سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو سينگار

 باب:

صفحو :2

سينگار ”سورهن سينگار“

سينگار (پرا. سنگار. سن. شر نگار. شرنگ = پيار جو وڌڻ + ر = وڃڻ، جنهن جي ڪرڻ  سان  من  ۾ پيار  وڌي  ٿو)، شوڀا، سجاوٽ، سونهن.

پياري لال، ”شرنگار شاستر“ ۾ لکي ٿو ته ”اسان جي ديس ۾ استرين جا سورنهن  سينگار، پراچين  زماني کان  هلندا  اچن  ٿا.“

”سينگار“ جا بيت، جي سنڌ جي شاعرن ڳايا آهن، سي دراصل هندي بيتن جو تتبع آهن. سنڌي شاعرن، هندي دوهن کان متاثر ٿي، پنهنجي ماحول ۽ فضا موجب، محبوب جي سينگارن کي خوب ڳايو آهي. جيتوڻيڪ تشبيهون گهڻو ڪري ساڳيون قائم رکيون اٿن، تاهم سندن بيتن ۾ ماحول جو اثر نمايان آهي. محبوب جي وڻندڙ وصفن کي پنهنجي  روزمره  جي عام شين سان تشبيهه  ڏيئي، پنهنجي بلندي خياليءَ ۽ ذهني ذوق جو خاڪو  پيش ڪيو اٿن. ”سينگار“ جي بيتن جا ڏيندڙ ۽ وٺندڙ، پنهنجو وارو وڄائي ويا. جيتري قدر معلوم ٿي سگهيو آهي،  1910ع کان پوءِ، ڪو به اهڙي قسم جو شاعر نه رهيو آهي، جنهن ”سينگار“ جي بيتن جا انمول موتي اسان کي ڪجهه آڇيا هجن. هن وقت جيڪڏهن ڪي وکر  وهائيءَ  وارا  آهن به سهي، ته به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا، ۽ انهن جي تلفظ ۽ بيتن جي سٽا ۽ سالميت جي حالت هيءَ آهي جو سندن سونهائتي ڪا معنيٰ ڪڍڻ  به مشڪل ٿيو  پوي.

شاهه ڀٽائي رحه جي وقت کان، سنڌ ۾، شعر جو چرچو ايتري قدر ته وڌي ويو، جو هتي، هر هنڌ شعر جي درياءَ موڪون  لائي ڇڏيون، جنهن ڪري اهي ته ڪمال درجي جا شاعر پيدا ٿيا، جن جا بيت اڄ به مثال ۽ داد لاءِ حاضر آهن. مگر جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن شاعرن به نئين گت اختيار ڪئي. نتيجو اهو نڪتو جو اڳين ۽ پوين شاعرن جي ڪلام ۾ لغوي توڙي بلند پروازيءَ جي خيال کان وڏو ويڇو پئجي ويو. پويان شاعر به يقينن اڳين واري گت قائم رکن ها، ليڪن هنن کي نه ڪنهن همتايو ۽ نه وري ڪنهن وکر  وهائڻ  لاءِ  ڌر  ڀاڳين  جي ڀاڻ  تي وڃڻ  جي تڪليف  ئي گوارا  ڪئي. مطلب ته هنن کي ٻڌڻ  ۽ سمجهڻ  وارو ڪو نه رهيو، جنهن  ڪري، هنن  پنهنجي سر بيتن جا ڀڻڪا پئي ڪڍيا هوندا  ته  ٿي سگهي ٿو، پر اسان جي ٻڌڻ ۽  پڙهڻ  لاءِ“ خير ڪو ڇڏيائون!

هيٺين بيتن مان ڏسڻ ايندو ته ڪيئن نه سنڌي شاعرن، هندي بيتن جو تتبع ڪيو آهي.

ترنڀا رِپَ ڪي لَنڪَ هٻي، آنڀا رپ ڪا وَينَ،
دد ست لرپ ڪي چال هي، آڪا رپ ڪا نين.
 

        ]ترنڀا = ڍڳو، رپ = دشمن، ترنڀا رپ = ڍڳي جو دشمن، سو ٿيو شينهن. لنڪ = چيلهه، آنبا = انب، آنبا رپ = انبن جو دشمن، سو ٿيو ڪوئل پکي،  رين = ڳالهائڻ، لات، شاعر چوي ٿو ته ”محبوب جي چيلهه، شينهن  جهڙي (پتلي ۽ لچڪدار) آهي ۽ ڳالهائڻ ڪوئل پکيءَ جهڙو آهي.“

دد = سمنڊ، ست = پٽ، ددست = سمنڊ جو پٽ، سو ٿيو موتي (موتي سمنڊ جي پيدائش آهن.) ددست رپ = موتيءَ  جو دشمن، سو ٿيو هنج  پکي. (هنج، موتي چڳندو آهي.) آڪا =  اَڪ، آڪا رپ =  اڪ جو دشمن، سو ٿيو هرڻ، شاعر چوي ٿو ته ”محبوب جي رفتار يا گام، هنج جهڙي هلڪي ۽ ڳنڀرائيءَ واري آهي ۽ اکيون هرڻ جهڙيون اٿس.“ [اهڙن  هندي ڳوڙهن جو  تتبع، سنڌي  شاعرن  هن  ريت  ڪيو آهي؛

ڪُنجل رِپ ڪارَڌو، مئنڊڪ جو رِپ موءِ      - جلال

]ڪنجل = هاٿي، ڪنجل رپ = هاٿيءَ جو دشمن، سو ٿيو شينهن. (شاعر جلال ”ڪارڌو“ (شينهن) بيت ۾ ڏنو به آهي). مئنڊڪ = ڏيڏر، مئنڊڪ جو رپ = ڏيڏر جو دشمن، سو ٿيو نانگ، مئنڊڪ جو رپ موءِ = نانگ جهڙا وار، شاعر چوي ٿو ته ”محبوب جي ڪمر، شينهن  جهڙي ، ۽  وار  نانگ  جهڙا  آهن.“[

ددست  بينسر  بين  ۾، ڀرون   ڀونر   ڀونگ    - مڱڻهار

]ددست = موتي. شاعر چوي ٿو ته ”محبوب جي نڪ ۾ جيڪو بولو پيل آهي، تنهن ۾ موتي پيل آهي ۽ محبوب   جي  ڀرون  گويا  ڀونر  ۽  نانگ آهن.“ [

        مطلب ته سنڌي شاعرن به هندي شاعرن واري روش اختيار ڪئي. هندي  دوهن مان اهو پڻ معلوم ٿو ٿئي ته محبوب جا سورنهن سينگار آهن. انهن سورنهن  سينگارن کي وري ٻن نمونن ۾ تقسيم ڪيو اٿن. (الف) فطري سينگار. (ب) مصنوعي سينگار.

(الف) فطري سينگار ۾، شاعر، محبوب جي فطري وصفن کي، پنهنجي ماحول جي شين سان ڀيٽي، محبوب جو رتبو وڌائي ٿو. انهن سينگار جي بيتن ۾، اهي ساڳيا واسينگ وار، ساڳيا ڳل، ساڳيا ڀرون، ساڳيون بادامي ۽ پيڪاني اکيون، ساڳي روشن پيشاني، امونڪ، لعل لب، سروند، چابڪ چيلهه جي ڪبڪ رفتاري، ٻانهن جي لوڏ، رنگت ۽ خوش پوشاڪيءَ جو ذڪر سمايل رهي ٿو. تنهن ڪري ”سينگار“ جي دوهن جي نسبت اڪثر مطابق حسن ڏانهن آهي ۽ نه ڪنهن مخصوص حسن ڏانهن.

        سنڌ جي ڪيترن ئي سدا  ملوڪ سگهڙن، محبوب جي سورنهن سينگارن کي خوب ڳايو آهي. هيٺيان  دوها،  جي هندي  ٻوليءَ  ۾  ٿا  ڏسجن،  سي ڏسڻ ۾ ته سنڌي گهڙت جا آهن، ليڪن انهن کي سنڌي سگهڙن، هندي تلفظ ۾ نقل طرح ڪم آندو آهي. هندي سگهڙن جا  اهڙا  دوها ، پنهنجي  وقت  ۾ عام جام مروج  هئا، جي سنڌ ۾ به  رڙهي آيا. هنن  دوهن   ۾ ،  فطرت  جون  چار  سهڻيون   شيون  ورتيون  ويون آهن ، جن سان حسن جون تشبيهون  لڳايون  اٿن.  مثال طور، چار جانور، چار پکي يا اڏامندڙ شيون ۽ چار گلزاري گل، چار باغاتي ميوا، جي جملي سورنهن ٿيا. سڀئي تشبيهون عجيب آهن ۽  ادبي  معنائن   ۾  ڇا نه غريب آهن. هنن ”چئن“ تشبيهاتي دوهن کي ” سورنهن سينگار“ جا دوها چوندا آهن.

چار چلولت چار اڏنت، چار ڦُول، ڦل چار،
اي سولهن ئي سينگار، اڀرن هين اٺ چار.
 

شاعر، محبوب جي حسن جون جملي سورنهن وصفون چئن ”چلولت“(هلندڙ، جانورن) چئن ”اڏنت“ (اڏامندڙ، پکين وغيره)، چئن ”ڦول“ (گل) ۽ چئن ”ڦل“ (ميون) سان ظاهر ٿو ڪري ۽ بعد ۾ وري محبوب کي وڌيڪ ٻهڪائڻ  يا سندس حسن کي دوبالا ڪرڻ لاءِ ”آڀرن“ (زيورن) جو  ذڪر  ٿو ڪري، جي شاعر  جي  خيال  موجب  اٺ  چار (8+4 =12) يعني  ٻارنهن  آهن.

مٿئين  دوهي  کي،  شاعر ، هيٺيئنء َ ريت  وڏيڪ  واضع  ٿو  ڪري:

1-     مرگَهه تماري نَينَ هين، ڪَٽ چيِني بَنراج،
گهُونگهُٽ واڪو تُري ڪو، ڊَگَ چالي گَجراج.
*
 

} هرڻ جهڙون اکيون (محبوب جون) آهن، چيلهه شينهن جهڙي  (پتلي ۽ لچڪدار) آهي، ناز ۽ نخرو گهوڙي جهڙو (شانا ئتو ۽ ڳنڀير) ۽ هاٿيءَ جهڙي (ڌيمي ڌيمي) لوڏ آهي. (هن ۾، چار هلندڙ جانور ڪم آيل آهن.){

 

2-  ناس ڪَڪيلو ڪوئل بيني، ڪَنٺ هاري مور،
ڀرون سجن ڪي شام هين، بون چمپا مين ڀونر
*
 

}نڪ، طوطي جهڙو (ڪنڍو ـ چوپڙو)،  ڳالهائڻ  ڪوئل  جهڙو (مٺو)، ڳچي مور جيان (سنهي ۽ ڊگهي) آهي. ڀرون ڪارا، جي سهڻي چهري تي ائين سونهن ٿا، جيئن چنبيليءَ جي گل تي ڀوءنر. (هن  ۾، چار اڏامندڙ پکي ڪم آيل آهن.){

3-آڌر ڪپل گلاب هي، ڪيس سوسن ڪي ريهه،
ڪيسر انگي، مک ڪنول، اٺ ساجن وصل لي. *
 

} چپ ۽ ڳل گلاب جهڙ،ا ۽ وار سوسن جي گل جهڙا (ڪارا)، گويا سنهيون ليڪون، ڪيسر جي گل جهڙو بدن (نرم ۽ سهڻو ) ۽ منهن ڪنول جي گل جهڙو (سدا بهار ۽ هٻسان وارو). (هن  ۾، چار گل ڪم آيل آهن.){     

4-        ڪرڪيلي، دڇن انار، اڙ اُڙي سوپاري تا،
سٿن ڪامڻي ناريل هي، انگيا سوڀيا ما. *
 

}هٿ ڪيلي جهڙا (نرم)۽ ڏند ڏاڙهونءَ جي ڪڻ جهڙا (جڙدار ۽ ڳاڙهسرا)، ۽ کڙي سوپاريءَ جيان (ننڍڙي): اي محبوب، تو کي چولي جي اندر، تنهنجا پستان، ناريل جهڙا، ڏاڍي سونهن ڪن ٿا،  اهڙي طرح ٻئي شاعر به محبوب کي ساڳي رنگ ۾ ڏٺو آهي. {

مرگهه نيني، ڪيهر لڪي، اسپ گهونگهٽ، گج گام،
ڪوئل بيني، طوطي نڪي، ڳچي مور جان، پليو ري اقدام،
اونڌ سوپاري، نيڀو ٿڻي، کاڏي انب اپار، مڱ ڦليان آڱريان،
سوسن بال، مک ڪانولي، آڌر بنيا گل لال، ڏند جنبيليان.
 

}هرڻ جهڙيون اکيون، شينهن جهڙي چيلهه، گهوڙ جهڙو ناز ۽ گهنڊ، ڪوئل جهڙي لات، طوطي جهڙو نڪ، مور جيان ڳچي ۽ پاليهر جهڙا (ڳاڙها) ۽ نرم پير ، اونڌيءَ  سوپاريءَ جهڙي ننڍي کڙي، پستان ليمي جيڏا، کاڏي انب جي ڦار جهڙي ۽ آڱريون مڱ جي ڦرين جيان ڊگهيون ۽ سنهڙيون، وار سوسن گل جهڙا (ڪارا) منهن ڪنول جي گل جهڙو (سدا خوش) ۽ چپ لاله گل جيان (لال) ۽ ڏند، چنبيليءَ جهڙا (سفيد){

هينئر واضح ٿيو ته شاعرن جون ڪم آندل سورنهن وصفون، محبوب جي سونهن فطري وصفن ڏانهن اشارو آهن، جن کي محبوب جا سورنهن فطري سينگار ڪوٺين ٿا.

(ب) مصنوعي سينگار.

هن  سينگار  جو مطلب آهي ته هٿرادو سينگار ڪرڻ، جو حسن جي اڻ لکي عيب کي به ڍڪي ۽ سون تي سهاڳي جو ڪم پڻ ڏئي. جي ٽي پلئٽس، هيٺيان سورنهن سينگار ٿو ڳڻي:

1. ڏندڻ  2 . چورڻ (ڏندن کي صاف ڪرڻ ۽ چلڪائڻ لاءِ پائوڊر) 3. اٻٽڻ (سرنهن ۽ ترن جي تيل ۾ ڪيسوگل وجهي، تيل سرهو ڪري ڪڻڪ يا جوَن جي اٽي سان ملائي، بدن کي هڻڻ لاءِ، ته جيئن ميل يا گندگي لهي وڃي) 4. سندر (سينڌ ڀرڻ لاءِ) 5. ڪيسر  (ڀرن  جي وچ  ۾ تلڪ ڪڍڻ  لاءِ) 6. سرمو  يا ڪجل 7. بندي (ٽڪڙو يا آلي، نرڙ تي لٽڪي) 8. سرهو تيل (وارن لاءِ) 9. ڦڻي 10. آرگجا، ڪيسر، چندن ۽ ڪافور جو چورو يا ڪٽو، منهن ۽ ٻانهن کي لائڻ لاءِ) 11. پان 12. مسي (ڏندن کي سهڻي ڪرڻ ۽ عيب دور ڪرڻ  لاءِ) 13. نير (نيرو رنگ کاڏي ۾ تر بنائڻ لاءِ) 14. مهندي، 15. گل جي ڪنڍي (وارن جي چوٽيءَ ۾ ٻڌڻ لاءِ) 16. التا (ڳاڙهو رنگ يا لاک  جو  رنگ، پيرن کي ڳاڙهي ڪرڻ لاءِ.).

رام گلام ڪوش، انهن مٿين سينگارن  کي، هيٺينءَ ريت، وڌيڪ کولي لکيو آهي:

(1) بدن جو ميل لاهڻ، (2) ڏندڻ ڏيڻ، (3) صاف ڪپڙا پهرڻ، (4) ڪجل لڳائڻ، (5) لاک جي رنگ سان هٿ پير ڳاڙها ڪرڻ (6) وار سنوارڻ، (7) سينڌ ۾ سندور ڀرڻ، (8) ڀرن جي وچ ۾ تلڪ ڪڍڻ (9) کاڏيءَ ۾ تر بنائڻ (10) مهندي لڳائڻ (11) خوشبو لڳائڻ (12) پان چٻاڙڻ (13) گلن جو هار  (وارن جي چوٽيءَ لاءِ) (14) ڏندن کي ڳاڙهسرو ڪرڻ (15) لبن کي لال ڪرڻ ۽ (16) زيور پائڻ (ڳچيءَ جو هار)

باقي رهيو پهرين دوهي جو ”اڀرن هين اٺ چار“ وارو  پد: سو اٺ چار  يعني ٻارنهن ، اشارو آهي، محبوب جي ٻارنهن ڳهڻن ڏانهن ” ڀاشا شبد ڪوش“ توڙي ”هندي شبد ساگر“ هڪجهڙا  ٻارنهن  ڳهڻا  ڏين  ٿا:

(1) پيرن جون پٽيون، (2) چيلهڪي (3) چوڙيون (4) منڊيون (5) ڪنگڻ، (6) بازو بند (7) هار (8) ڪٺمال (9) بينسر بولو (01) ڳن (ڪن جو زيور) (11) ٽڪڙو ۽ (12) چوٽي ڦل.

”سينگار“ جي بيتن ۾، سورنهن سينگارن جو ذڪر ۽ ٻارنهن ڳهڻن جي اپٽار، مضمون جو خاص موضوع آهي، جيئن اڳتي هلي بيتن مان معلوم ٿيندو.


1*- مرگهه =هرڻ، ڪٽ =چيلهه. چيني = سنهي. بنراج (بن = جهنگل + راج = راجا) = شينهن. تري = گهوڙي. ڊگ = هلڻ، چال، گجراج (گج + راج = هاٿيءَ جو راجا) = مها هاٿي.

- ناس = نڪ، ناسون، ڪڪيلو = طوطو، ڪنٺ = ڳچي. شام = ڪارا، چمپا = چنبيلي گل، 3- آڌر = هيٺيون چپ، چپ. ڪپل = ڳل، رخسار. سوسن = ڪارو گل، ريهه = ريکا، ليڪ. اٺ ساجن وصل لي = اٿي دوست وصل جو مزو ماڻ. 4 ڪر = هٿ، دڇن ڏند، اڙي = کڙي، تا = وانگر، سٿن = ٿڻ، پستان. انگيا = انگ جا، چولو. سوڀيا = سونهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org