سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو سينگار

 باب:

صفحو :5

عارف شاهه

سيد عارف شاهه بخاري، شاهه پنجي، تعلقي دادوءَ جو ويٺل هو. روايتن مان معلوم ٿو ٿئي ته هو وقت جو هڪ ڪامل ولي ٿي گذريو آهي. سندس خاندان مان سيد ملوڪ شاهه (پرائمري ٽيچر تعلقو دادو) ڳالهه ڪئي ته ”ڏاڏا سائينءَ جو هڪ بياض هو، جو سندس عزيز، موري (ضلعو نوابشاهه) ۾ کڻي ويا.“ اسان سيد ملوڪ شاهه جي معرفت ڪوشش ڪئي، ليڪن بياض جو پتو پئجي نه سگهيو.

1

تَلَنگَ تَلِيهَرَ تِينَ، وَڌِ سُورجَ کان سهڻا  پِرِين،

کَڻَن  نيڻَ  خُمارَ مان ، مَٿي نَيِنَ  نَگِينَ ،

سِهَه ڳِچِي ، ڪَٽَ ڪيسَري، اهڙي رُوءِ رَبِينَ،

عاقل ”عارف شاهه“ چَئي ،  ايڏا  اَ ڌَ رَ  اَمِينَ ،

ذرقِي  سَر  زَمِينَ ، مُون  گهَرِ  پِريِن   آئيا. {30}

2

سَحر ويلَ، صَنم کي سُجاڳُ پَسِي، قَمر، اَخترَ  ويا ڍَرندا،

ڀَونرَ  ڀِنڊا، وِجهَنِ  ڪَرَ  ۾ ڦِنڊا، وِچ  پَوي  وِچ  وِنڊا،

ڪَنڍيُون  ڪُنڍا، ميڙِن  جَنڊا ، ديهِه  بَکي جِئَن  چَندا،

نَينَ سِياهِي، نَرگِس جان، جهانءِ  وڏيءَ  سان  جَهوَندا،

ٿا کيپَ کُنجَنَ تي خوب  چَڙهن، ڄَڻُ  عَينَ  اَٿسِ مَي ڪُونڊا

گَتِ گوهَرَ ڪِي ڪُنجَلَ ڪير، مورَ ويا پُڻُ مَرندا،

اهو عَينَ عَجِيبَ  پَسِي، رِڻ  روهَن  ۾ ويا رَڙ َندا،

شَمعُ ڇَڏي پَروانه آيا ،  پُڻُ  ڀَونر َ مَٿِسِ ويا  ڀر ندا،

سَحابَ سِياهه سڄڻ  سرسِيءَ  لئي ، آيا ڪَوثرَ مان ڪَهندا،

جي گهَڻائِي  جهُرَندا ، جَنِ، اکِيين ڏِٺو ”عارف شاهه“ چئي. {31}

 

چاڪر خان

 

رئيس چاڪر خان رستماڻي بلوچ، ڳوٺ ڇني، تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ جو ويٺل هو. پنهنجي ڳوٺ جو چڱو مڙس هو. رئيس کي شعر و شاعريءَ جو شوق جواني موٽڻ بعد لڳو. ڪيئي ڳجهارتون، پروليون، گرچيلي جا بيت ۽ مناقب ”چاڪر“ جي نالي سان، سنڌ ۾ مشهور آهن. قريباً 90 ورهين جي ڄمار ۾ 1930ع ڌاري گذاري ويو.

1

ڪارا ڪيسَ کَٿوُري جهڙا ، آرمائِينِ عَنبرَ کي،

تارَ زُلف جي، مارَ مَرن ٿا، عجيب لڳو ازگر کي،

جَلوي  جوت  جَبِين جي جهَلڪي، تو ڪيو قيد قمر کي،

مِرگهه ٿيا مقابِل يارو، تِسَنگ اَچِي نِيئِترَ کي،

اَبروُ قوس ڪَماني، ڪِيئَن ٿا مارِ نِ  مُرغَ  بَشَرَ کي!

مُزگان  صَفُون  سَنڀائي  بِيٺا، جِئَن  جَنگِ  فِرَنگَ فَجَر کي،

اَنف ٿيو مِنقارَ مثل، ٿو شَرمائي شَهَپَر کي،

لب لعل بَدخشانِي مَرجان، عَجبُ لڳو  اَحمَرَ کي،

دُر  دندانَ  رُومانِي  دانَه ، خوشڪان سَنگ مَرمَرَ کي،

چاهه رَنخ ڪِنعانِي هويا، موهِئَيِن شاهَه مصر کي،

پِستا بوءِ  بَهاري بِيٺا، عَجبُ  انار عطر کي،

توتَئون  سَرو ، صنوبر صَدقي، ڇاهي  شانُ  شَجَرَ کي!

ڪَمَر  ڏِسِي ڪيهَرَ ڪنَبِي  ويا، جِئَن  پَسَنِ  يعقُوبَ پِسَرَ کي،

اي ”چاڪر“، پنهنجو حال، اَچي ڪَر  پيش عَلِي اَڪبَر کي.  {32}

 

گمنام شاعر

 

اسان جو  شاعر، لونگ، خضر، محمد، بودو، انڙ، وسند، مڱڻهار، حليم، ملهار، شير خان، وڌو، مُلا، باقي شاهه، ٻيڙو خان ۽ علي محمد جن جا بيت اسان کي مليا آهن ۽ هتي پيش ڪيا ويا آهن، تن جي سوانح حيات متعلق اسان کي ڪا به خبر ملي نه سگهي آهي.

سندن بيتن مان البت معلوم ٿئي ٿو ته منجهانئن ڪيترن جي ٻولي، شاهه ڀٽائي رحه جي وقت جي آهي. جئن لونگ، خضر ۽ وڌو؛ باقي ٻين شاعرن متعلق اسان رڳو ايتري  چوڻ جي به همت نٿا ساري سگهون. وري به شڪر آهي، جو سندن ٿورا گهڻا بيت گڏ ٿي سگهيا. اهي نهايت ٿورڙا ليڪن ”سينگار“ جي صنف جا لافاني بيت، هتي پيش ڪري رهيا آهيون، تان ته انهن جي مدد سان اسان جي ادبي زنجير جون ڪي گم ٿي ويل اهم ڪڙيون من ڪڏهين پوريون ٿي سگهن!

ٻيا اهي شاعر آهن، جن جو ڪلام حاضر آهي، ليڪن بيتن ۾ سندن نالو ئي ڪونهي. شاعر لاءِ هروڀرو اهو  ضروري نه آهي ته هر هڪ دوهي يا بيت ۾ پنهنجو نالو ضرور وجهي. خود  شاهه ڪريم رحه، شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه، ۽ ٻين ڪيترن بلند  پايه  شاعرن  پنهنجن ڪيترن  بيتن ۽ ڪلامن  ۾ پنهنجو نالو يا تخلص پيش نه ڪيو آهي. اسان جي هنن  درويش شاعرن کي پنهنجي شهرت ۽ نام و نمود جو ڪو خيال نه هوندو هو: تنهن ڪري اڪثر  ته پنهنجو ڪلام لکيائون  ۽  نه لکايائون. ”سينگار“ جا هي چند پاڪيزه بيت، جي اسان وٽ بطور تحفي آيا آهن، سي به سگهڙن  جي صدري  خزاني  مان  هٿ ڪيل آهن.

1

تَلنَگَ تَليِهرَ، سُنبَلَ سَنهڙا، جانبَ تي جَرڪَنِ،

وَلڙِيُون  وَلڙا ، ڇَلڙا  ڇَلڙا ، ڇِڻِڪيو  پيا ڇِڻڪنِ،

مِرگهَه  وَڃي  مُشتاقَ  ٿيا ، پَسِي  ڀونريون  بادامَنِ،

گُل گلابِي،  گوهر  اُتِڙي  ڇا لالِي  لالَ لبن!

ڪَتِيون  ڪَنبَنِ  ٿِيُون  ڪَڪِرين ، پَسِي مانڊاڻو  مُحبَنِ،

مُرڪَڻَ  مَنجهِه  مَلهارَ جي، کنوِ ڻيُون  تا نه کنَوَنِ،

پانو  پِر ِين  پُٺِ ۾، اُتِ  چاسِينگَ نا چِمڪَنِ،

پوپٽڙا  سِيهَه، پَٽَ  چيِها ، آهن اَنگَ  عَجِيبَنِ !

لَڳا ڪِينَ ”لَونگُ“ چَئي ، ڪُنجلَ  ۾  قدمَنِ،

وِ ينجهَرَ  ٿا  وَٽِجَنِ،  اَڏو  عقل  عَجِيبَنِ جي.  {33}

2

جي  ٿِئين  قابِلُ ، ڪَمِ عقل کان، سا مجلس ڇَڏِ  مَٽي،

تو سان سِفلو ساڻِي ٿئي. ڪَنهِين وِيلَ  وَٽي،

وَڃِج  ويِنجهارَنِ  وَٽِ ، ڪَنهِن  صُحبتَ  ڪاڻِ  سَٽي،

لاهِيندَءِ غَم ”لونگُ“ چَئي، ڪامِلَ  دُکَ  ڪَٽي،

ڏِيندَءِ  پَلَ  پَٽي ، صاحب  سُرت سَماء  جا. {34}

3

اُرَهَه  اَناران  اُپَٽِيا ، اَلِيهَرَ وَرَ وِجهِيو  واسِينگَ

ڪَچَ  ڪَٿُورِيُون ڪارِڙا ، ٿِيا شَمعُ جا شاهِينگَ،

لُرجهائي لَب لالن کي، چِيهِه  چمڪائِينِ   چاسِينگَ،

شَمس  قَمر  جا  آهن ڪَتِيُون ، رُوءِ  مٿان  راسِينگَ،

جي واجهائي  وَرُ  وِينگَ ، ته لَٽِنِ  لَيثَ  ”لونگُ“  چئي . {35}

4

اُڊِلِي عَنبر، اَنگَڪرَ  اولي ، پَلَرُ  ڪيو  پَينَنِ،

ڪُونجَرَ  ڪَجَلِي ، ڪامِنِي ، وَتي ناز  ڀري  نَينَنِ،

بَرق  بدن  بَخمَلَ کان ، کِنوِڻِيُون  ڪِيئَن  کِنوَنِ !

طاقَ  طِلائِي  تَرَنا  تي ، ڪِيئَن  ٽانڊاڻا  ٽِمڪَنِ !

مِين  دَهنُ   مِيمَ جان ، جي   لال   اَ ڌَ رَ   لِپٽَنِ ،

وِکاري  وَسُوءَ   جان ، سُرخاب  سَهِي  قَدمَنِ ،

لَڄَئَون  لِڪيو  ”لونگ“  چَئي ، اِندُ وَڄي اِ د مَنِ،

ڀَونرَ  پيا  ڀُڻڪَنِ،  ويِنگَسِ جي  ويسَ  تي. {36}

5

ڀَونرَ  سينگار  اُڀارِ  نهَ  جانِي ، تو ڪِيئَن  سِينڌِ  سَجَنَ سَرِڪِي؟

هي  جي  خَنجَرَ  نَين  ” خضر “ چَئي، تيزَ  تِکا  تَرڪِي ،

سي تان  ٻاهر  ٻُڙِڪِي  ڪِينَ   پيا، ويا  جِي اندر  جَرِڪِي،

مون  ڀِي  دانهَن   اَچِي  دَرَ  ڪِي ، ٻِئي در تي ، ناسُپَرِين ! {37}

6

جَب گوري  گَهنا  ڪَري ، تَب  نُورا  ڇيمون  ڇِينَ،

ڪامِڻَ  ڪَنوَلَ ڪَرِيلَ  ڦَرَ ،  دَهنون  دَڇَنَ  دَڇِينَ،*

جهڙو  مَکَڻُ  مِٺَائِيءَ  ۾، تهڙو  ميٺِ مَنجهينَ ،

پَسِي  سُخنُ صنَم جو ، ڪُڇيو ڪوئِل  ڪِينَ ،

کَنجَنَ  خوب  ”خضر“ چَئي، ڪَنِ  ماٺِ  مِرگهَه، لَبَ مِينَ،

جي اهڙا  حُسنَ  حَسِينَ ، تَنِ ماهُ  مشابَتَ ڇا ڪندو؟ {38}

7

دامَ  وِجهَنِ  دَلَ، دِلِ  ۾ دِلبَرَ،  اَبرُو شابَ  شَهَلَ ،

اُرگَ  اُوچا  ڪَچَهين ، ڪَنِ  قُربَئون اَليِهَرَ آب  اَٽَلَ ،

اَپسَرُ آڳا  پَسَرنِ  پِرِيان ، موتِي  مَنجههِ مَڳُلَ ،

سِر کَنڊَ سُرهِي، ساهَه  سِبائِي ، بوءِ  بَدنَ  بَخمَلَ،

پو پَٽَ  وَنُ  آ پيٽُ  پِرِين ، گَتِ  مَستُ  ڪَري مَئنڊَلَ،

وَرنَ  وَلَهي جا ، سونَ  وَران، رَهِيُون  ڪَتِيُون ڪِينَ  قَبلَ،

خورشيد خِجل ۾ ” محمد“ چَئي، ڪَنِ  مينگهَه  مَلهاروُن مَلَ ،

ٿيا ڪُلئِي قَلبَ  ڪَٽِيَلَ، ماهه  مثل  محبوب  پَسِي. {39}

8

مَئي خانه  مَنجهان، مَئي  محب ڏئي ، ٿو مَستُ ڪَري  مِرگهَن ،

موتِي،  مَرجان ، مِينَ  مٿان هي ، ميڻُ ڪَري  مَلَنگَنِ ،

سُرخُ  سَڄڻ،  سِهَه  سَرسُ سِسِي، لَڪُ  لَيثَ ، پَسِي ته لِڪَن،

پيرَ  پَٽونئَڙا  پَدَمِني ، مَٽ گِنِي  ڇا گورَنِ !

هَنجَ ، مور، چشَم چَڪورَ  ٿيا، ڦاٿا  فِيلَ  ڦَندَنِ ،

ڀِنڊَ  ڀوَنرَ  بِشِيهَرَ ، سُنبَلَ  سَنهڙا ، ليٽَنِ  لالَ  بَدنِ ،

اُِلٽا  ڏيئِي  اَجهِيا  اَلبيلا،  چُهٽِي  چاشَ چَندَنِ ،

قرب  ڪري  ڪَڄِ  ڪيَسنِ  کي ، ڀيتِ  پَئِي  بُوءِ  ڀونرَنِ ،

جئَن  بَدرُ  ڀَر  ڪَڪرَنِ ، تِئن  مُوءِ  اڳيان  ”محمد“ چَئي. {40}

9

خورشيد پَسِي  خِجل  ٿيو ، منهنجي  دلبر  جو ديداَر ،

ڪَوڪَبَ ، قمر قَرِيب َجا ، ها  دائم  عرض گذارَ ،

حُورُون  حال حِجابَ  کُون ، ڪِي  جاءِ  پَسَند  پيرازَ ،

پَر ِيُنِ  ازخود  پاڻَ  تي ، کَڻِي  هاجَ  رَکِي  هموارَ ،

ڪُلُ  نِزاڪَتَ  نازَ  جي ، سڀ  ناظر ڪيا  ته نِثارَ ،

جي سڄو نِهارِينِ سُپَرِين،  ڪڏهن ڪيهي  وارَ ،

ته لوڪُ  مِڙيوئِي  لَبريز  ٿِئي ، هَزدَ ه  حيََّ  هزارَ ،

جي مُرڪَنِ  مُحبَ  مِهر مَنجهان، نَرمِي  رُوءِ  نِگارَ ،

ته  مُئا  مقامَنِ  مَنجهان ، نِڪِري ٿِيَنِ نِروارَ ،

روحَ  مَنجههِ ”راڄن شاهه“ چَئي ، ڪَنِ  گِيرَبَ  سِين  گفتارَ،

طاقت بار  جَبّار  جي ، لڳو  اَرضُ  و سَما کي  عارَ ،

جانِي  جَلوو ، ظاهر  زَمِينَ، ڪَنِ  روشن کُون رُخسارَ ،

ته ڪڏهن  چِمڪِي ڪانه ڪا ، بِجِلِي  بَدل  بَهارَ ،

جي رَکَنِ ڪيسَ ڪُلهَنِ  تي ، يَڪي  قَدم يَڪوارَ ،

ته وَيسي  چَلَتِ  چَلَڻَ  کُون، اَفتادا  اَڳوارَ ،

ڪَچوَنِ  تي  ڪونرن  جو ، جَڏِ  جانبَ  ڪيو جِنسارَ ،

تَڏِ  خورشيد  ڏِسِي  خِجل  ٿيو ، منهنجي  دلبر  جو  ديدارَ ،

”سورَنهَنِ“ ”ٻارَنهَنِ“ کُون سَرسُ  ها ، منهنجي جانب تي چنسارَ،

مشڪ عطر کي ماتِ ڪيو،  پرين  جي  ته  پگهارَ ،

پوءِ  عالم  سڀ  آباد  ٿيو ، ٿيا  ٿرَ  بَر َ باغ  بهارَ ،

ايڏي دوستَ دماغَ  جا ،  آهن  ياوُرَ  منهنجا يارَ ،

مون  کي  مِهڻا  تَنِ  جا  آذُقا ، تَڳان  اُنهن  جي  تارَ،

اُنهن جي سَنڀارَ،  نِينهَن اَندر  ڪيا نِجهُرا . {41}

 

10

جَب  گوري گَهنا  ڪَري ، ”سولهن“ هارَ  حَسِينَ،

”دَهه  دو “ دائم  دُرس  رکي  ٿي ، جَلويدار  جَبِينَ،

”چَلڻت“ چُور  چُڪِي  ٿِيا هِيڻا، هرڻ  پَسِي هَستيِنَ ،

  ” ا ُڏو نتَ “ اولي  ۾  رهيا،  ڪُڇي ڪوئل ڪِينَ ،

دِيهيءَ کان  ان ڌِمَ ڇَپِي ، ڪيو بَس موتيين  تجلو  مِينَ،

ڇَڏي ” ڦول“  ڦِڪا ٿِيا ، جي بِيٺا  ڦُول  ڦُلِينَ،

جيڪي هر جا  اهل  هنر  جا ، چوُڻا  عاقل  چِينَ ،

آئِي  تصويرَ  طرح نه  تَنِ  کي ، ٿيا  غَم انهيءَ  غَمگِينَ،

ڪَئين  سي  ناتَر ، نازَ  نِهوڙيا ، ٿيا تَختَون  تالابِينَ ،

هر دم حڪم  حَبِيبَ   اڳيون ، ڪا ناهي جاءِ نَگِينَ،

ٻيو ساڻُنِ  جوڙيان  ڪونَه  ڪو ، ظاهر  سَر  زمِينَ ،

مُرڪي  لُٽِيائُون  لوڏَ  سِين ، موهي  مَنُ  مِسڪِينَ ،

روح ۾ ”راڄن شاهه“ چَئي، آهي سَچِي سِڪَ  سَندِينَ،

عِشقَون  اَمُل  اَمِينَ، هِينئَڙو  کَنئونَم کَسي  ويا .  {42}

11

مُکُ پَسِي مَحبوبَ جو، اَرَنُ ٿيو اولي،

دامَنيوُن سَڀُ دوُرُ ٿِيُون، آنگَ اندر چولي،

اَڌَرَ عَجَيبُ، عَجِيبَ جا، جي خوشِيءَ مان کولي،

اَلائِينِ عَجِيبَ تا، ڪَنهِن طرحَ سان تولي،

ڪوئل ڀي قُلبانُ ٿِئي، جا  ٻاتو  ٿِي  ٻولي،

گَنَيَر گَتِ ڦِٽِي ڪَري، ڪَنهِن راهَه وِڌا رولي،

ڪَٽَونبَ ڪيسَ پَسِي ڪَري، جوشَ وِڌا جهولي،

باڪو هو ”بودو“ چَئي، گام کَنيو گولي،

ٻيو فِڪرُ پيو ڦولي، ته به ڪُڇي اڳيانس ڪونه ڪو. {43}

12

اُوهَرَ کان اونها پِرين، آجِيءُ تَنيِن سان جالَ،

مَڃُٺَ موافقَ  سُپَريِن، هِن لاکُون چڱا لالَ،

اُنهن جي ”اُنڙُ“ چَئي، ڪر صفت سَوائِي سالَ،

هِر نو  نه  حيثِي تَنِ جو، وڌ آهونءَ کون اِقبالَ،

ماکِي ڇا مَجالَ، ميٺِ پريان جي مَٽُ پئي ! {44}

13

جِئَن  اِنڊلَٺِ  اُڀَ  مُون  اُڀري،  تنهن کان  ڀيرُ  وڏو  ڀرون،

موتِي  ڏندَ  محبوبَ  جا،  سونُ  نه  ثانِي  تنِ،

چَوان ته   چوڻو  چَنڊَ کُون ، مُنهن  ته محبوبَنِ،

سُونهَن  ته  سُپريَنِ ، کي  ڏنِي  والي  پاڻ  ”وسند“  چَئي. {45}

14

دَ دُستُ، بَينسَر بِينَ  ۾ ، ڀِروُن  ڀَونرَ   ڀَونگَ ،

ڪيسَ تُمارا  ڪامِڻِي ، وِجهَن  واسيِنگَ وَنگَ،

آهو ُ عَينَ  عَجِيبَ  جا ، ماري  ڪَنِ   مَلَنگَ ،

تُنهنجي نيِنهَن   نِسَنگَ، موهِيو “مڱڻهارَ“ کي. {46}

15

چَپين ڀَونر   ڀرَِنِ، هِنِ آهُو  عَينَ  عَجِيبَ  جا،

جهڙي   صورت َ  سِج  جِي ،  تهڙي  پيشانِي  پِريَنِ،

جهڙا گُل گلابَ جا، تهڙا   اَنگَ عَجِيبنِ،

جهڙا  تارا  اُڀَ  ۾، تهڙي  ڏِکَ  ڏَندَنِ ،

محبوبَ   جي  مِلَڻَ   لَئي ، ماڳَ   جهَليا  مَلڪَنِ ،

لَٿو  هورُ ”حَلِيم“ چَئي ، جَڏِ  پاٻو هِيو  پِريَنِ ،

مَرُ عَجِيبَ  اَچَنِ،  جَن  لاءِ  ويٺِي  واٽَ  نِهاريان. {47}

16

جئِن  ڀَترَ  گُلُ  بَنَنِ،  تِئَن  سُهڻا  ڳَلَ  سڄڻين،

جِئَن  کُهِنبو رنگُ  کُلِي  پَوي ، تهڙي  لالائي  به لَبنَِ،

جِئَن  سُهڻا  موتِي  سِپَ  ۾، تهڙي ڏِٺَ  ڏندنِ،

نَڪُ  ته  نيڻَن  وِچَ   ۾، چَتُون  چُهَنبَ  چَوَن ،

جي مُنهن  واري  مُرڪنِ، سي مِلنَم محبَ ”مَلهار“ چَئي. {48}

17

پَٻَ  پارِيهَر  پَدَ مَنِي ، دَبلَ دامِينُون  دوُراسِ،

اَڳُ اَلِيهَرَ  اوپسَرَ ، مُکُ مَرمَرَ  موچاراسِ،

تَرَنِيءَ  جان  تَجِلو  ڪَر ، پيا  ته  پِريان  جي  پاسِ،

سَڀَئِي سِينگارياسِ، هُو ٿيا سَوايا  ”صدر الدين“ چَئي. {49}

18

جَب گوري گَهنا ڪري، سِر سالُو سوڪو،

شارقَ  ڀي ”شير خان“ چَئي، تابُ  جهَلي  توڪو!

چوري  چَرو  ڪو ، ڪَيهُءِ  چَينچَلَ ! روُحُ چَڪورَ جان. {50}

19

بَنِي مانگَ بَناوءَ  سان، مُک سِر  محبوبَنِ،

سي ڪي ڪَچَ قَريبَ جا، وَڌِ  تلَيِهَرَ تَجلَنِ،

بِرجا وَتَن  بانوريا ، پَسِي  لالِي  لالَ  لَبَنِ،

سَسُ، سَسِيهَرَ، هنَجَ، هورَ، سر سُهمايا سيڻَنِ،

رجُلُ  پَنهنجي  راءِ  سان ،  جَڏ جانِي جاءِ  کَڻَنِ،

وسوُ تِتِ ”وڌو“ چَئي، ڇڏيو لوڏَ لِڪَنِ،

اهڙن عَجِيبَنِ، ساهُ سوگهو ڪيو سيمَ جان. {51}

20

هِڪُ پاڻُ به هِنَ حَسِينَ، ٻيو هَسَُ سوُنهين ڳَل هو تَن،

جَهن خِجل ڪيو خورشيد کي، جَلوي ساڻُ جَبيِنَ،

دَهن مِينَ ”مُلا“ چَئي، هُيَس چِيٽِي جهڙي چِينَ،

ٻٽِيهي ته  پِريَن  جِي، ڪَتِي  دعويٰ ڪِينَ،

ٽِڙي  ٽيڙُن  جان  بِيهي،  بَينسَر  بانو بِينَ،

زَنخُ  به  اَٿَن  زيبَ  سيِن، صوفُ  طراوَت  سِينَ،

سي ”مُلا“ ميلِ  اَمِينَ، جَن آئي مُون  اِحسانُ ٿِئي. {52}

21

اَسُرَ ويلَ  اُٿِي  ڪري ، ڏِٺمُ جانِب  جو  جَلوو،

موهِيو  مَنُ  محبوبَ ، ڏَٺِي  تَرَنِيءَ  جان  تَجلو،

پَرِيُون  ڇَپايائيِن  ڇانوَ  ۾، هُتِ  هاٿِي  ڇا هلندو!

ڪَبڪ بِيٺِي نه باغ  ۾، ڇا مِرگهه ٿيندا  مَٽُ تو !

بَينسَر بانو بِينَ  ۾، سونُ گهڻو سُهَندو،

مُحبُ اُنهيءَ ملندو، جنهن کي آهِه حمايتَ هوتَ جِي. {53}

22

تُڳيءَ ۾ تَجلو ڪري، جِئَن چِمڪي چاسِينگَرُُ،

پَسُ پَجِتو پِر جو، اصل کان آنچَر ،ُ

ماه ُ اَچِي مُشتاقُ ٿيو، تاءُ ڇَڏي تَڪَبر،ُ

آهُو عَينَ عَجِيبَ  جا، هِنِ  اونداهيءَ  اوجَر،ُ

اَڳِتون  آري  ڄامَ جي ، ڇاهي  شمسُ  قمر؟

واري وِ تاڦرَُ، ساجَنَ  تان  صدقي  ڪيان.  {54}

23

ڪَرن موٿَ، ڪَرِيلَ  ڦَرَ، مُکُ مُڌَر، گَنيَرَ گامَ،

تُڳِي تُهائِي تاسِ رپُ، واڌُو ڪَونتَ ڪِرانَ،

دِهَه سَسو، ڪَنٺِيرو ڪَٽِي، لَبي لاکَ ورانَ،

جَنهن جا مَنصَبِي ميم مَراتبا، ڪهڙي ڏات ڌَريانَ،

تَنُ اَندرِ طهرانَ، جَنهن  وَرُ وِجهِي، واريون هِنيون. {55}

24

جَب گوري گَهنا ڪري، اءونها  اَرگ  اَبِيگَمَ،

قمر ڇپائي ڪامِڻِي، ڪَرَ  باني  سان  بيگم،

آهُو عَينَ عَجيِبَ  جا، ڇا  ڇَمَ  برابر  ڇَمَ!

سَهج  پِريان  جي  سَمَ،  جنهن  سوجهي  سور  صفا  ڪيو. {56}

25

جَب گوري گَهنا ڪري، سر سنها سالُورَ،

هرڻ، سَسو، سِهه، سارنگ، سڀ گهايا ۾ گُهورَ،

ماريو مسڪينن جا، پيو  چَينَ  ڪرين  چَڪچُورَ،

وَه  جوڀن جا  پُورَ،  جنهن  دَرو  دکايم  دوست  جو.  {57}

26

لَيثَ ڪَٽِي گَجَ گامَ، دِهه سَسو، سَهه جان ڳَلو،

پُهه رپ کان پَرلو کسيو، بانو زينت بامَ،

جَلوي ساڻ جمال جي، جنهن قمر دٻايو ڪامَ،

وجهِي دونينان ڪي دامَ، مِهِري آهُو  جان  وٺي.  {58}


*  دهنون، دڇن بڇينَ

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org