سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 5 ۽ 6

باب: --

صفحو :4

 

سونو هنس

 

هڪ ماڻهوءَ کي هوندا هئا ٽي پٽ. سڀني کان ننڍڙو هوندو هو سڌو سادو، ان ڪري ويچاري کي ”پورالو“ سڏيندا هئا، ۽ اهڙيءَ طرح مٿس اهو نالو پئجي ويو. سندس وڏا ڀائر مٿس چٿرون ڪندا هئا ۽ وجهه وٺي گهٽ وڌ ڳالهائيندا هئس. هڪ ڏينهن سڀني کان وڏي ڀاءُ کي جهنگ ۾ ڪاٺيون وڍڻ لاءِ وڃڻو پيو. ماڻس کيس مٺا لولا پچائي ڏنا، ۽ کير جو هڪ وڏو وٽو پڻ ڀري ڏنو ته جيئن بک ۾ ڪم اچيس.

وڏو ڀاءُ لولا ۽ کير ساڻ ڪري جهنگ ڏانهن روانو ٿيو. اڃا جهنگ ۾ گهڙيوئي مس ته کيس هڪ اڇن وارن وارو ننڍڙي قد جو پوڙهو مڙس منهن چڙهيو، جنهن سلام واري چيس ته ”پٽ، آءٌ ڏاڍو بکايل ۽ اڃايل آهيان، ڪهڙو نه چڱو ٿئي جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي لولن مان هڪ لولو ڏين، ۽ کير مان به چڪو پيئڻ ڏئين!“ وڏي ڀاءُ چالاڪيءَ سان وراڻيو، ”آءٌ پنهنجا لولا ۽ کير توکي ڇو ڏيان، ۽ پاڻ لاءِ ڇو نه رکان! نه بابا، نه، آءٌ ڪونه ڏيندس، پنهنجي واٽ وٺ.“ ائين چئي، پوڙهي کي نفرت سان ڏسندو، رمندو رهيو. ٿورو اڳڀرو وڃي هڪ سڪل وڻ تي ڪاٺيءَ وڍڻ لاءِ چڙهيو. پنهنجي ڪهاڙي سنڀالي، جهڙو ئي ٽاريءَ کي ڌڪ هنيائين ته ٿڙي اچي ٻانهن ۾ لڳس. سڄي ٻانهن رتورت ٿي پيس. نيٺ جهڙي جو تهڙو گهر ڏانهن موٽي آيو.

ڪجهه ڏينهن کان پوءِ وچين ڀاءُ کي ڪاٺين ڪپڻ لاءِ جهنگ ۾ وڃڻو پيو. ماڻس کيس به وڏي پٽ جيئن مٺا لولا پچائي ڏنا، ۽ کير جو وٽو به ڀري ڏنو. هو به جيئن ئي جهنگ ۾ گهڙيو ته هُن کي به اڇن وارن وارو ننڍڙي قد جو پوڙهو مڙس گڏيو، ۽ کانئس لولي جو ٽڪر ۽ کير جو ڍڪ گهريائين. پر هن همراه به جواب ڏنس ۽ چيائين، ”پوڙها، آءٌ پاڻ کي ڦرائي، تنهنجو پيٽ ڪونه ڀريندس.“ ائين چئي، تڪڙو تڪڙو اڳتي وڌي ويو ۽ پوڙهو مڙس جيئن هٿ ٽنگي بيٺو هو، تيئن بيٺو رهيو. جيئن وڏي ڀاءُ کي سخت دليءَ جي سزا ملي هئي، تيئن هن کي به ملي: ڪهاڙي کڻي جو ڪاٺيءَ کي وڍڻ جي ڪوشش ڪيائين ته اچي ڄنگهه ۾ لڳس، ۽ لنگڙائيندو، رت وهائيندو اچي گهر پهتو.

نيٺ پورالي پنهنجي پيءُ کي چيو، ”بابا، مون کي موڪل ڏيو ته وڃي جهنگ مان ڪاٺيون وڍي اچان.“

پڻس ورندي ڏني، ”پٽ، ڏسين ڪين ٿو ته تنهنجي ڀائرن پاڻ کي پاڻيهي ايذاءُ رسايو آهي. تون ته هونءَ به آهين اصل موڳو ۽ پورالو، ڪاٺيون ڪپڻ اصل ڪونه ڄاڻين، چڱو اهو ئي آهي ته دل تان اهو خيال صفا لاهي ڇڏ.“

پڻس جي لک سمجهاڻين کان پوءِ به پورالو پنهنجيءَ ڳالهه تان ڪونه لٿو. پڻس مجبور ٿي نيٺ کڻي اجازت ڏنيس، ته ڀل وڃي ڪاٺيون ڪپي اچي. ماڻس مٺن لولن بدران سڪل مانيءَ جا ٽڪر، ۽ کير بدران ڇٽيءَ لسيءَ جو گلاس ڀري ڏنس.

پورالو جيئن ئي جهنگ ۾ گهڙيو ته کيس ساڳيو اڇن وارن وارو ننڍي قد جو پوڙهو مڙس مليو، جنهن چيس، ”آءٌ ڏاڍو اڃايل ۽ بکايل آهيان، مون کي پنهنجي مانيءَ مان هڪ گرهه، ۽ لسيءَ چڪو ڏي ته کائي پي دعا ڪريانءِ.“

پورالي جواب ڏنس، ”اکين سان! پريامڙس، مون وٽ ٻيو ته ڪي به ڪينهي، فقط هيءَ سڪل ماني ۽ ڇٽيءَ لسيءَ جو گلاس آهي، جي دل گهريئي ته اچ ته ٻيئي گڏجي کائون.“

پوءِ ٻيئي ڄڻا ٺهي جڙي ويٺا کاڌو کائڻ. پورالي جيئن ئي پنهنجي سڪل ماني هڙ مان ڇوڙي ته اها بدلجي مٺا لولا ٿي پيئي، ۽ لسيءَ جو سواد مٽجي کير جهڙو ٿي پيو. پوءِ ته ٻنهي گڏجي ويهي مزي سان کاڌو پيتو.

جڏهن کائي ڍؤ ڪيائون، تڏهن پوڙهي مڙس چيس، ’ٻچڙا، تون ڏاڍو رحمدل آهين! تو مون کي پنهنجو کاڌو کارايو آهي، انڪري هاڻ آءٌ توکي تنهنجي احسان جو بدلو ڏيندس. هو سامهون وڻ جو بيٺل ڏسين ٿو، تنهن کي وڃي وَڍِ. وڻ جي ٿڙ مان توکي هڪ شيءِ ملندي، جنهن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيندين.“

پورالي وڻ کي وڍڻ شروع ڪيو. وڻ جيئن ئي پَٽ تي ڪِريو ته سچي پچي سون جي کنڀن وارو هڪ هنس پکي ٽپو ڏيئي، ٻاهر نڪري آيو. پورالي سوني هنس کي جهلي کڻي هنج ۾ سوگهو ڪيو. ايتري ۾ مٿان اچي رات پيئي، ۽ اوندهه سببان واٽ به چٽيءَ طرح نه پئي ڏسڻ ۾ آئي. ويجهو هڪ مسافر خانو هو. پورالو رات گذارڻ لاءِ ان مسافرخاني ۾ وڃي ٽڪيو.

مسافرخاني جي مالڪ جون ٽي ڌيئرون هيون. انهن جڏهن سوني هنس کي ڏٺو ته سندن دليون هرکجي پييون هرهڪ پنهنجي ليکي سوچيو ته هڪ سونو پَرُ پٽي پاڻ وٽ رکجي. سڀ کان وڏيءَ ڀيڻ سوچيو، ’جڏهن پورالو سمهي پوندو ته هڪ پَر پٽي وٺندس.‘ سو جڏهن پورالو سمهي پيو ته هن اچي هنس کي پَرن کان جهليو. جهلڻ لاءِ ته جهليائين، پر سندس هٿ کنڀن کي اهڙا جهٽي پيا جو لک زور ڏيڻ کان پوءِ به نه پيا ڇڏائجن. اڃا ٿوري ويرم مس گذري ته ٻي ڀيڻ به کنڀ پٽڻ لاءِ اُتي اچي سهڙي. هن پنهنجي ڀيڻ کي جيئن ئي هٿ لاتو ته هوءَ به چُهٽجي پيئي. جڏهن ٽين ڀيڻ به ساڳي مقصد سان اُتي آئي، تڏهن سندس ٻن ڀينرن رڙ ڪري چيس ته ”ادي، ڌڻيءَ جي واسطي ويجهي متان ڪي اچين!“ پر هن ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، اچي پنهنجي ڀيڻ جي ڪلهي تي هٿ رکيو ته انهيءَ مهل هوءَ به ساڻس چهٽي پيئي، ۽ پاڻ کي ڇڏائي نه سگهي. پوءِ ته لاچار ٽنهي ڀيڻن کي اُها سڄي رات هنس سان گڏ گذارڻي پيئي.

صبح جو جڏهن پورالي جي اک کلي، تڏهن ڏٺائين ته ٽيئي ڇوڪريون هنس سان هڪٻئي پٺيان چهٽيون پييون آهن. پورالي انهن کي ڏٺو اڻڏٺو ڪري، هنس کڻي هنج ۾ ڪيو، ۽ پاڻ پنهنجي واٽ وٺي هلڻ لڳو. پورالو جان کڻي نهاري ته اُهي ٽيئي ڇوڪريون به سندس پويان پُتلين جيئن ڊڪنديون پئي هليون ـــ ڪڏهن سندس ساڄي پاسي ته ڪڏهن سندس ڏائي پاسي.

کيت مان لنگهندي، هڪ هاريءَ جي نظر وڃي مٿس پيئي، جنهن رڙ ڪري چين ته ”بيهو شرير ڇوڪريون، شرم نه ٿو اچيوَ جو هڪ جوان مڙس پويان ڊڪنديون ٿيون وڃو.“ ائين چئي، ننڍڙيءَ ڇوڪريءَ کي جدا ڪرڻ لاءِ سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌائين ته سندس هٿ به چهٽي پيو. پوءِ ته گهڻو ئي پاڻ کي ڇڏائڻ جي ڪيائين، پر ڇڏائي نه سگهيو. هاڻ ٽن ڇوڪرين سان گڏ هيءُ هاري به پورالي ۽ هنس پکيءَ جي پويان ڊڪندو پئي هليو.

اڃا ٿورو ئي اڳتي وڌيا ته هڪ پادريءَ جي نظر وڃي مٿن پيئي. هاريءَ کي نوجوان ڇوڪرين جي پويان ڊڪندو ڏسي، حيرت ۾ پئجي ويو ۽ واڪو ڪري چيائين ته ”اڙي هاري، ڇوڪرين جي پويان ڇو پيو ڊڪندو وڃين؟ ترس، بابا ترس!“ ائين چئي ڊوڙي هاريءَ جي ويجهو آيو، ۽ اچي سندس ٻانهن ۾ هٿ وڌائين ته سندس هٿ به چهٽي پيو. گهڻو ئي ڇڏائڻ جي ڪيائين، پر ڇڏائجي نه سگهيو ۽ پاڻ به انهن جي پويان ڊڪندو هليو.

پورالي جي پويان هاڻ ٽي ڇوڪريون، هاري ۽ پادري، پنج ئي ڄڻا ڊڪندا پئي هليا. واٽ تي ٻه ريڍار ملين. هاريءَ سڏي چين، ”ابا، مون کي ۽ پادريءَ کي مهرباني ڪري ڇڪي ڌار ڪريو.“ هنن ريڍارن اچي پادريءَ جي ٻانهن ۾ هٿ وڌا، ته اُهي به چهٽي پيا. پاڻ کي ڇڏائڻ لاءِ ڏاڍا زور ڏنائون، پر ڇڏائجي نه سگهيا. پورالي جي پويان هاڻ ست ڄڻا ڊڪندا، ڪرندا، ۽ ٽپندا پئي هليا. هڪ عجب تماشو ٿي پيو.

هيءُ ٽولو اچي هڪ شهر مان لنگهيو، جتي هڪ بادشاهه رهندو هو. هن بادشاهه کي هڪ ڌيءَ هوندي هئي. شهزادي ايتري غمگين رهندي هئي جو نه ڪڏهين کلندي هئي، نه مرڪندي هئي. ان ڪري بادشاهه اعلان ڪيو هو ته جيڪو سندس ڌيءَ کي کلائيندو، تنهن سان سندس شادي ڪرائيندو.

پورالي کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پيئي، ته هو پنهنجي ٽوليءَ ساڻ شهزاديءَ جي محل ۾ گهڙي آيو. شهزاديءَ جو ستن ڄڻن کي هڪٻئي جي پويان لٽڪندو ۽ ڊڪندو ڏٺو، سو اچي کل ۾ ڇٽي؛ کل اصل بس ئي نه ٿئيس.

هاڻ پورالو بادشاهه وٽ شهزاديءَ جي سڱ گهرڻ لاءِ ويو، ۽ چيائينس ته ”بادشاهه سلامت، مون توهان جي ڌيءَ کي کلايو آهي، انڪري هاڻ مون کي سڱ ڏيو.“ پورالو هو غريب ٻار، سو بادشاهه سڱ ڏيڻ کان نٽائڻ لڳو، ۽ چيائينس ته ”آءٌ توکي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ تڏهن ڏيندس، جڏهن تون ڪو اهڙو ماڻهو آڻيندين، جيڪو هزار مَٽَ کير جا پِي وڃي.“

پورالي جي ذهن تي اڇن وارن وارو پير مرد تري آيو، ۽ هو هڪدم جهنگ ڏانهن روانو ٿيو. جتي وڻ ڪپيو هئائين، اتي ڏٺائين ته ڪپيل ٿُڙ تي ساڳيو ننڍي قد وارو پوڙهو مرد ڏاڍو غمگين ٿيو بيٺو آهي. پورالي نينگر اڳتي وڌي، کانئس سندس غمگين هجڻ جو سبب پڇيو.

پوڙهي وراڻيو، ”آءٌ ڏاڍو اڃايل آهيان. منهنجي اڃ اصل نٿي لهي. ٿڌو پاڻي ته پي نٿو سگهان. کير جي هڪ ماٽي هئم، سا سڄي پي پوري ڪئي اٿم، پر منهنجو پيٽ سڪو پٿر لڳو پيو آهي، اڃ ته لهي ئي نٿي!“

پورالي چيس، ”پريا مڙس، آءٌ تنهنجي مدد ڪندس. مون سان هل ته کير جا مَٽَن مٿان مَٽَ پياري، تنهنجي اڃ لاهيان.“

پورالو کيس بادشاهه جي محل ۾ وٺي آيو، جتي کير جا هڪ هزار مٽ رکيا هئا. پير مرد هڪ هڪ ڪري کير جا مٽ خالي ڪرڻ لڳو، تان جو سندس پيٽ آڦرجي پيو. شام ٿيندي ٿيندي هُن سڀ مَٽ پي ڇڏيا.

پورالو ٻيهر بادشاهه وٽ ويو ۽ شهزاديءَ جي سڱ جي گهر ڪيائين، پر بادشاهه پنهنجي ڌيءَ جو سڱ اهڙي شخص کي ڏيڻ لاءِ تيار نه هو، جنهن تي هر ڪو ماڻهو سندس بي وقوفيءَ سبب ٺٺول ڪندو هجي. هُن وري هڪ ٻيو شرط رکندي پورالي کي هڪ اهڙو شخص آڻڻ لاءِ چيو، جيڪو جبل جيترو مانين جو ڍڳ کائي پورو ڪري ڏيکاري.

پورالو وري جهنگ ۾ ساڳيءَ جاءِ تي ويو، جتي وڻ ڪپيو هئائين. ڇا ڏسي ته ٿڙ تي هڪ ماڻهو، پنهنجي پيٽ ۾ ٻئي هٿ وجهيو، سور کان دانهون ڪري. پورالي کي ڏسي چيائين، ”مون مانين جا ڍير کائي پورا ڪيا آهن، پر منهنجي پيٽ ۾ اهڙي ڪا کاهي آهي جو ڀرجي ئي نٿي. بک کان پيٽ ۾ وٽ پيا پون. انڪري پيو دانهون ڪريان.“

پورالو سندس ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ چيائينس، ”اُٿي مون سان هل ته پيٽ ڀرڻ جو ڏس ڏيانءِ.“ ائين چئي، کيس محل ۾ وٺي آيو، جتي سڄي شهر جو اٽو
ڪٺو ڪري، مانين جو هڪ جبل کڙو ڪيو هئائون.

جهنگ مان آيل ماڻهو تڪڙيون تڪڙيون مانيون کائڻ لڳو، ۽ هڪ ئي ڏينهن ۾ مانين جو سڄو جبل کائي پورو ڪيائين.

پورالي بادشاهه کان ٽيون دفعو شهزاديءَ جو سڱ گهريو، پر بادشاهه وري به نٽائڻ جي ڪوشش ڪندي چيو، ”مون کي هڪ اهڙو جهاز آڻي ڏي، جيڪو درياءَ ۾ به تري ۽ سڪي تي به تري. تون پاڻ ان جهاز ۾ چڙهي اچ ته توکي پنهنجي ڌيءَ جو سڱ ڏيان.“

پورالو وري به ڊوڙندو ڊوڙندو جهنگ ڏانهن ويو، جتي ساڳيو اڇن وارن ۽ ننڍي قد وارو پوڙهو مڙس ويٺو هو، جنهن چيس ته ”مون تولاءِ کير جا مٽ خالي ڪيا، مانين جو جبل کاڌم ۽ هاڻ توکي هي جهاز به وڏيءَ خوشيءَ سان ڏيندس. مون تو لاءِ هي سڀ ڪم فقط انهيءَ لاءِ ڪيا جو تون ڏاڍو رحمدل آهين، ۽ مون تي ڪهل ڪئي هيئه.“

ائين چئي، پير مرد پورالي کي هڪ اهڙو جهاز ڏنو، جيڪو درياءَ ۾ به تري ٿي سگهيو ۽ سڪيءَ تي به. بادشاهه هيءَ جهاز ڏسي عجب ۾ پئجي ويو، ۽ پنهنجي ڌيءَ جي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري نه سگهيو.

پورالي جي شهزاديءَ سان ڏاڍيءَ ڌام ڌوم سان شادي ٿي، ۽ پوءِ هي ٻيئي گهوٽ ڪنوار پاڻ ۾ ڏاڍو خوش گذارڻ لڳا. جڏهن بادشاهه وفات ڪئي ته پورالو تخت تي ويٺو، ۽ ڏاڍي انصاف ۽ رحمدليءَ سان راڄ هلايائين.

]”گرمس فيئري ٽيلس“ ڪتاب مان ”دي گولڊن گوز“، آکاڻيءَ جو انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو، از: حسين عادل.[

شاهه ڀٽائي

آءُ همير، ڀڃ زنجير!

”جا، عمر! تو مُل عيد، سا اسان سُوءَ ورتي، سومرا!

”ويئي ويچارن وِسري، خوشي ۽ خريدَ،

سڪَڻ ڪَيا شهيد، مارو جي ملير جا.“

*

”آئون بندياڻي بَند ۾، ڪر ڪِي بَند ٻيا؟

”هڪ عُمَرَ منڊيا مامرا، ٻيو مارو ٿر ٿيا!“

*

”ڳچيءَ ڳانا لوه جا، زيريُون ۽ زَنجير،

”پَيڪڙا پيرن ۾، ڪوٺين اندر ڪِير،

”چاري چَؤگانن ۾، واهيت ڪَن وزيرَ،

”ڇَن نه ڇڄي آهيان، اهڙيءَ سٽ سرير،

”ماروُ ڄامَ ملير! پڇج ڪِي پنوهار کي.“

*

”ڇن نه ڇڄي آهيان، ڪُڇَن ۾ ڪوٽن،

”ايندي پيم ابتا، پيڪڙا پيرن،

هَٿَڙيُون، هَٿن، ڄنگهون ٻانهون ڪاٺ ۾!“

*

”زيريين ٻيڙِئين لوهَ ۾، ڳٽن ڪَيس ڳاهُ،

”سنڪي سندي سومري، هَڏ نه چڙهيم ماهُ.“

*

”آءُ همير! ڀڃُ زنجير، هئن نه سگهان گهاري،

”قلب منهنجو ڪوٽ ۾، گهايل ٿو گهاري!“

*

”آءُ ته اکيين اگهان، جي پائُر ڏِنءِ پيرَ،

”الله لڳ، لطيف چئي، لاءِ مَ تون اوير،

”ڪوٺين گهاري ڪير؟ مَحلين منجهي مون هنئون!“

*

ڪَيم مهاڙ ملير ڏي، مٿي ڪوٽ چڙهي،

”نت نهاري ڏيهه ڏي، ڳوڙها پيم ڳڙي،

”نِڱي ڪُوڪَ قلب مان، منجهان روح رڙي!“

.........

”مَ ڪي روءُ، مَ رڙُ ڪي، مَ ڪِي هنجون هار،

”جهڙا اچن ڏينهڙا، تهڙا ويٺي گهار،

”ڏکن پٺيان سکڙا، سِگها ٿين ، سنگهارِ!

”لهندا لوه لطيف چئي، پَروڙج، پنوهار!

”ٻيڙيون نيئي ٻار، توتان بند بِدا ٿيو.“

 

ادارو

 

شاهه عبداللطيف ڀٽائي

 

سنڌ جي شاعرن جو بادشاهه، سيد عبداللطيف ڀٽائي، سن 1690ع ڌاري حيدرآباد ضلعي جي هالا تعلقي ۾، ”هالا حويليءَ“ نالي هڪ ننڍي ڳوٺڙي ۾ ڄائو هو. هالا حويلي ڳوٺڙو ڀٽ شاهه کان نَو ڪوهه پري، هاڻي ويران حالت ۾ آهي. جنهن گهر ۾ ڀٽائي ڄائو هو، اتي پوءِ لؤنگ فقير نالي ڀٽائيءَ جي هڪ مريد، هڪ مسجد ٺهرائي هئي، جا اڃا تائين نصيرواهه جي ڪپ تي قائم آهي.

شاهه صاحب جي پيءُ جو نالو حبيب شاهه هو، سندس تڙ ڏاڏي جو نالو عبدالڪريم (بلڙيءَ وارو) هو، جو پاڻ به سٺو شاعر هو. خود شاهه لطيف جي پيءُ لاءِ به چون ٿا ته چڱو شاعر هو.

شاهه صاحب جي تعليم بابت پوري خبر ڪانهي. ڪي چون ٿا ته هو اڻ پڙهيل هو، پر ڪي چون ٿا ته هو پڙهيل هو- فارسي جو ته ماهر هو ۽ عربي به ايندي هيس. چنانچه، فارسيءَ جي مشهور شاعر، مولانا جلال الدين روميءَ جو ڪتاب ”مثنوي“، هميشه ساڻ رکندو هو.

جوانيءَ ۾ ڪوٽڙيءَ جي مغلن جي هڪ ڇوڪريءَ (سعيده) سان دل ٿي ويس. انهيءَ عشق جي تار ۾، هڪ دفعي جوڳين جي هڪ ٽولي سان گڏجي، مائٽن کي چتائڻ بنا سفر ۾ نڪري پيو. گهڻيئي ملڪ گهميو ۽ گهڻيئي پاڪ جايون اکين سان ڏٺائين. چون ٿا ته هن لکپت ۽ گرنار، کنڀات ۽ پوربندر،هالار ۽ جهونا ڳڙهه، دوارڪا ۽ هنگلاج، لس ٻيلي ۽ لاهوت، جيسلمير ۽ ٿر، گنجي ۽ هاڙهي، پٻ ۽ حب، وندر ۽ وڻڪار کي چڱيءَ طرح گهمي ڏٺو. شاهه صاحب انهن جاين جو پنهنجي ڪلام، ”سر سري راڳ“، ”سر سامونڊي“، ”سر سهڻي“ ۽ ”سر گهاتوءَ“ ۾ جابجا ذڪر ڪيو آهي. ٽي ورهيه سفر ڪري، هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو اچي گهر سهڙيو. ستت پوءِ، سندس شادي سندس دل گُهري بيبي سعيده بيگم سان ٿي، جنهن کي بعد ۾ شاهه صاحب جا مريد ادب وچان تاج المخد رات (پاڪ زالن جو تاج) سڏيندا هئا.

سير سفر ۾ شاهه صاحب هالن کان چڱي پنڌ تي، واريءَ جي ڀٽن ۾، ڪراڙ ڍنڍ جي ڀرسان، هڪ وڏو واريءَ جو دڙو جاچيو هو ۽ پڪو پهه ڪيو هئائين ته اتي ئي اچي پنهنجو ديرو ڄمائيندو. چنانچه، شاهه صاحب سفر تان موٽڻ بعد ستت ئي پنهنجي حُبدارن سان گڏ اچي اها ڀِٽ وسائي. مٿس ”ڀٽائي“ نالو پڻ انڪري پيو. شاهه صاحب پنهنجي حبدارن سان ڀٽ کي وسندي بڻائڻ ۾ ئي لڳل هو ته پيءُ جي ناچاڪيءَ جو ٻڌائين. جيتر پاڻ وڃي ساڻس ملي ئي ملي، تنهن کان اڳ شاهه حبيب وفات ڪئي. پيءُ جي وفات شاهه لطيف جي دل کي وڏو صدمو رسايو. ٿورن ڏينهن کان پوءِ سندس گهرواري، بيبي سعيده به هي جهان ڇڏيو، جهن ڳالهه سندس دل کي هيڪاري گهڻو لوڏيو.

شاهه صاحب پنهنجي زماني جي وڏن عالمن: شاهه عنات رضوي، خواجه محمد زمان لنواريءَ واري، دين محمد صديقي سيوهاڻي، عبدالڪريم گرهوڙيءَ، مخدوم معين ٺٽي واري، سچل فقير جي ڏاڏي فقير صاحبڏني درازن واري، ۽ قائم الدين قلندر بڪيرن واري سان گهڻو ملندو ڪندو هو ۽ ساڻن مذهبي ۽ علمي ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو هو. ستت ئي شاهه صاحب جو نالو هنڌين ماڳين مشهور ٿي ويو، ۽ پري پري جا ماڻهو سندس زيارت لاءِ ڀٽ تي اچڻ لڳا. اهو ڏسي، ان وقت هلنديءَ وارن مذهبي ۽ سياسي اڳواڻن کي ساڙ ٿيو. جن ۾ سنڌ جو ان وقت جو حاڪم، ميان نور محمد ڪلهوڙو به شامل هو. ميان نور محمد ته ساڙ سببان شاهه صاحب کي مارائڻ جي به ڪوشش ڪئي، پر بعد ۾ شاهه صاحب جي اخلاق ۽ شخصيت کان ايترو ته متاثر ٿيو، جو دشمن مان ڦري سندس دوست ٿي پيو.

شاهه صاحب جي خاص دوستن ۽ مريدن ۾ هيٺيان ماڻهو وڏو درجو رکندا هئا: (1) تمر فقير، جنهن جو اولاد اڄ سندس درگاهه جو مجاور آهي، (2) وڳند فقير، جو جسم ۾ جڏو ۽ پيٽوڙي هو ۽ جنهن سان شاهه صاحب چرچا گهٻا ڪندو هو، (3) محمود شاهه، جنهن شاهه صاحب جي ڪري اميري ڇڏي فقيري اختيار ڪئي هئي، ۽ جنهن لاءِ شاهه صاحب کي ايڏي ته عزت هئي جو وصيعت ڪئي هئائين ته ’مُئي پڄاڻان مون کي محمود شاهه جي پيرانديءَ کان دفن ڪجو‘، (4) شاهه عنايت، جو ڳائڻو به هو۽ لکپڙهه جو ڪم به ڪندو هو، ۽ (5) بلال، جنهن سان ايڏي ته محبت هيس، جو ساڻس ملڻ لاءِ سندس ڳوٺ ويندو هو.

شاهه صاحب جي زماني ۾ هندستان تي مغل گهراڻي جي حڪومت هئي، جا ان وقت پوين پساهن ۾ هئي. شاهه صاحب جڏهن ارڙهن ورهين جو هو ته اورنگزيب (1707ع ۾) وفات ڪئي، ۽ ان وقت سنڌ تي ڪلهوڙن جي حڪومت هئي. 1737ع ۾ نادر شاهه ايرانيءَ سنڌ تي ڪاهه ڪئي ته ميان نور محمد ڪلهوڙي، سنڌ جي حاڪم، ڀڄي وڃي عمر ڪوٽ ۾ پناهه ورتي، پر نادر شاهه اتي به نه ڇڏيس. آخر ميان نور محمد پيش پيو ۽ نادر کي هڪ ڪروڙ رپيا نذرانو ڏنائين ۽ ويهه لک رپيا سالياني ڍل ڏيڻ جو به انجام ڪيائين. نادر شاهه اهو انجام وٺي، ميان نور محمد ڪلهوڙي جا ٽي پٽ، مراد ياب، عطر خان ۽ غلام شاهه ضامن طور ساڻ وٺي، ايران موٽي ويو. نادر جي مرڻ کان پوءِ، اهي ٽيئي شهزادا واپس سنڌ وريا. انهيءَ مان ڏسبو ته شاهه صاحب جي زماني ۾ وڏا تاريخي ڪم ٿيا، ۽ ظاهر آهي ته انهن شاهه صاحب جي دل تي اثر ڇڏيو هوندو.

حياتيءَ جي پڇاڙيءَ ۾ شاهه صاحب ڪربلا جي زيارت لاءِ سنڀري نڪتو. ڪڇ لنگهي، گجرات ۾ ويو، جتان انهن ڏينهن ۾ ٻيڙين رستي ماڻهو عراق ڏانهن ويندا هئا. واٽ تي هڪ مريد گڏيس، جنهن کل ڀوڳ م چيس ته ”سائين، چوندا آهيو ته اسان جو دفن ڪفن به ڀِت تي ٿيندو. پوءِ هينئر پڇاڙيءَ جي وقت ۾ ڪيئن هيڏي سفر تي نڪري پيا آهيو؟“ چون ٿا ته شاهه صاحب اهي اکر ٻڌي اڳتي وڃڻ جو خيال لاهي، ڀٽ ڏانهن واپس موٽيو. ستت ئي ڀٽ تي سن 1752ع ۾ وفات ڪيائين. پويان ڏينهن هن راڳ روپ ۾ گذاريا. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پٽ، ميان غلام محمد شاهه ڪلهوڙي، سنڌ جي حاڪم، مٿس هڪ عاليشان مقبرو جوڙايو، جو اڃا تائين تمام سهڻيءَ حالت ۾ قائم آهي. هر جمعي رات شاهه صاحب جي درگاهه تي راڳ روپ ٿيندو آهي، جنهن ۾ سندس ئي ڪلام ڳائبو آهي.

شاهه صاحب جي ڪابه سچي تصوير موجود ڪانهي. چون ٿا ته هو وڏي ويڪري منهن، سهڻين اکين ۽ گهاٽي ۽ چاپئينءَ ڏاڙهيءَ وارو هو. قد ۽ بت ۾ پورو پنو هو. سادو کائيندو هو ۽ سادو پهريندو هو. گهڻو ڪري ڪاري ڌاڳي سان سبيل هڪ گيڙو رنگ جي ڪفني پائيندو هو. مٿي تي ڪاري ڪپڙي جي ٽڪر سان ويڙهيل ڪلاه پائيندو هو. جُتي به ڏاڍي سادي هوندي هيس، نه ته پيرين اگهاڙو پنڌ ڪندو هو. هٿ ۾ جوڳين واري بيراڳڻ جهڙي لٺ کڻندو هو. کاڌي پيتي لاءِ هڪ ڪِشتو هوندو هوس. سمهندو هڪ صندل تي هو، ۽ سندس بسترو هڪ پراڻي کٿانئين گودڙي هئي.

سندس اخلاق لاءِ مشهور آهي ته هو سچائيءَ، نيڪيءَ ۽ رحم جو پتلو هو، وڏن ماڻهن سان گهٽ پوندي هيس، غريبن جو يار هو. چنانچه، سندس ڪلام ۾ جاءِ بجاءِ ”ڏاڍن لاءِ نفرت“ ۽ ”هيڻن لاءِ پيار“ جو اظهار آهي. راڳ تي مست هو. سنڌ ۽ هند جا وڏا وڏا ڳائڻا هر دم سندس حضور ۾ هوندا هئا. سندس ڪچهريءَ ۾ ڪبير، ميران ٻائي ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام به ڳائبو هو. چون ٿا ته راڳ ٻڌي مستيءَ ۾ اچي ويندو هو. هڪ دفعي چيائين ته ”منهنجي دل جي اندر هڪ وڻ آهي، جو راڳ ٻڌڻ سان سائو ۽ سرسبز ٿي ٿو وڃي.“ هو پاڻ ڳائڻو به هو ۽ شاعر پڻ. راڳ ۽ شعر سندس زندگي هئا.

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com