سيڪشن؛رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل 5 ۽ 6

باب: --

صفحو :3

 

ادارو

 

انسان جو خلا ۾ سفر

 

اربع ڏينهن، 12- اپريل 1961ع تي، تاريخ ۾ پهريون دفعو انسان خلا ۾ سفر ڪيو. روسي سائنسدانن جو تيار ڪيل خلائي سفر جو جهاز، ”ووستڪ“، روسي باشندي ميجر گاگارين کي کڻي مٿي اُڏاڻو ۽ کيس خلا ۾ پهچائي، ڌرتيءَ جي چوڌاري سفر ڪرائي، واپس روس ۾ مقرر جاءِ تي سلامتيءَ سان پهچايائين.

جمعي ڏينهن، 5 مئي 1961ع تي، آمريڪي سائنسدانن جي تيار ڪيل خلائي جهاز، ”فريڊم- 7“، آمريڪي باشندي ڪمانڊر شيپرڊ کي مٿي اڏائي، خلا ۾ پهچائي، واپس ڌرتيءَ تي سلامتيءَ سان موٽائي آندو.

سائنس جا اهي ڪرشما ڄڻ معجزا پيا لڳن، پر هاڻي اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري نٿو سگهجي ته ڪو ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جڏهن انسان چنڊ ۽ ٻين گرهن ۽ تارن تان گهمي ڦري ائين موٽي ايندو، جيئن ڪو ماڻهو ولايت وڃي گهمي ڦري موٽي اچي- ۽ اهڙو ڏينهن شايد هاڻي گهڻو پري به نه آهي. ليڪن خلائي سفر جي اهميت رڳي ايتري نه آهي: ڪامياب خلائي سفر ڪرڻ کان پوءِ انسان کي اميد ٿي آهي ته ڌرتيءَ تي ته سندس بادشاهي اڳيئي آهي، پر هاڻي چنڊ ۽ تارن تي به سندس حڪومت قائم ٿيندي؛ ۽ قدرت جون ڪيئي ڳالهيون جي هن وقت تائين ’راز‘ ۾ هيون، سي هاڻي ظاهر ٿينديون؛ ۽ هُو انهن کي سمجهي، هن ڪائنات ۾ اڳئين کان وڌيڪ طاقتور ٿيندو.

”ڪائنات“ يا ”عالم“ بابت اڳي عام طور سمجهيو ويندو هو ته اهو سڀڪجهه اسان جي دنيا ئي آهي، پر هاڻي پتو پيو آهي ته ڪائنات تمام وسيع آهي، ۽ ان جون سرحدون الائي ته ڪٿي آهن! سائنسي لفظن ۾: ’ڪائنات تارن جي جهان ۽ خود- روشن دونهين جي ٿالهين جو هڪ بي انت ميڙ آهي، جنهن ۾ اسان جو شمسي نظام (سج ۽ ان جي چوڌاري ڦرندڙ گرهه) هڪ ميمبر آهي.‘ ] مفصل معلومات لاءِ ڏسو ”گل ڦل“ جي اڳين پرچن ۾، ”ديس ديس جون خبرون“ ڪالمن ۾، ”وسيع ڪائنات جي گهراين ۾“ عنوان هيٺ ڏنل احوال[. سائنس انهيءَ ڳالهه تي زور ڏئي ٿي ته ڪائنات جي ڪن دنيائن ۾، اسان جي دنيا وانگر ساهوارن جي هجڻ جو آسرو آهي. اُتي جا ساهه وارا ڪهڙا آهن؟ ۽ ڪيئن آهن؟ اسان جي ڌرتيءَ جي ساهوارن وانگر آهن يا ٻيءَ طرح؟ سو ته چئي نٿو سگهجي، پر ايترو وڏيءَ اميد سان چئي سگهجي ٿو ته ڪن هنڌن تي ساهوارا هوندا. خلائي سفر جي عام ٿيڻ بعد ان باري ۾ پڪي ۽ صحيح خبر معلوم ٿيندي.

انسان جو هن ڌرتيءَ تي ظاهر ٿيڻ، ڌرتيءَ جي تاريخ ۾ وڏي ۾ وڏو ڪارنامو هو. انسان جو دماغ سدائين سوچيندو رهي ٿو. هن شروع کان قدرت جي قاعدن کي جاچڻ شروع ڪيو، ۽ انهن کي سمجهي، طاقتور ٿي، هن ڌرتيءَ کي پنهنجي مرضيءَ موجب بنائڻ شروع ڪيو. پٿر جي پهرين ڪهاڙي ٺاهڻ کان وٺي ويندي خلائي سفر تائين، جيڪو صدين جو زمانو گذريو آهي سو سمورو انسان جي فتح جي شاندار ڪارنامن سان ڀريل آهي.

انسان قديم زماني کان وٺي آسمان کي جاچيندو رهيو آهي ۽ تارن کي پهچڻ جا پور پچائيندو رهيو آهي. سائنس هاڻي اها ڳالهه ”ممڪن“ ڪئي آهي ته انسان جي صدين کان سانڍيل اها آس پوري ٿئي. هينئر اها اميد ڪئي وڃي ٿي ته ستت اهڙا خلائي جهاز تيار ٿيندا، جن جي وسيلي انسان چنڊ ۽ پنهنجي شمسي نظام جي ٻين گرهن تي وڃي پهچندو ۽ خود خلا ۾ اهڙا نقلي گرهه قائم ڪندو، جن تي خلائي سفر ۾ ماڻهو ٿَڪَ ڀَڃڻ ۽ نئين سفر لاءِ تازي تواني ٿيڻ واسطي وڃي ٽڪندا. اهڙيءَ طرح انسان ڪائنات جي ٻين دنيائن سان لاڳاپو ڳنڍيندو.

انسان جي خلائي سفر لاءِ گهربل جهاز تيار ڪرڻ ۾ سائنسدانن کي وڏين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. سڀ کان اهم ٽي ڳالهيون آهن: هڪ دَاٻُ، ٻيو گرميءَ جو پورو پنو درجو، ۽ ٽيون هوا جو مسئلو. انهيءَ کان سواءِ ٻيون ننڍيون وڏيون رنڊڪون ته سوين هزارين آهن. سائنسدانن انهن سڀني مشڪلاتن کي دور ڪيو ۽ مٿي ذڪر ڪيل ٻن انسانن کي ڪاميابيءَ سان خلا ۾ موڪليو، ۽ سلامتيءَ سان واپس ڌرتيءَ تي آندو آهي.

جيڪي خلائي جهاز انهن ٻن ماڻهن کي مٿي کڻي ويا، تن ۾ روسي جهاز ”ووستوڪ“ جي بناوت جي ٻن حصن ۾ ورهايل آهي: هڪ حصي ۾، سوار (ميجر گاگارين) جي ويهڻ کي زنده رکڻ لاءِ سمورو ساز سامان آهي ۽ ڌرتيءَ تي لهڻ لاءِ گهربل اوزار موجود آهن. ٻئي حصي ۾ رڳو مشينون ۽ اوزار آهن، جي خلائي سفر جي سموري عرصي ۾ خود بخود ڪم ڪندا رهن ٿا.

روسي جهاز پنهنجي محور تي، ڌرتيءَ جي چوڌاري ڦري اچڻ کان پوءِ، جنهن راڪيٽ ۾ پيل هو، تنهن کان جدا ٿيو. اڏامڻ واري عرصي ۾ ان جون مشينون ۽ مختلف اوزار رٿيل طريقي موجب ڪم ڪندا رهيا ۽ اها معلومات ڌرتيءَ تي روسي سائنسدانن ڏانهن موڪليندا رهيا. انهيءَ معلومات سان گڏ اهي اوزار سوار جي فلم به ڪڍندا رهيا، ۽ اها به ڌرتيءَ تي روسي سائنسدانن ڏانهن موڪليندا رهيا. اهي اوزار جهاز ۾ گرميءَ جو گهربل درجو قائم رکن ٿا ۽ سوار جي ويهڻ واريءَ جاءِ ۾ هوا جو پورو پنو بندوبست رکن ٿا. اوزار توڙي مشينون پنهنجو پاڻ ڪم ڪندا رهن ٿا، پر جي ضرورت پوي ته سوار به انهن کي هلائي سگهي ٿو. ]سوار کي سفر ۾ خاص قسم جو لباس هوندو آهي.[

ڌرتيءَ تان اڏامڻ بعد ترت ميجر گاگارين ڌرتيءَ تي روسي سائنسدانن سان ريڊيو ٽيليفون رستي ڳالهائيندو رهيو. اهو عرصو هو بلڪل آرام ۾ هو. کيس پنهنجي وزن گهٽ ٿيڻ جي بلڪل چڱيءَ طرح خبر پئي پيئي. هو ڌرتيءَ کي به صاف ڏسي رهيو هو. جڏهن خلائي جهاز پنهنجي محور تي پهتو ته هن محسوس ڪيو ته سندس بدن ۾ جو وزن آهي، سو بلڪل ختم ٿي چڪو هو. پهريائين ته هن کي ڏاڍي بي آرامي ٿي ڇو ته هن زندگيءَ ۾ پهريون دفعو اها شيءِ محسوس ڪئي هئي. پر پوءِ ستت ئي هو ان تي هري ويو، ۽ بعد ۾ کيس ان ڳالهه سبب ڪابه تڪليف نه ٿي.

سفر جي رٿيل پروگرام موجب ميجر گاگارين خلائي جهاز جي مشينن ۽ اوزارن کي جاچيندو رهيو، ڌرتيءَ تي سائنسدانن سان سمورو وقت ريڊيو ٽيليفون وسيلي ڳالهائيندو رهيو، ۽ مقرر وقت تي کاڌو کائيندو رهيو. ڌرتيءَ کان 600 ميل مٿي کيس سامونڊي ڪنارا، وڏا درياءَ، ٻيلا ۽ ڪڪر چِٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا. آسمان اونداهو هو کيس تارا وڌيڪ چٽا ۽ چمڪندڙ نظر پئي آيا. ميجر گاگارين چيو ته ڌرتيءَ جي چوڌاري مون کي هڪ سهڻو پيلي ۽ نيري رنگ جو منرو (هالو) نظر آيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ڌرتيءَ جي افق وٽ مختلف رنگ نظر آيا: اول هلڪو نيرو رنگ هو، ان جي مٿان گهاٽو نيرو ۽ ارغواني رنگ هو ۽ انهن جي مٿان آسمان جو ڪارو رنگ هو. هيڪر اطلاع موڪليائين ته 9 لڳي 51 منٽن تي سندس خلائي جهاز پاڇي مان نڪري سج جي روشنيءَ ۾ آيو.

9 لڳي 52 منٽن تي هو ڪيپ هارن جي مٿان هو.

10 لڳي 15 منٽن تي خلائي جهاز آفريڪا جي مٿان هو.

10 لڳي 25 منٽن تي ڌرتيءَ ڏانهن لٿو.

10 لڳي 35 منٽن تي جهاز فضا جي گهاٽن تهن ۾ گهڙيو.

10 لڳي 55 منٽن تي جهاز روس ۾ مقرر جاءِ تي اچي لٿو.

خلائي سفر پوري ٿيڻ بعد ميجر گاگارين جو طبي معائنو ڪيو ويو آهي. منجهس ڪابه تبديلي نه آئي آهي. هن جي تندرستي اڳي وانگر ٺيڪ آهي. ميجر گاگارين 108 منٽ خلا ۾ سفر ڪيو. آمريڪي باشندي ڪمانڊر شيپرڊ 15 (منٽ) خلا ۾ سفر ڪيو.

 

                         

ميجر گاگارين خلائي جهاز جي ڏاڪڻ تان لهي رهيو آهي.

آمريڪي باشندي شيپرڊ کي تاريخ 5 مئي، صبح جو 9 لڳي 34 منٽن تي خلائي جهاز، ”فريڊم- 7“، کڻي مٿي اڏاڻو. جيئن راڪيٽ ڇٽو ته شيپرڊ ان جي ڇٽڻ جو ڌڌڪو ٻڌو. ان کانپوءِ هو راڪيٽ جا لوڏا محسوس ڪندو رهيو. راڪيٽ رٿيل رستي تي ‎ٺيڪ هلندو رهيو ۽ ڌرتيءَ تي آمريڪي سائنسدان ان کي جاچيندا رهيا. هنن شيپرڊ کي پيغام موڪلڻ شروع ڪيا، جن جا جواب هو کين باقاعدي ڏيندو رهيو.

 

ڪمانڊر شيپرڊ خلائي جهاز مان لهي اچڻ کان پوءِ

هڪ دفعي کيس ڪو ڏاڍو سهڻو نظارو نظر آيو ۽ هن دانهن ڪئي: ”هتي واهه جو نظارو آهي!“ کيس ”بهاما جا ٻيٽ“ صاف نظر پئي آيا. هن اهو به ٻڌايو ته فلوريڊا جي مٿان ڪڪرن جو تهه آهي. سموريءَ گفتگوءَ ۾ شيپرڊ جو آواز صاف هو، جڏهن هن جو جهاز پٺتي پئي موٽيو ته کيس اها به چٽي پروڙ پئي پيئي. جڏهن ”فريڊم- 7“ جي وڏي گلابي ۽ سفيد وماڻ ڇٽي 100000 فوٽن تي پهتي ته سامونڊي ڪناري تي بيٺل مهاڻن ان کي چٽو ڏٺو: ٿورڙو پوءِ ماڻهن کان ٽن ميلن جي پنڌ تي وماڻ ڇٽي اچي سمنڊ ۾ ڪِري، جتان کيس ڇڪي ڪناري تي آندو ويو.

شيپرڊ تازو توانو اندران نڪتو، ۽ چيائين: ”واهه جو سفر هو!“

مٿين ٻن انسانن جي ڪامياب خلائي سفرن، انساني تاريخ ۾ ترقيءَ جي نئين دور جي شروعات ڪئي آهي. هينئر سائنسدان چنڊ، ٻڌ، زهره ۽ ٻين گرهن ڏانهن انساني سفر لاءِ خلائي جهاز تيار ڪرڻ ۾ مشغول آهن. خلائي سفرن ثابت ڪيو آهي ته انسان اڄ جيترو طاقتور آهي، ايترو اڳ ڪنهن به زماني ۾ نه هو.

 

 

حسين عادل 

]سوانح[

 

چارلس رابرٽ ڊاروِن

چارلس ڊاروِن، 12- فيبروري 1809ع تي شروسبري (Shrewsbury) ۾ ڄائو. سندس پيءُ رابرٽ ڊاروِن هڪ مشهور ڊاڪٽر هو ۽ سندس ڏاڏو اريسمس (Erasmus) ڊاروِن، هڪ ماهر طبيب هئڻ سان گڏوگڏ، شاعر ۽ فيلسوف پڻ هو. هو ايتريقدر ته مشهور هو، جو انگلنڊ جي بادشاهه جارج ٽئين کيس لنڊن ۾ رهڻ جي دعوت ڏني، مگر هُن لِچ فيلڊ (Lickfield) ڇڏڻ کان نابري واري، جو اُتي هُن ٻوٽن جي اڀياس ۽ جاچ لاءِ هڪ باغ رکيو هو. اريسمس جي شاعريءَ ۾ جيتوڻيڪ ميٺاج ڪونهي، مگر سندس خيال ڏاڍا دلچسپ ۽ مزيدار آهن- انوکا ۽ غير معمولي. سندس دور جي سائنسدانن، توڙي عام ماڻهن جو عقيدو هو ته پکين جون مختلف جنسون، جانورن جا جدا جدا قسم ۽ انسان، جهڙيءَ صورت ۽ روپ ۾ اڄ موجود آهن، ان ساڳيءَ صورت ۽ روپ ۾ پيدا ڪيا ويا هئا. اريسمس هڪ نئون خيال پيش ڪيو: هن چيو ته اِهي جاندار انهن جدا جدا صورتن ۽ روين ۾ پيدا نه ڪيا ويا هئا، ۽ نه ئي اصل ۾ سندن صورت اها ساڳي هئي. انهن جو موجوده روپ گذريل زمانن ۾ سندن جسمن ۾ ٿيل ڦيرڦار ۽ ترقيءَ (Evolution) جو نتيجو آهي.

اريسمس جو پوٽو چارلس ڊاروِن اڃا اٺن سالن جو هو ته سندس ماءُ رحلت ڪئي. سندس پرورش پيءُ ۽ وڏين ڀينرن ڪئي. سن 1818ع ۾ کيس شروسبري جي بورڊنگ هائوس ۾ داخل ڪيو ويو، جتي صرف روايتي تعليم ڏني ويندي هئي. چارلس چوندو هو ته مون صحيح تعليم گهر ۾ ڪيل ذاتي پڙهائيءَ مان حاصل ڪئي. هو پنهنجو وقت بچائي يونان جي ماهر- رياضيات (حسابن جي ماهر) يوڪلڊ (Euclid) جا ڪتاب پڙهندو هو ۽ پنهنجي گهر جي ننڍڙي تجربيگاهه ۾ علم ڪيميا جا تجربا ڪندو رهندو هو. چارلس ڊاروِن جا اسڪولي استاد سندس ان شوق کي ناپسند ڪندا هئا، مگر هن ڪڏهن به انهن جي پرواهه نه ڪئي. ان کان سواءِ کيس فطرت جي تاريخ جي اڀياس جو، يعني هيءُ معلوم ڪرڻ جو به تمام گهڻو شوق هو ته فطرت ڇا آهي؛ مختلف شيون مختلف صورتون ڪيئن ٿيون اختيار ڪن؛ ۽ انهن جي اصل نوعيت ڇا آهي؟ وغيره. ان کان سواءِ مختلف گل ٻوٽا جمع ڪري، انهن تي جدا جدا نالا رکندو رهندو هو ۽ ٻيون به گهڻيئي شيون مثلاً، ڪوڏ، مهرون، پراڻا سڪا، مختلف ڌاتو ۽ ننڍڙا ننڍڙا جيت ۽ جيتامڙا ڪٺا ڪندو رهندو هو. سندسن انهيءَ شوق کيس اڳتي هلي هڪ عظيم سائنسدان بنائڻ ۾ وڏي مدد ڪئي.

چارلس ڊاورِن جي مائٽن جو خيال هو ته هو به ڊاڪٽريءَ جو ڏاڏاڻو پيشو اختيار ڪري، ۽ انهيءَ مقصد لاءِ کيس ايڊنبرگ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو ويو. مگر هن کي دوائن سان ڪا دلچسپي نه هئي. انساني بدن جي وڍ ڪٽ مان کيس ڏاڍو خوف وٺي ويندو هو. نيٺ هنن فيصلو ڪيو ته چارلس ڊاڪٽري ڇڏي مذهبي تعليم حاصل ڪري، مگر سندس هڪ دوست، ڊاڪٽر گرانٽ (Dr. Grant)، جو حيوانيات جو ماهر هو، ڊاورِن جو ڌيان فطرت جي مطالعي ڏانهن ڇڪايو؛ جنهن جي اثر هيٺ هن ڪن دريائي جانورن جي جاچ ۽ اڀياس ڪيو، ۽ ڪي اڻلڀ جيت پڻ ڪٺا ڪيا.

1827ع ۾، ڪيمبرج جي هڪ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين ۽ يونيورسٽيءَ مان ڊگري پڻ حاصل ڪيائين. تعليم جي زماني ۾ واندڪائيءَ جو وقت شڪار ڪرڻ، سواري ڪرڻ ۽ جيتن گڏ ڪرڻ ۾ گذاريندو رهيو. ڊاورِن پاڻ هڪ هنڌ لکيو آهي ته ”ڪيمبرج جي ڏينهن ۾ مون کي جيتن گڏ ڪرڻ ۾ ڏاڍو لطف ايندو هو، مگر مون انهن کي ڪڏهن به چيري سندن اندرينءَ جوڙجڪ تي ويچار ڪونه ڪيو. آءٌ انهن جي صرف ٻاهرئين ڏيک جي خاصيتن کي ڪتابن ۾ ڏنل احوالن سان ڀيٽي، مٿن نالا رکندو هوس. منهنجي شوق جو اندازو توهان ان ڳالهه مان لڳائي سگهو ٿا، جو هڪ دفعي مون جيئن ئي هڪ پراڻي بنڊ جو ڇوڏو لاٿو ته ان مان ٻه نهايت سهڻا ۽ اڻلڀ جيت سُري ٻاهر نڪتا. مون هڪ کي هڪ هٿ سان، ۽ ٻئي کي ٻئي هٿ سان کڻي جهليو؛ ايتري ۾ منهنجي نظر ٽئين جيت تي پيئي، دل هرکجي ويئي ۽ ان کي به جهلڻ جو فيصلو ڪيم. هن نئين جيت کي جهلڻ لاءِ ساڄي هٿ وارو جيت کڻي وات ۾ وڌم، مگر سندس زهر ايڏو ته اثر وارو هو جو منهنجي ڄڀ اُمالڪ پَچي پئي ۽ ٿُوٿُو ڪري جيت کي ٻاهر اڇلائڻو پيو ۽ هتان وڃائڻو پيو. ايتري ۾ نئون جيت به پنهنجي جان بچائي غائب ٿي ويو.

اُنهن ئي ڏينهن ۾ ٻوٽن جي ماهر، پروفيسر هينسلو (Henslow)، سان سندس گهاٽي دوستي ٿي، جنهن کيس ارضيات (ڌرتيءَ جو علم (Geology =تي تقريرن ٻڌڻ تي آماده ڪيو.

انهن ڏينهن ۾ بيگل (Beagle) نالي هڪ جهاز ڏکڻ امريڪا ڏانهن وڃڻو هو، جنهن ۾ هڪ ”فطرت جي اڀياس ڪندڙ ماهر“ (Naturalist) جي ضرورت هئي. ڊاروِن ارضيات جي اڀياس ڪاڻ اتر ويلس جي دوري تي ويل هو. پروفيسر هينسلو ڪوشش ڪري بيگل جهاز تي جاءِ وٺرائي ڏنيس. ڊاروِن، بيگل جي ڪپتان فٽز راءِ (Fitz-Roy) سان ملڻ لاءِ لنڊن آيو. فٽز راءِ ماڻهوءَ جو مُنهن ڏسي سندس شخصيت ٻڌائڻ جي دعوا ڪندو هو. هن ڊاورن جو نڪ ڏسي چيو، ”ڊاروِن جو نڪ مون کي ٻڌائي ٿو ته هن شخص ۾ ايتري طاقت ۽ ارادي جي پختگي ڪانهي، جو هن ڊگهي سفر ۾ اسان جو ساٿ ڏيئي سگهي.“ ان سلسلي ۾ ڊارون هڪ هنڌ لکي ٿو، ”منهنجو خيال آهي ته فٽز راءِ کي هاڻ يقين ٿي چڪو هوندو ته منهنجي نڪ کيس غلط ڳالهيون ٻڌايون هيون.“

آخر، 27- ڊسمبر 1831ع تي، بيگل جهاز لنڊن مان روانو ٿيو. اهو سفر حقيقت ۾ ٻن سالن جو رٿيل هو، مگر پنجن سالن تائين هليو. جهاز ڏکڻ امريڪا مان ٿيندو گيليپوگوز (Galapogos)، تهيتي، آسٽريليا، نيوزيلنڊ، تسمينيا، سينٽ هيلينا ۽ ٻين ملڪن ڏانهن پڻ ويو. ڊارون پنهنجي سفر ۾ مختلف معدني شيون، گل ٻوٽا، پکي پکڻ ۽ ٻيا قسمين قسمين جانور ڪٺا ڪندو ويو، ۽ انهن جو گهرو اڀياس ڪندو رهيو. حقيقت ۾ اهوئي دور هو جڏهن سندس ذهن جي باقاعدي تربيت ٿيندي رهي؛ کيس فطرت جي مختلف شين جي کوجنا ۽ اڀياس ڪرڻ جو موقعو مليو، ۽ هو سوچڻ لڳو ته سڀ جاندار شيون زندهه رهڻ لاءِ هڪٻئي جون محتاج آهن. انهيءَ خيال اڳتي هلي ”ارتقا جي نظريي“ جي صورت اختيار ڪئي. سفر تان موٽندي هن پنهنجي مشاهدن ۽ انهن جي نتيجن کي لکڻ شروع ڪيو، ۽ جلد ئي ڇپرائي پڌرو ڪيو. 1838ع ۾ کيس جيالاجيڪل سوسائٽيءَ جو سيڪريٽري چونڊيو ويو، جنهن عهدي تي هو ٽن سالن تائين رهيو.

ڊارون 1839ع جي شروعات ۾، پنهنجي چاچي جي ڌيءَ، ايما ويجووڊ (Emma Wdgwood)، سان شادي ڪئي ۽ لنڊن ۾ رهي پيو. مگر صحت جي خرابيءَ ۽ لاڳيتيءَ بيماريءَ سبب کيس شهر جي زندگي ڇڏي لاچار ڊاؤن (Downe) نالي ڳو‎ٺ ۾ رهڻو پيو. اتي هو نويڪلائيءَ ۾ آرام سان پنهنجو ڪم ڪندو رهيو.

ڊارون کي سڄي عمر پيٽ جي شڪايت رهي، مگر پنهنجي تڪليف کي هو هميشه ٻين کان لڪائيندو رهندو هو، ۽ ورلي ڪو ان جو ذڪر ڪندو هو. سندس طبيعت جڏهن ڪجهه ڏينهن لاءِ ٺيڪ ٿيندي هئي تڏهن پنهنجي ڪم کي جنبي ويندو هو، ۽ وري صحت خراب ٿيڻ تي ڪجھ آرام ڪندو هو.

ڊائون ۾ شروع ۾ هو زمين جي علم متعلق ڪتاب لکندو رهيو ۽ ان سان گڏ پنهنجي خاص ”ارتقا جي نظريي“ متعلق به سوچيندو ۽ ويچار ڪندو رهيو. 1842ع ۾ هن پنهنجي نظريي ”فطري انتخاب“ (Natural Selection) جي اهم نُڪتن کي پنجٽيهن صفحن ۾ لکي پورو ڪيو. هن پنهنجي جاچ مان جيڪي نتيجا ڪڍيا، انهن تي مالٿوس (Malthus) جي ڪتاب Population (آبادي) جو گهڻو اثر پيو. ٻن سالن کان پوءِ ڊارون پنهنجي اُنهيءَ نظريي کي بهتر بنائي، 235 صفحن جو ڪتاب لکيو. ان کان پوءِ، هن وڌيڪ تجربا ڪرڻ ۽ پنهنجي نطريي لاءِ ثابتيون ڪٺيون ڪرڻ شروع ڪيون: پکين جي مختلف بناوتن جون تصويرون ڪڍيائين، انهن جي نسلن جي وڌجڻ ۽ گهٽجڻ تي غور ڪيائين، ٻچن جي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تي ڦٽڻ جي تبديلين ۽ ڦير ڦار تي ويچار ڪيائين. ان سلسلي ۾ پنهنجي دوستن سان صلاحون پڻ ڪندو رهيو. 1856ع ۾ سندس دوست لائيل (Lyell)، کيس پنهنجن تجربن مان حاصل ڪيل نتيجن کي ڇپائي پڌري ڪرڻ جي صلاح ڏني، ۽ ڊارون پنهنجي مشهور ڪتاب “Origin of Species” کي لکڻ شروع ڪيو.

ڊارون اڃا پنهنجو ڪتاب لکي پورو مس ڪيو هو ته هڪ ڏينهن صبح جو برطانيا جي مشهور ماهر فطرت، آلفرڊ رسل وئليس (Alfred Russel Wallace) جو خط ۽ ان سان گڏ هڪ مضمون مليس، جنهن ۾ وئليس ان ساڳئي نظريي جي اپٽار ڪئي هئي، جيڪو ڊارون پيش پئي ڪيو. توهان کي خبر آهي ته جيڪي شخص ذهين هوندا آهن ۽ علم سان واقعي سچي محبت رکندا آهن، سي ٻين جي حق تلفي ڪڏهن به نه ڪندا آهن. وئليس پنهنجي خط ۾ ڪتاب کي ڇپائڻ جي باري ۾ ڪجهه به نه لکيو هو، مگر ڊارون جي دل ۾ خيال پيدا ٿيو ته وئليس جي ڪتاب کان اڳ پنهنجو ڪتاب ڇپائڻ ۽ نظريي کي پنهنجي نالي سان منسوب ڪرڻ، هُن سان ناانصافي ٿيندي. پنهنجن دوستن سان صلاح ڪيائين. نيٺ هيءُ فيصلو ڪيو ويو ته وئليس جي مضمون ۽ ڊارون جي ڪتاب کي ساڳئي وقت ڇپرائي پڌرو ڪيو وڃي.

24- نومبر، 1899ع جو ڊارون جي ڪتاب “Origin of Species” جا هڪ هزار اڍائي سئو جلد ڇپجي، بازار ۾ آيا. توهان کي هيءُ ٻڌي عجب ٿيندو ته ساڳئي ڏينهن سج لهڻ کان اڳ اهي سڀ ڪتاب هٿون هٿ وڪامي ويا- چوڌاري هڪ طوفان مچي ويو- هڪ طرف مذهبي ماڻهن جا اعتراض ۽ حملا هئا، ته ٻئي طرف سائنسدان پنهنجي بچاءَ ۾ جواب ڏيئي رهيا هئا. يورپ ۾ اهي مناظرا ۽ جنگيون سالن جا سال هلندا رهيا. ايشيا جي ڪن پٺتي پيل ملڪن ۾ اهي مناظرا اڃا به پيا هلن. خير، ان هوندي به ڊارون جي نظريي کي مڃڻ وارن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌندو ويو. ڇو ته سچ سدائين سوڀارو ٿيندو آهي. ڊارون جي پوئلڳن ۾ حسابن، حيوانن ۽ ٻوٽن جي ماهر سائنسدانن جو تعداد وڏو هو.

ان ڪتاب جي پڌرائيءَ تي سڀ کان وڌيڪ مزيدار واقعو، جون 1860ع ۾ پيش آيو؛ جڏهن ”آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ“ جي هال ۾ برٽش ايسوسيئشن (British Association) طرفان هڪ عام ميڙ سڏايو ويو. ڊارون بيماريءَ سبب ان ميڙ ۾ نه اچي سگهيو. سندن دشمنن پاڻ ۾ صلاح ڪري مٿس ناجائز ۽ بي تڪا اعتراض ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو. آڪسفورڊ جو مشهور عيسائي پادري ولبر فورس (Wilberforce)، جنهن کي (Soapy Sam) يعني ”چڪڻو گهڙو“ سڏيو ويندو هو؛ سو ان سازش ۾ اڳواڻ هو. ڊارون پاران هگزلي (Huxley) ۽ هوڪر (Hooker) موجود هئا. مناظري ٻڌڻ لاءِ ماڻهن جا ميڙ اچي ڪٺا ٿيا. جنهن هال ۾ ميڙ ٿيڻو هو، سو پورو نه پيو ۽ ماڻهن کي ميوزم جي وڏيءَ لئبرريءَ ۾ ڪٺي ٿيڻ لاءِ چيو ويو. ان لئبرريءَ جو هال جيتوڻيڪ تمام گهڻو وڏو هو، تنهن هوندي به تِر ڇٽڻ جي جڳهه ڪانه بچي. هڪ ماڻهو جو ان ميڙ ۾ موجود هو، تنهن جو بيان آهي ته پادري اڌ ڪلاڪ تائين خشڪ ۽ بي تُڪي تقرير ڪندو رهيو. سندس تقرير مان ظاهر پئي ٿيو ته لفظ به لفظ ياد ڪيل آهي. پنهنجي تقرير جي آخر ۾ هگزلي ڏانهن منهن ڪري، ٽوڪ ڪندي پڇيائين، ته ”ڇا، مان پڇي سگهان ٿو ته تون ڪنهن جي طرفان باندر نسل مان آهين،- پنهنجي ڏاڏي طرفان يا ڏاڏيءَ طرفان؟“ ان ٽوڪ کان پوءِ هُن چارلس ڊارون جي نظريي کي عيسائين جي پاڪ ڪتاب انجيل ۾ ڏنل تعليم جي ابتڙ سڏي، پنهنجي تقرير ختم ڪئي. پادرين ۾ تاڙين ۽ سيٽين جو گوڙ پئجي ويو ۽ زالون پنهنجا رومال هوا ۾ اڏائڻ لڳيون. پادريءَ کان پوءِ هگزلي سائنسدان جي تقرير جو وارو هو. هُن سڀ کان پهريائين پادريءَ جي اڻڄاڻائيءَ کي ظاهر ڪيو ۽ ان کان پوءِ جاندارن جي پيدائش جي مسئلي تي بحث ڪندي، پادريءَ کي چيو ته ”تون چئين ٿو ته ’ارتقا جو نظريو‘، خداکي نه مڃڻ جي برابر آهي، پر تون ته خدا کي مڃڻ وارن مان آهين، ۽ توکي چڱيءَ طرح خبر آهي ته تون پنهنجي ڄمڻ کان اڳ هڪ ننڍڙو قطرو هئين- هن پينسل جي گوري جيترو!“ انهيءَ کان پوءِ هُن ’چڪڻي گهڙي‘ جي ٽوڪ جو جواب ڏيندي چيو، ”آءٌ پاڻ کي تو جهڙن بزرگن جي نسل مان سڏائڻ بدران ’باندرن جي نسل‘ مان سڏائڻ بهتر ٿو سمجهان. تو جهڙا بزرگ جيڪي پنهنجي تعليم ۽ عقل کي ڪوڙ ۽ تنگ نظري ڦهلائڻ لاءِ استعمال ڪندا رهن ٿا.“ هڪ دفعو وري هر طرف تاڙيون وڄڻ لڳيون ۽ واه واه ٿيڻ لڳي. گوڙ ايترو ته وڌي ويو، جو هڪ عورت بيهوش ٿي ويئي. ولبر فورس پنهنجي عادت موجب لڄ بچائڻ لاءِ مشڪندو رهيو. ”پاڪ ڪتاب پڙهندڙ“ پادرين جي ٽولي ما، ”ناپاڪ لفظن“ جا پڙلاءَ اچڻ لڳا، ۽ هگزليءَ تي ”گارين جو وسڪارو“ لائي ڏنائون.

ان کان پوءِ هوڪر جو وارو هو، جنهن ظاهر ڪري ڏيکاريو ته آڪسفورڊ جي پادريءَ، ولبر فورس، چارلس ڊارون جي ڪتاب جو هڪ لفظ به نه پڙهيو آهي، ۽ ٻوٽن جي علم جي بنيادي اصولن کان پڻ اصل اڻڄاڻ آهي. پادريءَ سندس جواب ۾ هڪ لفظ به نه ڪڇيو ۽ اهڙيءَ طرح مناظري جو خاتمو ٿيو.

ان کان پوءِ به ڊارون جي نطريي تي اعتراض ٿيندا رهيا، مگر هن پنهنجو ڪم جاري رکيو. هن ٽن سالن جي عرصي ۾ نباتات (ٻوٽن جي علم) تي ٻه ڪتاب لکي پڌرا ڪيا. ان کان پوءِ 1868ع ۾، هن پنهنجي ”ارتقا جي نظريي“ جي وضاحت ۽ ان جي دليل ۾ هڪ ڪتاب لکيو. 1871ع ۾، ساڳئي سلسلي ۾، پنهنجو مشهور ڪتاب (The Descent of man) لکيو، جنهن ۾ هن انسان کي چئن ٽنگن واري گوريلا باندر جي نسل مان پيدا ٿيل ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ مختلف انساني لاڳاپن متعلق ٻيا ڪي نظريا پڻ پيش ڪيا. 1872ع ۾ هن انسانن ۽ جانورن جي جذبات جي اظهار متعلق پڻ هڪ ڪتاب لکيو. پنهنجي زندگيءَ جا آخري ڏهه سال هن صرف نباتات جي مطالعي ۽ تحقيق ۾ صرف ڪيا.

ڊاروِن کي ناول پڙهڻ جو تمام گهڻو شوق هو، گهڻو ڪري اُهي ناول پسند ايندا هئس، جن جي پڇاڙيءَ ۾ خوشي هوندي هئي.

ڊاروِن، ڊائون ۾، 19- اپريل 1882ع تي وفات ڪئي. سندس موت تي سائنسدانن ۽ عام ماڻهن وڏي ڏک جو اظهار ڪيو.

چارلس ڊارون کي مئي هينئر سؤ سالن کان به وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي، پر سندس نالو ماڻهن جي زبانن تان لهي وڃڻ بدران پاڻ وڌيڪ عام ٿيندو وڃي ٿو. اڄ شايد دنيا ۾ ڪو اهڙو ملڪ نه آهي، جتي ڊارون جو ناماچار نه هجي. جيتوڻيڪ شروع کان سندس ڏنل نظريي جا ڪي مخالف رهيا آهن، پر اهي ائين آهن جيئن پاڻيءَ تي ڦوٽا. ڊارون جو نظريو روز بروز وڌيڪ مشهور ٿيندو پيو وڃي، ۽ سندس پوئلڳ وڌندا پيا وڃن. جنهن ماڻهوءَ کي ٿورو به حياتيءَ جي سائنس علم ۽ عقل هوندو، ۽ سچ کي مڃڻ لاءِ تيار هوندو، سو ڊارون جي نظريي کان انڪار ڪري ئي نه سگهندو. اڻويهين ۽ ويهينءَ صديءَ ۾ ٻئي ڪنهن به فيلسوف ۽ سائنسدان جي خيالن ”انساني ذهن“ کي ايڏو نه لوڏيو آهي، جيڏو چارلس ڊارون! دنيا جي وڏن ماڻهن جي حياتين جو احوال لکندڙن جو چوڻ آهي ته ”ناموريءَ جي محلات ۾، چارلس ڊارون جي ڪرسي، اسان کي دنيا جي هاڪاري سائنسدان، سر آئزڪ نيوٽن سان گڏ رکڻي آهي.“

(وڌيڪ پڙهو)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com