ڪنڀار
”ڪنڀار“ هڪ بلند پايي جو شاعر نظر ٿو اچي.
”ڪنڀار“ تخلص سان لس ٻيلي جو به هڪ شاعر آهي، ليڪن
اسان جي هن ”ڪنڀار“ جي ٻولي گهڻو آڳاٽي نظر ٿي
اچي. ميان نبي بخش لنڊ (ڪمال خان لنڊ، تعلقو جوهي،
ضلعو دادو) ٻڌايو ته قريباً 40 سال ٿيا، جو هي بيت
بُوبَڪ شهر مان ڪنهن سگهڙ کان کيس مليا. ائين به
چيائين ته ”ڪنڀار“ شاعر بُوبَڪ جي آس پاس جو ٻڌڻ ۾
پئي آيو، والله اعلم بالصواب. ڪنهن سگهڙ وري ٻڌايو
ته جلال کٽيءَ جو ڀاءُ هو، ليڪن ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪندو
هو. بهرحال سندس ڪلام کيس هر جاءِ زندهه رکيو
اَچي. ”سينگار“ جي بيتن ۾ ڇيهه ڪري ڇڏيو اٿس. ڪي
اهڙا به انوکا الفاظ استعمال ڪيا اٿس، جي ٻئي ڪنهن
به شاعر ڪم نه آندا آهن.
1
ڇرَ ڇَندَنَ ڇَٻَري گُنِي، ڪيسَ ڪَڪَرَ جهڙا ڪامَ،
پَس پيا پَر ڳَرَ ڪِري، اَرڳَرَ جهڙا عامَ،
قَريبين ”ڪنڀار“ چَئي، جَنهن دَرسَ دَٻايا دامَ،
سِرنگهَه ڀَڄِي پِيا سامَ، لَڪون لَيثَ لِباسَ جي.
{19}
2
پَڳَ پَدَمِنِي پَليوَري، ٿِي هِيرنَ حالَ هَلي،
رَنگُ رَڀَن جو روُپ سان، ڪيو ماٺو مُنڌَ مَلي،
پَسِي اوجَر عَجِيبَ جو چِو ڻِيَنِ ڪانه چَلي،
سِهَه پَسِي سوز ُ ٿيا، ٿِي ڳُجههَ اندر ڳَري،
ڪنَبِي ويا ”ڪنُڀار“ چَئي، آهُو عرض ڪَري،
پَپَنِ کون پري، وَڃِي اَلِيهرََ اولي ٿيا.
{20}
3
ترَنِي لوئي تَلَ، سِر کَنڊَ ۾ سُرَها ڪيا،
لوڏَ ڪُنجَلَ جِي ڪَم ٿِي، چالِ پَسِي چَينچَلَ،
مورن مُرٽَڻُ ڇڏيو، ڪا جا پَيَڙَنِ ڪَلَ،
ڳَلُ سِههَ جو نا لڳي، ڪوماڻا ڪَبڪَلَ،
قَرِيبين ”ڪُنڀار“ چَئي، دَرسَ دِکايا دَلَ،
انهيءَ ماڳَ مَهَلَ، ٿِي سَرهائِي ساه کي.
{21}
4
کَنَ، کَنجَنَ، بانا، بَڙڇُون، مُنهن مثل ته ماها،
لالِي لَبَنِ لالَ سان، ساجَنَ ساڻ صلاحا،
ڪَنولَ ڪِيسَ قَرِيبَ جا، وَرنَ وَسايو واها،
تُڳِيءَ ۾ تجلو ٿئي، جِئَن چَچِينگَرَ چاها،
اِيندي عَجِيبَ پِرين، نِر تون ڪَئِي نِگاها،
ٿيو سَرهو ساها، لَٿِي ڪَسُ ”ڪُنڀار“ چئي.
{22}
5
چِٽِي مانگَ مُحبَنِ، چوٽو سِر کَنڊَ ۾ سَجِلِيو،
پَينِي پَپَنِ پاندُ پَسِي، دَ هشت وچان دَهِليو،
ڀِرُون ڀَونرن واسِيا، واجهَه وجهَن وَرلو،
ڪَلُورُ ڪُرمِشِ ڪوئِلِ لَئي، پِيُسِ پِريُن جو
پَرلو،
مُنهَن تي لالَ موهيِئڙا، مُوهَن مُشڪَڻَ ۾
مَچِلو،
دُگنا دام دلبر جا، وِجهَن ڪُونڌَرَ ۾ ڪَجِلو،
سِج، چَنڊَ، سهڻو سُپَرِين، هو تارَنِ ۾ تَجلو،
قَدمن مَنجهِه ”ڪُنڀار“ چَئي، ڪِيئَن گامَ کَڻي
گَجلو،
سِرُ ساهُ ٿِئي سَرلو، جي واجهائين وَرُ کَڻِي.
{23}
6
ڪَنوَلَ ڦُولَ ڪامِڻِي، ڪيسَ ڪَڪرَ ڪارا،
پِيئڻَ خاطر پَنَيگَهه جي، وَينسَ ڪيا وَسڪارا،
پَلڪان پَلپَل پَدمِنِي، اَبروُ سَيفَ سُنهارا،
نَينَ ته نرگس نازنِين، وِجهَن دام دُپارا،
سيب ذَ قَن، لَبَ لاکِيڻا، دَ هَن مِينَ دُلارا،
مُشڪي ته مُکَ مان ٿين، چاسِينگ جا چمڪارا،
ڪُنگو ڪر ڪُونجَر جو، هِن قمر کون قرارا،
خِجِل ۾ خورشيد ٿيو، تَڪَن ڇا تارا؟
قرِ يبَن آڏو ”ڪُنڀار“ چَئي، ڇا ڪوئِل ڪوڪارا،
مَکَڻَ موچارا، آهن اَنگَ عجيبن جا.
{24}
سليمان
سليمان شاعر جا فقط ٻه بيت هٿ اچي سگهيا آهن، ليڪن
حقيقت هيءَ آهي ته ”ايڪ رانجهو لکان دا مٽ“ جي
چوڻيءَ موجب، صرف هنن ٻن بيتن ئي، اسان جي هن سگهڙ
کي، سنڌ جي بلند پايه سگهڙن ۽ شاعرن جي پهرئين صف
۾ آڻي بيهاريو آهي. کَمن چارڻ( ڪنڊي، تعلقو دادو،
ضلعو دادو) ٻڌايو ته سليمان ذات جو چارڻ، فتح پور،
تعلقي دادوءَ جو ويٺل هو. ائين به چيائين ته جلال
کٽيءَ جو همعصر هو.
وڌيڪ اهو پڻ واضح ڪيائين ته صدر الدين چارڻ،
سليمان چارڻ ۽ جلال کٽي، هڪ ٻئي کي “سوکڙيون“
ڏيندا وٺندا هئا. ارمان آهي جو اهي ”سوکڙيون“
سميٽجي نه سگهيون آهن.
1
جَب هِي گامَ گُلالَ، ساجَنُ کَڻي سَبِيلَ،
هَنجَ، هاٿِي حَيرانَ ٿِيا، دَ مَ تَنهِين دَر
حالَ،
اَينگي کان عَجيب جو، اَ قابوُ ڪَر ڪَمال،ُ
لَئون لَئون سِينڌ صفا گهڻو، لَب لاکِيءَ کان
لالَ،
اَهو عَينَنِ کي ڏِسِي، پيا ڪُرمِشِ مَنجهِه
ڪَنگالَ،
روَ، ڪَينچَنُ، ماهَ، ڪَنگورُ وَن، ناهي جوڙ
جَمال،َ
اَهه ڪارو، اَود ِي تُڳِي، تَه ڪي مُوءِ مثالَ؟
قَد قامت ڪهڙا پِرِين؟ صَنوبَرَ کان سالَ!
َتنِ جي نامَ نِهالَ، ڪيو هيءُ سرُ ”سليمان“ چئي.{25
}
2
تَلِيهَرَ تَرَنگَ، اُڀِي جهاڙي جهاڙَ ڀَرَ،
جنهن جا وَرَنِ وَساوَُ ڙَ وتُرا، اُلڊَهَه جيها
اَنگَ،
ڪيسَرَ لَڪِي ڪامِنِي، نِيچا نِينَ ڪُرَنگَ،
جَلوو جوڀن رُوپ جو، ماه کِڙيو سَر گَنگَ،
ڪُنگو ڪوڏََ ڪَرائيُون، ڀِرُون ڀَونرَ ڀَونگَ،
سيڻَنِ ”سُليمان“ چَئي، سُسايا مارَنگَ،
وِڄُون مَنجهه مَهَنگَ، ڪَنبِي پيٺِيوُن ڪَڪرين.
{25}
صابر موچي
صابر موچي، هڪ چوٽيءَ جو شاعر ٿي گذريو آهي؛
مگر ارمان آهي، جو سندس پورو پتو پئجي نه سگهيو
آهي. ڪريم بخش موچي (ڪاڪي پوٽا – تعلقو ڳڙهي
ياسين – ضلعو سکر) ٻڌايو ته ”ڏاڏو، اسان جي
خاندان مان آهي، ليڪن، اها خبر نه اٿم ته ڪهڙي
وقت جو آهي.“ ايترو به چيائين ته ”وڏا چوندا هئا
ته مديجيءَ جي آس پاس ٻيلي ۾ رهندو هو.“ ليڪن
حسين ديدڙ جي قلمي نسخي (1271هه ۾ لکيل) مان
معلوم ٿو ٿئي ته صابر موچي شڪارپور جو ويٺل هو.
ڪن روايتن مان معلوم ٿيو آهي ته جلال کٽيءَ سان
بيت بازي ڪئي اٿس، ليڪن بيتن مان صابر موچيءَ جو
نالو نٿو نڪري. بيتن ۾ خالص ”موچي“ تخلص ڪم آندل
آهي. ٻيو به صادق نالي هڪ شاعر ٿي گذريو آهي، جو
پڻ موچي هو. تنهن ڪري ائين چئي نٿو سگهجي ته
جلال کٽيءَ سان ڪهڙي ”موچيءَ“ بيت بازي ڪئي.
صابر موچيءَ جو ڪلام نهايت ڳوڙهو ۽ لغوي لفظن جو
ڀنڊار آهي. سندس بيت نمبر 2، شاهه لطيف رحه جي
هيٺئين بيت جو تتبع نظر اچي ٿو:
پَرِيندي پاڻُ ويو، زلف ڪيس زافُ،
سندو ڪاڪل قافُ، ماري معذورين کي.
انهيءِ ڪري چئي سگهجي ٿو ته صابر موچي، شاهه
صاحب جو همعصر هو. جيڪڏهن ائين آهي ته جلال
کٽيءَ جيڪا ”موچيءَ“ سان بيت بازي ڪئي آهي، سا
واقعي صابر موچيءَ ڏانهن منسوب ٿيندي.
1
مُکُ پَسِي مَحبوبَ جو، هِي قمر ڪُڇي ٿو ڪِينَ،
ڪَٽَونبَ ڪيسَ قَريِبَ جا، وَڌِ تَلِيهَرَ کان
نِينَ،
گَتِ کَڻَنِ گَنَيرَ ڪِرنَ، چِيٽو پَسِي چِينَ،
اهڙا مُحبَ مَهِينَ، مِليا هِنِ ”موچِي“ چئي.
{27}
2
جهڙا گُلَ گُلابَ، انهيءَ اعليٰ پِرين،
پَسِي مِين َدَ هَنُ دوستَ جو، مُجرو ڪيو
مهتابَ،
ڪيسَنِ ساڻُ قَريِبَ جي، ڇا ڪارَنهِن پُڄندي
قافَ!
ڪَنِ پيا ويسَ وَڏاندَرا، ”صابر“ چئي سِر
صاف،
ظاهر اڳتون زافَ، اچي ڪو نه عجيب جي.
{28}
3
اَبرُو قَوس سِياهَ سَڄَڻَ جا، لَبَ لالائِي
لَسَ،
وارَ وِسِيهَرَ وڌ وَرڪَنِ، سُرڪُنِ سِيني
سَسَ،
ڪَيفَ ڪَبُوريا، عَينَ، عَجَبُ، مَنُ جَهوَرَ
جَڙِيو جَسَ،
بِينَ بَنِي، نَٿَ نازڪ نُوري، سونُ ڳچِي َ
سِهَه هَسَ ،
لَيثَ لَڪِي، اَتِ لوڏَ ڪُنجَلَ ، اُت ڪوئِلَ
ڇا ڪَهَندَس !
بازو بيحَد ، تابُ تَرَنُ ۾، عطر عَنبر نَس َنس،
ڀَونر َ بِکياري ، واسَ وٺڻ لَئي ، واجَهه
وِجهِي ڪَنِ وَسَ،
چَرنَ چِيهي تَنهِن چَينچَلَ جا، جَنهِن
چَينُ چُڪايو چَس ،
او چندا آ چو ڏَسَ ، سنسارَ سَڄي ۾ ”صابر“ چئي.
{29}
|