي ڇا مان ٿي ٺهي؟

موڪليندڙ: غلام مصطفيٰ لاڙڪ.

4- دنيا جي پهرينءَ مهاڀاريءَ لڙائيءَ ۾ ڪيترا ماڻهو مئا؟

موڪليندڙ: شمس الحق شيخ، نوابشاهه.

5- اهو ڪهڙو ملڪ آهي، جنهن سڀ کان اڳ خلا ۾ ماڻهو موڪليو.

6- سنڌ ۾ سڀ کان پراڻو ڦٽل شهر ڪهڙو آهي؟

موڪليندڙ: يعقوب علي بلوچ.

7- سنڌ جو اهو ڪهڙو راجا هو، جو پانڊون ۽ ڪورون جي لڙائيءَ ۾ شريڪ ٿيو هو؟

موڪليندڙ: غلام سرور ميمڻ، نوشهرو.

8- پاڪستان دنيا ۾ آدمشماريءَ جي لحاظ کان ڪائون نمبر ملڪ آهي؟

موڪليندڙ: خواجه عاشق علي، ٽنڊو الهيار.

9- هيٺيان شعر ڪنهن جا چيل آهن:

دم دم ساڏي دل دي اندر،

سڄڻان ديان ڳالهيان؛

ڏاڍا درد فراق هي لڳڙا،

برهه باهيان ٻاليان!

 

پرولي ته ڀڃ ...

موڪليندڙ: مظفر جويو.

1- سسي وڍيل، ٽنگون وڍيل، ڪاري ڪاري مورت،

جيئري مٿان مردو ويهي، ڏس مُئي جي صورت.

2- دهليءَ پهچي، پئرس پهچي، پهچي سڌو قنڌار،

لنڊن پهچي، ماسڪو پهچي، پهچي سمنڊن پار.

3- اهو ڪهڙو ملڪ آهي، جنهن جا پهريان ٻه اکر ڪاٽي ڇڏجن ته باغ ٿي پوي؟

موڪليندڙ: سڪندر پنهور

4- اهو ڪهڙو ملڪ آهي، جنهن کي اُبتو ڪري لکجي ته به صحيح هجي؟

5- اهو ڪهڙو پکي آهي، جنهن جو آخري حرف ڪاٽي ڇڏجي ته روشني ڏيندڙ شيءِ ٿي پوي؟

موڪليندڙ: نذير شيخ.

6- هڪڙي نوڪ، ماسو پاڻي،

چوي سڄيءَ دنيا جي ڪهاڻي.

جواب:

1- پخال، 2- ريڊيو جو آواز، 3- انگلستان، 4- تبت، 5- بلبل، 6- انڊپين

کل ته سهي

 

موڪليندڙ: نسرين جوڻيجه.

شاگرد (استاد کي): سائين، سنڌو ندي ڪٿي وڃي ٿي ڇوڙ ڪري؟

ماستر (ڪڪ ٿي): دوزخ ۾.

شاگرد (مرڪي): سائين، پوءِ ته دوزخ جي باهه وسامي ويندي.

***

موڪليندڙ: محمود ع. پٺاڻ.

هڪ اسڪول ۾ ماستر ٻارن کي پڙهائي رهيو هو. هو اها ڳالهه سمجهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ته سرديءَ ۾ شيون سسي وڃن ٿيون، ۽ گرميءَ ۾ وڌي وڃن ٿيون.

ماستر هڪ شاگرد کان مثال پڇيو، جنهن بنا سوچڻ جي چيو ته ”هائو سائين، جيئن گرميءَ ۾ ڏينهن وڏا ٿين ٿا ۽ سرديءَ ۾ ننڍا.“

***

موڪليندڙ: گلنار خاتون.

هڪ ماڻهوءَ جي موٽر وڃي ڪنهن وڻ سان لڳي. ويچاري کي ڏاڍا ڌڪ لڳا، سو وڃي اسپتال ۾ داخل ٿيو. اتي کيس هڪ خط پهتو، جنهن ۾ لکيل هو: ”اسان جي کاتي جو ڪم وڻن جي سنڀال ڪرڻ آهي. اوهان پنهنجي موٽر جي حادثي ۾ هڪ نهايت قيمتي ۽ جهوني وڻ کي نقصان پهچايو آهي. اوهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته اسان توهان جي انهيءَ قدم کي نفرت سان ڏسون ٿا، ۽ اميد رکون ٿا ته آئنده اوهين وڻن جي حفاظت جو پورو پورو خيال رکندا.“

صحيح:

وڻن جي حفاظت ڪندڙ کاتي جو اعليٰ عملدار.

***

آمريڪا جو هڪ صدر، جو شروعات ۾ غريب ٻار هو، جڏهن ملڪ جو صدر ٿيو ته سالن کان پوءِ پنهنجيءَ هڪ جهور پوڙهيءَ چاچيءَ سان ملڻ ويو؛ جا گهڻو پري، ڪنهن ڳوٺڙي ۾ رهندي هئي. هوءَ ٻوڙي گَهل هئي. پنهنجي ڀائٽي سان وڏي قرب سان ملي، ۽ پوءِ جڏهن حال احوال وٺڻ ويٺي ته پڇيائينس، ”هاڻي آهين ڪنهن روزگار سان، ڪي اڃا وتين رولو ماڻهن سان گڏ اجايون تقريرون ڪندو؟“

هن وراڻيو، ”چاچي، مان هاڻي صدر آهيان.“

”ڇا جو؟“ چاچيس عجب مان پڇيو.

”آمريڪا جو،“ ڀائٽي واڪو ڪيو.

چاچيس ڪاوڙ مان چيو، ”بيوقوفيءَ جون ڳالهيون نه ڪر!“

***

هڪ ماڻهوءَ زال کان رڙ ڪري پڇيو، ”ٿورو اڳ هن ميز تي مِٽي هئي، سا ڪاڏي ويئي؟“

جوڻس چيو: ”مون ڇنڊي ڇڏي.“

”افسوس! مڙسس چيو، ”مون ان تي هڪ ٽيليفون نمبر لکيو هو.“

 

]هرڪو ٻار آ يار اسان جو... يار اسان جا جڳ جا ٻار![

هنن سان ملو

 

219. نالو: خواجه عبدالرحمان رحمت الله (پڙهندڙ درجو چوٿون، انگريزي.)

عمر: 14 سال.

وندر: ”گل ڦل“ ۽ ”ڳوٺ سڌار“ رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: خواجه عبدالرحمان رحمت الله، نزديڪ مڇي مارڪيٽ، پرنس علي خان روڊ، حيدرآباد سنڌ.

220. نالو: عبدالعزيز.

عمر: 15 سال.

وندر: گهوڙو گهمائڻ ۽ ٽڪليون گڏ ڪرڻ.

ائڊريس: عبدالعزيز ميمڻ. ]عبدالعزيز پنهنجي ائڊريس نه ڄاڻائي آهي.[

221. نالو: محمد اقبال حاجي رمضان پڙهندڙ درجو چوٿون، انگريزي.)

عمر: 13 سال.

وندر: ريڊيو ٻڌڻ.

ائڊريس: هاءِ اسڪول، ڏيپلو سنڌ.

222. نالو: صلاح الدين (پڙهندڙ درجو چوٿون، انگريزي.)

وندر: اسڪول جا ڪم ڪرڻ، ڪرڪيٽ کيڏڻ، ”گل ڦل“ ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ.

ائڊريس: صلاح الدين پنهور طالب الموليٰ هاءِ اسڪول، دادو سنڌ.

223. نالو: الهه ورايو غلام رسول (پڙهندڙ درجو چوٿون، انگريزي.)

عمر: 13 سال.

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ.

ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول، خيرپور ناٿن شاهه سنڌ.

224. نالو: اياز. ايم. ميمڻ (پڙهندڙ درجو چوٿون، انگريزي.)

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ ”گل ڦل“ رسالو پڙهڻ.

ائڊريس: معرفت مولا بخش ميمڻ، پوسٽ آفيس شهداد پور، ضلعو سانگهڙ سنڌ.

225. نالو: شمس الحق شيخ (پڙهندڙ ميٽرڪ.)

عمر: 16 سال.

وندر: ”گل ڦل“ ۽ ٻيا رسالا پڙهڻ.

ائڊريس : ڊي. سي. هاءِ اسڪول، نوابشاهه سنڌ.

226. نالو: نذير احمد محمد سڄڻ، (پڙهندڙ درجو چوٿون، انگريزي.)

ائڊريس: جابر ڊي. سي. هاءِ اسڪول ڏيپلو.

227. نالو: پريل شاهه راشدي (پڙهندڙ درجو ٽيون، انگريزي.)

عمر: 13 سال.

وندر: ٽڪليون جمع ڪرڻ ۽ ڪلاس م پهريون نمبر اچڻ جي ڪوشش ڪرڻ.

ائڊريس: پوسٽ شاهه آباد، وايا شهداد پور سنڌ.

228. نالو: ظهير الدين شاهه راشدي (پڙهندڙ درجو ٻيو، انگريزي.)

عمر: 12 سال.

وندر: باغ جو سير پريل شاهه سان گڏجي ڪرڻ، ۽ لئبرريءَ جا ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: پوسٽ شاهه آباد، وايا شهداد پور سنڌ.

229. نالو: خالد پٽ فقير محمد مڱريو (پڙهندڙ درجو ٽيون.)

عمر: 10 سال.

وندر: رسالو ”گل ڦل“ پڙهڻ، موٽر ۾ چڪر هڻڻ، ۽ اسڪول جو ڪم ڪرڻ.

ائڊريس: شاهه ولي الله، پبلڪ اسڪول، ميرپور خاص سنڌ.

230. نالو: سيد شاهنواز شاهه (پڙهندڙ درجو پنجون.)

عمر: 10 سال.

وندر: آکاڻيون پڙهڻ، رانديون ڪڏڻ، ۽ اسڪول جو ڪم ڪرڻ.

ائڊريس: شاهه ولي الله، پبلڪ اسڪول، ميرپور خاص سنڌ.

231. نالو: علي نواز (پڙهندڙ درجو ٽيون.)

عمر: 9 سال.

وندر: راند رهڻ، آکاڻيون ٻڌڻ، ”گل ڦل“ پڙهڻ ۽ اسڪول جو ڪم ڪرڻ.

ائڊريس: شاهه ولي الله، پبلڪ اسڪول، ميرپور خاص سنڌ.

232. نالو: ظفر احمد ميمڻ (پڙهندڙ درجو، انگريزي.)

عمر: 10 سال.

وندر: ”گل ڦل“ پڙهڻ، ريڊيو ٻڌڻ، ۽ امتحانن ۾ پهريون نمبر اچڻ.

ائڊريس: معرفت انسپيڪٽر آف اسڪولس، خيرپور سنڌ.

233. نالو: لياقت مري بلوچ (پڙهندڙ درجو ٽيون.)

عمر: 10 سال.

وندر: آکاڻيون پڙهڻ، رانديون ڪرڻ ۽ اسڪول جو ڪم ڪرڻ.

ائڊريس: شاهه ولي الله، پبلڪ اسڪول، ميرپور خاص سنڌ.

234. نالو: عبدالشڪور ولد عبدالرحيم خان نظاماڻي (پڙهندڙ ٽيون انگريزي.)

عمر: 11 سال.

ائڊريس: بدست عبدالشڪور ولد عبدالرحيم خان، پوسٽ آفيس ٽنڊو سومرو، وايا ٽنڊو الهيار، سنڌ.

235. نالو: نورالحق خدا بخش جتوئي (پڙهندڙ چوٿون درجو سنڌي.)

عمر: 9 سال.

وندر: راند رهڻ، ٽڪليون گڏ ڪرڻ، ۽ ”گل ڦل“ پڙهڻ.

ائڊريس: شاهه ولي الله، پبلڪ اسڪول، ميرپور خاص سنڌ.

236. نالو: طارق مغل.

عمر: 10 سال.

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ ۽ ”گل ڦل“ پڙهڻ.

ائڊريس: طارق مغل ولد عبدالرزاق مغل، ميان جي ڳڙهي سنڌ.

237. نالو: دودو ”دلدار“ ڪانڌڙو (پڙهندڙ پنجون انگريزي.)

عمر: 12 سال.

وندر: سنڌي رسالا ۽ ڪتاب پڙهڻ، ۽ قلمي دوستي ڳنڍڻ ۽ ريڊيو ٻڌڻ.

ائڊريس: صوفي شفاخانو، حڪيم لعل بخش ڪانڌڙو، مورو سنڌ.

238. نالو: نجم الدين ولد غلام حيدر دائود پوٽو. (پڙهندڙ ڇهون انگريزي.)

عمر: 14 سال.

وندر: ٽڪليون گڏ ڪرڻ، افسانا لکڻ ۽ قلمي دوستي ڳنڍڻ.

ائڊريس: لکيدر جي اندران، معرفت حڪيم غلام حيدر، شڪارپور سنڌ.

239. نالو: نور حسن شورو ”نياز“

وندر: پرديسين سان قلمي دوستي رکڻ.

ائڊريس: پوسٽ ڄام مراد علي خان، ملير سٽي، ڪراچي -23.

240. نالو: محمد انور بچاڻي (پڙهندڙ درجو ٽيون، انگريزي.)

عمر: 14 سال.

وندر: اسڪول جو ڪم ڪرڻ.

رسالو ”گل ڦل“ پڙهڻ، ۽ فٽ بال راند کيڏڻ.

ائڊريس: محمد اڪبر بچاڻي، ڪلاٿ مرچنٽ، شاهي بازار ٽنڊو الهيار سنڌ.

241. نالو: مريد علي خان بلوچ پيروزاڻي (پڙهندڙ درجو پنجون، انگريزي.)

عمر: 16 سال.

وندر: والي بال کيڏڻ ۽ دوستي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪرڻ.

ائڊريس: پوسٽ آفيس سجاول سنڌ، معرفت سيٺ احمد کٽي ڪاپڙي، ملي پير محمد عالم، ڦري ملي مريد علي خان بلوچ کي.

242. نالو: محمد ابراهيم زنگيجو (پڙهندڙ درجو پنجون، انگريزي.)

عمر: 15 سال.

وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ، گانا چوڻ.

ائڊريس: پوسٽ آفيس سجاول سنڌ، معرفت سيٺ احمد کٽي، ملي پير محمد عالم کي، ڦري ملي محمد ابراهيم زنگيجي کي.

243. نالو: فضل الاهي محمد سليمان ميمڻ اوڀاياڻي (پڙهندڙ درجو پنجون، سنڌي.)

عمر: 12 سال.

ائڊريس: معرفت محمد سليمان ميمڻ، سپروائيزنگ تپيدار، جهڏو گدام سنڌ.

244. نالو: فياض الاهي، محمد سليمان ميمڻ اوڀاياڻي (پڙهندڙ درجو ٻيو، سنڌي.)

عمر: 8 سال.

وندر: راند ڪرڻ ۽ پڙهڻ.

ائڊريس: معرفت محمد سليمان ميمڻ، سپروائيزنگ تپيدار، جهڏو گدام سنڌ.

245. نالو: الله بخش بروهي (پڙهندڙ درجو پنجون، انگريزي.)

عمر: 16 سال.

وندر: فٽ بال، ڪرڪيٽ ۽ والي بال کيڏڻ ۽ ڀائرن سان قلمي دوستي ڪرڻ. ]جيڪو ڀاءُ پهريون خط لکندو ته انهيءَ ڏي پنهنجو فوٽو ۽ هڪ رسالو موڪليندس.[

ائڊريس: ملي الله بخش بروهي، ايس. ايم. اسڪول باڊهه، ضلعو لاڙڪاڻو، سنڌ.

246. نالو: پرڪاش (پڙهندڙ درجو ٽيون.)

عمر: 8 سال.

وندر: راند رهڻ ”گل ڦل“ پڙهڻ، ۽ اسڪول جو ڪم ڪرڻ.

ائڊريس: شاهه ولي الله پبلڪ اسڪول، ميرپور خاص سنڌ.

247. نالو: غلام رسول خان جمالي (پڙهندڙ درجو چوٿون، سنڌي.)

عمر: 12 سال.

وندر: ”گل ڦل“، ڳوٺ سڌار ۽ ٻيا سنڌي رسالا ۽ اخبارون پڙهڻ، ريڊيو ٻڌڻ.

ائڊريس: معرفت هيڊ ماستر صاحب، پرائمري اسڪول، پاهڙ خان جمالي تعلقو هالا، پوسٽ آفيس بکر جمالي وايا ٽنڊو آدم سنڌ.

248. نالو: نسرين ولد ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ جوڻيجو (پڙهندڙ درجو ٽيون.)

عمر: 7 سال.

وندر: راند کيڏڻ، ۽ ڀينرن سان قلمي دوستي ڳنڍڻ.

ائڊريس: معرفت ميڊيڪل آفيسر، ڪوٽ ڏيجي، وايا خيرپور ڊويزن سنڌ.

249. نالو: عابد حسين ولد ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ جوڻيجه.

عمر: 6 سال.

وندر: گهمڻ ۽ ڀائرن کي پيار ڪرڻ.

ائڊريس: معرفت ميڊيڪل آفيسر ڪوٽ ڏيجي، وايا خيرپور ميرس سنڌ.

250. نالو: واجد حسين ولد ڊاڪٽر غلام مجتبيٰ جوڻيجو.

وندر: ڪانن جا رانديڪا ٺاهڻ، ۽ مٽيءَ سان راند ڪرڻ.

ائڊريس: معرفت ميڊيڪل آفيسر ڪوٽ ڏيجي،وايا خيرپور ميرس سنڌ.

251. نالو: سبحان بيگم جوڻيجه (درجو ٽيون انگريزي.)

عمر: 12 سال.

وندر: ريڊيو ٻڌڻ، رسالا ۽ اسڪولي ڪتاب پڙهڻ ۽ ”گل ڦل“ پڙهڻ، بيڊمنٽن کيڏڻ.

ائڊريس: قاضي غلام قادر صوبيدار، پوسٽ پاٽ، ضلعو دادو سنڌ.

252. نالو: نجمه جوڻيجو (پڙهندڙ درجو چوٿون، سنڌي.)

عمر: 8 سال.

وندر: راند ڪرڻ، انگريزي ڪتاب پڙهڻ.

ائڊريس: غلام علي جوڻيجو، زميندار، پوسٽ پاٽ، ضلعو دادو، سنڌ.

253. نالو: منصوره جوڻيجو پڙهندڙ درجو ٽيون، سنڌي.(

عمر: 6 سال.

وندر: اسڪول جا ڪم ڪرڻ ۽ ”گل ڦل“ پڙهڻ.

ائڊريس: غلام علي جوڻيجو، زميندار پاٽ ضلعو دادو سنڌ.

254. نالو: زريده جوڻيجو (پڙهندڙ درجو ٽيون، انگريزي.)

عمر: 15 سال.

وندر: اسڪول جا ڪم ڪرڻ، ”گل ڦل“ پڙهڻ، بيڊمنٽن راند ڪرڻ، ۽ گهر جي باغ کي پاڻي ڏيڻ.

ائڊريس: فتح الدين جوڻيجو، ايس. اي. پوسٽ ضلعو دادو.

 

سلام ۽ سنيها

ادا! ”عيد نمبر“ واري پرچي جي ”گذارش“ ۾ علي محمد بلوچ جي بيوقتي موت جو دکدائڪ احوال پڙهي، دل تي ڏاڍو گهرو اثر ٿيو. هن واقعي تي جيترو به افسوس ڪجي ٿورو آهي.

مرحوم جو لکيل ڪتاب خط ۽ آکاڻي بيشڪ ساراهڻ جوڳا آهن. سندس آکاڻي ”ماءُ جو لڙڪ“ آکاڻي نه بلڪه سندس دل جي ترجماني پئي معلوم ٿئي. ”مٺڙي، سنڀالي رک، ماضيءَ کي ياد ڪرڻ لاءِ پڙهنداسين.“

ڪهڙو نه چڱو ٿئي، جو مرحوم علي محمد بلوچ جي زندگيءَ بابت ڪجهه مواد هٿ ڪري فوٽن سان گڏ ”گل ڦل“ جي ايندڙ پرچي ۾ شايع ڪيو وڃي!

2- ته ”اچو اوهان کي سنڌ گهمايان.“ جي مستقل عنوان هيٺ مسٽر غلام رضا ڀٽي صاحب جو مضمون ”هالا“ ۽ ”ڪاغذ جي ڪهاڻي“ نهايت معلوماتي هئا. ”بردي سنڌيءَ“ جو جيڪو نظم ”هي آ حيدرآباد...“ ڏاڍو دل کي وڻيو. روچي ”خوابيءَ“ جو نظم ٻارن لاءِ نصيحتي آهي، جو پڻ پسند پيو. ”سوني سامونڊي پري“ ۽ خانصاحب مريد عليءَ جو ترجمو ٿيل ڪهاڻي ”جتيون، جن ۾ گهڻي نچڻ ڪري ٽنگ ٿي پوندا هئا“ پنهنجو مٽ پاڻ آهن. خانصاحب مريد عليءَ جون سڀ ترجمو ٿيل آکاڻيون جيڪڏهن جدا ڪتابي صورت ۾ ڇپائي پڌريون ڪيو ته ڏاڍو سٺو.

وشن جڳتياڻيءَ جو لکيل مضمون ”پروفيسر ڄيٺمل پرسرام جي سوانح“ به معياري آهي ۽ سهڻي ۽ سولي سنڌيءَ ۾ لکيل آهي. اسان جي سونهاريءَ سنڌڙيءَ اهڙا سوين سپوٽ وقت بوقت پئي پيدا ڪيا آهن، ۽ پيدا ڪندي رهندي. آمين.

- توهان جو غلام نبي ميمڻ

]ادا، مرحوم علي محمد جي باري ۾ ڪجهه احوال اسان خوشيءَ مان ڇاپڻ چاهينداسون ان باري م ڪوشش ڪبي، پر پڪ سان چئي نٿو سگهجي ته گهربل احوال ملندو. –ايڊيٽر[

ادا، اسلام عليڪم:

عرض ته ”گل ڦل“ جو ”عيد نمبر“ پڙهيم. جناب علي محمد بلوچ جي هن دنيا امان لاڏاڻي جو ٻڌي دل کي ڏاڍو رنج ٿيو. پروردگار کيس جنت ۾ جايون ڏيندو. آمين.

2- مسٽر حيدر علي ٽالپر جي خط ۾ لکيل آهي ته ”ديس ديس جون خبرون“ وارن صفحن کي اڃا وڌايو. مان ساڻس بلڪل متفق آهيان ۽ توهان کي عرض آهي ته اهي صفحا وڌائيندا ته جيئن پڙهندڙن جي عام واقفيت ۾ واڌارو ٿئي.

نياز مند

محمد ع. پٺاڻ

پيارا ادا، شل ڌڻي توکي وڏي حياتي ڏئي!

احوال عرض ته ”سالگرهه نمبر“ واري پرچي پڙهڻ کان پوءِ، بيساخته منهنجي دل جي گهراين مان هي لفظ نڪري ويا: ”بيشڪ اوهان ننڍڙن ڀائرن ۽ ڀينرن جا خير خواهه ۽ حوصلي افزائي ڪندڙ آهيو.“

ادا، ٻارن جي ميلي ۾ جن ڪڪن ۽ ڪڪين اوهان جو ساٿ ڏنو هو، تن کيرون لهڻيون. مهرباني ڪري منهنجا سلام انهن تائين پهچايو ته ”آءٌ اوهان سڀني جو تهدل شڪر گذار آهيان، جو اوهان معصوم ٻارڙن منهنجي ملڪ سنڌ جو منهن مٿي ڪيو آهي. اميد ته اسان جو منهن هميشه مٿي رهندو.“ آمين.

- محمد وارث لولجائي

مهربان ايڊيٽر ”گل ڦل“، نمستي!

اڄ منهنجي ڀاءُ مون کي ”گل ڦل“ جا چار پرچا ڏنا. تمام گهڻي چاهه سان پڙهيم ۽ پڙهي ڏاڍو خوش ٿيس. ڌنيواد آهي اوهان صاحبن کي اهڙن ڪامياب پرچن ڪڍڻ لاءِ.

منهنجو جنم ته سنڌ ۾ ئي ٿيو، پر ورهاڱي آڻي ڀارت ۾ ڪڍيو؛ پر تنهن هوندي به سنڌ جي سڪ ستائيندي ٿي رهي. سنڌي ساهتيه لاءِ گهڻو پيار اٿم ۽ خاص ڪري ٻارن جي وندر جي ساهتيه لاءِ، پاڻ ”ايسٽ اُلهاس نگر ٻالڪن جي ٻاريءَ“ ۾ هڪ ورڪر جي حيثيت سان ڪم ڪندو آهيان ۽ ٻارڙن کي پوريءَ پوريءَ وندر ڏيڻ جو جتن ڪندو آهيان.

منهنجا هن وقت تائين بمبئي جي هفتيوار ”هندواسي“ ۽ ”نئين دنيا“ اخبار ۾ ٻارن جي وندر لاءِ ليک، چرچا، پروليون وغيره شايع ٿي چڪا آهن. وڏن جي ڏانو جا پڻ ليک وغيره شايع ٿي چڪا آهن.

مهربانمي ڪري مون کي اهو ٻڌائيندا ته توهان ڀارت مان موڪليل سنڌين جا ليک وغيره به شايع ڪندا آهيو. جي ها ته مهرباني ڪري ليکن موڪلڻ لاءِ پنهنجي پوري پوري ائڊريس موڪليندا ته تمام گهڻي مهرباني.

مهرباني ڪري ٻڌائيندا ته چندو ڪهڙي مهيني کان شروع ڪري سگهجي ٿو ۽ پئسا مني آرڊر رستي يا ڪهڙي ٻئي وسيلي موڪلي سگهجن ٿا. اُميد ته جنهن ضروري خبرچار لاءِ مون توهان صاحبن کي عرض ڪيو آهي سا ضرور ۽ جلد از جلد موڪليندا ته توهان جو تهدل شڪرگذار رهندس.

- اوهان جو شڀچنتڪ

گلاب ايل بمبئي، ڀارت.

]پيارا ڀاءُ، اسان جو رسالو ”گل ڦل“ پسند اٿو، سو ڄاڻي خوشي ٿي، اميدن ته اوهان جي دعا سان اڳتي پاڻ بهتر ٿيندو. اتان جي سنڌي ليکڪن جا ليک اسان شايع ڪندا آهيون وڌيڪ گهربل معلومات جي باري ۾ عرض آهي ته:

1- مضمونن موڪلڻ لاءِ ايڊيٽر جي ائڊريس رسالي جي مهڙ واري صفحي تي ڏنل آهي.

2- رسالي جو چندو اوهان اتان موڪلي نٿا سگهو بهتر آهي ته هتي پنهنجي ڪنهن مائٽ يا دوست کي ان ڳالهه لاءِ خط لکندا. قربن منجهان- ايڊيٽر[

جناب ايڊيٽر صاحب، خوش باش

اسلام عليڪم: واضع هجي ته اسين ”سنڌي ادبي بورڊ“ جي ”گل ڦل“ رسالي جا خريدار آهيون، ڀر وارن اسڪولن کي پڻ خريد ڪرڻ لاءِ همٿائي رهيا آهيون.

هن نيازنامي سان گڏ ٻارن جون پروليون، سوال ۽ آکاڻي پڻ خدمت ۾ عرض رکجن ٿا، جي مهرباني ڪري ايندڙ رسالي ۾ درج ڪرڻ جي عنايت ڪندا ته جيئن ٻارن ۾ دلچسپي جاڳي اڳ مارچ- اپريل واري رسالي ”گل ڦل“ ۾ پڻ پروليون اسان جي شاگردن جي ڏنلن مان درج ٿيل آهن، جي پنهنجون پروليون پڙهي ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا. وڌيڪ واسلام

]هيڊ ماستر، اسڪول اڪڏوئي، تعلقو نوابشاه، اوڀر بيٽ

محترم هيڊ ماستر صاحب نوازش نامي لاءِ مهرباني. ”گل ڦل“ کي وڌائڻ لاءِ اوهان جون ڪوششون تحسين لائق آهن. شل ٻيا استاد صاحب به اوهان وانگر پير کڻن ۽ پنهنجن سنڌي ٻچن جي تربيت ۽ تعليم ۾ اسان جو ساٿ ڏين. -ايڊيٽر[

محترم ايڊيٽر صاحب،

سلام:

”گل ڦل“ ڏاڍو وڻندڙ ٿيندو وڃي ٿو. ٻارن جي دلچسپيءَ لاءِ منجهس ڇا ڪونهي؟ آکاڻيون، ڳجهارتون، معلومات، نظم وغيره- سڀڪجهه آهي. ”گل ڦل“ کي ڏسيو ٻارن ۾ ڄڻ عيد اچيو وڃي: ”گل ڦل“ کي وڏا به ايتري ئي شوق سان پڙهن ٿا، جيترو ننڍا.

هڪ ڳالهه ڏانهن اوهان جو ۽ ”گل ڦل“ معرفت ٻين جو توجهه ڇڪايان ٿو: سنڌيءَ کي اڄ هڪ خطرو (پنهنجن کان) پيش اچي رهيو آهي، سو آهي سنڌي ٻارن جي سنڌيءَ کان ناآشنائي. انهن ٻارن ۾ اڪثر شاهوڪار طبقي جا ٻار آهن. انهن ٻارن کي يا ته انگريزي پڙهائي ۽ سيکاري ٿي وڃي يا اردو. اسان سنڌين جو وچون طبقو انگريزيءَ کي نٿو پهچي، سو اردوءَ کي پنهنجن ٻارن لاءِ ٿو چونڊي. انهيءَ وڌندڙ سيلاب کي ڪيئن روڪجي؟ جي انهيءَ کي نه روڪيو ويو ته يقيناً اسان جي زبان کي هڪ وڏو ڌڪ لڳندو، ۽ چند سالن کان پوءِ سنڌي به پنجابي ٻوليءَ وانگر ”گهرو ٻولي“ ٿي وينديو!

هڪ ”نظم“ ٻارن لاءِ عرض رکي رهيو آهيان، اميد ته پسند ايندو. عنوان اوهين ڏجو. مهرباني.

-                        اوهان جو

امداد حسيني، حيدرآباد سنڌ.

 

]مهربان ڀاءُ،

نوازش نامي لاءِ مهرباني.

اوهان جنهن مسئلي ڏانهن توجهه ڇڪايو آهي، سو واقعي اسان سنڌين لاءِ وڏي اهميت رکي ٿو. پنهنجي ٻوليءَ سان هر ڪنهن کي جذباتي وابستگي ٿئي ٿي، ان خيال کان به جي اسان سنڌيءَ سان هر معاملي ۾ وابستگي رکون ته به جائز آهي، پر تعليم جي ماهرن وٽ اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ٻار کي شروعاتي تعليم مادري ٻوليءَ ۾ نه ڏيڻ سان ٻار کي نقصان ٿو پهچي. وقت جي وهڪري ۾ وهي، جيڪي ماڻهو حقيقتن کي نظرانداز ڪن ٿا، انهن کي يقيناً ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا. مان ڀايان ٿو ته اسان مان هر ڪنهن تي اهو فرض آهي ته هو زبان سان ۽ قلم سان ان خيال کي عام ڪري ته ”ٻار کي شروعاتي تعليم، مادري زبان ۾ ڏيو“ بهتر ٿيندو ته سنڌي رسالن ۽ اخبارن جا ايڊيٽر به ان سوال تي تعليمدانن جا مضمون شايع ڪن. اسان پاڻ به ان ڏَسَ ۾ ڪوشش ڪنداسون.

-                        ايڊيٽر[

 

 

ڀاءُ،

نياز ۽ نوڙت بعد احوال عرض ته آءُ پنهنجو ڪڍيل فوٽو رسالي ۾ ڏسي بيحد خوش ٿيس. اسان جي اسڪول ۾ ٻه ٽي ٻيا به رسالا ايندا آهن، مگر ”گل ڦل“ کي انهن سڀني جو سردار قرار ڏنو ويو آهي. اميد ته سنڌ جي هن مايه ناز رسالي کي خدا پاڪ قائم ۽ مشهور ڪندو. آمين.

-                        توهان جو خادم،

علي شير ”راز“

جناب ايڊيٽر صاحب ”گل ڦل“

مطلب ته اوهان جو رسالو ”گل ڦل“ پهتو، دل کي ڏاڍي راحت آئي. ”سوني سامونڊي پري“ آکاڻي ڏاڍي وڻي توهان جي ۽ ٻين پڙهندڙن جي دعا سان امتحان ۾ پاس ٿيس، هاڻي ٽئين درجي ۾ آهيان، سو مون ڏانهن قلمي دوستيءَ لاءِ لکندڙ، سرنامي ۾ ٻئي درجي جو شاگرد بجائي ٽئين درجي جو شاگرد لکندا. خدا ڪندو ته ماهوار ”گل ڦل“ هميشه قائم هوندو. آمين!

- عبدالقيوم، گمبٽ

جناب ايڊيٽر صاحب!

عرض ته مان گهڻي وقت کان وٺي اوهان ڀائرن جو رسالو ”گل ڦل“ پڙهندو هيس. پر افسوس جو مان اوهان جي مجلس ۾ داخل ٿيڻ کان محروم رهيس. اهو انهيءَ ڪري جو منهنجي والد صاحب جي نوڪري هڪ رڻ پٽ ۾ هئي ۽ هاڻي رب پاڪ جي فضل سان وسنو ۾ آيا آهيون، ۽ اچڻ سان توهان جي خدمت ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ هي خط عرض رکون ٿا. اميد ته قبول پوندو.

هن خط سان گڏ مان توهان ڏي ”گل ڦل“ لاءِ ڪي سوال لکي موڪليان ٿو، اميد ته ڇاپيندا.

- توهان جو ڀاءُ ننڍو،

غلام مصطفيٰ لاڙڪ،

 

محترمي ايڊيٽر ”گل ڦل“

”ٻارن جي ڦلواڙي“ پاٽ، جيڪا ڪي مهينا اڳ ۾ سهڻي نموني ڪم ڪري رهي هئي سا هاڻي خراب حالت ۾ آهي ان جو مکيه سبب اهو آهي ته ڦلواڙيءَ جي اڳوڻي صدر، مسٽر مشڪور استعيفا ڏني ۽ ان جي جاءِ تي نئون صدر، مسٽر نور حسين چونڊيو آهي، جنهن جي سنگت خراب ڇوڪرن سان آهي، ان ڪري چڱا ٻار ڦلواڙيءَ ۾ اچڻ کان ڪيٻائين ٿا.

ٻيو ته ڦلواريءَ جي لئبرريءَ ۾ ٿورڙا ڪتاب آهن. هر ڪنهن ميٽنگ ۾ رڳو چرچن جي چٽڻي آهي. انهي ڪري گهڻا ميمبر بيزار ٿي ويا آهن.                             - هڪ ميمبر

]ڦلواڙيءَ جو سيڪريٽري، مهرباني ڪري مٿينءَ ڳالهه جي باري ۾ پنهنجي راءِ پيش ڪري. اها خبر سچي آهي ته ارمان جوڳي آهي ۽ معاملي جو ڪو تدارڪ ٿيڻ گهرجي، ۽ ڦلواڙيءَ جي سڀني ميمبرن کي سوچڻ گهرجي. _ ايڊيٽر ”گل ڦل“[

پيارا ايڊيٽر ”گل ڦل“ سلامت هجو شال:

اسلام عليڪم:

گهڻيءَ سڪ ۽ حب مان عرض ته ”گل ڦل“ مليو، پڙهي بيحد خوش ٿيس. مسٽر محمد امين بلوچ، مئنيجر اسٽال، ادبي بورڊ جو بلڪل ٿورائتو آهيان، جنهن منهنجي لکڻ کان سواءِ ڇهن مهينن لاءِ رسالو وري وي. پي ڪيو آهي. وڏيءَ حب سان ٽپاليءَ کي ٽي رپيا ٻه آنا ڏيئي، رسالو ورتم. پڙهي بيحد مسرور ٿيو آهيان. ”اچو اوهان کي سنڌ گهمايان“ عنوان بيحد پسند آيو. سچ پچ پڙهندي پڙهندي اهڙو مزو آيو، ڄڻ ته روبرو هالن جو شهر گهمي رهيو آهيان. گذارش ۾ محمد ابراهيم ”جويي“ صاحب جي ”گل ڦل“ کان جدائيءَ جو احوال پڙهي، ڏاڍو ڏک ٿيو بمصداق ”سدا سانگري سکيا هجن“ خدا تعاليٰ ”جويي“ صاحب کي خوش رکي! هو هميشه ترقي ڪندو رهي. آمين.

سوانح حيات پروفيسر ڄيٺمل مان به ڪافي پرايم. اميد ته هر پرچي ۾ ڪنهن نه ڪنهن ادب جي خدمت ڪندڙ جو احوال ڏيندا رهندا ته احسان. تصويرون بيحد پسند آيون. رشيد ترڪ، جي ٺاهيل ”مسجد“ ۽ علي شير ”راز“ جو ”لوهار جو دڪان“ بيحد وڻيا.

منهنجي طرفان کين مبارڪون چوندا. ”کل ته سهي“ ۽ پرولين ۾ اڳيون مزو نه آهي. آکاڻيون چڱيون آهن.

علي محمد بلوچ جي جدائيءَ جو احوال پڙهي بيحد ڏک ٿيو. خدا کيس جنت فردوس ۾ جاءِ ڏئي.

آخر ۾ عرض آهي ته ”گل ڦل“ جي صفحن ۾ اٰضافو ڪيو وڃي، ته احسان ٿيندو.

ڪن ٻارن جي شڪايت آهي ته ”ٻارن جي ڦلواڙيءَ“ وارا ٻارڙن جي خطن جو جواب نٿا ڏين. اها ڳالهه ڏکوئيندڙ آهي. والسلام

- جهڙو تهڙو، اوهان جو خادم،

علي محمد جمالي، نماڻو

ڳوٺ محمد زمان پٺاڻ، پوسٽ

ٽنڊو جان محمد سنڌ. 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com