ڳوٺاڻن جو صبح
ڳوٺاڻا گهڻو ڪري مالوندِ مارو، هاري ناري ڪڙمي
ڪاسبي آهن. اسر جو ڪُڪڙن پويان دس هنيان ته هو
اٿندا. مرد اٿڻ سان گاهه پَٺو وجهندا مال کي. مال
به گاهه کي ڏسي اٿي بيهندو. زالن مان ڪن لاءِ اها
ٿيندي ٻُڙي گڏڻ جي مهل ۽ ڪن لاءِ جنڊ پيهڻ جو وقت:
ڪا مڪڙي آڪيڙن سان قابو ڪري، انّ جو ڳارو دُنر ۾
وجهي، هٿيو هٿ ۾ جهلي ويهي جنڊ کي گهمائيندي، ته
ڪا وري مانڌاڻي ماٽيءَ ۾ وجهي، ماٽيءَ کي مَنّ سان
ڍڪي، ان جي مٿان سِنگهر رکي مَنّ قابو ڪرڻ لاءِ
سِنگهر جون رسيون نهيري سان ٻڌي، نيٽي جون گِليون
هٿ ۾ جهلي، جهڻ جهُڳڻ ويهندي. هوڏانهن مال چَڪ وات
ڪيو ته ٿيندا ڏُهائيءِ لاءِ تيار. ٿڻن ۾ مال مڙي
بيهندو ته يڪدم پوين ڄنگهين ۾ ونگ وجهي، پُڇ به
انهن سان گڏ ڏانئي، ٿڻن کي پاڻي سان ڌوئي، ساڙهو
يا چَروڙي جهلي، بسم الله ڪري ڏهڻ شروع ڪندا. جنهن
جنهن مال کي ڦَرُ نه هوندو تنهن کي ڀاڙو ڏيئي
مِڙائين. ڀاڙو چون ڏارو، يعني ڪَڪڙا، گورا، چڻا،
بوسو، ڇاڻ، ٻاجهر جا ڪوهر ۽ سُڪل مانيون وغيره، جن
جون ڪونڊيون ڀري اڳيان مال جي رکن. مال کائيندو
ويندو ۽ مِڙندو رهندو. ڏُهائي ٿي بند، ته ڦَرن کي
ملي موڪل. ٿڻن مان کير لاهڻ ڪاڻ ٿڻن کي ٿُونا پيا
هڻندا. سج جون ناتاريون پيون نِڱنديون ته همراهه
سنبهي جوٽيندا جوڙا. هڪلي ڏاند هلندا هرن کي. ڪي
سانور سان سِڌو پَٽُ پيا سنداريندا، ڪي ڪيڻ پيا
ڪاهيندا، ڪي هر پيا هلائيندا، ته ڪي وري هلر هڪلڻ
۽ ڳاهه ڳاهڻ، رانههِ وائرڻ کي وڃي وچڙندا. گهر
ڌڃاڻيون جنڊ اُڍاڻي، ٿڦينديون لولا. ڪوسيون مانيون
ڪڍنديون، انهن تي مکڻ جو ٽيڙهو رکنديون، گهاٽيءَ
مهيءَ جو وٽو يا جُنگو ڀرينديون، ۽ ڌرارن پهنوارن
اڳيان رکنديون وينديون، جي کائي ٿيندا لٺ ۽ پوءِ
سڄي ڏينهن جي اوک پَلينُ. تنهن کان پوءِ ڇوڙيندا
مال کي، پهرائي هلندا جهنگ ڏي. ٿڌي هير پئي لڳندي
۽ ڌنارن جي هڪل ۽ هُنگر پيئي پوندي. ڏنڊڙي هوندن
ڪُلهي تي، پوءِ ”اُوهُوئو، آهوئو مُنجج ڪو
مَنجِيئو“ ڳائيندا، تنوارون ڪندا، مال تَڙيندا،
کيڏيندا ڪُڏندا پيا ويندا. گهر ڀاتياڻيون ٻُهاري
سُهاري ڪري، ٿانءَ ٿپا مانجهي، ڌوئي ڌپي، سانڍي
سميٽي، پڪل مانين جا ٿها ۽ جهڻ جا لوٽا ڀري،
هلنديون ٻنيءَ تي هارين کي کارائڻ. جي ڦٽي ڦوٽي يا
لائي لاباري جا ڏينهن هوندا ته گهر جي سانجڻ اسور
ڏيئي ورتينديون، پوءِ ٿينديون پورهيئ پٺيان
روانيو. جيڪي مرد ٻني ٻاري کان واندا هوندا، سي
مال جا ٿاڻَ وٿاڻَ ميڙي سيڙهي وڃي پنهنجي ڌنڌي جي
ڪندا ڪي زالون وري قطارون ڪري هلنديون کوهن تان
پاڻي ڀرڻ، جتي هڪڙيون ڦيرينديون چرخ کي ٻيو
جهلينديون وارو، پوءِ پاڻيءَ سان گهڙا مَٽ ٺُش ڪري
ڇڏينديون. پوءِ ٻيلهڙا رکنديون مٿن تي؛ ڪُپُڙا
کڻنديون ڪڇن تي، هلنديون گهر ڏانهن. اجهو اهڙو
ٿيندو آهي ڳوٺاڻن جو صبح!
لکايل: سگهڙ ٻيڙو فقير، ڪنڀر.
آچار جو ويچار
هڪڙو غريب شخص پنهنجو شهر ڇڏي، مزوريءَ لاءِ ڪنهن
ٻيءَ بادشاهيءَ ۾ ويو. پنهنجو اهل عيال پوئتي
ڇڏيائين، ۽ کين دلاسو ڏنائين ته آءُ ڪمائي ٿو
اچان. اُتي هڪ جوهريءَ وٽ وڃي نوڪر بيٺو. ان
جوهريءَ کي هي همراهه اهڙو ته پسند آيو، جنهنجي ڪا
حد نه رهي. جوهري هن کي پوئتي وڃڻ جي موڪل ئي نه
پيو ڏئي، پر هن کي پوئتي جي تمام گهڻي تانگهه هئي.
قدرت سان هڪڙي ڏينهن هن جي شهر جو هڪ سوداگر واپار
جي خيال سان ان شهر ۾ آيو، هن کي ملي ويو. ڏسڻ سان
ان کي چيائين ته ”ادا، آءٌ هتي پيو مزوري ڪريان،
جڏهن تون ڳوٺ وڃين، تڏهن ڪجهه امانت آءُ
ڏيندوساءِ، سا منهنجن ٻچن کي وڃي پهچائجانءِ.“
سوداگر وراڻيس ته ”ها.“ هن پوءِ اچي پنهنجي
جوهريءَ سان حقيقت ڪئي ته ”سائين، مون کي موڪل ڏيو
ته سٺو، آءُ پنهنجن ٻچن سان ملي اچان.“ تنهن تي
جوهريءَ چيس ته ”بابا، اڃا تو ڪو ايترو گهڻو ڪونه
ڪمايو آهي، تنهنڪري اڃا ٻه ٽي مهينا ترس ته تنهنجي
رقم گڏ ٿئي، پوءِ اُها ڳوٺ کڻي وڃ.“ تنهن تي هن
چيس ته ”ڀلا جي ايئن آهي ته پوءِ منهنجي ڳوٺ جو هڪ
ماڻهو آيو آهي، ڪجهه رقم ڏيو ته اها ٻچن کي
موڪليان.“ تنهن تي جوهريءَ هن کي چيو ته ”هيءُ هڪ
موتي وٺ جو لکن جي قيمت جو آهي، سو ٻچن کي موڪل.
پر، ڏسج ته موتي کڻي ويندڙ ماڻهو امانتي هجي، متان
ڪا بيماني ڪري.“ هو پاڻ شاهوڪار سوداگر آهي، هن کي
ڪا بک ڪانهي جو منهنجي امانت ڦٻائي.“ آخر هن موتي
وٺي اچي سوداگر کي ڏنو، ۽ چيو ته ”ادا منهنجن ٻچن
کي هيءَ امانت پهچائج ۽ چئجانِ ته هن مان گذر
ڪريو، آءُ ڪجهه وقت اڃا ڪمائي پوءِ ايندس.“
سوداگر موتي وٺي موٽي پنهنجي ڳوٺ آيو، مگر هن جي
دل ۾ اچي بيمان جاڳي. خيال ڪيائين ته موتي آءُ
ڦٻائي ويندس ته هن غريب ماڻهوءَ جي ڳالهه ڪوبه
اعتبار ڪونه ڪندو. پر پوءِ ٿورو خيال ٿيس ته هن
شهر جو بادشاهه عادل آهي، اُن کان بچڻ لاءِ ڪا
تدبير اڳواٽ سوچجي. سو ڇا ڪيائين جو هڪڙا ٽي شاهد
تيار ڪيائين، ۽ انهن کي لالچ طور ڪا رقم به
باسيائين. پوءِ شاهدن کي ساڻ ڪري اُنهيءَ غريب
ماڻهوءَ جي در تي آيو ۽ اچي آواز ڏنائين، جنهن
اُنهيءَ غريب جي گهر واري ڏيڍيءَ اندر پردي ۾ ٿي
بيٺي. هن سوداگر مائيءَ سان ڳالهائيندي چيو ته
”مائي، آءٌ فلاڻي ملڪ مان آيو آهيان، اُتي مون کي
تنهنجو مڙس گڏيو جنهن اوهان کي دعائون سلام چيا
آهن، ۽ هيءَ امانت اوهان لاءِ ڏني اٿس.“ ائين چئي،
هٿ وڌائي مائيءَ کي ڏهه رپيا ڏنائين ۽ پوءِ ٿورو
ٻاهر هٽي، وڏي سڏ چيائين ته ”مائي توکي امانت
ملي؟“ مائيءَ چيو ته ”ها، ادا! مون کي امانت ملي؟“
اهي اکر شاهدن به ٻڌا ته پوءِ سڀ هليا ويا.
ٻه چار مهينا گذريا ته هن غريب جوهريءَ کي چيو ته
”سائين، هاڻ آءٌ پنهنجن ٻچن لاءِ بيحد پريشان
آهيان، مون کي موڪل ڏيو ته هنن وٽ وڃان.“ جنهن تي
جوهريءَ هن کي ججهو مال ڏيئي، چيو ته ”تو مون وٽ
نهايت ايمانداريءَ سان نوڪري ڪئي آهي، آءٌ تو مان
حد درجي راضي آهيان ۽ آءُ تو کي پاڻ کان جدا ڪرڻ
نٿو گهران؛ پر اِئين به واجب ڪونهي ته آءُ توکي
ٻچن کان روڪي ويهاريان. هاڻي هي مال کڻ، ۽ ڀلي وڃي
ٻچن وٽ خوش گذار؛ پر هڪ ڳالهه ٻڌ، مون کي شڪ آهي
ته تنهنجو اڳوڻو موتي تنهنجي گهر نه مليو هجي. جي
ائين هجي ته پوءِ اُتي جي بادشاهه کي دانهن ڏج، ۽
جي تنهنجو داد نه ٿئي ته پوءِ تون اهڙي شهر ۾ نه
رهج، ۽ موٽي اچج.“ پوءِ ڏاڍي پيار سان هن کي موڪل
ڏنائين.
جڏهن هيءُ غريب پنهنجي گهر پهتو، تڏهن ڏسي ته ٻچن
جا اُهي ئي حال! بکن ۾ پاهه آهن. ڏاڍي عبرت لڳيس
ته جڏهن مون لکن جو موتي زال کي موڪليو، تڏهن هن
اُنهيءَ مان ٻچن کي ڇو نه خوش رکيو! پوءِ خيال
ڪيائين ته شايد زال کي انهيءَ موتيءَ جي قيمت جي
خبر ڪانه هئي، انڪري اِئين ٿيو آهي. اهو خيال ڪري،
هن زال کان پڇيو ته ”مون جو اوهان کي لکن جو موتي
موڪليو، پوءِ به ٻچن جو هيءُ حال ڇو آهي؟“ ”تنهن
تي زال جواب ڏنو ته ”شل تنهنجي سر جو خير هجي،
تنهنجا سلام ئي اسان لاءِ لکن رپين کان وڌيڪ هئا.
سوداگر ته مون کي فقط ڏهه رپيا ڏنا، ٻيو ڪو موتي
ته ڪجهه به ڪو نه هو.“ هن خيال ڪيو ته شايد سوداگر
منهنجي امانت محفوظ ڪري رکي آهي، ۽ خرچ لاءِ هيءَ
ٿوري رقم منهنجي زال کي ڏني اٿس، سو ويو سوداگر
وٽ.
خوش خيرعافيت بعد خبرن چارن ۾ غريب چيس ته ”ادا،
توکي شاباس هجي جو اِها قيمتي امانت پاڻ وٽ محفوظ
رکيئه ۽ منهنجي گهر فقط ڏهه رپيا ڏنئه. هاڻي ڀلائي
ڪري منهنجو موتي مون کي ڏي.“ سوداگر جواب ڏنس ته
”ادا، زالن جي مڪر ۾ نه اچ، مون تنهنجو موتي
تنهنجي زال کي پهچائي ڏنو آهي، پوءِ جي اُنهيءَ
وڃائي ڇڏيو ته منهنجو ڏوهه ڪونهي. خدا مون کي اها
مت ڏني، جو مون اها مانت معتبر شاهدن جي روبرو
تنهنجي زال کي ڏني. هاڻ هتان نڪري وڃ، مون کي
اهڙيءَ بي پتي عورت ۽ توتي ڪاوڙ ٿي اچي.“ غريب ڏٺو
ته موتي ته هي سوداگر کائي ويو ۽ اُلٽو ٿو
منهنجيءَ نيڪ عورت کي بدنام ڪري، سو، هن سان
زيادهه ڳالهائڻ فضول سمجهي، سڌو بادشاهه وٽ فريادي
ٿي ويو.
بادشاهه هن جي سڄي ڳالهه ٻڌي سوداگر کي گهرايو ۽
هن کي جوبادارن جي پڃري ۾ بيهاري چيو ته ”تو تي هن
غريب جي موتي ڦٻائڻ جو فرياد ٿيو آهي، توکي ان
لاءِ ڇا چوڻو آهي؟“ تنهن تي سوداگر جواب ڏنو ته
”سائين فرياد ڪوڙو آهي، مون کي هن موتي برابر ڏنو
هو، پر مون اهو فلاڻن شاهدن جي روبرو سندس زال کي
پهچائي ڏنو. هاڻ اوهين اُهي شاهد گهرائي اُنهن کان
حقيقت پڇو، پوءِ جيڪو فيصلو اوهين ڪندؤ سو مون کي
قبول آهي.“ بادشاهه چوبدار موڪلي شاهدن کي گهرايو
۽ اُنهن کان پڇيو، جي ڪوڙو قسم کڻي چئي ويا ته ها
سائين، سوداگر اسان جي روبرو موتي هن جي زال کي
ڏنو. اتي بادشاهه هن غريب ڏانهن منهن ڪري چيو ته
”اسان تنهنجي فرياد تي سڀني کي گهرايو ۽ شاهدن کان
قسم تي پڇا ڪئي، جن به سوداگر جي حق ۾ شاهدي ڏني،
جنهن مان معلوم ٿو ٿئي ته موتي برابر تنهنجي گهر
واريءَ کي مليو آهي جنهن وڃايو يا گم ڪيو آهي ۽ تو
اجايو هن شريف ماڻهوءَ کي رُلايو آهي. وڃ، وڃي
پنهنجي گهر ۾ موتيءَ جي ڳولا ڪر.“ هي غريب ماٺ ڪري
ويو هليو.
بادشاهه جو وزير جو نهايت عاقل هو، تنهن سمجهي
ورتو ته هن جو فرياد سچو آهي، شاهد گواهه سڀ ڪوڙا
آهن. تنهن بادشاهه کي چيو ته ”سائين، توهان آچار
برابر پورو ڪيو، پر ويچار ڪونه ڪيو.“ بادشاهه چيس
ته ”اهو وري ڪيئن؟ اسان ته شاهدن کي شرعي قسم ڏيئي
پڇيو ۽ اُنهن جي بيان موجب ئي فيصلو ڪيو. پر جي
تون اڃا سمجهين ٿو ته فريادي سچو هو ته اهو
’ويچار‘ تون ڪري ڏيکار!“ وزير اها ڳالهه ٻڌي
بادشاهه جي روبرو هام هنئين، ۽ چيو ته ”چڱو، شاهي
حڪم ٿئي ته فريادي، جوابدار،فريادي جي زال ۽ ٽيئي
شاهد- جملي ڇهه ئي ڄڻا صبح جو سوير اچي حاضر ٿين.“
بادشاهه چوبدار هٿان سڀني کي اهو حڪم موڪليو، جنهن
تي هي سڀئي صبح جو اچي درٻار ۾ حاضر ٿيا. انهيءَ
کان اڳ وزير ڇا ڪيو، جو ڪنڀر کان ڳوهيل مٽيءَ جا
پنج ست سير گهرائي، درٻار ۾ رکيا، ۽ ڇهه جدا جدا
ڪوٺيون خالي ڪرايون. جڏهن هي سڀ حاضر ٿيا، تڏهن هر
هڪ ڪوٺيءَ ۾ هڪ هڪ ماڻهوءَ کي رهايائين ۽ پنهنجي
’ويچار‘ جو ثبوت ڏيڻ لاءِ، پهريائين هن هڪڙي شاهد
کي گهرايو ۽ چيو ته ”تو ڏٺو ته سوداگر اهو موتي
غريب جي زال کي ڏنو؟“ هن چيو ته ”هائو سائين،
منهنجي روبرو سوداگر موتي ڏنو.“ تنهن تي وزير چيس
ته ”چڱو، هتان ڳوهيل مٽي کڻ ۽ اهڙو موتي هن ڪوٺيءَ
۾ بيهي ٺاهي آڻي ڏيکار.“ شاهد ته هو ڪوڙو! هن اهو
موتي ته نه پر ڪڏهن ٻيو موتي به ڪونه ڏٺو هو، سو
اچي منجهيو ته هاڻ ڇا ڪجي. انهيءَ ويچار ۾ هن کي
ياد آيو ته هڪ دفعي ماڻس جي چلم ڀڃي وڌي هئي ۽
ماڻس چيو هو ته ’ابا، تو ته منهنجي املهه موتيءَ
جهڙي چلم ڀڃي ڇڏي.“ لاشڪ موتي چلم جهڙو ٿئي ٿو.
انڪري انهيءَ مٽيءَ مان ويهي چلم جوڙي، ۽ ٺاهي
بادشاهه وٽ کڻي آيو ۽ چيائين ته ”سائين، اُهو موتي
اجهو ههڙو هو.“ وزير هن کان اها چلم وٺي کڻي رکي،
۽ هن کي ڪوٺيءَ ۾ ويهاري ٻئي شاهد کي گهرايو. ان
کي به اهي اکر چيائين ته جيڪو موتي سوداگر تنهنجي
روبرو ڏنو، اهڙو ٺاهي ڏيکار. پر هن جا به حال
ساڳيا هئا. هن به ڪڏهن موتي ڪونه ڏٺو هو، سو ويٺو
ويچار ڪرڻ ته هاڻ ڇا ڪريان ته اوچتو هن کي ياد آيو
ته ماڻس جي پاٽ ڀڄي پيئي هئي ۽ هن چيو هو ته ’ابا،
اڄ موتيءَ جهڙي پاٽ ڀڄي پيئي.‘ تنهن تي هن سمجهيو
ته موتي پاٽ جهڙو ٿو ٿئي، سو ويهي پاٽ ٺاهيائين، ۽
آڻي وزير کي ڏنائين ۽ چيائين ته ”سائين، موتي اجهو
ههڙو هو.“ وزير اها پاٽ کڻي لڪائي رکي، ۽ ٽئين
شاهد کي گهرائي اُن کي به ساڳيو حڪم ڏنو. هي شاهد
به اچي ويچارن ۾ پيو ته هاڻ ڇا ڪجي. هن کي به ياد
آيو ته هڪ دفعي ماڻس جو ڇڄ چورائجي ويو هو ته
’هاءِ، هاءِ، منهنجو موتين جهڙو ڇڄ کڄي ويو‘‘ سو
هن وري وري ويهي ڇڄ ٺاهيو ۽ آڻي وزير کي ڏنائين.
وزير اهو به رکي، پوءِ فرياديءَ کي گهرايو ۽ اُن
کي چيو ته ”هاڻ اُنهيءَ موتيءَ جهڙو موتي مٽيءَ جو
ٺاهي ڏيکار.“ هن غريب ڪا به دير ڪانه ڪئي. کڻندي
ئي مٽيءَ جو ذرو، هٿن ۾ ئي بلو جهڙو گولو ٺاهي
کڻي، اڳيان رکيائين. پوءِ جوابدار کي سڏ ٿيو ۽ ان
به حڪم موجب اهڙو ئي بلور جهڙو گولو ٺاهي، اڳيان
رکي چيو ته ”مون ههڙو موتي فرياديءَ جي زال کي ڏنو
هو.“ پوءِ سڏ ٿيو مائيءَ کي ۽ ان کي به چيو ويو ته
موتي ٺاهي ڏيکار. جنهن تي هن جواب ڏنو ته سائين
مون موتي ڪڏهن به اکين سان ڪونه ڏٺو آهي، پوءِ آءُ
موتي ڪيئن ٺاهي سگهنديس. اتي وزير بادشاهه ڏانهن
منهن ڪري چيو ته ”سائين، ’آچار‘ ڪرڻ جدا شيءِ آهي،
۽ ’ويچار‘ ڪرڻ جدا شيءِ آهي. هاڻ منهنجي ويچار
ثابت ڪيو ته نه جوابدار موتي مائيءَ کي ڏنو آهي، ۽
نه وري ڪو شاهدن ئي موتي ڏٺو آهي.“ بادشاهه پنهنجي
غلطي قبول ڪئي ۽ سوداگر کي حڪم ڪيائين ته ”تنهنجا
شاهد سڀ ڪوڙا آهن. هاڻي ڏنڊ ۾ اهڙا پنج موتي غريب
کي ڏي!“ پوءِ ته وڌيڪ سزا به ڏنائينس ۽ شاهدن کي
به جيل اُماڻيائين. اهڙيءَ طرح سان ”آچار“ ۽
”ويچار“ جو فيصلو ٿيو ۽ حقدار کي حق مليو.
امداد حسيني
ننڍڙن کي نصيحت
ٻارو! پاڻ ۾ گڏجي رهو، ڪينو ڪُپت سڀ دل مان ڪڍجو،
ڪين اڪيلو ڪنهن کي ڇڏجو، سڀڪنهن سور کي گڏجي
سَهجو:
ڳالهه وڏن جي هرڪا مڃجو،
تن جي ادب ۾ هردم رهجو.
ڪنهن جو عيب نه ڳولي ڪڍجو، ڪڏهين خراب نه ڪنهن کي
چئجو،
ڏاهپ ڏاڍي قابو جهلجو، وات مان بڇڙو لفظ نه ڪڍجو:
پاڻ ۾ ميٺ محبت سان رهجو
ڪاوڙجو ته به جلدي ٺهجو.
اسڪول ڏي ڏاڍيءَ حب مان هلجو، گڏجي وڃجو، گڏجي
اچجو،
ڏاڍي شوق سان لکجو پڙهجو، جيئن جڳ ۾ وڏا ماڻهو
سڏجو:
ماستر جي ڳالهه ڏئي ڪَن ٻُڌجو،
اهڙيءَ طرح سان اڳتي وڌجو.
(وڏيڪ پڙهو) |