سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو سينگار

 باب:

صفحو :1

سنڌ جو سينگار

عبدالڪريم سنديلو

تعارف

”اڃا ڀي آهين، ڪي ڪي جوڳي جوءِ ۾“

_ شاهه

هن ڪتاب جو مسودو، ننڍين ننڍين قسطن ۾ مون ڏانهن نظرثانيءَ لاءِ موڪليو پئي ويو، جن جي چڪاس، مون کان به ڏيڍ سال کن ورتو ۽ پوءِ چند ڏينهن لاءِ، محترم دوست مسٽر عبدالڪريم سنديلي، زانو بزانو ويهي، رهيل خدشا اچي پيش ڪيا، جي بحث بعد چندان دور ڪيا ويا.

سنديلي صاحب هيءُ هڪ انوکو، ليڪن تمام ضروري ادبي ڪم هٿ ۾ کڻي، سنڌي ادب جي لاثاني خدمت ڪئي آهي، جنهن لاءِ ڄاڻجي ٿو ته ٻيو ڪو اديب شايد ئي تيار ٿئي ها.

سگهڙن جي ادب جو ميدان نرالو پئي رهيو آهي ۽ هنن، موضوع توڙي ٻوليءَ جي سلسلي ۾، پنهنجي پنهنجي زماني جي مروج ادب کان هميشه علحديون راهون پئي اختيار ڪيون آهن. قدرت جا سنڌي ادب تي اهي عين احسان آهن، جو سنڌي ٻوليءَ جي قديم لفظن جا ڀنڊار، ۽ هر زماني جون لوڪ پسند ڳالهيون ۽ خيال، اسان جي هنن عظيم سگهڙن، امانت باسلامت، وقت بوقت اسان تائين هميشه پئي پهچايون آهن.

اسان جي هنن لافاني سگهڙن، چندُ سنڌيءَ جا چونڊ ۽ قديم الفاظ ڳولي، انهن جو نيڪ استعمال ڏيئي، سنڌيءَ کي ”ڪلاسڪ“ ٻولي بڻائڻ جي گويا اڻ سڌيءَ طرح پئي ڪوشش ورتي آهي، ۽ سڌي ٻوليءَ ۽  ان جي ادبي قدامت جي گويا رکوالي پئي ڪئي آهي، مگر افسوس جو اسان پنهنجن هنن عظيم ادبي سرواڻن ڏانهن، هيستائين ڪو خاص ڌيان نه پئي ڏنو آهي، ۽ پنهنجي ايتري ساري، نهايت نفيس ۽ پاڪيزه لوڪ ادب کي، مڪمل طرح قلمبند به نه ڪري سگهيا آهيون. وري به شڪر آهي، جو هن سخن آفرين پروردگار، محترم سنديلي کي، انهيءَ ڏس ۾ هڪ قدم کڻڻ تي سنڀرايو- شال اسان جو هيءَ نوجوان اديب، ادب جي هن انوکيءَ ۽ حسين واديءَ ۾، ههڙا ڪي وڌيڪ سير سفر ڪري، تان ته اتان جي رنگ برنگي گلن جي روح افزا خوشبوءِ ۽ سڳنڌ سان، اسان جون دليون اڃا ئي وڌيڪ سرتائتيون ۽ سڌير ٿي سگهن!

سنديلي صاحب جو سنسڪرتي اڀياس، اڻ ٿڪ ڪوشش ۽ ادبي تفتيش ضرور ادبي ساراهه جون لائق آهن، ۽ سندس اهڙي ادبي ذوق شوق کي صد آفرين هجي. هيءُ ادب، سينه به سينه هلندو، زبان بزبان ٻولبو، وقت جي بي توجهيءَ سبب، هن وقت اسان کي بنهه ڪچي سون وانگي ٿي مليو آهي، جنهن کي ته ڪو قابل ڪيماگر رجائي، سجائي، نج سون جي صورت ۾ آڻي! جي نه، ته ڪٿ ڪٿ ته سگهڙن جي ڪلام جون عوامي پڙهڻيون رڳو لفظن جي ٿڦ پييون ڏسجن ۽ ٻڌجن. محترم سنديلي صاحب، پنهنجي سجاڳ ذهن ۽ ذوق سليم کان ڪم وٺي، هن ڪلام ۾ جيڪا صحت آندي آهي، تنهن لاءِ هو وڏي جس جو لائق آهي. هن صاحب بالڪل صحيح ۽ موزون الفاظ هٿ ڪري، ڪلام جي پڙهڻين جو معيار درست رکيو آهي، جو اُهي سگهڙن جي شاعرانه ملڪي، ۽ جذبات جي روانيءَ سان اهڙيون ته ميل جول ۾ اچي ويون آهن، جو ڄڻڪ سندن اصليت قائم رکي ويئي آهي. ڀٽائي سائينءَ جو رسالو، اگرچ شروع کان ئي قلمبند پئي ڪيو ويو آهي ته به سندس پڙهڻين ۾ تفاوت ته ظاهر آهي ۽ سندس ڪلام، جو بر زبان ڪيو ويو آهي، سو ته جيتريون زبانون اوترا ٻول آهن! هن ڪتاب ۾ اهڙا مثال ڪي گهڻا ڪين آهن، پر پڙهڻين بابت ايترو اشارو ڪرڻ ضروري هو، جو ڪيو ويو آهي.

”سگهڙ“، ۽ هن جا ٻول

سگهڙ (سن. شوگهٽ؛ سوگهٽ- سهڻو نظم نويس) جو شعر سنسڪرت جي قديم شعر جو پيڇو آهي ۽ سرگم جي وزنن تي پداوي آهي. پداوي شعر جي سٽ، ڏهن کان ويهن حرفن جي قانون جي پائبند آهي ۽ معيار ڏوهيڙو اهو جنهن جو سراسري حرفي نتيجو سورهن حرف بيهي، جوئي ڀٽائي سائينءَ جو اڪثري معيار ڏسبو. انهيءَ کان گهٽ وڌ به درست آهي، پر ويهن حرفن جي معياري قيد کان ڪو به ڏوهيڙو حد نه لنگهي. هن ڪتاب جي ڏوهيڙن جو اهڙو پداوي پيمانو گهٽ وڌ آهي، جو سگهڙ مختلف آهن ۽ سندن پيمانا به مختلف، ۽ لساني ميزان يا ڪلامي مقياس به اور اور. تنهن کانسواءِ تخيلي پرواز يا تصوري انداز به الڳ الڳ آهن؛ ليڪن ادبي پيش نظر، هن يگاني فرقي جي، هر هنڌ هڪ جهڙي ۽ ساڳيءَ طرز جي ڏسبي.

”(اگرچ،) ڏوهيڙن جو رواج، ويدڪ ڪوتائن، ديوتائن جو توصيفي، تشبيهي ۽ تمثيلي شعر لکي وڌو، جڏهن انساني حسن جي تعريف مذهباً درست نه هئي؛ پر جڏهن مذهبي تسلط ڍرو ٿيندو ويو، ته پوءِ قديم ڪوتا پڻ فطرت جي شعر ڏانهن رخ رکيو ۽ خاص ڪري فطري نظارن جي سٺي نقش نگاري ڪرڻ شروع ڪئي. انساني حسن جي تعريف ته هن طرح پهريائين پرولين ۾ ٿي ۽ پوءِ فطرتي حسن جا تمثيل وٺي، اک، ڀرون، وار، ڳل، ڳلا، حنائي هٿ، حمامي پير، رعنائي رفتار، چندرا يا سورج رخ، وغيره وغيره تشبيهن سان شعر رچيو ويو؛ ان ۾ ڳهڻن ۽ زيورن جي تعريف ته پوءِ دير دير سان ڳائي ويئي“.

- پنڊت موهن لال ”لالا“، سيوستاني

ساڳيو ئي سر سگهڙن اچاريو. پر، مسلمان سگهڙ، جي موحد هئا ۽ حضرت رسالت ماب جا شيدائي هئا، تن جي تخيل جو رخ ڪڏهن ڪڏهن حضور جن جي سهڻيءَ تصوير ڏانهن به ٿي ٿي ويو، ۽ ان حالت ۾، وٽن تمثيلات، تشبيهات وغيره جو استعمال حضور جن جي حليي مبارڪ ۽ شمائل جي بيان ۾ ٿيو ٿي.

ازانسواءِ سگهڙن جي سخن سنجيءَ ۾ (1) ڏور جا بيت، (2) ڳوڙها يا هنر جا بيت، (3) منظم ڪهاوتون ۽ نظير (4) ڳجهارتون (5) بادشاهن جون تمثيلي ۽ بياني ڳالهيون (6) ادبي پروليون (7) اخلاقي طنزون (ڇينڀون)، (8) اعمالي هجوون (سٺون) (9) زنانه ڦٺون (طعنه ڪاريون ۽ طعنه زنيون) (10) ڏک جون سجاوتون (تمثيلي ڳجهارتون) (11) ڳجهاندريون (ڍڪ پن جا يا ڳجها نياپا) وغيره وغيره سمائجن ٿا. تنهن ڪري، سگهڙ سخندان به آهي، سخن سنج به آهي ۽ ٻوليءَ جو گهاتو يا راسخ به اهي.

ڏوهيڙو

ڏوهيڙو ]دو شَريَه ؛ سَريه ”پنڊت جي“[ معنيٰ ٻه سٽو شعر يعني جنهن  شعر جي سٽ جا ٻه پد، ٻه خيال، ٻن سٽن جو تخيل، هڪ ٻئ تي آڌاري هجي. دوشيه (دوهي) ۽ درسيه = دروهي (متضاد)، سي به ساڳيو فهم رکن ٿا؛ جيئن کٽ کٽولو، پن پردو، سونهن سوڀيا، اوهي واهي؛ دوست دشمن، گڻ اوگڻ، اُٿ ويهه، ڪارو ڪمرو، وغيره وغيره.

شعري دوها ۽ دروها

(1)  ڇا، جي ڏنگار ڏير، منهنجو ڏينهن ڏنگو نه ٿئي.

- ڀٽائي

(2) هو ڏونگر هو ڏير، هو پنهل هو پريتڻو

- آخوند پيارو

(3) سنگي ساهي نه هڻ تون، هو تير تفنگا تير.

- پير بخش فقير ميراثي

(4) سسئي ۽ سور پيا اوريندا پاڻ ۾.

- ڀٽائي

(5) اکيون اداسي، پر رهن پياسي پر جون.

- آخوند پيارو

(6) نا اميدي ني، ته اوڏو ٿين اميد کي.

- ڀٽائي

سگهڙن جا ڏوهيڙا به دوهاتي ۽ دروهاتي گهڙت جا چڱا ئي حامي ڏسبا.

ڏوهيڙن جي ٻولي

”ڀٽائي سائينءَ جا ڏوهيڙا ته هڪ صالح، شائسته ، شسته ۽ تلقيني ٻوليءَ ۾ پوتل آهن ۽ سندس هم حرفي پوچ ته سنسڪرتي شاعرن کي به شهه ڏئي  ڇڏي آهي. ازانسوا لفظي چونڊ به اعليٰ درجي جي اٿس. سيد سائينءَ جي پنهنجي طبعي روحاني رنگ ته ساري شعر تي گويا سون تي سهاڳ چاڙهي ڇڏيو آهي. منهنجي خيال موجب ”ڏوهيڙو“ ئي سنسڪرت ۽ سنسڪرتي ڀاشائن جو مادر زاد ذهن آهي ۽ نه عربيءَ جو موذون شعر.“ پنڊت جي.

سگهڙن جي ٻولي البت دقيق آهي؛ غير مروج الفاظ، لفظن جا اُچار، ترڪيبون، حسن نگاريءَ، توڙي مشاهده نگاريءَ جا قديم اصطلاح ۽ ورجيسون سڀئي انوکيون پيون ڏسبيون. وري جو پڙهڻيون به ناقص ٿي چڪيون، تن جي سمجهه، سهيڙ، توڙي سمول هڪ انتهائي ڪٺن ڪم ٿي پيو آهي.

سنديلي صاحب وٽ هي مواد، چڱو ئي ڪٺو ڪيل ٿو ڏسجي. پر پاڻ في الحال هنن ٿورن بيتن تي اڪتفا ٿو ڪري، ته جيئن ڏسي ته اهل ذوق حضرات جو ههڙي ناياب ادب ڏانهن ڪهڙو ٿو رجحان بيهي، ۽ سنڌي ادب ۾، سندس هي ڪتاب، ڪهڙو ٿو رتبو حاصل ڪري. ڪتاب ته پنهنجي سفارش پاڻ ڪندو، جو آهي ته ڪنهن اعليٰ اڀياس جي نصاب لائق!

مولف جي محنت، ۽ ڪتاب جو علمي ۽ ادبي معيار

هن جوان رت، زيرڪ ذهن اديب، مسٽر سنديلي جي اڀياسي محنت چڪاسيم؛ ڏٺم ته هن سنسڪرتي لغت جو ڪو ڏاڍو ڳوڙهو اڀياس ڪيو آهي، جنهن ڪري ته اشتقاقي معنيٰ تي کيس آڙيءَ جهڙو عبور آهي!  سندس طبع رسا عادت هيءَ آهي، جو جيسين کيس تز اشتقاق ۽ پوري معنيٰ نه ملندي، تيسين کيس اطمينان قلب نه ٿيندو، تنهن ڪري، ڪتاب جو علمي معيار ڪو اکري نه آهي، پر هيءَ هڪ ٺوس ادبي ريسرچ آهي.

ڪتاب ۾ گونا گون خيال ڏسبا. جي ادبي مطالعي لاءِ، هن کان اڳ ته سر ٽوڙ هئا، پر هاڻي، نفيس ۽ نازڪ گلن جي ورکا وانگر سرها ۽ طراوت بخش ٿي پيا آهن؛ ڇو ته تز اشتقاق، هم معنيٰ الفاظ، توڙي تلميحي اشارات، اڪثر لفظي ترجمن، واضح تشريحن ۽ مثالن سان ڏنا ويا آهن ۽ ڪتاب جي متن کي پورين اعرابن سان هڪ آسان ۽ روان پڙهڻيءَ وارو ڪيو ويو آهي. دلي دعا آهي ته هيءُ ڪتاب شل، وڃي ادبي اوج ماڻي! والسلام-

                  امام آباد،                                            سيال علي محمد

تعلقو مورو، ضلعو نواب شاهه                                   بي - اي، ايس – ٽي– سي.

        9 جولاءِ، 1954ع

 

ٻه اکر

 

ڪيترن ورهين کان هڪ ادبي  شوق دل ۾ پئي رهيو آهي ته سگهڙن جي سنڌي، جا ئي نج ۽ قديم آهي. سا سهيڙي، سموهي ۽ چڪاسي، اهل ذوق وارن اڳيان پيش ڪريان. اڳ ۾ ته هن مواد هٿ ڪرڻ لاءِ ساريءَ سنڌ جو سفر ڪرڻو پيو، سو ته گهڻي ڀاڱي ڪيم ۽ چڱو ڪچڪولي مواد به مليم، پر سگهڙن جي زندگيءَ بابت ڪا تڇ خبر ملي، سا به ڄڻڪ ڪنهن ڏند ڪٿا جا افواهه! اهڙن ادبي سرموڙن ۽ سالارن جا مواد، جي قلمبند نه ٿيا، ته من سينه به سينه روان رهن ها، ته به چڱو! مثال طور، ڪنهن به هڪ سگهڙ جو مواد هڪ هنڌان ميسر ٿي نه سگهيو، پر دربدريءَ بعد، جو ڪجهه پڙ پيو، سو وري پڙهڻين ۾ مختلف لڌم. اهڙيءَ طرح، سهيڙن جي تڪليف بعد، وري سموهڻ جي تڪليف دوبالا سمجهيم. ادبي لغوي چڪاس، محاورن جي ڀڃ گهڙ، لفظن جي بجا طور صرفي ترڪيب ۽ نحوي پوچ يعني، ساري سخن سنجي سا ڄڻ ته  ڪنهن پوري ادبي مواد کانسواءِ، هڪ آڏ ترڇي ڏاڪڻ هئي، جتان لڪن جا لوڏا به سجهي ٿي آيم!

مون وٽ سگهڙن جي ڪلام جي تشريح جو ڪو هڪيو تڪيو مواد ڪو نه هو، جو کڻي بسم  الله ڪري شروع ڪيان ها. جيتوڻيڪ ڪيترن علم دوست حضرات وٽ سجهيو به پئي، ليڪن هو صاحب پنهنجي هن سوني مواد جا ڏاڍا دلداد، پئي لڌا، جو شايد ڪتابي چورن کان ڏجهيل هئا. ڪي اهڙا مهربان به هئا، جي سسئيءَ جيان پنهل کي ڀاڪر ۾ جهلي، رڳو پيشانيءَ جي زيارت ڪرائڻ لاءِ آماده هئا. نيٺ دل ۾ انصاف ڪيم ته آخر اهڙا مواد، سي ته سوداگري سٽي جا آهن، جي نه مفت ڏيڻ جهڙا آهن ۽ نه وري سستي سودي لاءِ، ته ڀل ٻيو ڪو وڃي ڪمائي، تنهن ڪري، سڀئي بي ميار ٿيا! پر مون کي جيڪي ڪجهه هٿ آيو آهي، سو ته پارکن اڳيان پيش ڪري ڇڏيان، متان ادبي ذخيره اندوزيءَ جو الزام، ڪي مون جهڙا ڳولائو، خود مون تي ئي نه عائد ڪري ڇڏين!

ههڙي فرهادي ڪاوش درپيش! پوءِ چيم ته هاڻ، جنڊ ڪڍنئي سسئي، ٻيا لڪن جا لوڏا! سو پنهنجي هن ذوق کي جو اَجيت ڏٺم، تنهن ڪري ماشاءَ الله ڪري هٿ وڌم.

اول ته سنسڪرت جو ٿورو گهڻو اڀياس ڪيم. چڱو ئي لغوي ڀنڊار، وت آهر، خريد ڪيم. تنهن کان پوءِ، سگهڙن جي استعمالي الفاظن، محاورن، سٽن (مصرعن) جي ترڪيبي جوڙجڪ، نعت، سينگار، تصوفي تخيلات، مجاز، حقيقت ۽ سندن زماني جي طبعي رجحانن ڏانهن پاڻ کي متصرف رکيم؛ ايتري قدر جو سڄا سارا ٽي سال اک ٻوٽ ۾ گذري ويا، سو به فقط هنن ٿورن ڀيتن جي تفتيش ۽ تشريح ۾! تنهان اڳي، چار سال کن اڀياسي تعليم ۽ کوجنا ۾ صرف ڪيم. يعني، من جمله ست سال لڳائي، قديم سگهڙن جي ادب جو، هيترڙو ڪتاب ٺاهي، جوڙي، پنهنجي طرفان، سنڌي ادبي خدمت جو گويا ”برگ سبز ست تحفهء درويش چه کند بينوا همين دارد!“ طرح پيش ڪيو اٿم ............... گر قبول افتد زهي عز و شرف!

ڄاڻڻ گهرجي ته سگهڙن جي سنڌي ڪا ڏکي سنڌي نه آهي، اها ٻولي، هنن پنهنجي وقت جي فضا ۽ محاورن موجب لکي آهي، پر سندن سنڌي، ڪا رواجي سنڌي به ڪا نه آهي؛ اها هڪ لاجواب ادبي سنڌي آهي، جا لائق محنت، مطالعي ۽ اعليٰ اڀياس جي آهي.

جيڪي سگهڙ هت ڏنا ويا آهن، سي ته کانئن اڳ جي سگهڙن جا تڙ پوٽاڻا شاگرد آهن پر سنڌ جي سڀني سگهڙن جو سمورو صدين جو ذخيرو، سو ته قطرو درياءَ ۾ گم آهي، ليڪن منهنجي ذوق کي جنون جاڳيو ته ”يڪ مشت نمونه خروار“ به ڪٺو ڪري، گذشته  ادب جي نوعيت سجائي، پيش ڪريان، جي اهو ڪم ئي پورو ڪيم ته به لک کٽيم.

وڌيڪ مواد اڃا به موجود آهي ۽ تڪليف وٺي، ڪٺو به ڪندو رهندس، ڇو ته هن تڪليف جي مدعا  اها ئي آهي ته ”قديم سنڌي ۽ قديم اڀياس، زماني هال جي ادب سان ڪڙي ملائي.“ هن ڪتاب جا سگهڙ، اٽڪل، ٻن اڍائي صدين جا آهن، پر جيڪي الفاظ ڪم آندا اٿن، سي ته ويدڪ نسل جي ڪتابن ۾ ڏسي سگهبا ۽ جي ٿورو مٽ سٽ جو لساني قانون ساڻن لاڳو ڪبو ته اڻ وقت جي مروج لفظن سان وڃي، ڪنهن حد تائين، ڀيٽ کائيندا. ادبي ذوق وارن جي دلچسپيءَ تائين ترسجي پيو ته ڪهڙو ٿا رخ وٺن ۽ ڏسجي ته اڄوڪي فلمي ماحول ۾، ههڙو گران مايه قديم ادب ڪيتري ٿو مقبوليت حاصل ڪري.

هن نج سنڌي ادبي ڏوهيڙن ۾ ڪيتريون انوکيون صنعتون، استعارا، تشبيهون، تمثيلون، ۽ صرفي نحوي، درست ۽ دلچسپ ترڪيبون ڏسبيون ۽ ساروئي اڀياس ڪنهن سطحي اڀياس کان مڙيو ئي ڪجهه عميق ڏسبو.

ابتدا کان، جيڪا شاعرن جي روش رهي آهي ته حسن کي ۽ مجاز کي ”مادي جنس“ ۾ ڏکاريندا رهيا آهن، ۽ هر هڪ وصف لاءِ چونڊ الفاظ ڪم آڻيندا رهيا آهن سا ساڳي ۽ عجيب روش، هنن شاعرن به ڏاڍي سهڻي نموني ڪم آندي آهي- خاص ”سينگار“ کي ته ڏاڍن سهڻن لفظن ۾ نباهيو  اٿن.

پنهنجن شاعرن کي ڪوشش ڪري، سندن زماني آهر پيش ڪو اٿم، ته جيئن خبر پوي ته آهستي آهستي، هن صنف جي شعر ۾ ڪهڙي تبديلي ايندي ويئي، ۽ آخر هيءُ شعر ڪهڙي پد تي وڃي پهتو. سگهڙن جي ٻولي، جا قديم ۽ غير مروج آهي، سا هر طرح اجاري ويئي آهي ته جيئن الفاظي معنيٰ ۽ حقيقت بلڪل واضح ٿين. اڃا به هن غير مروج ٻوليءَ کي آسان تر بڻايو ويو آهي، جو سٽ سٽ جو سليس ۽ مروج ٻوليءَ ۾ لفظي ترجمو به ڏنو ويو آهي ته جيئن مطالعي سان ادبي دلچسپي پيدا ٿئي.

ڪتاب جي درست پڙهڻين قائم ڪرڻ، اشتقاقي مسئلن جي حل ڪرڻ، لفظي معنائن ۽ ترجمن جي درست پيش ڪرڻ ۾، جيڪا صحي ۽ سچي همدردي محترم علي محمد خان سيال ڏيکاري آهي، تنهن لاءِ سندن تهدل شڪر گذار آهيان. آئون مڃان ٿو ته جيڪڏهن هي هٿ،مون سان، هن ڪم ۾ حامي نه رهي ها، ته ڪتاب جي صحت ايتري قدر قائم نه رهي سگهي ها. جناب سيال صاحب جي صحبت يقين ڏياريو آهي ته پاڻ هڪ بلند ادبي شخصيت جا مالڪ آهن ۽ سندن ذهني اڀياس ايڏو ڪشادو ڏٺم، جو سنڌي ٻوليءَ جو هر اشتقاق، معنيٰ استعمال ۽ سگهڙن جي معنوي لڪ، سڀئي سندن اڳيان هڪدم حاضر ڏٺم. لغوي اڀياس به ايترو ته اٿن، جو هر وقت سندن علمي صحبتن مان جرعه نوشي پئي ڪئي اٿم. منهنجو ذوق، سو ائين ئي رهجي وڃي ها، جي سندن سچي همدردي ۽ همت  افزائي شامل نه هجي ها.

هاڻي، جيڪي به آهي، سو پيش ڪريان ٿو. ”مارن جي وٽ، ڏونرن جي ڏوئي!“ آئينده جيئن الله سائينءَ گهريو.

         لاڙڪاڻو.                      عبدالڪريم سنديلو

29-8-1954ع


*  ڪتاب جي متن ۾، هر هڪ شاعر جي بيتن کي جدا نمبر ڏنل آهن، جي بيتن جي ساڄيءَ ڪنڊ تي ڏنا ويا آهن؛ ان سان گڏ، هر هڪ بيت تي لاڳيتوجريان نمبر پڻ، وڏيءَ ڏنگيءَ [ ] ۾، کاٻيءَ ڪنڊ تي، ڏنل آهي. بيتن جي تشريح لاءِ، حوالي طور، فقط وڏين ڏنگين وارا نمبر استعمال ڪيا ويا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org