آسماني ادب
ماڻهن سان سهڻو ڳالهايو.
- 9، البقرة، قرآن شريف.
***
۽ خدا جا نيڪ ٻانها اهي آهن، جيڪي زمين تي
نوڙت سان گهمن ٿا ۽ جڏهن بي سمجهه ماڻهو ساڻن
ڳالهائڻ لڳن ته چون ته سلامت هجو.
- 63، الشعرآء، قرآن شريف.
***
۽ پوءِ عام ماڻهن کانئس پڇيو ته ’نيٺ ڇا ڪجي؟‘
پاڻ وراڻيائين، ’توهان مان جنهن وٽ ٻه ڪوٽ
آهن، سو هڪ ڪوٽ انهيءَ کي ڏئي جنهن وٽ هڪ به
نه آهي، ۽ جنهن وٽ کاڌو آهي سو به ائين ڪري.
- ليوڪ، 3، 10، 11، انجيل پاڪ
***
اُٺ ته سُئيءَ جي پاکڙي مان سولائيءَ سان
لنگهي سگهي ٿو، پر هڪ شاهوڪار شخص جو خدا جي
بادشاهت ۾ داخل ٿيڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.
- ليوڪ، 18-25، انجيل پاڪ.