سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌ جو سينگار

 باب:

صفحو :6

شاهه محمد ديدڙ

هي هڪ پنهنجي وقت جو جيئد عالم ٿي گذريو آهي. سمورو وقت درس تدريس ۾ گذاريندو هو. ننڍي هوندي، مجازي عشق جي اَري ۾ اچي ويو، جنهنڪري ڏاڍيون تڪليفون سَٺائين. مرحومَ جو دعا – سڳو ايتري قدر ته مشهور ٿي ويو، جو کيس ”فقير“ سڏڻ لڳا. هو به واقعي فقير؛ مجاز کان حقيقت طرف رجوع ٿي، رات ڏينهن مالڪ جي محبت ۾ مَحو  ۽ مستغرق رهيو.

ديدڙ، ڪو رواجي شاعر نه، ليڪن هڪ بلند پايي جو قادرالڪلام شيرين شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شعر جو استاد، سندس نانو، رئيس حسين خان، پنهنجي وقت جو مشهور شاعر هو، جو وقت بوقت سندس شعر ۾ اصلاح  آڻيندو هو. فقير شاهه محمد، حمل خان لغاريءَ  ۽ لطف علي بهاولپوريءَ  جو همعصر هو. سي حرفي، جيتري  ديدڙ چئي آهي. اوتري سنڌ جي ٻئي ڪنهن شاعر مشڪل چئي هجي. سندس مولود  شريف، خطبا، معجزا، حڪايات، جنگي قصا وغيره ڪتابي صورت ۾ موجود آهن، جي اڪثر ڇپجي چڪا آهن. سندس قلمي شعر جو هڪ حصو هٿ آيو آهي، جنهن مان سينگار جا بيت هت درج ڪجن ٿا. فقير کي ڪو نَرينو  اولاد ڪو نه هو؛ فقط هڪ نياڻي ڇڏي، راه رباني وٺي ويو. پوين، فقير صاحب جي ڪاغذن جو قدر نه ڪيو، جنهن ڪري رهيل کُهيل ادبي خزانو به خرد برد ٿي ويو آهي. فقط سندس هٿ اکري قرآن شريف موجود آهي.

مهربان برادرم ولي محمد خان سنديلي، جن جي هن وقت عمر 75 ورهيه آهي ۽ جي محراب خان سنديلي جي ڳوٺ، تعلقي ڏوڪري، ضلعي لاڙڪاڻي جا ويٺل آهن، تن ٻڌايو ته ”مرحوم بابي سائينءَ جي اوطاق تي ڪچهري ٿيندي هئي، جتي ”ديدڙ“ ۽ ”حاجي خانڻ“ ڪچهريءَ جا سرمور ۽ سرمهرا هوندا هئا.“ برادرم وڌيڪ ٻڌايو ته ”حاجي خانڻ بهترين ڳائڻو هو ۽ وقت پٽاندر شعر ٺاهي، مجلس کي رونق وٺائيندو هو. باقي علم ۽ ڪلام جي پختگيءَ ۾، دادُ ديدڙ کي ملندو هو.“ ديدڙ فقير جا وصف، برادرم صاحب هي ٻڌائي ٿو:

”قد جو بندرو، شڪل شٻيهه پوري پُنِي، اکيون ٻاهر نڪتل،
بدن جو پَتلو، چڊي سونهاري ۽ لٺ هميشه هٿ ۾.“
 

فقير صاحب جو مادري وطن ڳوٺ ديدڙ، تعلقو قنبر، ضلعو لاڙڪاڻو هو، سندس ٺهرايل مسجد جي ڀت تي، سندس شاگرد محمد حسن، ڪاريءَ مَس ُ سان هيٺيون ”ڪَتبو“ لکيو آهي، جنهن مان ديدڙ جي وفات جي خبر پوي ٿي:

”وفات فقير شاهه محمد جِي، ٿِي مَنجههِ مهيِني رمضان مبارڪ
رات خميس جي، تاريخ 16، سنه 1309 هجري:
 

هيَ هيَ، جو شاهه محمد فقير هو،
هن وقت جي شاعرن جو ”شاهه“ هو!
 

محمد حسن ديدڙ.“

1

         مَهر اَتي مَهتاب رَهَن، مُشتاق صَنم ري  رُوءِ  اُتي،

سُنبَل وينسَ وسيِهرَ وَهسنَ، مُشڪ مُعطرُ مُوءِ اُتي،

         پَئو نسٽِ  ڦوڙ  ڦساوي  ڦَندان،  گوش گرِه، گيسوءِ  اُتي،

سَرو، سَمن، صدَ خِجل صَنوبر، فدَ دي صفت، سُوءِ اُتي،

لَک لقمان، اَفلاطون  ڦِردي ، کِير صَنم والي خوءِ  اُتي،

بُلبل ،  ڀونر  بيراڳي  ڦِردي ، باس  بَدن  دي  بوءِ  اُتي،

خِجل ڪبڪ، طائوسَ رَهَن ، جان  جانِب  ٽِلدا  جُوءِ  اُتي،

”شاهه محمد“ شالا هو وِين ، ڪَلب پِريان  دي ڪُوءِ  اُتي.  {59}

2

واهه ڏِٺي،  خوش  شاهه  ٿِيوي ، جِٿِ  دل  دي  دلبر آندي ،

مِل هيڪاندي،

ڪَر ڪَر  ويس رنگ ورنگ آوَن ، مُنهن  مَهتاب  تِنهان  دي ،

تَجلي کاندي،

بَينسرَ بُول ، سُونهين وچ  بيِني ، ڪَيسرَ  مَل  مَل  لاندي ،

ٿِيون سِياندي،

سُرخِي  لال لَبان  ڪُون  لاوَن ، سَير گهِٽيان  گهِن  جاندي ،

قدم اُٺاندي،

ماڻي ڪَر ، رَبّ  ُ ڄاڻي ، چشم  جَڏان   وَل   چاندي،

نظر چَلاندي،

ٿيِوي  دلِ  آزاد  غَمون ، خوش شاد  ٿيوَن  درماندي ،

ڏک ُ چُون واندي،

”شاهه محمد“ ڏيک  تِنهان  ڪُون ، ويندي سُور  سِڌاندي،

وَهم وِساندي. {60}

3

ڇوڙُ  زُلف، دل  بندِ  ڪتوئي ، ڪَڄ ڪيس ڪَڪر سِر نَنگي،

ڦِردي  ڀَونر ، ڦَساوَن  ڦَڻ  ڪُون ، وَينسَ  وِسيِهَرَ  وَنگي ،

ڪالِي  اَبرُو ، ڪَنوَل  ڪَمانين ، نَينان  نظر  تُفنگي ،

خُمري خُوءِ ، خنَجر  ڪوُن ، هُڻ  جَلدي  جانب  جَنگي ،

جال مَهرَ  تي ، خال  ذَقَن تي ، تالَ  ڪَنوُن  دِل  تَنگي ،

هَسلِي  هَس  هِلال  حَبِيبان ، بَينسَر  بِينِي  مَنگي،

مُکُ  مُندري ، اَڳ مَهروُ  دا ، اِندِري  اَحمر  رَنگي ،

ڪَتِي  روشن  ڪوءَن  ڪَهي ، دِل  ٻَهڪَ  ٻٽيِهي  ٻَنگي ،

ڪَبڪ  وچ  ڀي ڪَمِي  رَهه  ڳَئِي ، توڙي کَڙي  دَنگي ،

چيلهه  چَتر  هي  چِيٽا  چريا، چَرني  چِيهي  چَنگي،

ٿَئي ”ديدڙ“  نال  دُرَنگي ، دلبر  دي  دِيدارَ  ڪَنوُن {61}

4

سُندر سَجَنِي ، سينِڌِ سِٽِي ، ڪِيتا  سرکنَڊ  هي ، سينگارَ  ميان،

زُلف  سِياه  سِسِيهرَ ، اُٿ  هي  ڀَونر  سَندي ، ڀُڻڪارَ  ميان ،

ڪَنول  قَهاري ، ڪَيفَ  ڪَجَل ، هِن  اَکيان مِيگههَ ، مَلهارَ  ميان ،

سُرخُ  ٽِڪا ، لب لالي ،  ڏند  موتِيان  جَڙي ، مَهارَ  ميان ،

قَد  صنوبر، سِر  سُهڻي  دا ، ماکِي  هي  لَب ، لارَ  ميان                                           لَيثَ  لَڪِيڻِي ، لاڏَ  لُڏي ، بازُو  بَند  بَنِي ، زَرِيدارَ ميان،                                       پير پٽونئَڙي،پاليهر دي هِين چاسِينگَر چِمڪَار ميان،                                           مور،ڪَبڪ، هَنج ،وارَڻ ونگي، راڻَل دي، رفتار َميان،                                                                         ڪوئل وِردا،  وَل  نا وَلي، سُڻ گوهر دي، گفتار ميان ،                                                                                                  اَختر  اِند آبُر اَڳئي، پَس جانب، دا جِنسار                دَم ”ديڙ“ ڪَنوُن دلدار ميان، شل ، جدا نه جالي جڳ  وچ .      {62}

5

ڪالي ڪيس تَلِيهَر  تِکي ، اَبروُ قوس ڪَمانا ،

مُزگان تِير تي بَينَ  بَڇِيندي ، جوڙيان  جِند  نشانا،

هرڻ حيوان هَروشِي  ڳِڌي ، ٿَئي ، ڏِٺي دِيدَ  ديوانا،

چَلدي  چال ، چَلِي نَهيِن چَينچَل ، هَستِي ٿيا حيرانا ،

صُولَت ويک، سُسا وچ سورج، قَمر ٿيا قُربانا،

آکي ”عالم خان“ مليا مَت والا، وَهَ جي، هَر ويلي شڪرانا. {63}

6

بال بِشِيهَرَ ، بانو  ڀوَنري ، ماڻِنِ مُشڪ مُدام ،

جهُل ڪَم،  هُل ڪَر، ماه مَٿُون ، وَل وَينسَ ٻَهَن پادام،

نَينَ  ڪَمَل هنِِ ڪَيفَ ڪَٽِي ، وچ عِشق غَضب اَغمام،

لَب لاکيِڻي، مُشڪ لَڄاڻي، ماڻي هِن ماتام،

موتِي مُوڙهي ، ڳُوڙهي ڳَل ، هِن اَحمر اَنگڙي عام،

هَر ڪِي  هي وَل  ويِنگسَ  دي، پَٻ  هِن  اور  حمام،

گَج،  ڪَبڪ،  تَرَنِي ، هِرني ڪُون ، اعجاز ڪري اقدام،

هور  هَٽاوي  حُسن  وِ  کا  ڪَر ، بَدر  نه  ڀانوي  بام ،

تنهن تَجمل نال  تَمام، ”لُنڊ“ جيهي  لکَ لوڙه  سَٽي. {64}

7

رُخ  دلبر ، مَهتاب  مَلائڪ ، يا خورشيد  فَجر  دا ،

ڪِيا  سُهماوي  مشتاقان  ڪُون ،  يوسف  مُلڪ  مِصر دا ،

تَنگ  دَ هن وچ  دَ ند رَهن ، ڳَل  حَلقا يُون  بَصر  دا ،

ڪاڪُل ماري  اَفشار  ڪَوَن ، جيوين  سَنگ  تِرياق  عطر دا ،

اي ميان ”باقي شاهه“، ڏاتا لا  بالم ، ڀَڙڪا  مِهر  حُسن  دا . {65}

8

سَروَقد ، ميڏي  دلبر  دا ، جو حُسن  تِکا  تَلوارَ  ڪَنوُن،

بَخت وَندا  نُون  بَخرا  مليا ، صورت  دي  سردارَ،  ڪَنوُن،

مُنهن مَهتاب  ڪَنُون ، سئو  ڀاڱي  ڀَلا، گُذر ڀَلا  گُلزارَ ڪَنوُن ،

خوبِي خُوب، حَسيِن  هميشه ، اي  وُڌ ، پَريان  دي  پارَ ، ڪَنوُن،

حُوران  ڦِرن ، حيران  هميشه ، دَهشت  دعويدارَ  ڪَنوُن ،

خوش  ٻولڻ  نُون ، کِنوڻ  هميشه ، تات  مَنَن  تَڪرارَ  ڪَنوُن،

ڀانَ  ڀَلا  ڀئو  نال  گذاري  صورت  دي  سردارَ  ڪَنوُن ،

ماه مُلَحظا،  مُور  نه  ڇوڙي ، چَشمان  دي  چَمڪارَ  ڪَنوُن،

اَبرو ُ عيَنَ  عَجائِب  کِيئي ، سالَ  سَڄي  جِنسارَ  ڪَنُون،

سَئي  سَئي  ساز،  پَڪازَ  تماشي ، گِڙدِ  ٿِيوُن  گفتارَ ڪَنوُن،

صحت سَڀوتِ،  سَڀو  تَن  تازا ، آجا ڪُل  آزارَ  ڪَنوُن،

ڪالي ڪيس  تَليِهرََ  تکي ، ڏُور  ڏرَئِي  ڏَهَڪارَ  ڪَنُون ،

”ٻيِڙ ا“ ٻاجهه  مَنگي  هر ويلي ، ڪَلمي  دي  ته قَرارَ  ڪَنوُن. {66}

9

دووين عَين سڄڻ  دي، جنهن  دَم  ٿَئي  اِظهار  ڏُوهين ،

شَمس، قَمر  شرمنده  هوئي ، تَهدل  تابعدار  ڏُوهيِن ،

اَرض  وسَما  ٿَئي  بَردي  بيشڪ ، دَر دي  خدمتگار  ڏُوهين،

شَب روز رهن سي چاڪر ٿِي ، پابند پَهريدار  ڏُوهين،

قَوس  قَزح  وچ  موج  مزا  هي ، جَلويگر  جِنسار ڏوُهين،

لب  مَرجاني  دُر  دنداني ، خاور  دي  خوش گوار  ڏوُهين،

”علي محمد“ هر رنگ  دي  وچ ، نِرمَل  ٿَئي ، نروار ڏوُهين. {67}

 

معنيٰ ۽ شرح

علامتون

      الخ    آخر تائين

      انگ  انگريزي

      بلو    بلوچڪي

      ت     ترڪي

      پرا     پراڪرت

      سرا    سرائيڪي

      سن   سنسڪرت

      ص    صفحو

      ع     عربي

      ف     فارسي

      مخ    مخفف

      وفا    مولوي عبدالرحيم وفا وارو قلمي لغات

      هاڻ   هاڻي

       .      مصدر

      7      تبديل جي نشاني، اصل لفظ

      :       يا. جيڪڏهن اشتقاقن جي وچ ۾ هجي.

      ؟       شڪ جي نشاني

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org