نوٽ؛ ”ڪيسر“ سنڌي ۾ ٿيو آهي ”ڪيهر“ (”س“ تبديل
ٿي ”هه“.
1-ڦاسي.
(س – هه) ڦاهي.
2-
ساس
=
ساهه.
3-
ماس =
ماهه (گوشت).
4-
ماس
=
ماهه (مهينو، چنڊ).
5-
اُرس
=
ارهه (ڇاتي).
لوڏ ڪنجل.
هاٿي جي لوڏ.
مور.
(سن.
مَيُورَ)، مور پکي، طائوس. مورَ جي ٽورَ به
عجيب آهي.
ملنگ. ف.
فقير، ڀڀوتي، خاڪسار.
مور ملنگ.
محويت ڀريو مور پکي. مورُ، ڊيلَ ڏسي، چريو ٿي،
نچندو آهي.
ماري مور ملنگ.
چرين رقاص مورن جي ٽورَ کي به شهه ڏيو ڇڏي.
لڪ ڪيسر ڪي لوڏ ڪنجل الخ.
ڪيهر شينهن جهڙي لڪدار چست چيلهه ۽ هاٿيءَ جيهي
ڌِيمي ڌِيمي لوڏ ته مور جي ٽِيلي ٽورَ کي به
شَههَ ڏيو ڇڏي.
قمر. ع.
چنڊ.
اُڀ.
(سن.
اَڀرَ)، آسمان، آڪاس.
اُمنگ. (سن. اَمنگَ. اَد
=
مٿي
+
مَنگَ
=
هلڻ)، اُڌمون ، دل جو پُورُ .
شمس قمر قربان ٿين الخ.
سج، چنڊ به سندس حسن تي جان نثار آهن ۽ مٿي اُڀ
۾ پيا رشڪ کائين.
پتنگ.
(سن.
پَتَنگَ) پروانو، جو جوت تي مرندو آهي ۽ هڪ عاشق
سان تشبيهه ڏيندا اٿس. هلڪي جوت، ڏِئي، شمع ڏياٽي
۽ قنديل تي ٻاهر نڪرندو آهي ۽ ان جي ويجهو وڃي،
موت جو شڪار ٿيندو آهي. ڏِئيِ جي گئس يا
دوُنهين ۾ هن جو کاڌو آهي.
جلن.
جلڻ.
(سن. جوَلَنَ)، سڙڻ، کامڻ، پچڻ.
عاشق مثل پتنگ الخ.
جلال چوي ٿو ته ”عاشق ويچارا (اهڙي شمع اڳيان)
پتنگ وانگي، ڇو نه جلي، سڙي وڃن.
{10}
عرق. ع. رس، تَتُ، سَتُ. هت اشارو: پگهر ڏانهن.
عنبر. ع. ڪاري ميڻ جهڙي سُرهي شي.
مصرع؛
هڪدم ڇَتا نه ڇوڙ، جو عنبر ٿو هارجي.
(مرتضائي)
ڇتا
=
وار.
عرق عنبر تي.
خوشبودار پگهر تي.
ال.
(سن.
اَلِ) ٻچو ؛ ڀونر.
اک. وار.
ڏهس؛
اَڳُ، ريڌا، ڪيسَ، ڪَچهَين، تَلَنگَ، چِيڪُرَ،
وارَ،
شَعر، موءِ، ڦُٽهين، سِر ساجن ڪا سينگار.
الريا.
الرڻ.
(سن.
اُلسَلَسنَ)، هيٺ مٿي ٿيڻ ، ڪَرُ کڻڻ.
ال اگ، الريا.
ڀونري (ڀوَنر جهڙا ) وار ڪريا، سيه وار ڍريا.
پيني.
پين . نانگ. (ص 57 ڏهس)
پين.
پيڻ.
پيئڻ. (سن.
پانَ)
عرق عنبر تي ال اگ الريا الخ.
سيه وار (محبوب جي منهن تي) ڪريا، سي نانگ ٿي.
خوشبودار پگهر پيئڻ لڳا.
نانگ، ماٽَ يا ماڪَ تي گهايل رهي ٿو. چون ٿا ته
جيستائين صبح جو ماڪَ نه چَٽيندو آهي، تيستائين
پريشان رهندو آهي. هت محبوب جو ”پگهر“، ”ماڪ“
آهي ۽ ”وار“ ”نانگ“.
ڦهوڳڻ.
گلن جي ڇاڻ.
ڦول ڦهوڳڻ.
ڦول ڇار.
ڦونٽي.
ڦينٽو. پٽڪو؛ چادر
ڦول ڦهوڳڻ ڦونٽي ڦڙ ڦڙ.
ڦول ڇار چادر چٽيل، گلن جي دٻڪ دٻڪ واري چادر.
اوڍي.
اوڍڻ.
(سن. اُدوڍَن)، ڍڪڻ، پهرڻ، پائڻ.
اخضر. ع.
سبز رنگ، سائو رنگ.
گلن جي چادر يا ڦوٽن جي دٻڪ دٻڪ واري ٽِيلگوني
سائي چادر، حضور جن کي ”يَمنَ“ کان تحفي طور ملي
هئي ۽ سندن ارشاد موجب، کين ساڳي يمني چادر ۾ دفن
ڪيو ويو هو. جامي فرمائي ٿو؛
بُرون آور از بُردِ يمالي،
که روئي تُست صبحِ زندگاني.
(زليخا)
يمن جي ڇريل چادر مان منهن کول،
ڇو ته تنهنجو منهن مبارڪ ته حياتيءَ جو سُهائو
آهي.
هڪ روايت موجب چون ٿا ته جئَن جامي (رحه) هي بيت
پڙهيو، روضه ۾ زار زار پئي رنو ته ڪنهن کي آواز
ٿيو ته هن چرئي عاشق کي چئو ته ماٺ ڪري، جي نه، ته
اسان ٻاهر نڪري، کيس ڀاڪر پائينداسون ۽ قيامت هڪدم
برپا ٿي ويندي.
ڦول ڦهوڳڻ ڦونٽي ڦڙ ڦڙ الخ. گلدار چادر، مٿانئس ڦل
ڦل مکڙيون، يعني: هو سبز نيلي چادر پهَرين ٿا.
ٻاڻ.
(سن
. باڻَ)، تير. مجازاً، مزگان، جي ٻنهي طرفن آهن.
ٻپر.
ٻه پارا. (سن. دوِ
+
پارَ)، ٻنهي طرفن جا.
ٻاڻ ٻپرسل.
ٻنهي طرفن تير جا ٽنگ.
سيف. ع.
تلوار.
دپارا.
(سن.
دوِ
=
ٻه
+
پارَ
=
پاسو)، ٻنهي طرفن.
سيف دپارا.
ٻنهي طرفن تلوار. يعني : ڀرن جي دو طرفي تلوار.
هرڻ
. (سن. هَرِڻَ)، آهو.
هرڻ هبين.
هبن (جبلن) جا هرڻ.
سحر. ع.
صبح
هرڻ هبين حيران ٿيا الخ.
هب جا هرڻ به سندس (صبحگاني) تازه نرگسي اکين کي
ڏسي، حيران رهيا.
پٽ چيها.
پَٽَ (برپٽ) جا چيها.
حمر. ع.
احمر، ڳاڙهو.
پٽ چيها اچي پيش پيا الخ.
هو ڳاڙها پَٽَ جا جيتامڙا پکي به سندس لال رنگ
کي ڏسي، شرمساري ڏيکاري ويا.
الڪيو.
الڪڻ.
عاجز ڪرڻ، هَٽڻ، موٽڻ.
حسن حبيبن اڳيان الڪيو الخ.
سندم محبوب جي حسن، سج ۽ چنڊ (جي حسن) کي به
نيزاري ڪرائي ڇڏي. يعني: محبوب آڏو سج ۽ چنڊ ڇا
آهن؟
وڄ.
(سن. وِديُتُ. و
=
گهڻو. ديُت
=
چمڪڻ)، کنوڻ، بجلي.
ورڪيو.
ورڪڻ.
(سن. وَ رتَنَ)، ڦرڻ، ورڻ؛ چمڪڻ، تجلڻ.
ول.
(سرا).
ور، وڪڙ. اشارو: چيلهه ڏانهن. (سن. وَرت
=
ڦرڻ)
باهه.
(سن.
وَنهِه)، آگ.
ببر. ف.
شينهن.
ڀڙڪي باهه ببر کي.
شينهن کي اُماڙي لڳي وئي.
وڄ جيان ورڪيو ول وينجهر جو الخ.
هن هوشيار پارکو جي ڪمر، وِڄُ جان چُست طرح
لِچڪِي، جو ببر شينهن کي به رشڪ اچي ويئي. يعني:
محبوب جي چيلهه، شينهن جي چيلهه کان لڪدار ۽ سهڻي
هئي.
او.
(سن.
سَهه)، هو. محبوب.
ماري.
مارڻ.
(سن.
مارَڻَ)، ماري ڇڏڻ.
او ٿو ماري.
محبوب ٿو ماري؛ شَههَ ٿو ڏئي.
مرمر.
سنگ مرمر. يو. هڪ قسم جو نرم ۽ چَمڪِيلو پٿر.
او ٿو ماري مرمر الخ.
جلال چوي ٿو ته ”هو (محبوب) پنهنجي بدن جي جوڙ ۾،
مرمري سفيدي کي به ميساري ڦٽو ٿو ڪري.
{11}
ونڪا.
ونڪو. (سن. وَنڪَ؛ وَڪرَ)، بهادر.
ورونهه.
خوشي، صحبت، مجلس.
ورونهڻ.
(سن.
وِنودَنَ)
ڪتر:
(سن.
ڪَرتّنَ
=
ڪَترڻ) قينچيءَ جو قسم. هت معنيٰ:
دانائي يا حڪمت جو اوزار.
ونڪا ڪر ورونهه الخ.
همت ڀريا جوانَ، وڃي، انهيءَ ڪامل وٽ صحبت ڪر،
جنهن جي هٿ ۾ صفائيءَ جي ڪَتَرَ آهي. يعني جن وٽ
نفساني خيالات ڪپڻ جي قينچي آهي.
اڇو.
(سن.
اَچڇَ)، صاف، صفا.
توتڙ.
سارين جون کلون.
توهه.
تُههَ. جوئر، ٻاجهري وغيره جي تُهِي. (سن.
تُشَ).
اڇو ڪندءِ ان جان الخ.
اهي ڪامل، تو مان توتڙ ۽ تُههَ (نفساني خيال) ڪڍي،
راههَ جي اَنّ َ جيان ، واوِري، صاف (پاڪ دل)
ڪري ڇڏيندا.
ساهيندا.
تو کي ساهيندا. ڇڪيندا.
ساهڻ.
سهڻ. (سَهه).
سينڱ
(سن.
شارَنگَ)، ڪمان.
سچي سينڱ.
سچي ڪمان، جنهن کي ڇڪڻ سان، ٻئي گوشا (ڪُنڊوُن يا
نُڪا) اچي ملن.
روغن. ف.
تيل؛ مَکُ؛ رنگ. هت معنيٰ: نوراني رنگ.
ڏئي روغن مٿان روح.
روح مٿان نوراني رنگ ڏيئي (تنهنجي دل نرم
ڪندا.)
ساهيندءِ سچي سينڱ جان الخ.
تنهنجي روح کي نوراني رنگ ڏيئي، موڙي، پنهنجي طرف
ڇڪيندا.
سنجهه.
(سن.
سَنڌيا)، سنجهو، سانجهي؛ سويل ئي.
جودون. 7 ف.
زودون. زود. جلدي، تڪڙو.
اسان جي خيال موجب ”جودون“ مخفف ”وجودون“ جو به ٿي
سگهي ٿو:
جودون جنين ڪاڻُ، هُو جا پُري پَنڌَ تي،
زوُد روان ٿانگَئي روَان، پَري ٿيو پِرياڻُ،
مليس ڏُهاڳي ڏاڻُ، ساڪَرَ سندو سيجَ تي،
(آخوند پيارو)
جودون
=
وجودون، وجودان، وجود سان، اخلاص سان، سچي دل سان.
زود روان ٿانگئي روان (بلو). جلد وڃان پر ڪيئَن
وڃان. پر پاڻ
=
محبوب جو ملڪ. ساڪر
=
پٿرن جي ڀور. سيج تي (سسئي کي) ڏهاڳ جو ڏاڻ
(بخشيش)، سو جبل جي پنڌ ۾ مليو هو.
تن وٽ سنجهه صبوح الخ.
جلال چوي ٿو ته ”اهڙن مانجهي مردن جي مڪان تي، صبح
سانجهي (هر روز) دل جي اخلاص سان ويندو رهه.“ يا
”بنا دير (سواءِ ناغي جي) ويندو رهه.“
{12}
چست. ف.
تيز، تڪڙو ؛ چالاڪ.
چلي.
چلڻ.
(سن. چَلَنَ)، هلڻ، وڃڻ.
مون چاهه.
چاهه مان، سِڪَ مان.
خانه. ف.
گهر، مڪان، جاءِ.
خردوندن.
واحد، خردوند.
ف.
(خرد
=
سياڻپ
+
ولد)، سياڻو، داناءُ.
چست چلي مون چاهه الخ. تن عقلمند عارفن جي تَڏي،
وڏي سڪ مان، ترت هلي وڃ.
اجار.
اجارڻ.
(سن.
اُجَولَ. اُت
+
جوَلَ
=
چمڪڻ)، روشن ڪرڻ.
دڪان. ف.
هَٽُ، مڪان، ڪچهري يا مجلس جي جاءِ.
هت اشارو آهي ميخاني ڏاهن، يعني: گُتي جي هَٽَ
ڏاَنهن. تصوف موجب فارسي جا شاعر، شراب کي، هڪ
اهل الله جي مڪان ڏانهن نسبت ڏيندا آهن، جتي سندن
وجود مسعود گويا الستي شراب جو دڪان کوليو ويٺا
آهن. سندن محبت واري نظر، فيض اثر، جي پَلٽَ سان،
هن دنيا و مافيها جو خيال مَٽي، الستي بي خودي جو
نشو ڏيو ٿا ڇڏين.
دل اجار دڪان اتي.
پنهنجي دل اهڙي ميخاني تي وڃي، دنيا جي گيرٺ کان،
الستي شراب جي بيخود نشي سان اجاري، پاڪ ڪر.
ديک
.
ديکڻ.
(سن. درَشَ)، ڏسڻ.
داناه.
ف.
دانا. ڄاڻندڙ، سياڻو. تجربيڪار.
دانستن
– دان
=
ڄاڻڻ، سمجهڻ.
پٻ.
پير. (سن.
پَدَ).
پٻ گير.
پير وٺندڙ ، پيرين پوندڙ.
پٻ گيري.
قدم بوسي.
پٻ گيري پيش پَو.
قدم بوسي طرح يا وڏي نياز سان پيش پوَ.
انچر.
(سن.
اَنچَلَ)، دامن، پَلوَ، پلاند.
انچر وٺي ڪر اَه.
محبوب جو دامن پڪڙي ، پنهنجو حال، دانهن ڪري
ٻڌاءِ.
پٻ گيري پيش پوء الخ.
سندن پير وٺي، وڃي پيش پوء ۽ سندس پَلئو پڪڙي،
پنهنجو حال زار بيان ڪر.
صيقل. ع.
ڪَڙوَ (ڪَٽُ لاهيندڙ) اوزار، جو مَلي، مَهٽي، ڇيها
ڏئي، ڪَٽُ لاهي؛ سراڻ.
عجب صيقل اسان هـٿ ۾ رکيــو هــو،
جو زنگي کي هنيوسون، سونُ ٿي پيـو.
(مسلمان نامه- عاصي)
هو ٿي صاحب صيقل جا ڌڻي.
هو صيقل جا صاحب آهن. هو پارس پَهڻ اَٿَئِي، جو نه
رڳو مليندا آهن، پر سونَ ورنو صاف به ڪري
ڇڏيندا آهن.
من.
(سن.
مَنَس)، چت، دل.
مليو.
ملڻ.
(سن.
مَلَنَ: مَردَنَ)، ميل اتارڻ.
ماهه.
ف.
چنڊ.
هو ٿي صاحب صيقل الخ.
پَڪَ ئي پَڪَ ته هو عرفالي قلعي گر اَٿئِي، جي دل
کي رندو هڻي، چنڊ جيهو روشن ڪيو ٿا ڇڏين.
افلاطون.
(427-347 ق .م) بن ارسطان، مشهور يوناني فلسفه دان
۽ مصنف هو. اٿينس ۾ ڄائو هو. سقراط سندس استاد ۽
ارسطو سندس شاگرد هو. وڏي عقل واري کي، افلاطون
سان مشابهت ڏيندا آهن.
هو ٿي افلاطون عقل جا.
عقل جا افلاطون، يني: محبتي يا روحاني علم جا قابل
يا ماهر آهن، جي تلقيني گفتگو سان، دل جي گمراهه
حالت روشن ڪيو ٿا ڇڏين.
شاهي . 7 ف .
سياهي. مَسُ؛ ڪاراڻ؛ ڪٽ، زنگ، ميل.
شاهي لاهن شاهه.
اهي شاهه (اهل الله) سياهي (دل جي) لاهين ٿا.
افلاطون عقل جا الخ.
هو عقل جا به فيلسوف اَٿئِي، جن جي تلقين، انڌي
قلب جي سياهي ميساريو ڇڏي.
تن وٽ سنجهه صباح.
(ص72)
{13}
وصال. ع.
گڏجاڻي، ميلاپ، محبت، صحبت.
ڪوڌل قابل وٽ الخ.
تون اهڙي ڪُل عارف وٽ، ڪا گهڙي (تل) ويهي. صحبت
ته ڪري ڏس.
ميا.
(سن.
مايا)، ڌن، دولت، حرص.
مامرو. 7 ع.
مُعاملھ. ڪاروباري ڪم؛ ڏوجهرو جَنجَلُ.
ڇڏ ميا جو مامرو.
اي دنيا جا شيدائي، هن مايا جي مال جو حرص يا
ڏوجهرو، في الحال ته ڇڏي ڏي.
ڌوئي.
ڌوئڻ.
ڌئڻ. (سن. ڌاوَنَ)، صفا ڪرڻ، اُجلو ڪرڻ.
ڌوپت.
(سن.
دَرپَڻَ)، آهينو، آرسي، درسني.
دَراپَتا تون دل جِي، عمر آجِي ڪَرِ،
درَپَتِي جي دانهن کي، راڻا، راجي ڪَرِ،
ادا، آجي ڪَرِ، ته درَپَتِي تو دُور ٿئي.
(جوڳيسر)
دراپتا
=
آهينو. آجي
=
آزاد. درَپَتِي
=
آهيني جي ڌوڙ؛ موڙهل.
راجي
=
راضي. آجي
=
آزي. درَپَتِي
=
کوٽ، گندو ذهن.
ساهه.
(سن.
شواسَ)، روح، دم
سال. ف.
سڌو، سالم، صفا.
ساهه سينگارن سال.
روح کي، عشق جي آگر (اگربتي) سان مڪمل طرح ٿا
اجارين. يعني: گمان ۽ شڪ شڪوڪ ڪڍي، اُجاري ڇڏين
ٿا.
ڌوئي درپت جان ڪري الخ.
اهي سالڪ، ساري جانِ کي آهِيني وانگي ڌوئي، شفاف
ڪيو ٿا ڇڏين. يعني: تنهنجي دل (قلب تان گناهن جي
ڪَٽ ۽ نفساني خيالات) کي اهڙي نموني ڌوئيندا، جو
آهيني مثل ٿي پوندي.
دوڙي.
دوڙڻ.
ڊوڙڻ. (سن.
ڌورَڻَ)، ڊڪڻ، ڀڄڻ.
هٿ .
(سن.
هَستَ)، ٻانهون.
هٿ ٻڌڻ.
(اصطلاح)، ٻانهون ٻڌڻ، آڻ مڃڻ، عاجزي ڪرڻ.
دوڙي وڃ دڪان تي الخ.
تون سندن مِيخاني تي سگهو وڃ ۽ هَٿَ جوڙي، پنهنجي
دل جو بيان ڪر.
ڪڍندءِ.
تو مان ڪڍندا.
ڪڍڻ.
(سن. ڪَرشَڻَ.)
ڪسوٽيون.
واحد. ڪسوٽي. (پرا. ڪَسَوَٽِي. سن. ڪَشَپَٽِي).
سونَ پرکڻ جو پٿر.
ڪس.
(سن.
ڪَشايهَ)، ڪارا لينگها يا ليڪا.
ڪڍندءِ ڪسوٽيون ڪس جون.
ڪَسُ جون ڪسوٽيون ڪڍندءِ. ڪسوٽيءَ سان پرکي، ڪَسُ
ڪڍندءِ تو مان ڪَسُ جا لينگها ڪڍي ڇڏيندا.
نيئي گڏيندءِ لال.
اهڙو ڪري ڇڏيندءِ، جهڙو لال موتي يا لعل (رنگ)
بدخشاني گوهر. تو کي لال موتي ڪري ڇڏيندا.
ڪڍندءِ ڪسوٽيون ڪس جون الخ.
هر دل جي ڪَس جا لينگها ڊاهي، تو کي به لعلن
مَٽُ ڪري ڇڏيندا.
نڪتي. ع.
نُڪتھ باريڪ سخن، لطيف سخن، خدا وارن جو اونهون
تلقيني اهڃاڻ، جنهن مان ڳالهه جي حقيقت يا ماهيت
معلوم ٿي وڃي.
ذهن. ع.
قوَتِ خيال.
زوال . ع.
چَٽُ، ناسُ خلاص.
نڪتي مون نادان ٿئي الخ.
جيڪو محبوب جي تلقيني نُڪتي مان به نه سُڌري، ته
چئبو ته هُن جو ذهن ناس ٿي چڪو آهي .
گرول.
(سن
گراوَن)، پٿر
ڦاڪون.
واحد. ڦاڪ. (ڦَلَڪَ) ڦار.
في الحال. ع.
اتي جو اتي، هڪ گهڙي. حال في الحال.
گوهر ڪري گرول تي الخ.
جئَن ڪو امل ماڻڪ، ڪنهن پٿر تي ڪري، جهٽ پٽ ڦاڪون
ٿي پوندو آهي. تئَن تون به پنهنجي دل جي سچي
ڳالهه ذري پرزي ڪري، ٻڌاءِ يعني: دل کولي، ڦاٽي
پوء.
سخن . ف.
اتم گڻ، شُڀ ٻولي، سٺي ڳالهائڻ جو پيمان.
سچو.
(سن.
سَتيهَ) نيڪ، ڀلو، اصل.
سخن سچو ڪر سال.
(سٺي سهڻي ٻولي ۾) سارو احوال ڪري ٻڌاءِ.
جرح. ع.
ڦٽ. زخم، گهاءُ. هت معنيٰ: غير، گند، گيرٺ، دل جو
سور.
سخن سچو ڪر سال الخ.
جلال چوي ٿو ته ”تون به تئَن (جئَن موتي، پٿر تي
لڳي ڦاٽي پوي) گند غير ڪڍي، پنهنجي دل جو سچو ۽
سارو حال ذرو ذرو ڪري ٻڌاءِ.
{14}
ڪرچين.
واحد ڪرچ. (سن. ڪرِتِ
=
قينچي)، تلوار جو قسم. |