سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گل شڪر

باب: -

صفحو :9

 

415 – کٽيو توتان گهوريو، وڃائج نه مور.

 

        مور جيڪو ناڻو واپار ۾ گهران ڏجي: جو ماڻهو ناڻو گهران پائي وڻج ڪري، تنهن کي گهرجي، جو مور واري ناڻي کان واڌو اُپائي؛ پر جڏهن واڌو نه اُپائي، تڏهن به موڙيءَ کي گهاٽو وجهڻ ته ڪار نه آهي. تنهن وانگي هي ماڻهو پڻ ساهه وٺي دنيا ۾ آيو آهي، سو جيڪڏهن ڌڻيءَ جي يادگيري ۽ چڱا ڪم ڪيائين ته ڪر کٽيائين؛ نه ته ساهه جو موڙي اٿس. سو اجايو وڃايائين. تنهن تي فارسيءَ واري جو بيت پڻ آهي:

فارسي: بمايھ توان اي پسر سود کرد،
چه سود آيد آنراکه سرمايه خورد.

 

ترجمون:        اي پٽ موريءَ مان کٽيو ڪري سگهجي،
جو موڙي کائي ويو تنهن کي ڇا کٽيو ٿيندو.

 

 

گ

 

416 –        گذر گئي گذ ران، ڪيا جهوپڙي، ڪيا ميدان.

        سکي جي ڏکي، جهوپڙيءَ ۾ جي پوٺي تي، جا گذري، تنهن کي چڱي لنگِهي چئي شڪر ڪرڻ گهرجي؛ ڇاکان جو سکيا ڏينهن لنگهندي ويرم نه لڳي، تنهن وانگي ڏکيا ڏينهن پڻ ڪين رهن. فارسيءَ واري چيو آهي:

 

بيت:   ز روزگار همين عادتم پسند آمد،
که خوب وزشت جهان جمله در گذر ديدم.

 

ترجمون:        زماني جي هيءَ عادت گهڻو وڻيم،
جو جهان جي چڱي مدي لنگهندي ڏٺم.

 

        اهڙي مثل لاءِ هيٺ نمبر 417 وارو پهاڪو پڻ لکجي ٿو.

 

 

417 –        گذري ڪوُن ڦر ياد نه ڪرڻا، جا گذري سا چوکي.

 

        هن مضمون تي مٿي پڻ پهاڪو نمبر 416 وارو آيو آهي، تنهنڪري هن جي ڌار وچور نه ڪيم، مگر هڪڙو نقل ياد آيو اٿم:

        راجا  هڪڙو سياري جي مند ۾ صبوح جو ڪاڏي چڙهي ٿي ويو؛ واٽ تي ڏٺائين جو سائين والو فقير هڪڙو، بَٺَ کي پاسو ڏيو سيءَ کان پاڻ بچايو پيو آهي. تنهن کي ڏسي راجا ويچار ڪيو جو آءٌ سڄي رات ثمور جي وڇاڻي ۾ ستل هوس، ته به سيءَ لکايو ٿي، اها رات فقير کي بت ۾ ڪئن لنگهي هوندي. اها ڳالهه فقير کان پڇيائين، تنهن ورنديءَ ۾ هيءَ مصرع چيس:

 

مصرعه:                شب تنور گذشت و شب ثمور گذشت.

ترجمون:                بٺ ۾ توڙي ثمور جي وڇاڻي ۾ رات لنگهي.

 

 

418 –        گڏي اڏجي، يا لڏي ڇڏجي.

 

        مطلب هي آهي، جو يا سڄڻ ٿي گڏ رهجي، يا ويري ٿي ڀڄي پري ٿجي؛ اندر ۾ دشمني ٻاهران ياراني اها اندر ٻاهرائي رکڻ ڪار نه آهي. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:         رُو سياهي بھ از سياهي دل.

ترجمون:                منهن ڪارائي دل جي ڪارائيءَ کان چڱي.

گورو نانڪ شاهه پڻ فرمايو آهي:

وچن:   دليون محبت جن سيئي ساچيا؛
جن من هور مک هور سي ڪاڍو ڪاچيا.

 

ارٿ:   جن کي دل کان لئون آهي سي سچيار،
جن کي دل ۾ ٻي، وات ۾ سي ڪچا ڪڍي ڇڏ.

 

419 –        گولاڙو ڳيان پچي.

 

        گولاڙو يعني ٻانهو، ۽ گولاڙو جهنگلي ول جو ميوو آهي، جو ٻين ميون کان ابتڙ ڳيان يعني هيٺان پچندو آهي. تڏهن پهاڪي واري هن گولاڙي ٻانهي کي پڻ هُن ول واري گولاڙي وانگي سمجهي گلا ڪي آهي، جو جنهن ماڻهوءَ تي ٻانهپيءَ جو نالو ٿيو، سو اُبتا ڪم ڪندو، واجبي طرح ڪم نه ايندو. جهڙو فارسي بيت آهه:

 

بيت:   پرستار زاده نيايد بکار؛
اگرچه بود زاده شهريار.

 

ترجمون:        ٻانهيءَ جو ڄاول ڪم نه اچي،
جيتوڙي راجا جو اولاد به هئي.

 

        پر انگريز سرڪار چڱو توهه ڪيو آهي جو پنهنجي راڄ مان هو بڇڙو نالو ڪڍي ماڻهن کي هن پهاڪي جي ڦٺڪار کان ڇڏايو آهي.

 

420 –        گدڙ گدڙ جي ڪوڪ تي نه اونائي ته ڪوڙهيو ٿئي.

 

        اونائي يعني سڏ تي سڏ ڏئي؛ هيءَ ڳالهه پڌري آهي، جو جڏهن هڪڙو گدڙ دانهن ڪري تڏهن پاسي اوسي وارا سڀ گدڙ ڪوڪار ڪن. پر هي پهاڪي وارو گدڙن جي ٻڌي ٻڌائي، اهڙن ڀوڪن کي سمجهائي ٿو، جي پاڻ ۾ هڪ مُٺ نه آهن، ۽ چوي ٿو جو رڳا ٻه ڄڻا هڪ مُٺ هجن ته به وڏو ڪم ڪري وجهن. تنهن تي هڪڙو فارسي بيت آيو آهي:

بيت:   دو دل يک شود بشکند کوه را؛
پرا گنده گي آرد انبوه را.

 

ترجمون:        ٻه دليون گڏ ٿين ته جبل ڀڃي ڇڏن،
گهڻن کي ڊانوان ڊول ڪن.

 

اُن تي هڪڙي آکاڻي ياد ٿي اچيم:

        ٽي ڄڻا – هڪڙو ٻانڀڻ، ٻيو لنگهو، ٽيون بٺارو پاڻ ۾ گڏجي هڪڙي هندوءَ هاريءَ جي ڪمند جي پوک ۾ رات جو وڃي ڏاڍ سان ڪمند ڀڃي کائڻ لڳا. هاريءَ ويچاري گهڻو ڪي جهلين، پر نه رهيا. هاري جيتوڙي ته ڏاڍو مڙس هو؛ پر ٽن ڄڻن سان پڄي نه سگهيو. جهڙو ڏاها چوندا آهن جو ٻن پاڏن سان به هڪڙو شينهن نه پڄي، تڏهن هاريءَ حرفت ڪري هوريان هوريان ٻانڀڻ کيچيو جو تون اسان هندن جو مصر آهين، تنهنجو کاڌو اسان جي پترن کي ملندو، ۽ پڃ پڻ ٿيندو؛ تنهنڪري تون ڪماند ڀلي کاءُ، ۽ هي لنگهو کائيندو ته به وڃي جاتي ڪاٿي واکاڻ ڪندو، اهو پڻ نچ کائي. مگر بٺاري کان ڇو ٿا ڦرايوم؟ اها ڳالهه ٻڌي ٻانڀڻ ۽ لنگهي چيس ته بٺاري کي لوڌي ڇڏ. تڏهن بٺاري کي ڏاڙهيءَ کان جهلي ٻڌي وهاريائين ۽ وري ٻانڀڻ کي چيائين جو آءٌ غريب ماڻهو لنگهي جي ساراهه جو فڪر ڪونه ڪريان ٿو، مگر تون برهمڻ ڀلي کاءُ، نچ کاءُ. حاصل ڳالهه جو، ٻانڀڻ جي آگيا وٺي لنگهي سان پڻ بٺاري واري پَر ڪيائين. اها دلجاءِ ڪري ٻانڀڻ کي چوڻ لڳو، مصرجي! پاڻ ته ڦُريوَ پر ٻين کان به ٿي ڦرايوَ. نيٺ ٽنهين کي ٻڌي سرڪار ۾ پهچايائين. ڏسو، جاسين هو ٽيئي ڄڻا پاڻ ۾ هڪ مٺ هوا، تاسين هاري ڇوهي نٿي سگهين، جڏهن ڇڙڇڙ گابڙا ٿيا تڏهن موچڙا کاڌائون.

 

421 –        گڏهه پنهنجي ساوڻي هينگن ۾ وڃائي.

 

        گڏهه جي پَر آهي، جو جڏهن سانوڻيءَ جا گاهه ٿين، تڏهن ٻه ٽي ڏهاڙا چري ٿورو ڍَو ڪري؛ پوءِ هيڏي هوڏي جي گڏهن جون هينگون ٻڌي پاڻ به هينگن ۾ رڌو رهي، ۽ گاهه چرڻ کان کري. تنهن وانگي هڪڙا ڇوڪر ننڍپڻ جا ڏهاڙا راند ۾ وڃائي پڙهڻ کان سيڙن، يا هڪڙا سرڪاري نوڪر نوڪريءَ جي مهل ڳالهين ۾ وڃائي ڪم کان کرن؛ يا ڪي واپاري ڏيتيءَ ليتيءَ جي مهل بازر جي گهوم ۾ وڃائي ڪرت کان سيڙن، اهڙن سِلين ساٿن ماڻهن کي هي پهاڪي وارو ٽوڪي ٿو. اهڙن لاءِ هنديءَ وارو چوي ۽ سمجهائي ٿو:

 

هندي:         غفلت ۾ وقت اپنا نه کوهه، هوشيار هو شيار هو.

ترجمون:                آرس ۾ مهل نه وڃاءِ سجاڳ ٿيءُ.

 

422 –        گدڙ ڊاک نه پڄ سگهي، آکي ٿوُ ڪوڙي.

        ناچو نچ نه ڄاڻندا آکي ڀون سوڙهي.

        هن پهاڪي جي معنيٰ پڌري آهي؛ پر مطلب سندس هي آهي جو جنهن هاج کي ڪو پهچي نه سگهندو، تنهن کان ڀڄي پري ٿيندو، ته ڇا ٿيو. جهڙو هنديءَ وارو چوندو آهي. ”بوڍا جوڳي سهجي جَتي، يعني پوڙهو فقير پاڻيهي جتي“ ۽ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

 

فارسي: جوان گوشھ نشين شير مرد راه خداست،
که پير خود نتواند ز گوشئه برخواست.

 

ترجمون:        جوان ماٺ ۾ وهي ته خدا جي واٽ جو شينهن آهي،
جو پوڙهو ماڏنهين ڪنڊ مان اُٿي نه سگهي.

 

 

423 –        گابي وانگي چٽ ته چٽيانءِ.

        گابن جو ڌرم آهي، جو هي هُن کي چٽي؛ ته هُو هِن کي چٽي، تنهن وانگي دنيا ۾ پڻ جنهن سان مهرباني ڪبي تنهن ۾ ڀلائيءَ جو سوس رهندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

بيت:   بنده حلقه بگوش گر نه نوازي برود،
لطف کن لطف که بيگانه شود حلقه بگوش.

 

ترجمون:        ٻانهون ٻڌل جيڪڏهن نه پاليندين ته ويندو؛
مهرباني ڪر مهرباني ته ڌاريو ٿئي ٻڌو ٻانهو.

 

 

424 –        ڪِن ڪِنَ سان نه ڌوپي، نيٺ پاڻيءَ سان ڌوپي.

 

        اَوٺي شئي ٻيءَ شئي کي سٺو نه ڪندي، تنهن وانگي لچو ماڻهو ڪنهن اشراف سان اٽڪي، ۽ اشراف پڻ ساڻس سامهون ٿي وڙهي، ته ڄڻ ٻئي هڪ جهڙا ٿيا. تڏهن اشراف کي ڇا گهرجي جو هن فارسيءَ بيت کي ڏسي کاند ڪري:

بيت:   تحمل چو زهرت نمايد نخست،
ولي شهد گردد چودر طبع رُست.

 

ترجمون:        کاند پهريائين وه جي ڏيکاري ڏينديءِ؛
پر ماکي ٿيندي جڏهن طبه ۾ ويٺي.

 

        ڇاکان جو جيڪڏهن لچ ڪي اشراف کي ڳالهائي ورتو، ته به اشراف جو مان گهٽ ڪين ٿيندو، ۽ لچ جو وڌندو ڪين. جهڙو فارسي بيت آهي:

 

بيت:   سنگ بدگوهر گر کاسئه زرين شکند؛
قيمت سنگ نيفزايد، زرڪم نشود.

 

ترجمون:        بڇڙو پاهڻ جيڪڏهن سوني باسڻ کي جهوري،
پاهڻ جو ملهه وڌندو ڪين، سون جو گهٽندو ڪين.

 

 

425 –        گَهَگيرو گهوڙو ۽ پيٽيرو ماڻهو مهل ۾ ڪم نه اچن.

        گهگيرو گهوڙو، جو گهوڙو هلندي هلندي بيهي رهي، يا اٽون هڻي، يا پٺيرو هلي؛ پيٽيرو ماڻهو جو ماڻهو ري مواجب رڳو پيٽ جي کاڌي تي ڪمائي، يعني نوڪر رهي. سچ گهگيرو گهوڙو ڪاهه جي مهل ۾ ڪم نه ايندو؛ تهڙيءَ ريت ري مواجب وارو نوڪر پڻ ويل سر ڀڄي ويندو. تنهن تي فارسي بيت آهي:

 

فارسي: چه مردي کند در صف کار زار؟
که دستش تهي باشد از روزگار.

 

ترجمون:        ڪهڙي مڙسي ڪندو جنگ جي هنڌ،
جنهن جو هٿ قوت کان ٺلهو هوندو؟

 

426 –        گَھُ پيھَ ٺڪرن مان پاڻي سڪائي.

 

        گَھُ، پيھَ، هي ٻه لفظ جيتوڙي گَهڻَ ۽ پيهَڻ جي مصدر مان نڪتا آهن، پر رواجي معنيٰ ۾ هڪڙو گهر جو جهيڙو آهي؛ ٺڪرن مان پاڻي سڪڻ، هي پڻ رواجي معنيٰ ۾ سڃ ٿيڻ آهي. مطلب هي، جو جنهن گهر ۾ گهرو ريڙ پيڙ رهندي، سو سوندو ڪين. فارسي بيت آهي:

 

بيت:   تهي پلئي بودن بھ از کفش تنگ؛
پلائي سفر بهتر از خانه جنگ.

 

ترجمون:        سوڙهيءَ جتي پائڻ کان پير اُگهاڙا چڱا؛
جهيڙي واري گهر کان پرڏيهه جو ڏک چڱو.

 

427 –        گڏهه کي به ڪو گج پائجي.

 

        گج هڪڙو زالن جي ڳچيءَ جو ڪپڙو آهي؛ پر اُهو ڪپڙو زالن کي پهرائجي، ۽ گڏهن کي ڍڪائڻ ڪار نه آهي. تنهن وانگي مهرباني پڻ چڱي ماڻهوءَ تي ڪرڻ کپي؛ لچ جو گڏهه جهڙو آهي، تنهن تي مهرباني ڪبي، ته اُٽلو آڪرو ٿيندو، ۽ منجهانس جيڪو سو ڇيهو پهچندو، جهڙو فارسي بيت آهي:

 

بيت:   چو با سفله گوئي به لطف و خوشي،
فزون گرددش کير و گردن کشي.

 

ترجمون:        جڏهن لچ سان مٺو ڳالهائيندين،
ته هيڪاري هٺ وڌندس.

 

428 –        گڏهه کي به ڪڏهن گابو ڄائو آهي.

 

        گڏهه جهڙي ڪميڻي مرونءَ جي پيٽ مان  گابي جهڙو سائو ڍور ڄاپڻ تپرس جهڙي ڳالهه آهي؛ تنهن وانگي لچ ماڻهوءَ کان ڪنهن جي ڀلائي ٿيڻ ويسهه جهڙي ڳالهه نه آهي. تنهن تي صائب شاعر جو فارسي بيت آهي:

 

بيت:   صائبا اُميد فيض از صحبت دونان مدار؛
بوءِ جستن از گل کاغذ نشان ابلهي است.

 

ترجمون:        اي صائب ڀلائيءَ جي اُميد ڪميڻن ۾ رنه رک؛
ڪاڳر جي گل ۾ باس ڳولڻ اياڻپ جو اهڃاڻ آهي.

 

 

429 –        گڏهه جو ڇا وس جو ٻيڙيءَ ۾ نه چڙهندو.

 

        جڏهن ڪنهن کي گڏهه ٻيڙيءَ ۾ چاڙهڻو هئي، پوءِ توڙي گڏهه نٽائي، ته به ڪَن کان وٺي چاڙهيس. تنهن وانگي هن جيوَ کي پڻ جڏهن ڪال مارڻ ڀانئين تڏهن هي کانئس توڙي گهڻوئي لڪي؛ توڙي ڀڄي، ته به ڪاڏي ويندو. تنهن تي هڪڙي الله واري چيو آهي:

وچن:   نا ڇٽيگا ڳڙهان ڪوٽان ۾ نا ڇٽيگا لکان ٻاهين؛
جان جم آوي پڪڙ چلاوي عذر ڪسي دا ناهين.

 

ارٿ:   نه ڪوٽن ۾، نه لکن ٻاهن سان ڇٽندين؛
جڏهن ڪال ايندو وٺي ويندو ڪنهن جو عذر نه آهي.

 

 

430 –        گيهه پوندي به ڪو مٿو سڙي.

        سڙي يعني پوسري، جڏهن ڪو ماڻهو ڪڙو تيل مٿي ۾ وجهي، ته هروڀرو مٿو سڙندس، ۽ ڪنهن جو گيهه پوندي مٿو ڪين پوسري. مطلب هي آهي، جو ڪي ماڻهو اهڙا آهن، جو جڏهن ڌڻي ٻاجهه ڪري مٿن ڪو آبروءَ جهڙو ڪم رکي، پوءِ توڙي دل ۾ خوش هئن، ته به وات سان چون ته هن ڪم مان مورڳو اڙيا آهيون. پر اِن هلت ۾ هڪڙو پاپ آهي، جو ماڻهو اندر ٻاهريو ٿو ٿئي، ٻيو ڌڻيءَ جي مهربانيءَ تي بي شڪري ڪرڻي پوي ٿي، سي ٻئي ديندارن کي نه وڻن.

 

431 –        گرمي ڇڏي جهڻ ڪنگر سان،

        سردي ڇڏي زر ڪنگر سان.

        هن پهاڪي مان ٻيو مطلب ڪونه ٿو نڪري، مگر سياڻا ماڻهو چوندا آهن ته ڪنهن کي گرميءَ کان مٿي ۾ سور پوي، يا ڪَليون چڙهن، يا ڪامڻ ٿئي، يا ٻي اهڙي ڪا ڏوار لڳي، ته ان لاءِ شربت ۽ ٻيون سَلوڻيون دوائون به بس آهن. پر جي سرديءَ کان ڪنهن کي لَقوي، يا ار ڌانگ جهڙو، يا ڪو ٻيو مرض ٿئي، ته ان لاءِ ترياق يا کٿوري يا عنبر ۽ ٻيون مهانگيون ٻُڪيون گهرجن.

 

432 –        گنجي جي مٿي ۾ جُون نه ليک.

 

        گنجو، جنهن ماڻهوءَ جي مٿي جا وار سمورا کُسي وڃن، جون هڪڙو جيت تِرَ جيڏو، جيڪو ماڻهوءَ جي وارن ۾ ڄاپندو آهي، ليک ان جون جو آنو. مطلب هي آهي، ته جنهن کي مٿي ۾ وار نه هوندو، تنهن کي جون يا ليک ڪٿان پوندي. تنهن وانگي جو نيهي مايا جي ڌنڌن کان آجو رهندو، تنهن کي سڪار، ڏڪار، سوڪ ۽ ٻوڏ جو ڪهڙو ڊپ. جهڙو نمبر 371 واري پهاڪي ۾ چيو ويو آهي.

 

433 –        گدرو ڪري ڪاتيءَ تي ته به گدرو جوکو،

        جي ڪاتي ڪري گدري تي به گدري جوکو.

 

        جهڙي طرح ڪو مٿو هڻي پاهڻ تي ته به مٿو ڀڄيس، جي پاهڻ هڻي مٿي تي ته به مٿو ڀڄيس. تنهن وانگي ڏاڍي ۽ هيڻي جي ويڙهه مان ٻنهين پارين هيڻي کي جوکو.

 

434 –        گُگِرُ گُگِرُ پنڊا اڙايا.

 

        گگر هڪڙي جابلوءَ وڻ جو کنئور آهي، هن پهاڪي جو بنياد هي آهي جو هڪڙي پساريءَ وڪڻڻ لاءِ گگر پنڊي ۾ پائي رکيو، جو پنڊي کي چنبڙي پيو! وڪري هٿڻ منجهانس پنڊو اڙيو. تنهن وانگي هي ماڻهو ڌڻيءَ کي ياد ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ آيو آهي، پر دنيا کي اهڙو چهٽي ويو آهي، جو ڪر مورڳي دنيا منجهانس اڙي آهي. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:

        ٻه چتون ماءُ کان موڪلائي چوڻي ڳولڻ لاءِ هليا؛ اوچتو هڪڙي پُست جي پوک مان ڏوڏيون کائي وڻ جي ٽاريءَ تي ويٺا، ۽ ڏوڏين جي نشي ۾ پنڪيون کائي ليٽيا، پر چنبا ٽاريءَ ۾ اٽڪيائي رهن؛ تنهنڪري لڙڪڻ لڳا. ايتري ۾ سندين ماءُ ڳوليندي اچي پهتي ۽ هنن کي لٽڪندو ڏسي پڇيائين، تنهن کي چيائون ته وڻ جي ٽاري اسان کي نٿي ڇڏي. تنهن چين ته ٽاريءَ ڪين جهليا آهيو، پر ٽاري جهلي اٿوَ.

 

435 –        گنجو کنهڻ کان نه رهي.

        جنهن ماڻهوءَ جا خارس سببان مٿي جا وار کُسي رهن، اهي ماڻهوءَ کي گهڻو ڪري مٿي ۾ ڪِرنهنِ رهي، سو اَوس کنهندو رهي؛ تنهن وانگي لچ ماڻهوءَ جي دل پڻ لچائيءَ کان نه رهي.

 

ڳ

 

436 – ڳوٺ سئين، سا وهانوَ سئين.

 

        سئين اکر جي معنيٰ هيءَ آهي، ته جو ڪم سڄي ڳوٺ جي ماڻهن سان ٿئي، سو وهانو جهڙو ڄاڻجي، يعني گهڻن سان گڏ ڏکي جي سکي جڙي اچي ته مٺي ڪري ڀوڳجي. جهڙو فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:

فارسي:         مرگ انبوه جشني دارد.

ترجمون:                گهڻن سان گڏ مرڻ هڪڙو جُڃ آهي.

 

437 –        ڳڙ سان مري ته زهر ڇو ڏجيس.

        هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته جو ڪم ميٺ محبت سان ڇٽي سگهي، تنهن لاءِ تکو ۽ ڪوڙو ڇو ڳالهائجي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: چو کارت به نرمي برايد ز کس،
ضرورت نباشد به گرمي و بس.

 

ترجمون:        جڏهن ڪُنئرائيءَ سان ڪنهن مان ڪم ٿي سگهي،
ڏاڍائيءَ جي گهرج نه آهي، ٻيو ڇا.

 

اهڙيء ڳالهه نمبر 507 واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي.

 

438 –        ڳالهين سنديون ڳالهيون، ٽَڪي سندا موٺَ.

 

        موٺ هڪڙي سادي جنس اَن جي آهي، جا گهڻو ڪري گهوڙا کائين، پهاڪي پيڙهه هيءَ آهي، جو هڪڙو ماڻهو ڪنهن کيپتي ٿي ويو، تنهن کي هڪڙي مائٽ پاڻ لاءِ سوکڙي پاکڙي آڻڻ جو چيو، پر پيسو ڪونه ڏنائينس. ٻئي مائٽ ٽڪو هٿ ۾ ڏئي چيس ته هن ٽڪي جا موٺ آڻج. جڏهن هو وري آيو، تڏهن پڇيس، ته جنهن رڳو وات سان چيو هوس تنهن کي سوکڙين جي نه ملڻ جون سچيون ڪوڙيون ڳالهيون ڪري ٻڌايائين؛ ته ٽڪي واري کي موٺ ڪڍي ڏنائين. تڏهن هڪڙي سالڪ هي پهاڪو چيو، يعني جو ڪم ناڻي ڏني ڇٽي، سو ڳالهين سان ڪاٿي ڇٽندو. جهڙو فارسي پهاڪو آهي:

فارسي:         زرکار کند، مرد لاف زند.

ترجمون:                ناڻو ڪم ڪري، مڙس ٻٽاڪ هڻي.

439 –        ڳڙ ڄاڻي، ڳڙ جي ڳوٿري ڄائي.

 

        اکري معنيٰ هيءَ آهي، جو ڳڙ ڳوٿريءَ جي سونپ ۾ رهي ٿو، وڻيس کائي توڙي بچائي؛ پر ڳوٿري نساهي آهي، سان کيندي ڪڄاڙو؟ تنهنڪري پهاڪي واري جو مطلب هي ٿو ڄاڻجي، جو توڪل ڪري پنهنجا ڪم ڌڻيءَ کي سونپ، ته جيڪي وڻيس سو ڪري، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

بيت:   خداوند عالم بکارش شفيق،
کسي راکه باشد توڪل رفيق.

 

ترجمون:        ڌڻي اَن جي ڪم ۾ توه ڪري،
جنهن سان توڪل ساٿي.

 

 

گهه

440 –        گهڻن زالين گهر نه هلي، گهڻين ڏاندين هر نه هلي.

        هر ۾ ٻن ڏاندن کان واڌو ٻڌجن ته نه هلي؛ تنهن وانگي هڪڙي مڙس جي گهر ۾ هڪڙيءَ کان واڌو جويون هئن، ته گهر مان ٻائيتال نه وڃيس. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:

        هڪڙو مڙس ٻه جويون پرڻيو هو، تن مان هڪڙي ماڙيءَ تي به ۽ ٻي هيٺ گهر ۾ رهندي هئي، ۽ پاڻ واري تي وٽن ويندو هو. هڪڙي ڏهاڙي اُهو مڙس وڇائتيءَ لاءِ ڪنهن ٻئي ڳوٺ ۾ ويو. رات جو چور هڪڙو سندس گهر ۾ آيو، ۽ هري هري ماڙيءَ جي ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳو. هيٺئين گهر واريءَ زال پنهنجو مڙس ڄائي سمجهيو ته ماڙيءَ واريءَ زال وٽ ٿو وڃي؛ تنهن پهاڄپي جي تعصب کان ڊوڙي پيرن کان ورتس. پر ايتري ۾ چور جو مٿو ماڙي جي مٿئين در وٽ آيو. تنهن کي ماڙيءَ واريءَ پڻ پنهنجو مڙس ڄاڻي سمجهيو ته متان وري پٺتي وڃي، تنهن تَتَ وهندي ڊوڙي ڏاڙهيءَ مان ورتس. چور ويچاري ڊپ جي ماري ڪڇيو ڪين؛ ۽ سڄي رات سور سهي لنگهايائين. صبح جو چور کي جهلي چبوتڙي تي نيائون؛ اُتي چيائين ته سچ چوري ڪرڻ لاءِ ويو هوس، تنهن بدران جيڪا جٺ وڻيو سان ڪريو؛ پر ٻه جويون نه پرڻائجوم؛ ڇاڪاڻ ته ٻهِ جوئي جي پاران رات هيتري جٺ ٿي اٿم. حاصل هي ته جڏهن ٻن جوين واري جو حال اهو، تڏهن گهڻين جوين واري جي گهر مان ٽمجَهڻُ ڪٿان ويندو؟

 

441 –        گهٽو ڌاريم اُن کي هٿان چري ڪپاهه.

 

        هڪڙو نوڪر پاڻيءَ ڀاڻي لاءِ ڌارجي، ۽ هو جيڪو پاڻي ڀري سو ته ڇڏ، پر مورڳو جيڪي اڳي پاڻي گهر ۾ هئي سو به ڪي پيئي، ٻيو هاري ڇڏي، ته اُهو نوڪر ڄڻ هن پهاڪي وارو گهٽو ٿيو. هنديءَ واري پڻ هڪڙو اهڙو پهاڪو چيو آهي:

هندي: الي لئي سنگ ٽهل ڪون ڪرن لگي رس راس:
ميندي راکي اُون ڪون بيٺي چري ڪپاس.

 

ترجمون:        ساهيڙي ٽهڪ لاءِ رکيم، سا اُٽلو لاڏ ڪوڏ ڪري ٿي:
رڍ ڌاريم اُن لاءِ مورڳي ڪپھ ٿي کائي.

 

442 –        گهر جو پير چلهه جو مارنگ.

 

        مارنگ، ڪنهن مهل ڀترن تي دانگي يا ڪنو رکي هيٺانس باهه ٻاري کاڄ جوڙي وٺجي تنهن ڀتر جو نالو. مطلب جو پير گهر ۾ يا ويجهو هوندو سو هر هر ڏسبو، تنهن تي ويساهه اهڙو ڄمندو جهڙو چلهه جي مارنگ تي. تنهن وانگي مائٽ يا دوست پڻ، جو هر هر گڏبو، تنهن سان محبت ٿوري رهندي.

 

443 – گهوڙا ۽ پَٽُ، مُلا ۽ ڀَتُ؛

 

هو ڪشيا تا رسيا، هو نيان تا چٽُ.

        هي پهاڪو عام ماڻهو گهوڙن جي ڦڙتائيءَ لاءِ چوندا آهن، جو گهوڙا جنهن پنڌ لاءِ سنڀايا، سو پنڌ ڪر نبريو. پر قافيه جي پورائيءَ ڪاڻ مُلن جو نالو پڻ آيو آهي، جو مُلا ماڻهو جاتي ڀت کائڻ ويٺا، سو ڀت پڻ ڄاڻ نبريو.

 

444 –        گهوٽ ماءُ کان به اهنر ماءُ تڪڙي.

 

        گهوٽ يعني پڙڻجڻ وارو مڙس؛ اهنر، گهوٽ جو ڀيڻيويو يا ڀاڻيجو. هنڌن تي ريت آهي، جو وهانو مهل اهنر گهوٽ جو پوءِ لڳ ٿي هلي؛ پر وهانو جي ڪم ۾ جتي ڪي گهوٽ ماءُ جو پروجن هوندو اتي اهنر ماءُ جو ڇا؟ ۽ جي اهنر ماءُ واڌو ڦڙ ڦڙ ڪندي، ته هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿيندو. جهڙو نمبر 162 واري پهاڪي ۾ بيان ٿيو آهي، هن جو مطلب پڻ اهڙو آهي.

 

445 –        گهڻي کاڌي کان گهڻو ڏٺو چڱو آهي.

 

        جي گهڻو ۽ چڱو کائبو، ته به اُن وات کي سواد ايندو، ٿوريءَ ويرم کان پوءِ بس. پر جيڪڏهن ڪو چڱو رونشو يا ڪو ڪم ڏسبو، ته گهڻا ڏهاڙا ياد رهندو؛ تڏهن کائڻ کان ڏسڻ چڱو ٿيو يا نه؟ پر مطلب هيءُ آهي، جو گهر ڪنڊ ۾ ويهي کائي آرسي نه ٿيءُ؛ ٻاهر نڪر، گهم ڦر، ڌڻيءَ جا رنگ ۽ اچرج ڏس. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: تا به دکان خانه در گروي،
هر گز اي خام آدمي نشوي.
بَرو اندر جهان تفرج کن؛
پيش زان روزکز جهان بروي.

 

 

ترجمون:        جاسين گهر جي هٽ ۾ ڳهه پيو آهين،
اي ڪڇا ڪڏهن ماڻهو ڪين ٿيندين.
وڃ جهان ۾ ۽ گهوم ڪر؛
جهان مان وڃين تنهن ڏهاڙي کان اڳي.

 

 

446 –        گهر ۾ کڏ هئي ته ٻُهر ٻاهر ڇو اُڇلجي.

 

        سڀڪو ماڻهو ٻهاري پائي ٻُهر گهر کان ٻاهر اُڇلائي ٿو ڇڏي، پر جڏهن گهر ۾ ٻُهر رکڻ جي جاءِ هُئي، تڏهن ٻاهر ڇو اُڇلائجي؟ جيتوڙي هي پهاڪو ڪني ڪم جي وس ۾ آيو آهي، پر سندس سٺو مطلب هي آهي، جو هي ماڻهو ذات پاڪ ڌڻيءَ جي کي جو ٻاهر ٿو ڳولي، سا ڀل آهي. ڇا کان جو ڌڻيءَ جي جوت هن جي اندر آهي، تڏهن ٻاهر ڇو ٿو اَڌيڙا کائي. تنهن تي شاهه عبداللطيف پڻ فرمايو آهي:

 

نائي نيڻ نهار، ته تو ۾ ديرو دوست جو.

 

 

۽ بابا نانڪ صاحب پڻ فرمايو آهي:

 

وچن:           گهر ۾ ٺاڪر نه آوي، گل ۾ پاٿرلي لٽڪاوي.

ترجمون:                اندر ۾ ڌڻي نٿو ڏسجي،

                ڳچيءَ ۾ پاهڻ لڙڪائي ٿو.

 

447 –        گهر ۾ به گهر کائڻو، ٻاهر به گهر کائڻو.

 

        يعني گهر ۾ ويهي کائبو ته به گهر جو ناڻو، پر مطلب هي آهي، ته جاتي وڃبو، تاتي پنهنجو نصيب کائبو. تنهنڪري گهرجي، جو جيڪي رينهندو ڌڻي ڏي، تنهن تي سنجم ڪري گهڻي ٿيڻ لاءِ اجايو نه ڊوڙجي. جهڙو فارسي بيت آهي:

بيت:   قناعت نونگر کند مرد را،
خبر ده حريص جهان گرد را.

 

ترجمون:        مڙس کي سنجم وهيون ڪري،
لوڀيءَ رول کي اها سڌ ٻڌاءِ.

 

 

448 –        گهوٽ ڪنوار راضي ته ڪوه ڪندو قاضي؟

 

جڏهن جوءِ مڙس جو، يا ڪن ٻين ماڻهن جو پاڻ ۾ جهڳڙو هئي، تڏهن نبيري لاءِ قاضيءَ وٽ وڃن، پر جي پاڻ ۾ ٺهيل هجن ته قاضي توڙي ٻئي ٽياڪر جي ڪهڙي گهرج؟ درويش لاءِ هي اشارو آهي، ته جڏهن ڌڻي پاڪ توتي راضي آهي، تڏهن توکي ٻئي ڪنهن جي ڪهڙي ڪاڻ؟ جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:

بيت:   چو راضي شد از بنده يزدان پاک،
گر انيها نگر دند راضي چه باک؟

 

ترجمون:        جڏهن ٻانهي تي ڌڻي پاڪ راضي ٿيو،
جيڪڏهن هي راضي نه ٿيا ته ڇا ڊپ؟

 

 

449 –        گهڻي کٽئي کان مور ڍار نه آهي.

 

        هڪڙي ماڻهوءَ جي باغ کي ڦر گهڻو لڳي، سو ڦر جي گڏ ڪرڻ ۾ رڌو رهي، ۽ وڻن جي تات نه ڪري؛ يا هڪڙي ڍڳيءَ ۾ کير گهڻو هجي، هو کير جي سميٽڻ وچان ڳئون جي سنڀال نه ڪري؛ اهڙن لاءِ هي پهاڪو چوڻ ۾ ايندو آهي.

 

450 –        گهر ۾ غرقي به مس اٿس، دم هڻي ٿو ٺوڙهيءَ جو.

 

        غرقي يعني ٻڏل اَنُ؛ ٺوڙهي، ڪڻڪ جي هڪڙيءَ اُچيءَ جنس جو نالو؛ يعني آهي سڃو، پر ڏيکاءُ شاهوڪاريءَ جو ٿو ڪري. پر درويش جي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ مطلب هي آهي، جو جنهن جي اندر ۾ جوفو ۽ ٻيا دنيا جا ڌنڌا پيا هوندا ۽ ٻاهران فقيري بيک ۾ هوندو، تنهن جي فقيري ڪهڙي ڪم ايندي؟ جهڙو بابا نانڪ صاحب فرمايو آهي:

 

وچن!   انتر اگن ٻاهر تن سواءِ،
گل پاٿر ڪيسي تري اٿاه.

 

ارٿ:   اندر ۾ باه، ٻاهران بت تي ڀڀوت،
ڳچيءَ ۾ پاهڻ، سمنڊ ڪئن ترندو.

 

 

451 –        گهڻ پيٽاري بگري، کائي ويئي جهار.

 

        گهڻ پيٽاري يعني گهڻن جي ڀائيواري، بگري يعني پوک جي ٽڪري؛ يعني جا پوک گهڻن هارين جي ڀائيواريءَ جي هوندي، تنهن کي سڀڪو ڄاڻندو جو ٻيو ڀائيوار سنڀاليندو؛ ايتري ۾ پوک جهار جي کاڄ ٿيندي. تنهن وانگي هڪڙي ڏيهه ۾ گهڻا راجائون هجن، ته اُهو راڄ تڙي کڙي غنيم جي هٿ اچي.

 

452 –        گهڻن کي ثمر، هڪڙي کي ڀري.

 

        جڏهن هڪڙي اڏاوت جوڙڻي هئي، جا هڪڙو واڍو مهيني ۾ جوڙي سگهي، پر جي ڏهه واڍا مڙن، ته هٿ هٿ ڪري ٽن ڏهاڙن ۾ جوڙي ڇڏن؛ يا ڌرمائو ڪم جنهن ۾ هزار رپين جي گهرج هئي، سو هڪڙي کي ڏيڻ ڳرو ٿي پوي، پر جيڪڏهن سئو (100) ٻه سئو (200) ماڻهو گڏ ٿي ڦوڙي ڪري ڏين ته هروڀرو سولو لڳين. جهڙو هندي پهاڪو آهي:

هندي: پانچ سات ڪي لڪڙي ايڪ جني ڪا بوج.

 

ترجمون:        پنجن ستن جي لٺ، هڪڙي لاءِ ڀري.

 

 

453 –        گهڻن کنئي ڇپر کڄي.

 

        هيءَ ڳالهه سچي آهي، جو جيڪڏهن گهڻا گڏ ٿي هڪڙي وڏي ڪم ۾ هٿ وجهن ته ڪري سگهن. تنهن تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:

        هڪڙيءَ مند ۾ سرڪاري حڪم موجب نصير واهه جي کاٽي ٿي کڻايم؛ پر واهه ۾ لٽ گهڻو ۽ چڪڻ هو. جنهنڪري کاٽيءَ جو ڪم پورو ٿيڻ اهنجو هو؛ پر ڌڻيءَ ٻاجهه سان ستاويهه سئو (2700) کامڙيا گڏ ٿي ويا، جو ٿورن ڏهاڙن ۾ گهڻو ڪم اُڪلائي وڌائون ۽ اميد هئي ته رهندو کهندو ڪم پڻ وهندري ئي نبري پوندو. ان وچ ۾ جناب خان بهادر آخوند حبيب الله صاحب ڊپٽي ڪليڪٽر اُتي آيو، ۽ کاٽيءَ جو ڪم سڌريل ڏسي ترس کائي چوڻ لڳو جو ”گهڻا ڪر الله جا پٽ آهن، جيڪي ڪن سو ٿي سگهي.“

 

ل

 

454 –        لوچ ته لهين لعل کي، ڏور ته پوئي ڏس.

 

        لوچ، ڏور يعني ڳول؛ لعل يعني محبوب يا گهربل وٿ؛ مطلب هي آهي ته وديا، توڙي رزق، توڙي ڌڻيءَ ملڻ جي واٽ ڳوليندين ته ملنديون، اڻ ڳولئي ڪي به هٿ نه اچي. ڇاکان جو اهي سڀ شيون ڌرتيءَ تي ملي سگهن، پر سياڻا ڳولي لهن؛ اياڻا نڪي ڳولن، نڪي لهن. تنهن تي هنديءَ واري چيو آهي:

هندي: هيرا پڙا بازار ۾ خاڪ رهي لپٽاءِ،
مورک مورک چل گئي چاتر ليا اُٺاءِ.

 

ترجمون:        هيرو بازار ۾ پيل مٿس مٽي ويڙهيل،
اياڻا اياڻا لنگهي ويا سياڻي کڻي ورتو.

 

455 –        لڇمي وڃي، تڏهن لڇڻ به وڃن.

 

        لڇمي يعني دولت، پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب ته هڪڙو آهي، جو وهيون ماڻهو جڏهن ولهو ٿئي، تڏهن مايا جي ڄر عقل ناس ڪري ڇڏيس، پوءِ توڙي سلڇڻو هئي ته به ڪلڇڻو ڀانئجي.

 

456 –        لچان چوران پت نه ڪائي؛ توڙي هوون سڳي ڀائي.

 

        لچ ماڻهو توڙي سڳو مائٽ به هوندو، ته به مهل سر پنهنجي عادت لچائيءَ جي نه ڇڏيندو. پوءِ توڙي ڄاڻي ويڻي نه ڪندو، ته به ڀل مانسائيءَ جي هاج هن کي ڏانءُ جا نه ايندي. جهڙو فارسي بيت آهي:

بيت:   نيش عقرب نه از پَي کين است،
مقتضائي طبيعتش اين است.

 

ترجمون:        وڇونءَ جو ڏنگ وير لاءِ نه آهي؛
سنديس طبع جي عادت اِها آهي.

 

        ۽ چور، ته به توڙي مائٽ هوندو، ته وجهه ڏسي، ڪڏهن ڪين رهندو؛ تنهن ڪري انهن ٻن تي پت رکڻ نه گهرجي.

 

457 –        لک کٽيا ڏومڻيءَ، جو ڏوم سلامت آيا.

 

        ڏومڻي يعني لنگهي، ڏوم يعني لنگهو، منڍ کان هي پهاڪو هن ريت آيو آهي، جو هڪڙو ڏوم ڪرت ڪار لاءِ پرڏيهه ويو. پرپٺ جوڻس ٻڌو ته مري ويو. پر هو مئو هڏ ڪين هو، ۽ ٿورن ڏهاڙن کان پوءِ جيئرو جاڳندو وري آيو؛ پر پيسو ڪمائي ڪونه آيو. تڏهن هڪڙيءَ ساهيڙيءَ جوڻس کي چيو ته مڙسهن ڏينهن گهڻا لاتا، ڇو کٽي ڪين آيو؟ تنهن جي ورنديءَ ۾ هي پهاڪو چيائين. پر ملڪ جي رواج پٽاندر مطلب هي آهي، ته واپار يا ڌنڌو کٽيو کڻي نه ڪري، ۽ سک سان موڙي بچي، ته به شڪر ڪرڻ گهرجي، جو ڄڻ لک کٽيا.

 

458 – لنگهي لاٿي لوئي، ته ڪيا ڪريگا ڪوئي.

 

        مجاز جي واٽ ۾ مطلب هي آهي، جو هڪڙو لچ نر لڄو ٿي بڇڙو ڪم ڪندو، ته ڇا ڪندس؛ ۽ حقيقت جي واٽ ۾ هي آهي، ته جو سچو ڌڻيءَ جو نيهي دنيا جا ڌنڌا ڇڏي سڀ کان پري رهندو، تنهن کي نرڳ توڙي سرڳ، يا ڪنهن جي ساراهه يا گلا جو ڪهڙو ڊپ؟ جهڙو اردوءَ واري جو بيت آهي:

بيت:   اي شيخ پاکدامن دوزخ سون مت ڊرا کر؛
مين عشق کا جلا هون مجهه کو عذاب ڪيا هي؟

 

ترجمون:        اي سلڇڻا شيخ! نرڳ کان متان ڊڄارين؛
آءٌ نينهن جو سڙيل آهيان مون کي ڏک ڇا آهي.

 

 

459 –        لنگهن پنهنجو وهانءُ.

 

        جڏهن ڪنهن کي وهانءُ ڪرڻو هئي، تڏهن لنگها گهرائي تن کي ناڻو ڏئي دهل وڄارائي؛ پر جڏهن پاڻ لنگها وهانءُ ڪن، تڏهن نه ڪنهن کي سڏڻ جي، نه ناڻي ڏيڻ جي گهرج رهين؛ پاڻ ڄاڻي واڻي وڏيءَ دل سان دهلن کي گهايون ڏين ۽ واڄا ڪن. پر مطلب هي آهي، ته سڀڪو ماڻهو پنهنجي ڪم لاءِ پاڻ سجاڳ رهي ٿو.

 

460 –        لکئي منجان لِک، نڪو لاهي نڪو پائي.

 

        لِک ٿورو ذرو، هن پهاڪي جي معنيٰ آهي، ته جيڪي ڌڻيءَ جي پاران ماڻهوءَ جي ڀاڳ ۾ لکيو آهي، تنهن مان تر جيترو به ڪو وڌائي سگهي نه گهٽائي سگهي.

 

461 –        لنگهو چڙي مڱن کان اُهي ئي مڱ.

 

        اَڳوڻن مسلماني راڄن ۾ ڪاريگر ۽ ڪسبي ماڻهو حاڪمن يا سردارن جي خوش طبعيءَ لاءِ هڪڙيءَ هڪڙيءَ شئي جي نالي تان چڙندا هئا، جهڙو واڍو واڱڻ کان، دايو ليمي کان، رازو مصريءَ کان، تهڙو لنگهو مڱن کان؛ پر هي سڀ چڙ جون ڳالهيون. مگر اُها چڙ جنهن مان ڪنهن جي دل ڏکوئجي، سا ڪنهن کي چوڻ ڪار نه آهي. فارسيءَ وارو پڻ اهڙي ڳالهه نه ڪرڻ لاءِ بيت چوي ٿو:

 

بيت:   تا تواني دورن کس نخراش؛
کاندرين راه خارها باشد.

 

ترجمون:        جاسين ٿي سگهيئي ڪنهن جي دل نه ڏکوءِ؛
جو ان واٽ ۾ ڪنڊا آهن.

 

462 –        لوڀ سڀين پاپن جي پاڙ.

 

        هن پهاڪي جي سا معنيٰ سو مطلب، جو سڀڪو ڄاڻي ٿو: نا ته مڇي ڏسو ڪُنڍيءَ ۾، پکي ڏسو ڄار ۾، اڃا به نه وسهو، ته ڏسو پاڻيءَ جي هڪڙي ڦڙي جي لوڀ تان سپ جو پيٽ ڦاٽل. سنسڪرت واري پڻ ان تي پهاڪو چيو آهي:

 

پهاڪو:        لوڀ مولان پاپاني.

ترجمون:        ساڳيو سنڌيءَ پهاڪي جون ترجمون.

 

463 –        لوڀيءَ سندي راڄ ۾ ٺوڳي مري نه بک.

 

        لوڀي يعني لالچ وارو، ٺوڳي يعني ٺڳ، مطلب هي آهي جو لوڀي ماڻهو ڦرڻ ٺڳ جي اڳيان سولو آهي؛ ڇاکان جو لوڀ ماڻهوءَ جو هوش وڃائي ڇڏي ۽ جڏهن هوش ويس، تڏهن ٺڳ جو مڪو متو. تنهن تي هڪڙي سياڻي سچار ماڻهوءَ جي واتان مثل ٻڌو اٿم:

        هڪڙي ڄٽ ماڻهوءَ کي پُٽ جي وهانءُ لاءِ ٽيهه (30) رپيا گهربا هئا؛ جوءِ کان پڇيائين ته گهر ۾ ڪير آهي؟ چي هڪڙو ٽڪو، تنهن مان وهانءُ ڇا ٿيندو؟ چي هي ٽڪو وڏا ڪم ڪندو؛ نيٺ اُهو ٽڪو کڻي ڳوٺ جي واڻئي کي چيائين جو هي ٽڪو وياج جو وٺ، مهيني کن تي رپيو ڏي. اُهو رپيو وٺي شهر ۾ وڃي ٻٽيھ (32) ٽڪا مٽائي هڪڙي شاهوڪار کي چيائين، جو هي ٽيهه ٽڪا وياج وٺ، ٽيهه (30) رپيا وياجيرو ڏي، باقي ٻه ٽڪا بچا، سي خرچيءَ لاءِ شاهوڪار جي پٽ کي ڏنائين، تنهن ڳرو وياج ۽ پٽ واري خرچي ڏسي لوڀجي رپيا ڪڍي ڏنس، جنهن مان وهانءُ ڪري ورتائين. کڻ پني کان پوءِ ٻنهي کي ڳاڙهي ماڻ سان مئي ڏنائين، يعني ڳوٺ جي واڻئي کي اُهو ٽڪو بچيو، ۽ شهري واري شاهوڪار کي اُهي ٽيهه (30) ٽڪا ڦٻيا.

 

464 –        لکيون لوهارن کي چڏن ۾ چڻنگون.

 

        چڏا هڪڙن لڱن جو نالو، جي سٿرن جي مٿان آهن، هن پهاڪي جو بنياد هن طرح آهي، جو هڪڙي لوهار لوهه تائڻ مهل چمڙو اڳيان نه رکيو، تنهن ڪري باهه جون چڻنگون ڪانچ ۾ لڳس ۽ ڪانچ سڙيس. فقير هڪڙي هي حال ڏسي اهو پهاڪو چيو، يعني باهه جي ڪم جي وهنوار مان اوڙڪ اهو حال ٿيندو. تنهن وانگي بڇڙي ڌنڌي رکڻ مان نيٺ جيڪا سا اٻوڇي.

 

465 –        لوڻ وجهي ڀت ڀائيوار ٿيو.

 

        هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب ته هڪڙو آهي جو سڀڪو ڄاڻي ٿو؛ تنهن سوڌو به دليل هي آهي، جو هڪڙو ماڻهو ناڻو لائي ڀت رڌي، پر لوڻ هڪيو نه هجيس، ۽ ٻيو ماڻهو ٿورو لوڻ جو ٿوري ملهه جي شئي آهي، منجهس وجهي ڀت جو ڀاڱو گهريس؛ يا هڪڙو ماڻهو ٽڪا خرچي ڌرتي ڳنهي، ۽ پيسا لائي گهر اَڏائي، پڇاڙيءَ ۾ تَرُ لنبڻ لاءِ ٻيو ماڻهو پاڻيءَ جو ڇيڻو  آئي ڏئيس ۽ گهر ۾ ڀائيواريءَ جي چب ڪري، اهڙن لاءِ هي پهاڪو چوڻ ۾ اچي.

466 –        لوڀ ڇڏ ته سون مٺن سان ورهائين.

        سون مٺن سان ورهائڻ، هيءَ رواجي ڳالهه آهي، يعني بي ريائي ڪرڻ؛ مطلب هي آهي، جو جيسين هن ماڻهوءَ کي لوڀ اندر ۾ آهي، تيسين امانت جو جوڳو نه آهي؛ ۽ جڏهن لوڀ ڇڏيائين تڏهن مائٽ کي، تهڙو ڌارئين کي ڄاڻندو ۽ امانت ۾ خيانت ڪڏهن نه ڪندو، ته سون ڄڻ مُٺين سان ورهايائين. تنهن تي فارسي بيت پڻ آيو آهي:

بيت:   چو در چشم شاهد نيايد زرت،
زر و خاک يکسان نمايد برت.

 

ترجمون:        جڏهن سون تنهنجي اک ۾ پيارو نه لڳي،
سون ۽ مٽي هڪ جهڙا ڏسندين.

 

 

467 –        لهي لوهه به نه، چي منهنجو نالو سون ٻائي.

 

        هن پهاڪي جي لفظي معنيٰ پڌري آهي؛ مگر سمجهاڻي هيءَ اٿس، جو هڪڙو ماڻهو نڌر پنهنجي پيرن اڳيان ڪِريل ٻير به کڻي نه سگهي، ۽ اُڀ مان تاري لاهڻ جو دم هڻي. تنهن کي فارسيءَ وارو ٿو چوي:

بيت:   تو کار زمين راز نکو ساختي،
که بر آسمان نيز پرداختي.

 

ترجمون:        ڌرتيءَ جا سڀ ڪم پورا ڪيئي،
هاڻي اُڀ تي پورا ڪرڻ هلئين.

 

يا هڪڙو گينڊو گدڙ کان پڻ ڊڄندو هئي، ۽ شينهن سان وڙهڻ جي ٻٽاڪ هڻي. تنهن کي فارسيءَ وارو هي بيت ٻڌائي سمجهائي ٿو:

بيت:   مزن بانگ بر شير مردان، درشت،
چو با کود کان بر نيائي به مشت.

 

ترجمون:        شينهن جهڙن ڏاڍن مڙسن سان دم نه هڻ،
جڏهن ڇوڪرن سان مُٺ ويڙهه نه پهچين.

 

        پر مطلب هي آهي، جو پنهنجي سگهه کان واڌو ڍيڪ ڏيڻ نه کپي.

 

468 –        لکين لَيلائون چنيسر جي راڄ ۾.

 

        چنيسر هن ملڪ ۾ اَڳاٽو هڪڙو حاڪم ٿي لنگهيو آهي، جنهن جو نالو پهاڪي ۾ آيو آهي؛ ۽ سندس جوءِ جو نالو ليلان هو، تنهن ليلان هڪڙي جواهر جي لالچ تي پنهنجو مڙس ڪنئوروءَ نالي زال کي اُڌارو ڏنو. ڀانيائين ته مون جهڙي جوءِ چنيسر کي هٿ ڪانه لڳندي، تنهنڪري وري مون وٽ ايندو. پر هو ڪنئوروءَ سان پرڻجي ويٺو. اُنهيءَ ليلان جي هٺ ڀڃڻ لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. مطلب جو اهڙيءَ عورت کي اهڙو اجايو هٺ نه ڪرڻ گهرجي، جهڙيءَ ريت هڪڙو نوڪر هٺ ڪري ڄاڻي، جو مون جهڙو نوڪر راجا کي ڪونه ملندو. پر اهو هٺ اجايو آهي؛ ڇا کان جو راجائن وٽ نوڪر لک هزار، ۽ نوڪرن لاءِ راجائون ٿورا. تنهنڪري نوڪر کي اهڙو هٺ نه ڪرڻ گهرجي، فارسيءَ واري چيو آهي:

بيت:   منت منه که خذمت سلطان همي کنم؛
منت ازو ببرکه بخذمت گذاشتت.

 

ترجمون:        ٿورو نه رک ته راجا جي ٽهل ٿو ڪريان؛
اُن جو ٿورو باس جنهن ٽهل ۾ رکيئي.

 

469 –        لتر کي چڪر پهچي.

 

        لتن هڻڻ واري وهٽ کي جيڪڏهن ٻيو وهٽ ڪين ڪڇندو؛ ته اُٽلو گهڻيون لتون هڻندو؛ پر جي اڳيان وري چڪ هڻندس، ته جان تان ڊڄندو، تنهن وانگي لچ جي اڳيان به ماٺ ڪبي، ته اُٽلو ٽيڳربو. پر جي ڌڪي سان ڌڪو ملندس، ته سمجهندو. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:

بيت:   توهم کينه ور باش چون فتنه خواست
که با کينه ور مهرباني خطا است.

 

ترجمون:        تون پڻ جهيڙا ڪار ٿيءُ جڏهن جهيڙو کڙو ٿيو،
جو جهيڙا ڪار تي توهه ڪرڻ ڀل آهي.

 

        ۽ ٻئي هڪڙي پڻ هڪڙو بيت چيو آهي:

بيت:   کسي که لطف کند با تو خاکپايش باش؛
وگر خلاف کند در دو چشمش افگن خاک.

 

ترجمون:        جيڪڏهن توتي مهرباني ڪري تنهن جي پيرن جي مٿي ٿيءُ؛
جيڪڏهن ابتڙ ڪري ته اکين ۾ مٽي وجهينس.

 

م

 

470 –        ماڻهو ٻٽيهه لڇڻو، موچڙو ڇٽيھ لڇڻو.

 

        موچڙو، جتيءَ جو هڪڙو پادر، پر هت مطلب سندس زور، يعني موچڙن هڻڻ وارو، ڪرڪي ڏاڍو، يعني جو ڪم سڀڪنهن ماڻهوءَ کان ٿيندو، ڏاڍو ماڻهو جائي اُن کان واڌو ڪري سگهندو. ۽ موچڙي جي سلڇڻائي ڏيکارڻ لاءِ هڪڙو مثل ٿو ڏيان:

        جن ڏهاڙن ۾ شاهه شجاع الملڪ لاهور ۾ مهارا رنجيت سنگ وٽ اچي بند ٿيو، تن ڏهاڙن ۾ هڪڙو هيرو (ڪوه نور) ساڻس هو. مهاراجا صاحب اُن هيري وٺڻ جي لالچ ڪئي، پر بادشاهه ڏيڻ نه باسيو، تنهنڪري مهاراجا صاحب پيڻ جو پاڻي جهلي ڇڏيس، تڏهن ورچي هيرو کڻي ڏنائين. هڪڙي ڏهاڙي مهاراجا صاحب ساڻس گڏجاڻي ڪري چيس، ”جو هيري جو ملهه چئو ته ڏيانءِ“ تنهن کي موچڙو ڏيکاري چيائين جو هي ملهه اٿس، ڇاکان جو اڳين بادشاهن کان اُن ملهه تي ورتو هوم، تنهن اگهه توکي ڏنم. ڏسو موچڙي جو ڪم.

 

471 –        موتيو اُتي مار، جاتي پاڻي هجي تار.

 

        هن پهاڪي مان ٻيو ڌار مطلب ڪونه ڄاپي ٿو، رڳو لاڙ ملڪ جو رواجي آهي؛ هن ريت جو موتيو سارن جي اَن ۽ پوک ۾ هڪڙيءَ جنس جو نالو آهي، سا پوک گهڻي پاڻيءَ واريءَ ڍنڍ ڌاران ٿوري پاڻيءَ ۾ نه پچي؛ تنهن لاءِ پهاڪي واري اهڃاڻ ڏنو آهي.

 

472 –        مڙس جو پاهون سان ميڙي آڻڻ، زال جو سوئيءَ سان کوٽي ڪڍڻ.

 

        پاهوڙي هڪڙي ڪاٺ جي ڪوڏر جهڙي شي آهي، جنهن سان گهڻو ڪري گهوڙن جي لڏ ٽارين. يعني پاهوڙيءَ سان جو وڏي شي آهي گهڻو ميڙجي؛ ۽ سوئي جا سنهڙي آهي، تنهن سان ٿورو کوٽجي، تنهنجو مطلب هي آهي، جو مڙس گهڻوئي ڪمائي اَچي ۽ زال ٿورو ٿورو ڪري وڃائي ته به پورت نه پوي؛ ڇاکان جو گهر جو ڌنڌو هلائڻ گهڻو ڪري زال جي هٿ ۾ آهي؛ تنهنڪري پهاڪي وارو زالن کي سنجم سان هلڻ لاءِ سمجهائي ٿو. اهڙي ڳالهه نمبر 13 واري پهاڪي ۾ پڻ آئي آهي.

 

473 –        ماءُ ڄڻيندي پٽڙي، ڀاڳ نه ڏيندي ونڊ.

 

        هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب هي آهي، جو ماءُ هڪڙي پيٽ مان گهڻا پٽ ڄڻي، پر ڀاڳ هڪ جيترو ورهائي ڪين ڏئين. يعني سڀڪنهن جو پاڻو واڻي ڪنهن جو ڪهڙو ڪنهن جو ڪهڙو ڀاڳ. جهڙو پنجابيءَ وارو چوي ٿو:

پنجابي:               سج ايڪ پڇاوين ڏون، پيءُ دا بخت نه پٽان ڪون.

ارٿ:           هڪ سج ٻه پاڇولا، پيءُ جو بخت پٽن کي نا.

 

474 –        مڱن ڏانڊي، ڪارڙي ٽانڊي، مڱ پچي،

        ڪارڙو مچي، مڱ لُئو، ڪارڙو مُئو.

        ڪارڙو، هڪڙو ڪارو تر کان پڻ ننڍڙو جيت لاڙ ملڪ ۾ ٿيندو آهي، ۽ ماڻهن کي چڪ پائي، جو مڱن جو پوک ڄاپڻ وارن ڏهاڙن ۾ ڄاپي، ۽ مڱن جي لاباري ۾ ناس ٿي وڃي، تنهن جي حال ڏيکارڻ لاءِ سياڻي هي پهاڪو ڏنو آهي.

 

475 –        مغلن اڳيان فارسي وسري وڃي.

 

        مغل ماڻهو فارسيءَ جو گهر آهي، جن جي ٻولي ماءُ پيٽان فارسي آهي ۽ ٻين ڏيهن جا سڀ پوءِ سکن. تنهنڪري مغلن کي فارسي ٻولي سڀني کان واڌو اچي؛ ۽ پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو وڏي سياڻي اڳيان ٿوري عقل واري ماڻهوءَ جي دال نه ڳري. تنهن تي فارسي بيت آيو آهي:

بيت:   گرچه شاطر بود خروس بجنگ،
چه زند پيش باز روئين چنگ.

 

ترجمون:        ڪڪڙ جيڪڏهن جنگ ۾ گهڻو ڏاڍو هئي،
ته به باز ڏاڍي اڳيان ڇا چنبو هڻندو.

 

 

476 –        مور چڱو، پر پير ڏنگا.

 

        ڪنهن سلڇڻي ماڻهوءَ ۾ ڪو بڇڙو لڇڻ هئي، ته هي پهاڪو مٿس لاڳو ٿئي، پر ايترو چئي نٿو سگهجي، ته ڪو اُپايل بي وِڏَ هوندو. هن ڪري جو جڏهن مور جهڙي سهڻي پکيءَ جي پيرن ۾ وڏ، ۽ يوسف جهڙي سهڻي نبيءَ تي ٻانهپيءَ جي ويڪ، تڏهن ڌڻيءَ پاڪ ڌاران ٻيو ڪوئي بي عيب نه آهي.

 

477 –        مڌ پيوڻ، ذات پرکڻ.

 

        مڌ يعني نشو، پر هت شراب لاءِ چوي ٿو، ته شراب پيڻ کان پوءِ نشي ۾ سڀڪنهن جو ٿوم بصر پڌرو ٿي پوي، يعني جيڪا ڪچائي ڪي دل ۾ هئي سا نڪري ٻاهر پوي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:

بيت:   گوهر هر کس نا کس شود از مئي پيدا؛
نتوان يافت دگر بھ رمئي لعل مهک.

 

ترجمون:        سڀڪنهن چڱي مٺيءَ جو حال شراب مان پڌرو ٿئي؛
شراب جهڙي ڪسوٽي ٻي ڪانه لڀي.

 

 

478 –        مارڻ واري کان رکڻ وارو ويجهو آهي.

 

        مارڻ وارو ويري، رکڻ وارو ڌڻي؛ جڏهن ڌڻي راکو آهي، تڏهن ويري ڇا ماري سگهندو؟ جهڙو فارسي بيت آهي:

بيت:   هزار دشمنم از قصد ميکنند هلاک،
گرم تو دوستي ازدشمنان ندارم باک.

 

ترجمون:        هزار ويري جيڪڏهن منهنجي مارڻ واري ڪن،
جي تون سڄڻ آهين ته ويرين جو ڊپ نه اٿم.

 

۽ گرو نانڪ صاحب پڻ فرمايو آهي:

وچن:           جس راکي تِسُ ڪوءِ نه ماري.

ارٿ:           جنهن کي ڌڻي بچائي تنهن کي ڪوئي نه ماري.

 

479 – موڳو پنهنجي مانيءَ مان پيٽ ڀري کائي،

        وڃي ويهه مجلس ۾ ته سڀني سُهائي؛

        چريو ڳالهائي ته به بختاور بودلو.

        موڳو يعني اڄاڻ ماڻهو اهڙو ڀاڳوان هئي جو ٻئي کان گهري نه، ۽ پنهنجي ڌن مان پيٽ پاري، سو جيڪڏهن سڀا ۾ وڃي ابتوئي ڳالهائي، ته به ماڻهن کي وڻي. پر مطلب هي ته مايا ڪلڇڻ ڍڪڻي آهي.

 

480 –        مالڪ وڃن ٻيڙيءَ چڙهيا، شاهد گهوتا کائيندا.

 

        هن پهاڪي جو بُڻ هي آهي جو ”و“ ۽ ”ج“ پاڻ ۾ جهيڙو ڪيو سو ”د“ ۽ ”ص“ رونشنائي بيهي ڏٺو. جڏهن سرڪار ۾ دانهن ٿي، تڏهن حڪم پٽاندر ٻئي ڌريون ۽ اُهي (د ۽ ص) رونشائي شاهد گِهرِجِي هليا؛ پر پتڻ لانگهو پنڌ هو، جڏهن پتڻ جي ٻيڙيءَ تي آيا، تڏهن ”و“ ۽ ”ج“ جي وهيان هئا، سي پيسا ڏيئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيا، ۽ ”د“ ۽ ”ص“ جي وِلها هئا تن کي پيسن ڌاران پاتڻيءَ نه چاڙهيو، سي مولهاٽا ٻڌي پاڻيءَ ۾ گهڙيا ۽ گهوتا کائڻ لڳا. سالڪ هڪڙي اهو رونشو ڏسي هي پهاڪو چيو. پر مطلب هي آهي، ته جو غريب ماڻهو پنهنجو ڌنڌو سيڙائي اهڙا رونشا ڏسندو، تنهن جو اهو حال ٿيندو.

 

481 –        مَر ُسين سُڄاڻا، ٻئي ڄنگهون ڪاٺ ۾،

        کُھِ سين اڄاڻا، هنيون هندوري لوڏ جي.

        سياڻي گڏ ڪاٺ ۾ به باسي ٿو، ۽ اڄاڻ گڏ هندوري ۾ لڏڻ به نٿو وڻيس.، ڇاکان جو چڱيءَ سنگت ۾ توڙي پهريائين ڏک ڏسڻ ۾ ايندو، ته به نيٺ منجهانس ڀلو ٿيندو، بڇڙيءَ سنگت ۾ سک ڏيکاري ڏيندو، ته به اوڙڪ بڇڙائي ٿيندي. فارسيءَ واري پڻ اها ڳالهه باسي هڪڙو بيت چيو آهي:

بيت:   پاي در زنجير پيش عاقلان،
بھ که اندر بوستان با جاهلان.

 

ترجمون:        سياڻن گڏ پير ۾ ٻيڙي،
ڏڏن گڏ باغ ۾ هئڻ کان چڱو.

 

482 –        مرسان مرسان، پر ڊڀ نه چرسان.

 

        جهڙيءَ ريت شينهن بک ۾ مري ته به ڊڀ يعني گاهه ڪين کائي، تهڙيءَ ريت اشراف ماڻهو توڙي بک مرندو، ته به ڪُ پڇُ نه کائيندو، يا نه ڪرڻ جو ڪم نه ڪندو. تنهن تي هنديءَ واري به چيو آهي:

هندي: ڀلو ڀلائي ناتجي، بري نه راکي آس،
سات دوَسَ ڀوکن مري، شنگهه نه اچوي گهاس.

 

ترجمون:        چڱو چڱائي نه ڇڏي بڇڙائيءَ جو سوس به نه رکي،
ست ڏهاڙا بک مري ته به شينهن گاهه نه کائي.

 

 

483 –        ماڻهو سڀ چڱا، پر ڪي ڪن سان ڪي ڪن سان.

 

        جهڙو هڪڙو راجا نياءُ وارو، جو هلندي ڀونءِ نه ڏکوئي، جو گهڻن ماڻهن کي وڻي، پر جنهن ڏهاريءَ کي سزا ڏيندو، سو هن کي ڪٿان چڱو ڄاڻندو، تنهن وانگي ٻيو هڪڙو راجا ظالم جنهن کان گهڻا ماڻهو ڏکويل هجن، پر جن پنهنجن مٽن مائٽن تي مهرباني ڪندو هوندو، سي اجائي ڳڙهانس راضي رهندا.

 

484 – ماچي ته ناچي.

 

        جهڙيءَ طرح هڪڙو ڍور گاه کائي ٿلهو ٿئي، ته ٺينگ ڏئي، تهڙيءَ طرح ماڻهوءَ وٽ به جڏهن ناڻو گڏ ٿئي، تڏهن ٽنڊ ڪري، ۽ ڊونگل ڍاري. جهڙو گسائين تلسيداس جو وچن آهي:

وچن:   اس نھ ڪو جن مان جڳ ماهين،
پرڀتا پاءِ جلسُ مڌ ناهين.

 

ارٿ:   اهڙو جهان ۾ ڄائوئي ڪونه آهي،
وڏائي پائي جنهن کي نشو نه آهي.

 

فارسيءَ واري چيو آهي:

بيت:   بيذق شطرنج را چون منصب فرزين رسد،
رهوري را وا گذارد کجروي گيرد به پيش.

 

ترجمون:        شطرنج جي پيادي کي جڏهن گهوڙي جي جاءِ ملي،
سنئون هلڻ ڇڏي ڏنگو هلڻ سِٽي.

 

 

485 –        ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه،

        ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه اچي بوءِ بهار جي.

        هن پهاڪي جي معنيٰ ۽ مطلب کي سڀڪو سمجهندو هوندو؛ جهڙو چئجي ته ماڻهو به سڀ يوسف جهڙا سهڻا نه آهن، ۽ ڪاٺ به سڀ چندن جهڙا سُرها نه آهن. ۽ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: نه هر زن زن است و نه هر مرد مرد؛
خدا پنج انگشت يکسان نکرد.

 

ترجمون:        نه زالون سڀ زالون نه مڙس سڀ مڙس،
ڌڻيءَ پنج اڱريون هڪ جهڙيو نه ڪيون.

 

        ۽ سنسڪرت واري پڻ چيو آهي:

اشلوڪ:        شيلي شيلي نه ماڻڪيا، موڪتڪا نه گجي گجي،

        ساڌو نه سروتر چندنو نه وني وني.

ارٿ:   نه سڀڪنهن جبل ۾ ماڻڪ، نه سڀڪنهن هاٿيءَ ۾ موتي،

        ساڌ به سڀ نه آهن، نه سڀ جهنگ ۾ چندن آهي.

 

486 -         مروان موت ملوڪان شڪار،

        يا مڇيءَ موت ميئي شڪار.

        يعني هڪڙي کي مرڻ جهڙو ڊپ، ٻئي کي رڳو رونشو؛ تنهن وانگي هڪڙا هوند  وارا بي قياس ماڻهو پنهنجي ٿوري رونشي لاءِ ٻئي غريب جي زيان جي پرواهه نه رکن. پر چڱو هي آهي، جو پرائي ڏک جو پڻ پنهنجي ڏک جهڙو ارمان گهرجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:         آنچه بر خود نه نه پسندي، پر ديگران هم مبسند.

ترجمون:                جيڪي پاڻ لاءِ نه وڻيئي، سو ٻين لاءِ نه گهُرُ.

 

487 –        موا پَر، پٽجن هيل.

        جو جڏهن مري، سو تڏهن پٽجي، ۽ پروڪي مئل کي هيل ڪونه پٽي. تنهن وانگي جا ڳالهه جڏهن هلي، يا جو ڪم جاتي ٿئي، تڏهن تاتي اُن جو ويچار ٺهي. جي ٿي لنگهڻ کان پوءِ به ڪبو، ته ڇا کُسندو؟ جهڙو پراڻو ٽپڻو ڪڍي ٻانڀڻ تٿ وار ٻڌائي.

 

488 – مُئا آهن جيئرن جي وس.

        هن پهاڪي جي اکري معنيٰ پڌري آهي؛ پر مطلب سندس هي آهي، جو هي دنيا جا ماڻهو سڀ مُئن جي آچار آهن، جيئرو هڪڙو پاڻ ڌڻي پاڪ آهي. ان لاءِ فارسي پهاڪو پڻ آيو آهي:

فارسي:         مرده بدست زنده.

ترجمون:                ساڳيو سنڌي پهاڪي وارو مطلب.

 

489 –        محبتي مُڙن، ته ٽنهين لوڪن لک پوي.

        محبتي يعني نيهي، هندن جي مذهبي ڪتابن ۾ ٽي لوڪ چيا آهن: هڪڙو سُرگ يعني اُڀ، ٻيو مِرتُ يعني ڌرتي، ٽيون پاتال يعني ڌرتيءَ کان هيٺ جو لوڪ آهي. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو جيڪڏهن عاشق ڦِرن، ته سڀڪنهن هنڌ سُڌ ٿي وڃي؛ ۽ مطلب هي آهي، جو سچن عاشقن تي جيڪڏهن سوڙهه پوي، ته به پنهنجي سچائيءَ کان نه گسن. جهڙو فارسي بيت آهي:

بيت:   آسمان گر تيغ بارد سر نه خارج اهل دل،
زخم ناخن بر سر نامرد چون خنجر بود.

 

ترجمون:        جيڪڏهن اُڀ تراريون وسائي ته به نيهي مٿو نه کنهن،
گانڊوءَ کي نهن جو چِهڪُ پڻ ڪٽاريءَ جهڙو هئي.

 

 

490 - مُنهنَ ڪونئري ڳٽا پٽائي.

 

        منهن ڪونئري يعني مٺو ڳالهائڻ وارو. مٺو ڳالهائڻ چڱو آهي، پر جاتي ڪڙو ڳالهائڻ ڪم ايندو، تاتي مٺو ڳالهائڻ مورڳو گهر جو گهاٽو. تنهن لاءِ فارسيءَ وارو چوي ٿو:

فارسي: وقتي به قهر گوءِ که يک کوزه نبات،
گھ گھ چنان بکار نيايد که حنظلي.

 

ترجمون:        ڪنهن مهل ڪڙو به ڳالهائي، جو مصريءَ جو ڪُپڙو،
ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ڪم نه اچي جهڙو ڪي ٽوهه.

 

491 - مُڙيا، سي جُڙيا.

        مڙڻ يعني ٽري ڇڏڻ، هي پهاڪي وارو کاند ڪرڻ لاءِ ٿو سمجهائي، يعني جيڪڏهن ڪنهن کان اهنج پهچيئي ته به کاند ڪري مڙي وڃ، ته ڌڻي توتي توهه ڪري. اهڙو فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: گر گرندت رسد تحمل کن؛
که به عفو از گناه پاک شوي.

 

ترجمون:        جيڪڏهن ڪنهن کان اهنج پهچيئي ته کاند ڪر،
جو اوسراڻ سان پاپن کان ڇٽندين.

 

492 –        ملڪ صاحب دا وسي، ڪوئي رووي ڪوئي هسي.

 

        هي پهاڪو مايا جا کيل ڏيکاري ٿو، جنهن ۾ هڪڙا ڏکيا، هڪڙا سکيا، هڪڙا پيا رئن، هڪڙا کلندا وتن، هڪڙا ويٺا راڄ ڪمائين، هڪڙا وتن پنندا. فارسيءَ وارو پڻ شاهد آهي:

فارسي: يکي را بُرون رفتد ز انادزه مال؛
يکي را غم نان و خرچ عيال.

 

ترجمون:        هڪڙي کي ڳاڻيٽي کان به مال گهڻو؛
هڪڙي کي مانيءَ ۽ ٻارن جي قوت جي ڳڻتي.

 

493 –        مينهن ڍائي هوري هلي، رڍ ڍائي ٺينگ ڏئي.

 

        مينهن وڏو وهٽ آهي، سو جي ڍاپي، ته پنهنجي ڳورائيءَ کان هري هلي ۽ رڍ هلڪڙي آهي سا ڍئجي ته ڊوڙون پائي ۽ اُڇانگ ماري. تنهن وانگي سکر ماڻهو پڻ جيئن وڏو پد پائيندو، تيئن نئڙت گهڻي ڪندو، ۽ نِکَرَ کي  ٿورو ڍَو ٿيندو ته به گهڻي ٽانءِ ڪندو.

 

495 –        منهن ڏسي تلڪ ڏجي.

 

        تلڪ، هندڪو اُهڃاڻ نرڙ ۾ ڏيڻ جو آهي، يعني جنهن جو منهن تلڪ جو لائق هجي تنهن کي ڏجي، جو نه، تنهن کي نه؛ تنهن وانگي جو ماڻهو ڪهل جو جوڳو هئي، تنهن تي ڪهل ڪجي، نا ته نه. تنهن تي هڪڙو فارسي بيت به آهي:

بيت:   پسنديد است بخشايس، و ليکن،
منھ بر ريش خلق آزار مرهم.

 

ترجمون:        اوسراڻ ڪرڻ چڱو آهي پر،
ماڻهو ڏکوئيندڙ جي ڦٽ تي مام نه لاءِ.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org