سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گل شڪر

باب: -

صفحو :7

فارسي: غواص گر انديشھ کند کام نهنگ،
هرگز نکند دُرِ گرانمايه چنگ.

 

ترجمون:        جيڪڏهن ٽوٻو واڳوءَ جي وات کان ڊڄندو،
ڳري ملهه وارو موتي هٿ نه آڻيندو.

 

ر

 

278- رڪ جا چڻا آنڊا ڦاڙن.

 

        چڻا، هڪڙي اَن جي وَنِڪَ آهي، جا ماڻهو کائن ته پيٽ ۾ پچي وڃي؛ پر جيڪڏهن ڪو اهڙا رڪ جا داڻا کائي ته جيڪر ڪين ڦينس. مگر هي رڪ جا چڻا اصطلاح آهي، يعني ڏاڍي جو مال، جهڙوڪ ڪو شخص سرڪاري نوڪر هجي ۽ جيڪي هٿ ڏنو قوت مليس ته اُهو اَن وانگي ڦٻي وڃيس؛ پر جي غير واجبيءَ طرح کائيندو ته ڪر رڪ جا چڻا کاڌائين، سي کائڻ مهل کائي ويندو، پر پوءِ خراب ٿيندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

 

فارسي: تَوان به حلق فر و برد استخوان درشت،
ولي شکم بدرد چون لگيرد اندر ناف.

 

ترجمون:        نڙيءَ کان هيٺ ڏاڍو هڏو لنگهائي سگهجي،
پر جڏهن دُنَ ۾ وٺي تڏهن پيٽ ڦاڙي.

 

279 –        راکي رام، ته ماري ڪير؟

 

        هن پهاڪي جي مطلب کي سڀ ديندار بلڪ سڀني مذهبن جا ماڻهو مڃيندا، ڇو ته جنهن کي ڌڻي رکڻهڪار، تنهن کي ڪير ماري سگهي؟ جهڙو فارسي بيت آهي:

فارسي:         دشمن چه کند چون مهربان باشد دوست.

ترجمون:                جڏهن ڌڻي مهربان هئي، تڏهن ويري ڇا ڪندو؟

 

280 –        رڙا ڪين رجهن، توڙي ٻارڻ ٻرن ٻهِ پُڙا.

 

        رڙو مڱن جي اَن ۾ هڪڙو کريل داڻو آهي، جو گهڻي ٻارڻ سان پڻ نه رجهي؛ ٻه پڙا يعني ٻيڻا. مطلب هي آهي، جو جئن رڙو گهڻي ٻارڻ سان پڻ نه رجهي، تيئن ڪميڻو ماڻهو گهڻيءَ تربيت سان پڻ نه سکي، نه سڌري. جهڙو فارسي مثل آهي:

فارسي:         تربيت نااهل را چون گردگان بر گنبذ است.

ترجمون:                سيکارڻ ڪميڻي کي جهڙو قبي تي کينهون.

 

281 –        رهي رهوجين، بهي باهوجين، ڪتي ڪنئريجن جي.

 

        راهوجا، باهوجا ۽ ڪنئريجا ٽيئي ذاتين جي نالي جا ڳوٺ آهن: يعني ڪتي هڪڙي هنڌ جي، ٽڪي ٻئي هنڌ، ڀونڪي ٽئي هنڌ. پر مطلب هي آهي، جو هڪڙي ڪارخاني جي ماڻهوءَ کي بنا پروجن ٻئي ڪارخاني جي ڪم ۾ هٿ وجهڻ اهڙو آهي، جهڙو پهاڪي واريءَ ڪتيءَ جو حال.

 

282 –        راڻي سا، جا راءِ کي وڻي.

 

        جيڪڏهن هڪڙي راجا کي گهڻيون راڻيون هونديون تن مان جيڪا وڻندڙ هونديس، اهائي سهاڳڻ چئبي. تنهن وانگي ماڻهو توڙي ڪم ته اُهو چڱو، جو ڌڻيءَ کي وڻي. جهڙو گورو نانڪ شاهه جو وچن آهي:

وچن:   جو تُڌُ ڀاوي سائي ڀلي ڪار.

ارٿ:   جو توکي وڻي اهو ئي چڱو ڪم.

 

283 –        رڍ اڳيان رباب، وڄائيندي وره ٿيا.

 

        هن پهاڪي جي چوڻ واري جو اصل مطلب ٻيو هو، پر رواج ۾ غلط ٿي ويو آهي. جيتوڙي ته عربي قول آهي:

پهاڪو:        غلط العام صحيح.

ترجمون:        گهڻن جي غلط کي صحيح ڄاڻجي.

        پر جڏهن ڪا ڳالهه سياڻن جي مجلس ۾ اچي تڏهن غلط ۽ صحيح جو ويچار کپي؛ تنهن لاءِ هي مثل کي ڏيکاريان ٿو:

        هڪڙو ريڍار نصيب جي زور سان ڪاٿي وڃي راجا ٿيو، ۽ لنگهو سندس آڳاٽو ڄاڻائو هو، سو ڪنهن مطلب حاصل ڪرڻ لاءِ وٽس وڃي رباب وڄائڻ ۽ ڳائڻ لڳو، پر گهڻن ڏهاڙن تائين ڳالهه مان ڪين وريس. هڪڙي ڏهاڙي لنگهي کي هڪڙو يار مليو، تنهن پڇيس، تنهن کي کلي چيائين؛ ڙي يار! ريڍار اڳيان رباب وڄائيندي ورهه ٿيا. مطلب ڳالهه جو هي جو اڄاڻ ريجهائڻ گهڻ کپت گهري. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: اگر صد باب حڪمت پيش نادان،
بخوانند آيدش بازيچه در گوش.

 

ترجمون:        اڄاڻ اڳيان جيڪڏهن حڪممت جا سئو باب،
پڙهن، ته به هن کي راند ٻڌڻ ۾ اچي.

 

284 – راجا ڪري سو نياءُ، ڍارو پوي سو داءُ.

 

        ڍارا هن ملڪ ۾ چوپڙ راند کيڏڻ جا ٽي اوزار آهن، جن تي ڳاڻيٽي جا نشان رهن ٿا؛ اڇلائڻ مهل ٽن کان وٺي ارڙهن تائين سندن عدد ڏسڻ ۾ اچن، تن موجب کيڏڻ وارا چوپڙ تي ساريون هلائين. مطلب جو ان عددن مان جيترا به عدد پون، تن کي داءُ چئجي؛ پر اِها تڪ رڳي قافيه جي پورائيءَ لاءِ آندي اٿن. پهاڪي جو مطلب هي آهي جو وقت جو راجا جيڪي ڪري، سو واجبي ڄاڻجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:         هرچه آن خسرو کند شيرين بود.

ترجمون:                جيڪي اُ راجا ڪري سو مٺو هئي.

 

285 –        رن پٽ کي لڳي ڀاڳ، ته ڏي جواري ڀت کي داڳ.

 

        داڳ، اصلي هي اکر داغ آهي، جو اصطلاح ۾ غلط ٿي داڳ چئجي ٿو، ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ پگهار پڻ سڏبو آهي؛ يعني گيهه ڪوسو ڪري چانورن رڌن ۾ وجهجي، يا منجهس گوشت پلاءُ رڌجي؛ پر ڀت يعني رٻ ۾ اِن طرح جو گيهه وجهڻ ضرور نه آهي. پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو جڏهن ڪميني ماڻهوءَ کي مفت جو ناڻو هٿ لڳي، تڏهن اهڙا اجايا خرچ ڪري.

 

286 –        رات ٿوري، ساٺ گهڻا.

 

        ساٺ، شادين ۾ ماڻهو خصوصاً هندو پوڄائون ڪن، تن جو نالو، يعني جيڪڏهن گهڻي ويرم لائي جهجها ساٺ ڪجن، ته هوند ساٺن ڪندي رات وهامي ۽ شاديءَ جو مورت گسي وڃي. هي پهاڪو ٿوريءَ ويرم ۾ گهڻو ڪم ڪرڻو هئي، تنهن لاءِ آيو آهي. جهڙو چئجي وقت ٿورو ڪم گهڻو، يا ڄمار ٿوري ڌنڌو گهڻو، يا ڏينهن ٿورو پنڌ گهڻو.

 

287 –        رن چشڪي هري، رکي آرت وار.

 

        چشڪو يعني لذت يا سواد، هي پهاڪو منڍ ۾ هڪڙي نقل تي آيو آهي:

        هڪڙي شخص جي جوءِ وات جي چٽي هئي، هڪڙي ڏهاڙي مڙس کي کاڄ کارائي پاڻ لنگهڻ ويهي رهي؛ مڙس کي چيائين جو آرت وار ورت جو اٿم، تنهن ويچاري ڪهل ڪري بزار مان کير پيڙا آڻي کاراديس. ورندي ڏهاڙي پڻ رن اُن مهل آرت وار جو مِنهن ڪري لنگهڻ ويهي رهي، تڏهن مڙس کلي هي پهاڪو چيو؛ پر مطلب هي آهي، جو لچ ماڻهوءَ تي هڪڙي ڀيري مهرباني ڪبي، ته وري وري هِري گستاخ ٿيندو.

 

288 –        راءِ ري گهران گيهه جهلجي پانڌ ۾.

 

        رائرو گهر يعني راجا جو گهر، پهاڪي جي معنيٰ هي آهي جو جيڪڏهن راجا جي گهران گيهه ملي ۽ باسڻ ساڻ نه هئي، ته ورائجي نه، ۽ ڪپڙي ۾ وٺندي پڻ صرفو نه ڪجي، پوءِ مَرُ هارجي پوي ۽ پاند سڻڀو ٿئي. مطلب جو سلطاني ڪارخاني مان سلوڪ سان جيڪي ملي، سو شڪر ڪري وٺجي ته اڳتي اُميد نه وڃي.

 

289 – رن پٽ ريڍار، ڪان هڻي بنڊ ۾.

 

        بنڊ يعني ٿلهي ڪاٺي، شڪار ۾ مرن يا پکين کي ۽ جنگ جهيڙي ۾ ڪان يعني تير هڻڻ هڪڙي ريت آهي، پر بنڊ کي ڪان هئڻ رڳي چريائي آهي، ۽ جيڪو هڻي تنهن کي هن پهاڪي وارو خطاب ملي. مطلب جو اڻ ٺاهوڪو ڪم ڪرڻ اِياڻپ جو آريکڻ آهي.

 

290 –        رِڻيءَ ۽ رائر جو سڏ جنهين کي هوءِ،

 

        مَنجي اُتي جوءِ، وڃي تنهن کي وسري.

        رڻو يعني قرض، رائُر يعني سرڪاري ڍل. هن پهاڪي جي سا معنيٰ سو مطلب، يعني جنهن کي بازار جو توڙي سرڪار جو قرض ڏيڻو هوندو، تنهن کي ڀاڪر واري جوءِ به ياد نه پوندي. اهڙو ذڪر نمبر 107 واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

 

291 –        روزن پٺيان عيدون، عيدن پٺيان روزا.

 

        هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب سڀڪو ڄاڻي ٿو، تڏهن به ايترو چوان ٿو، جو دنيا جو سدائين اهو ڌرم آهي، جو ڏک پٺيان سک، سک پٺيان ڏک بيٺو ئي آهي.

 

292 –        رتُ ڏسي رُمي هڻجي.

 

        رُمي ماڻهوءَ جي بت مان رت ڪڍڻ جي شي يعني اوزار آهي، معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي، جو ضرور جي وقت، جاتي رت هئي اُتي رُمي هڻي رت ڪڍجي؛ پر جاتي رت ٿورو هوندو، اُتي رُمي لڳندي، ته مورڳو زيان ٿيندو؛ تنهنڪري اهڙي هنڌ رُمي هڻڻ ڪار نه آهي، مطلب جو جانور يا ماڻهوءَ تي اُن جي پڄنديءَ سارو بار رکڻ کپي؛ جهڙو هڪڙو وهٽ ٻه مڻ بار کڻي سگهي. تنهن تي چار مڻ رکبا، ته مرندو يا چيلهه ڀڄنديس، ۽ جي سهندو بار هوندس، ته کڻي منزل تي رسائيندو، ۽ سکيو هلندو. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:

فارسي: خرکه کمتر نهند بروي بار،
برهه آسوده ميکند رفتار.

 

ترجمون:        گڏهه جنهن تي  ٿورو بار رکبو،
واٽ ۾ آرامي هليو ويندو.

 

ز

 

293 –        جيري لاءِ ٻڪري به ڪجهي.

 

        جيرو ٻڪريءَ جي بت ۾ ننڍڙو لنڱ آهي، يعني رڳي جيري لاءِ گهرج مهل ٻڪري ڪهڻ اهڙي اهي، جهڙو هڪڙيءَ سر لاءِ سڄو گهر ڊاهڻ؛ تنهنڪري ٿوري مطلب ڪاڻ گهڻو زيان ڪرڻ نه گهرجي، جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:

فارسي: ترا تيشھ دادم که هيزم شکن،
نگفتم که ديوار مسجد بکَن.

 

ترجمون:        توکي واهولو ڏنم ته ٻارڻ جي ڪاٺي ڀڃ،
نه چيم ته مسجد جي ڀت ڊاهه.

 

 

294 –        زالان ڌاوڻ، مردان کاوڻ.

 

        ڌاوڻ يعني وهنجڻ، يعني زال جي ذات کي گهرجي، جو وهنجڻ تي ويرم ٿوري لائي، يعني جلد وهنجي؛ سو ڪو ته وهنجڻ وير ڪي لنڱ ضرور اگهاڙا ٿيندس، ۽ زال کي اگهاڙو رهڻ مناسب نه آهي، ۽ مرد کي پڻ کاڄ کائيندي ويرم نه ڪرڻ گهرجي. مطلب جو زال کي ستر جو، ۽ مڙس کي ڦڙتائيءَ جو سعيو گهرجي.

 

س

295– سورائتڻ سور اڻ سورائت سان اوريو،

        هن جو ڀنجهر نه ڀُريو، هوءَ وڃي ٿي وهلور،

پرايائين پور، اڳي کان به اڳرو.

        سورائت يا سورائتڻ يعني ڏکويل، اڻ سورائت يعني بيدرد، اوريو يعني ڳرهيو، ڀنجهر نه ڀريو هي اصطلاح آهي يعني اثرن ه ٿيو، وهلور يعني هيڻو ٿي ويو. پهاڪي جو مطلب هي آهي جو ڏک واري کي بيدرد اڳيان حال ڳرهڻ مان فائدو ڪونه ٿيندو. جهڙو سمن چيو آهي:

وچن:   سمن پر گهر جائڪي دک نه ڪهيئي روءِ،
ڀرم گواوڻ اَپنا ونڊ نه ڏيوي ڪوءِ.

 

ارٿ:   سمن پرائي گهر وڃي روئي ڏک نه ٻڌائجي،
پنهنجي لڄ وڃائبي، ورهائي ڪونه ڏيندو.

 

۽ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: تا ترا حالي نباشد همچو من،
حال من باشد ترا افسانه.

 

ترجمون:        جاسين مون جهڙو حال نه هوندءِ.
منهنجو حال تو اڳيان آکاڻي هوندي.

 

296 –        سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي.

 

        سنگ يعني اشرافن جي صحبت، ڪسنگ بڇڙي، صحبت؛ مطلب جو پهاڪي واري چڱيءَ صحبت کي ساراهيو آهي؛ تنهن تي سياڻا چوندا آهن جو چڱي صحبت اهڙي آهي جهڙو پارس جو پاسو. فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: آهن چو بپارس آشنا شد،
في الفور صورت طلاشد.

 

ترجمون:        پارس سان جڏهن لوهه سينڌو ٿيو،
سگهو سون جو روپ ٿيو.

 

        ۽ بڇڙيءَ صحبت جي گلا ٿو ڪري، تنهن تي هنديءَ واري چيو آهي:

هندي:         ماري مرون ڪسنگ ڪي ڪيلي پاس جيون ٻير،
اوهه جهولي اوهه چيرئي سائين ڪسنگ نه ميڙ.

 

ترجمون:        ڪسنگ جو ماريو ائين مران، جئن ڪيوڙي وٽ پير
هوءَ لڏي، هو چيرجي، ڌڻي ڪسنگ نه ملاءِ.

 

 

297 – سچ جي ٻيڙي لڏي لڏي پر ٻڏي ڪين.

 

        هن پهاڪي جي معنيٰ پڌري آهي، مگر سندس مطلب هي آهي جو سچ کي ڪڏهن ڊپ ڪو نه آهي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:         راستي را زوالي نيست.

ترجمون:                سچ کي ڦِٽاڻي نه آهي.

        اهڙو ذڪر نمبر 313 واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

 

298 –        سکڻي ڪني گهڻو اُڀامي.

 

        ڪني ، هڪڙو ٺڪر جو باسڻ آهي، جنهن ۾ غريب ماڻهو رڌن، سا جيڪڏهن چانورن يا ٻيءَ شيءِ سان ڀري باهه تي چاڙهجي ته پوريءَ طرح رجهي؛ پر جيڪڏهن منجهس اَن ٿورو هئي، ته باهه جي زور سان سندس پاڻي گهڻو ڦڦڪي. تنهن وانگي ماڻهو پڻ جيئن اشراف ۽ وهيون هوندو، تيئن سهمي سهمي هلندو؛ جيئن لچ ۽ ولهو هوندو تيئن ٽيڳر گهڻي ڪندو. تنهن تي ڪبير صاحب جو وچن آهي:

وچن:   ڪهت ڪبير ڇو ڇا گهٽ ٻولي؛
ڀريا هوئي سو ڪٻهون نه ڏولي.

 

ارٿ:   ڪبير صاحب چوي اُرڻو دلو پاڻيءَ جو ڇلڪي،
ڀريل هڻي سو ڪڏهن نه ڇلڪي.

 

 

299 –        سَتي ٿي سيڏائي، لَنڊي ٿي کائي:

 

        ستي يعني اشراف عورت، سيڏائي يعني نهاري ۽ سڪي، مطلب هي آهي جو زماني جي هلت موجب ڪنهن وقت اشرافن لاءِ بک ۽ ڪميڻن ڪاڻ ڍئو آهي، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: اسپ تازي شد مجروه به زير پالان؛
طوقِ زربن همه در گردن خرمي بينم.

 

ترجمون:        ڀلو گهوڙو پلاڻ هيٺ ڦٽيو،
سون جا ڳٽ گڏهه جي سسيءَ ۾ ڏسان ٿو.

 

 

300 –        سِرُ ڏجي، پر سُر نه ڏجي.

        سِرُ يعني مٿو يا سسي، سُر يعني دل جو ڳجهه، معنيٰ هيءَ آهي جو دل جو ڳجهه سڀ کان واڌو لڪائڻ کپي؛ بلڪه جيڪڏهن سر وڃي ته ڀئو نه آهي؛ پر ڳجهه نه ڏسجي. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:

        هڪڙي بادشاهه کي ڪنهن سياڻي چيو، جو سڀ کان واڌو سياڻپ هيءَ اٿي، جو دل جو ڳجهه پنهنجي سڳيءَ پياري جوءِ کي پڻ نه ٻڌائج. بادشاهه ان ڳالهه جي چڪاس لاءِ پنهنجي زال کي چرچو ڪري چيو جو فلاڻو وزير منهنجي چئي ۾ برابر نٿو هلي تنهن کي مارائيندس. اها ڳالهه ٻئي کي ٻڌائڻ کان جهلي ڇڏيانس؛ پر اُن وزير جي جوءِ جيڪس راڻيءَ جي ساهيڙي هئي، تنهن پنهنجيءَ ساهيڙيءَ جي مڙس جي لاءِ اها ڳالهه ساهيڙيءَ کي ٻڌائي چيو جو ٻئي کي متان ٻڌائين. پر اهڙي ڳالهه اُن جي دل ۾ ڪٿان ٽڪي؟ تنهن پنهنجي مڙس کي ٻڌايو. وزير اها ڳالهه سچي ڄاڻي دل کي چيو جو پاڻ مرندي ڪهڙا سيڻ، ۽ وقت ڏسي بادشاهه کي مارائي ڇڏيائين. ڏسو جو رڳو چرچو ڪري دل جو ڳجهه ٻڌائڻ تنهن جو هي ڦل آهي. تڏهن پهاڪي وارو سچ ڪين ٿو چوي؟ فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:

فارسي: تا تواني دل رازِ دل با يار جاني هم مگو،
يار را ياري بود از يارِ انديشھ کن.

 

ترجمون:        جاسين ٿي سگهي ته دل جو ڳجهه جاني
يار کي به نه ٻڌائي؛ يار کي به ڪو يار
هوندو تنهن يار جي يارِ يار کان ڊڄ.

 

 

301 –        سڪن گڏ آلا ٻرن.

 

        پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو هڪڙي سڪي وڻ کي باهه لڳي ته ڀرسان آلو وڻ نه ٻرڻ جهڙو به سڙي وڃي. تنهن وانگي لچ جي صحبت ۾ چو مڙس پڻ گلا هاب ٿئي. تنهن تي هڪڙو مثل آهي:

        هڪڙو چور جهنگ مان ڏاند چورائي هليو. گهڻي پنڌ کان پوءِ هڪڙو غريب واٽهڙو اچي ساڻس سنگتي ٿيو، تنهن کي چوريءَ جي سُڏِ مورا ڪانه هئي. ايتري ۾ ڏاند جا ڌڻي ۽ پيري اچي پهتا، ۽ ٻنهي کي چور ڪري جهلي قيد ڪرايائون. مطلب بڇڙيءَ صحبت جو اِهو ڦل آهي.

 

302 –        سوٽي هئي ساڻ، ته گڏهه گوهي نه ڪري.

 

        گڏهه هڪڙو لچو وهٽ آهي، جڏهن ڍاپي تڏهن پنڌ ۾ ٺينگ ڏئي ۽ گوهيون ڪري. پر جي سندس ڌڻي سوٽي چکائيس ته گوهيون ڇڏي. تنهن وانگي لچو ماڻهو پڻ جڏهن سائو ٿئي، تڏهن لچائي ڪري، ۽ موچڙن ڌاران سنئون نه هلي. ان لاءِ نمبر 241 واري پهاڪي ۾ پڻ ذڪر هليو آهي.

 

303 –        سون پرکجي ڪسوٽيءَ، رپو پرکجي باهه،

 

        ماڻهو تڏهن پرکجي، جڏهن ڪي ڳالهاءِ.

        هن پهاڪي جي اکري معنيٰ سڀڪو ٿو ڄاڻي ۽ مطلب سندس هي آهي، جو جهڙيءَ طرح سون کرو جي کوٽو ته ڪسوٽيءَ لڳي سڃاپي ۽ رپي جي کرائي کوٽائي باهه ۾ پڌري ٿئي، تهڙيءَ طرح ماڻهو پڻ جاسين ماٺ ڪيو ويٺو هوندو، تاسين سندس سياڻپ اياڻپ يا چڱائي برائي پڌري نه ٿيندي. تنهن لاءِ فارسيءَ وارو شاهد آهي:

فارسي: تا مرد سخت نگفته باشد،
عيب و هنرش نهفته باشد.

 

ترجمون:        جاسين مڙس نه ڳالهايو هئي،
سندس عيب ۽ هنر ڳجها هئن.

 

 

304 –        سر کان پوءِ سج اُڀري ته واهه نه ته ڇٽو.

 

        پهاڪي جو مطلب هي آهي جو هڪڙو شخص رات جو بيمار ٿئي، تنهن کي طبيب دوا کارائي چوي، جو سج اُڀرندو، تنهن جي سوجهري ۾ دوا اثر ڪندي، تنهنڪري بيمار سج اُڀرڻ جو آسائو رهي؛ پر تنهن کان اڳي مري وڃي. پوءِ ان کي سج اُڀرڻ نه اڀرڻ سان ڪهڙو ڪم؟ تنهن وانگي جا شي گهرج لٿي کان پوءِ ملندي تنهن مان ڇا؟ تنهن تي سڌني ساڌ جو وچن آهي:

 

وچن:           ڌوٻ مُئي تو ڪاملي ڪنهن ڪام نه آوي.

ارٿ:           ٻڏي مرڻ کان پوءِ ٻيڙي ملي ڪنهن ڪم نه اچي.

 

305 – سَپهوُ نه وسهوُ، وسهوُ نه مُسهوُ.

 

        سَپ تي نه وسهجي، جي وسهبو ته مُسهبو، ڇا کان جو سپ ماڻهوءَ جو ويري آهي. تنهنڪري ويريءَ تي ويساهه رکڻ مان نيٺ ڊپ آهي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:

 

فارسي: بر تواضع هاءِ دشمن تکيه کردن ابلهي است؛
پاءِ بوسي سَيل از پا افکند ديوار را.

 

ترجمون:        ويريءَ جي نياز تي ڀروسو رکڻ اياڻپ آهي؛
اَڏَ جو پيرين پوڻ ڀت کي پاڙ کان ڊاهي.

 

306 –        سرمو سڀڪو پائي، پر اک اک جو ڦير آهي.

 

        سرمون اهڙي سهڻي شي نه آهي، جنهن مان سونهن وڌي؛ بلڪه اهڙو ڪارو آهي، جنهن کي هٿ لاتي هٿ پير ڪارو ٿئي. سو جيڪڏهن سهڻيءَ اک ۾ پوي، ته سهڻو لڳي؛ پر جي ٽيڏيءَ يا ڪوجهيءَ يا چوچيءَ يا ڪاڻيءَ اک ۾ پوي ته نه اک سونهين نه سرمون. تنهن وانگي جو ڪم سياڻي ماڻهوءَ جي هٿان سڌري، سو ساڳيو اياڻي جي هٿان مورڳو کري.

 

307 –        سنت سنت سڀڪو چوي سنت سمنڊان پار،

        اَنَلُ پکي ڪو هڪڙو ٻيا پکن ڪوٽ هزار.

        سنت، ڌڻيءَ جو سچو ٻانهون، سمنڊان پار، هي اصطلاح آهي ته سمنڊ جي هُن ڀر يعني الڀ، اَنَلُ پکي، هندوي ڪتاب چون ٿا جو سدا اُڀ ۾ رهي ۽ سڳورو آهي، جهڙو فارسي ڪتاب هماءُ چون. پهاڪي جو مطلب هي آهي جو اهڙا سچيار سنت ڌرتيءَ تي ٿورا بلڪ اَلڀ آهن.

 

308 –        ستين لنگهڻين ڪتو به حلال آهي.

 

        هن پهاڪي وارو اهري موڪل نٿو ڏئي، جو هروڀرو ڪو ماڻهو بخيل پيسا گهر رکي ست ويلا لنگهڻ ڪري، ناڻو پاڇي وجهي، ڪتو کائي پيٽ ڀري، ۽ ائين به نٿو چوي ته هروڀرو ڪتو ئي کائي، مگر سياڻپ جو اشارو آهي جو لاچاري بک جي ويلي جي سولو قوت نه ملي، ته اَولو گذران ڪري وٺي، ته به جهل نه آهي. جهڙو سُڪيءَ جي بي ڊپي سفر مان پيٽ قوت پورو نه ٿئي، ته سمنڊ جو ڊپ وارو سفر ڪرڻ منع نه آهي. يا جيڪڏهن ملڪي ڪارخاني جي نوڪري ڪرڻ مان ڍوَ نه ملي، ته جنگي ڪارخاني ۾ به نوڪري ڪرڻ روا آهي، جاتي سدائين تريءَ تي سر رکڻو پوي. فارسيءَ واري پڻ اهڙو اشارو ڏنو آهي:

فارسي: چو دست از همھ حيلتي در گسست،
ضرور است بردن به شمشير دست.

 

ترجمون:        جڏهن سڀن حيلن کان هٿ ڇنو،
ترار تي هٿ رکڻ ضرور آهي.

 

309 –        سڄن پيٽان وڍيا، وڍين پيٽان سڄا.

 

        سڄا، هي اصطلاحي اکر آهي، يعني اشراف يا سياڻا، يا ڀاڳ ڀريا، وڍيا، يعني لچ يا ڏڏ يا نڀاڳا، مطلب پهاڪي جو بعضي وقت ڀلن ماڻهن جو اولاد ڍلا، ۽ ڍلن جو اولاد ڀلا ٿين. اهڙيءَ طرح سنڌ جا ماڻهو گهڻو ٻڌا ۽ ڏٺا اٿم، پر اُهي نالا وٺڻ جي صلاح نه آئي؛ مگر آڳاٽا ڪي ٻڌا اٿم سي چوان ٿو، جو هڪڙي پاسي نوح نبيءَ جو پٽ، ۽ يوسف ڌاران ٻيا يعقوب نبيءَ جا پٽ، ۽ ٻئي پاسي نادر شاهه ۽ تمرلنگ بادشاهه.

 

310 –        سبرو کاڌو پاتل ڦاٽي.

 

        سبرو جهڙوڪي حلوو کاڄرو شي آهي، پاتل ليسوڙيءَ يا بڙ يا ٻين اهڙن وڻن جا پن گڏي ڇيتن سان ڳنڍي جوڙجن، تن تي هندو ماڻهو کاڄ کائن؛ ۽ پاتل هيڪر جوٺي ٿي، ته وري ڪم نه اچي. هي پهاڪو هندوي اصطلاح جو آهي، يعني سبري کاڌي کان پوءِ پاتل جا وري ڪم نه اچي سا رکڻ ڇا ضرور؟ تنهن لاءِ هڪڙو مثل لکان  ٿو:

        جڏهن نوشهري جي مختيارڪاري ڇڏي پينشن وٺي گهر آيس، تڏهن اُٺ گهوڙا جن ۾ ڪم ڪونه رهيو، وڪڻي تڪڻي ڇڏيم. هڪڙي دوست پڇو جو وهٽ وانا سگها ڇو وڪيئي، تنهن کي اهو پهاڪو ٻڌايم. مطلب جو جنهن شي مان ڪم لٿو ۽ وري ڪم اچڻ جي نه هئي، تنهن کي سانڍڻ ضرور نه آهي.

 

311 – سو چور ئي نه آهي جو پنهنجو جوڻيت نه سڃاڻي.

 

        جوڻيت، اُهو جيڪو چور کي صحيح ڪري وٺائي، سو چور جو ويري آهي ڪ نه؟ مطلب جو پنهنجي ويريءَ کي سڀڪو سڃاڻي ٿو، چور ته هڪڙو ماڻهو آهي، پر پنهنجي ويريءَ جي مرونءَ کي به سڌ رهي ٿي. جهڙو ٻلي گهر ۾ هئي ته ڪئا لڪي وڃن، يا سينڱ هٿ ۾ ڏسي ڪانوَ ڀڄن. تنهن تي هنديءَ جي شاهدي آهي:

هندي: پسون پکي هون جانتي هِتِ اَن هِتِ ڪي بات،
* رِکي ديک سَڪُچَتَ نهن ٻنڌڪ تي ڏر پات.

 

ترجمون:        مرون ۽ پکي به وير ۽ دوستيءَ جي ڳالهه ڄاڻن،
ساڌو ڏسي نه ڊڄن، ماري4 کان ڊڄن.

 

 

312 –        سپتيو ماڻهو پرائي مال ۾ ڀائيوار.

 

        سپتيو يعني پت وارو، يا ڏيتيءَ ليتيءَ ۾ پورو. پهاڪي واري سپتئي ماڻهوءَ کي پرائي مال ۾ پورو ڀائيوار چيو آهي؛ جيتوڙي ڳالهه پڪ جهڙي نه آهي پر جيڪڏهن پت وارو اوير سوير گهرج مهل اُڏاري سڌاري لاءِ ڪاٿي ويندو ته ٺلهو ڪين ورندو، تڏهن قياس گهرجي ته ڀائيوار ٿيو ڪ نه؟

 

313 –        سچ سير ، ڪاري ٻڪري اڇو کير.

 

        هي پهاڪي وارو سچ کي ٿو ساراهي؛ جو کير هڪڙي شي آهي، جيتوڙي ڪ ڪاريءَ ٻڪريءَ مان نڪري ٿو، ته به سو اڇو. تنهن وانگي سچ پڻ جهڙي حال ۾ هوندو، تهڙي ۾ جوکو نه اٿس؛ جهڙو سون گپ ۾ پوندو، ته به ملهه ڪين گهٽائيندو. اهڙي ڳالهه نمبر 297 واري پهاڪي ۾ هلي آهي.

 

341 –        سُڪ تُور کان ٻُڏ تُور چڱو.

        تور يعني دفعو يا منڊ، پهاڪي جو مطلب هي آهي. جو پاڻي ٿورو ٿي پوک سڪائي، تنهن سڪ تور کان گهڻو ٿي ٻوڙي ته چڱو. جيتوڙي ته سياڻا چوندا آهن جو پوک کي پاڻي ٿورو به زيان ڪري، ۽ گهڻو به، پر گهڻن هنڌن ڪَتيءَ جي پوک پاڻيءَ جي گهڻائيءَ کان ٻڏي، ته ان ڌرتيءَ ۾ چيٽ ٿئي. تنهن کان سواءِ ٻوڏ واريءَ ڌرتيءَ ۾ به مڇي، لوڙهه، پٻڻ، ڪُمَ ۽ ٻيا اُپچن؛ ۽ جاتي سوڪ ٿئي اُتي واري ۽ مٽي. تنهنڪري ڄاڻجي ٿو جو پهاڪي وارو سچو آهي.

 

315 – سياري جي سوَڙ سڀڪو پاڻ ڏي سيري.

        بعضي ماڻهو هن پهاڪي ۾ سياري جي باهه پڻ چوندا آهن، پر سوڙ توڙي باهه ته سياري ۾ سيءَ لاهيندڙ آهن. تنهنڪري مطلب هڪڙو نڪري ٿو سو هي آهي، جو مائٽ توڙي يار توڙي ڪو ٻيو ته سڀڪو پنهنجو سک ڳولي. جهڙو اردوءَ واري چيو آهي:

اردو:    مادر پدر برادر فرزند يار و زن،

        سڀ سک ڪي هين سنگاتي ٽڪ سمجهه وي سجن.

ترجمون:        ماءُ پيءُ ڀاءُ پٽ يار ۽ جوءِ،

        مڙئي سک جا ساٿي آهن ڙي يار ڪي سمجهه.

 

316 –        سڄڻ سڄي ٻانهن ڏئي ته سڄي نه ڳيهجي.

 

        هن پهاڪي جي سڄي عبارت گهڻو ڪري اصطلاحي اشارا آهن؛ ڇاکان جو نڪو ٻانهن ڪنهن جي وات ۾ ڏئي، نڪو ٻانهن ڪنهن جي ڳيهي. مگر مطلب هي آهي جو ڪو شخص ڀروسو رکي ڪا وٿ يا ڪو ڪم سپاري، ته ان ۾ خيانت يا ڪپت، يا ويساهه گهاتي نه ڪجي، نه ته اڳني ويساهه ڪونه ڪندو.

 

317 –        سچ مرچان، ڪوڙ ڳڙ، پير پيسا، جوءِ گُر ُ.

 

        هن پهاڪي مان ٻيو نرالو مطلب ڪونه ٿو نڪري، رڳو بيدينن ۽ بخيلن ۽ گانڊن جي گلا ۾ آيو آهي، جن کي سچ مرچن وانگي ڪڙو لڳي ۽ ڪوڙ ڳڙ گهاءِ مٺو، ناڻي ۽ جوءِ کي مرشد ڪري پوڄن.

 

318 –        سياري ۾ سي ئي چڱا جن گهڻي باهه، اونهاري ۾ به

سيئي چڱا جن گهڻي ڇاهه.

        هن پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو جنهن جي گهر سياري ۾ باهه گهڻي ۽ اونهاري ۾ ڇاهه يعني جهڻ گهڻي هوندي، سي سکي رهندا؛ پر سک سڀ دولت جو کيل آهي. تنهن جو بيان ۽ هن پهاڪي جو جواب نمبر

319 واري پهاڪي ۾ هلندو.

 

319 –        سياري به سي ئي چڱا جن کي آهه،

 

اونهاري به سي ئي چڱا جن کي ڪي آهه.

        ڪي آهه يعني ڪي دولت آهي، هن پهاڪي وارو نمبر 318 وارن پهاڪي کي جواب ڏئي ٿو؛ ۽ چوي ٿو جو جنهن کي دولت آهي سو اونهاري توڙي سياري ۾ سکي رهندو. ڇاکان جو باهه توڙي جهڻ ته ٿوري ملهه واريون شيون آهن، پر دولت واري کي سڀ نعمتون سڻوليون آهن. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: بگرما و به سرما در بهار است،
کسي کش دولت و اقبال يار ست.

 

ترجمون:        اُونهاري سياري اُن لاءِ بهار آهي،
جنهن کي دولت ۽ ڀاڳ همراهه آهي.

 

 

320 –        سڳا سي ئي سيڻ، جنين پکا اوڏڙا.

 

        سيڻ يعني مائٽ، پکا ويجهڙا يعني پاڙوسي، پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، ته جو پاڙوسي سو وڏو مائٽ؛ مطلب جو مائٽ اُهو جو دوست. جهڙو فارسي پهاڪو آهي:

فارسي:         برادر همان باشد که يار باشد.

ترجمون:                ڀاءُ اهو آهي جو دوست هجي.

 

321 –        سلو سو، جو انگورين ڀلو.

 

        مطلب ته جو ماڻهو ننڍپڻ ۾ لڇڻن وارو هوندو، سو وڏ پڻ ۾ پڻ سڌرندو. تنهن تي فارسيءَ واري به چيو آهي:

فارسي: هرکه در خورديش ادب نکند،
در بزرگي فلاح زو بر خواست؛
چوب تر را چنانکه خواهي پيچ،
نشود خشک جز به آتش راست.

 

ترجمون:        جيڪو ننڍپڻ ۾ ادب نه ڪندو،
وڏپڻ ۾ ڀلائي وٽانس اُٿي ويندي؛
آلي ڪاٺي جئن وڻيئي تئن موڙ،
سڪي باهه ڌاران سنئين نه ٿئي.

 

 

322 –        سوڙهي سياندري وهنوار نه ڪجي.

 

        سوڙهو سياندرو، اکرن جي معنيٰ ويجهي حد، مگر اصطلاحي معنيٰ مائٽي يا دوستي. پهاڪي وارو مائٽيءَ ۽ دوستيءَ ۾ واپار ڪرڻ کان جهلي ٿو، سو سچ آهي؛ جو واپار جي ڪم ۾ هڪڙي نه ٻئي وقت ڇڪتاڻ هلندي، جنهن ۾ واجبي حق سڀڪنهن کي ڇڪڻو پوي. پوءِ هڪڙي ڌر سانگو ڪري اُهو حق ڇڏيندي، ته حق ٻڏندس؛ تنهن تي هڪڙو ڏٺل قصو ياد آيو اٿم، جو هيٺ لکي ڏيکاريان ٿو:

        هلال ۽ بدر جي پاڻ ۾ ويجها ۽ نازڪ مائٽ آهن، تن ٻنهين پاڻ ۾ اڌواڌ ڀائيوار ٿي پندرهه سئو (1500) رپيا خرچ ڪري هڪڙي ڏهاڙي کٽندڙ ڳڌي؛ هن انجام تي ته جيڪي منجهانس پيدا ٿيندو، سو اڌ ڪري ورهائيندا رهندا. اها شي بدر جي هٿ ۾ رهندي هئي، مگر جيڪي پيدا ٿيندو هو، سو بدر سال بسال يا مهيني سر مهيني گهر ويٺي هلال کي پهچائيندو هو. ان طرح چار پنج ورهيه سندن وهنوار هليو. ايتري ۾ هلال کي هڪڙي ٻه اهڙي حرڪت معلوم ٿي، جنهن ۾ سئو (100) ڏيڍ سئو (150) روپين پنهنجو نقصان ڄاتائين. تڏهن لاچار ٿي ڀائيواري نبيرڻ لاءِ رٿ ڪيائين، ۽ ڀانيائين جو شاهوڪارن جي دستور وانگي کري کاتي ڀائيواري نبيريان. پر بدر کي ان طرح نبيرڻ نه وڻيو، ۽ ڀانيائين جو هلال کي دربدر رلائي رقم سموري ڳيهي وڃان. ان باب ۾ جيڪي هلال سان ڀَتَ رڌائين، ۽ هلال سان ڳالهايائين، جي اهي سڀ لکان، ته جيڪر هڪڙو نرالو ڪتاب ٿئي. پر نيٺ هلال ويچاري کي پنهنجي لڄ لڪائڻ پيئي. تنهن اڳوڻي نقصان کي وساريو، ۽ هن مهل پڻ قريب ٻن سون روپين جي ڏٺي وائٺي ڪس کائي ڀائيواري نبيريائين. اهو تماشو ڏسي آءٌ پڻ چوان ٿو جو پهاڪي واري سچ چيو آهي:

 

323 –        سڙئي گهوڙي ۽ پٽيل ماڻهوءَ مان ڪين ٿئي.

 

        جنهن گهوڙي کي مڇر کائن ۽ ان زهر کان سڙي، ننهن کي سڙيو گهوڙو چئجي، سو دوائن سان پڻ سڌري ڪين. پهاڪي وارو پٽيل ماڻهوءَ کي پڻ اهڙو ڄاڻي ٿو. تنهن ۾ ڪو ڦير ڪونه آهي؛ ڇاکان ته جو ماڻهو ڪنهن جي دل ڏکوئيندو، ته ڏکويل جي دل مان پٽ نڪرندي، سا جائي اثر ڪندي.

فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: چه نيکي طمع دارد آن بيوفا؟
که باشد دعائي بدش از قفا.

 

ترجمون:        ڀلائيءَ جي لالچ اهو ڪلال ڪئن رکي؟
جنهن جي پٺيان پاراتا هوندا.

 

 

324 –        سئو ڪري سينگار، ته به کودڙيءَ پُٽ کودڙو.

 

        اکرن جي معنيٰ سولي آهي، جا سڀڪو ڄاڻي ٿو. مطلب هي آهي، جو ڪميڻو ماڻهو چڱي پوشاڪ ڪئي اشراف ڪين ٿي سگهندو. بلڪ منهنجو چوڻ هي آهي جو اُن پوشاڪ کي خوار ڪندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: نا سزائي که خرقه در بر کرد،
جامئه کعبه را جُلِ خر کرد.

 

ترجمون:        نالائق جنهن گودڙي پهري،
تنهن ڪعبي جي ڪپڙي کي گڏهه جي جُهل ڪيو.

 

325 –        سهڻا ٽوهه به پَٽَن ۾ آهن.

 

        ٽوهه هڪڙو جهنگلي ول جو ڦر آهي، جو ڏسڻ ۾ گدري کان پڻ سهڻو، ۽ کائڻ ۾ ايرئي کان به ڪوڙو. پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو شڪل جو سهڻو ماڻهو ڏسي نه ڄاڻجي ته هروڀرو سياڻو، يا اشراف، يا چڱو مڙس هوندو؛ جو متان ٽوهه وانگي اندر ٻاهرو هئي. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: نه هر که به صورت نيکواس سيرت زيباور درواست؛
کار بمغز اندرون است نه به پوست بيرون.

 

ترجمون:        نه سڀڪنهن سهڻي ۾ موچارا لڇڻ آهن،
ڪم اندرئين مغز سان آهي، نه ٻاهرينءَ کل سان.

 

        درويش هن پهاڪي لاءِ هي چون، ته جو ماڻهو ويس فاقيرو ڪري، ۽ اندر ۾ دنيا جا ڌنڌا ۽ ڪپت سانڍيو وتي، سو ٽوهه جهڙو آهي، ۽ اهڙي کي پرلوڪ ۾ ڏاڍا ڏک ملندا. جهڙو گورو نانڪ شاهه جو وچن آهي:

وچن:   بيک دکاوي جڳت ڪُون؛ لوڪن ڪُون وس ڪين،
انت ڪال ڪاتي ڪٽي باس نرڪ ۾ لين.

 

ارٿ:   جهان کي ويس ڏيکاري، ماڻهن کي مڃائي،
مرڻ مهل ڪاتيءَ سان وڍدجي نرگ ۾ پوي.

 

326 –        سڀڪا ٻڪري پنهنجي پائي ٽنگجي.

 

        ڪاسائيءَ ٻڪريءَ کي ڪُهي کل لاهڻ لاءِ پير کان وٺي ٽنگي. پر هڪڙيءَ جي کل لاهڻ لاءِ ٻيءَ کي ڪونه ٽنگي. تنهن وانگي ڏوهه جي ثواب، ته جيڪو ڪندو سوئي  لوڙيندو. جهڙو هنديءَ وارو چوندو آهي:

هندي: اِهُ ڪَرُ ڪري سو اِهُ ڪَرُ پاوي هاٿون هاٿ نبيرا،

ترجمون: هي هٿ ڪري سو هي هٿ لوڙهي هٿون هٿ فيصلو.

 

327 –        سڃا عاشق ڀيٽو دي آچار.

        ڀيٽو يعني ڪڃريءَ جو پانڊي، دولت بنا عاشق ٿيڻ اهڙو آهي، جهڙو پانڊي يا ڀاڙي؛ پر مطلب هي آهي جو دولت ڌاران ڪو ڪم پورو نه ٿيندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: مرغ بي پر، درخت بي بر،
خانه بي در، عاشق بي زر.

 

ترجمون:        کنڀن بنا پکي، ڦر بنا وڻ،
در بنا گهر، دولت بنا عاشق.

 

328 –        ستي لڪڙن کان موٽي، ته ڪتن هاب ٿئي.

 

        هندستان ۾ ڪي زالون مڙس جي مرڻ مهل پاڻ جيئرو مڙس جي ميٿ سان گڏ ساڙينديون هيون، تن کي ستي چوندا ها؛ ڪتن هاب يا ڪتن جو کاڄ هي اصطلاح آهي، جنهن جو مطلب آهي گلاور، يا بدنام؛ تنهن وانگي هڪڙو سورهه دم هڻي جنگ ڏي هلي، ۽ اڳيان ترارن جو تاءُ ڏسي ڀڄي ته اُن ستيءَ وارو لقب مليس. اهڙي لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: يکي را چو بيني تو در جنگ پشت،
بِکُش گر عدو در مصافش نکشت.

 

ترجمون:        جڏهن هڪڙي کي ويڙهه ۾ پٺيرو ڏسين،
ڪُههُ، جيڪڏهن ويريءَ ويڙه ۾ نه ڪٺس.

 

 

 329 –       سَٻَر سان سينءَ، ڪبي ڪئن،

        چوندو جئن، ٿيندي تئن.

        سٻر، ڏاڍو ماڻهو، سينءَ يعني دنگ، پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو هڪڙي هيڻي ۽ ڏاڍي جي وچان دنگ جو رڳڙو هوندو، تنهن جو نبيرو هروڀرو ڏاڍي جي چوڻ تي ٿيندو؛ تنهنڪري گهرجي، جو پاڻان ڏاڍي جو چوڻ مڃيندو رهجي، نه ته پاڻ لاءِ ڇيئو وهائڻو آهي. تنهن تي فارسي بيت آيو آهي:

فارسي: خلاف راءِ سلطان راءِ جُستن،
بخون خويش باشد دست شستن.

 

ترجمون:        بادشاهه جي صلاح کان ابتڙ صلاح ڳولڻ،
پنهنجي رت سان هٿ ڌوئڻو آهي.

 

330 –        سي اڍائي، سي ساڍا ٻه.

        ساڍن ٻن ۽ اڍائن ۾ ايترو ڦير آهي، جيترو 315 واري پهاڪي ۾ بيان ٿيو آهي؛ ۽ هن پهاڪي جو مطلب پڻ ڏڏن جي بي سمجهي ڏيکارڻ جو آهي. سياڻي کي گهرجي، جو اهڙي ڏڏ جي صحبت کان پاسي رهي، ۽ نه سمجهي ته ڪو کانئس سکندو، پر شال هي سندس سنگت مان کري نه. تنهن تي هڪڙو فارسي مثل آيو آهي:

فارسي: خري را ابلهي تعليم مبکرد،
بر اوبر صرف کردي عمر دائم؛
حکيمي گفت اي نادان چه کوشي؟
درين سودا بترس از لوم لائم.
نيا موزد بهائيم از تو گفتار،
تو خاموشي بيا موز از بهائم.

 

ترجمون:        هڪڙي اياڻي هڪڙي گڏهه کي ٿي سيکاريو.
سدائين ان تي ڄمار ٿي وڃايائين؛
سياڻي هڪڙي چيس ڙي ڏڏ ڇو ٿو سعيو ڪرين؟
هن سوداءَ ۾ مٿي هڻن کان ڊڄ.
مرون توکان ڳالهائڻ نه سکندو؛
تون مرونءَ کان مٺ سک.

 

331 –        سوناري جو سئو ڌڪن، لوهر جو هڪڙو ڌڪ.

 

        جو ڪم سوناري جي سئو ڌڪ هڻڻ سان ٿئي، اُهو ڪم لوهر هڪڙي ڌڪ سان ڪري سگهي. تنهن وانگي ڏڏ ماڻهو جيڪو گهڻي ڏاکڙي سان مس ڪري، سياڻو اهو ڪم اشاري سان اڪلائي.

 

332 –        سياڻي اڳيان رئڻ، اکين جو زيان.

 

        يعني سياڻو ماڻهو رڳو ڳالهه ڪرڻ مان حال سمجهي، تنهن جي اڳيان روئي حال ڳڙهڻ اجايو آهي. تنهن لاءِ هڪڙو مثل آيو آهي:

        هڪڙيءَ زال جي وڏور ڌيءَ ڪنواري هئي؛ تنهن جي پرڻائڻ لاءِ مڙس کي سعيو ڪيائين ۽ ڌيءَ کي چيائين جو اُٿي بيهه ته پباءِ ڏسي. تنهن چيو جو ابو سياڻو آهي، ويٺي به ڏسي ٿو جو وڏي آهيان. مطلب جڏهن پهاڪي وارو سياڻي ماڻهوءَ کي ايترو ساراهي ٿو. تڏهين ڌڻي، جو سڀ ڳالهه جو ڄاڻندڙ ۽ وائسندڙ آهي، سو انسان جو حال ري چئي نه ڄاڻندو ڇا؟ تنهن تي گرو نانڪ شاهه جو وچن آهي:

وچن:           انتر جامي پورک سوامي اڻ بولت هي جانت حال.

ارٿ:           ڳجهه ڄاڻندڙ سائين ري چيو حال ڄاڻي.

 

333 –        سُتي شينهن کي آڱر نه ڏجي.

 

        ڪاٿي شينهن ستو پيو هئي، اتاهون هوري هوري لنگهي وڃبو ته شينهن ڪين چوندو؛ پر جيڪڏهن آڱر ڏبيس يعني چُرَ ڪبيس، ته جائي وڙهندو. تهڙيءَ طرح وساڻل جهيڙي کي پڻ ستل شينهن ڄاڻي ڳرهانس پاسو ڪجي ۽ جي چوريس ته منجهانس جيڪا سا ڏاٻوڇي ٿيندي.

 

334 –        سڀڪو پنهنجي هٽيءَ جو هو ڪو ڏئي.

 

        هوڪو، سڏ جهُڙو ڪُهَرَن جي وڪڻڻ وارو جهولي کڻي هوڪو ڏيئي چوي، ”ڪُهَرَ ڪوسا“. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي جو لوڻ وڪڻڻ وارو لوڻ جو هوڪو ڏيندو، ۽ کنڊ وڪڻڻ وارو کنڊ جو؛ تنهن وانگي اشراف کان اشرافت جو ڪم  ٿيندو. ۽ لچ کان لچائيءَ جو. تنهن تي هڪڙو مثل آيو آهي:

        هڪڙو اشراف ماڻهو پتڻ لنگهڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو، اوچتو هڪڙو مسخرو اُن ٻيڙيءَ ۾ ويٺل هو، تنهن هن اشراف سان گهڻيون چٿرون ڪيون، پر اشراف ڪين ڪڇو؛ اُٽلو لهڻ مهل ڳراٽڙي پائي موڪلايائينس. تنهن کي ڏسي ٻين چيو، جو اهڙي لچ سان اهڙي خوشامد ڇا ٿي ٺهي. تن کي چيائين ته هن پنهنجو لائق ڪيو، مون پنهنجو لائق سڃاتو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:         هر کسي آن کند کن لائق اوست.

ترجمون:                سڀڪو پنهنجي لائق جهڙو ڪري.

 

335 –        سڪو ڪاٺ ٻه پاسا ڀڃي.

 

        سڪي ڪاٺ تي ساڄي پاسي ڀر سمهبو ته ساڄو ڀڄندو، جي کٻي ڀر سمهبو ته کٻو؛ تنهن وانگي بخيل ۽ بي ڌرم ماڻهوءَ جي صحبت مان لوڪ پرلوڪ جو جوکو آهي، تنهنڪري سياڻي کي اهڙيءَ صحبت کان پاسي رهڻ گهرجي. فارسيءَ وارو پڻ چوي ٿو:

 

فارسي: آنکه که از او نفع نه دنيا و نه دين است،
بگريز ازو گرچه شهي روءِ زمين است.

 

ترجمون:        جنهن ماڻهوءَ مان نه دنيا جو نه دين جو فائدو آهي،
جي سڄيءَ دنيا جو راجا آهي، ته به کانئس ڀڄ.

 

336 –        ست ڪئا کائي، ٻلي حج چڙهي.

 

        هن پهاڪي واري ٻليءَ جي حج وڃڻ جي ڳالهه آندي آهي سو رڳو مثل آهي؛ نا ته ڪاڏي ٻلي ڪاڏي حج وڃڻ، مگر مطلب هي آهي ته جي ماڻهو اندر ۾ پاپ رکي ٻاهران ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ڊگهي عبادت ڪن، تن کي ٽوڪجي ٿو. پر اهڙي عبادت مورڳو گناهه آهي. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:

 

فارسي: کليد در دوزخ است آن نماز،
که در روءِ مردم گذاري دراز.

 

ترجمون:        اها نماز دوزخ جي در جي ڪنجي آهي،
جا ماڻهن جي ڏيکارڻ لاءِ ڊگهي پڙهين.

 

ش

 

337 –        شڪر ڪر صحيح، ته توئي سان تُوه ٿئي.

 

        توه يعني مهرباني؛ پهاڪي جو چوڻ وارو ڌڻيءَ جو ويساسي ٻانهو ڏسجي ٿو، جو ڌڻيءَ جي شڪرانه ڪرڻ جي ساک ٿو ڪري. اها ڳالهه سچ آهي. جو شڪرانه ڪرڻ واري تي ڌڻي گهڻي مهرباني ڪري بخششون ڪندو آهي. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي:        ترا مال و نعمت فزايد ز شکر،
ترا فتح از در در آيد ز شکر.

 

ترجمون:        شڪر ڪرڻ مان تنهنجي دولت ۽ مال وڌي؛
شڪر ڪرڻ کان تنهنجي سوڀ ٿئي.

 

338 –        شينهن اڳيان لڪڙي اڇلڻ سولي،

        پر وري کڻڻ اولي آهي.

        جيڪڏهن ڪو شخص شينهن جي اڳيان ڪاٺي اُڇلي، ته اُڇلي سگهي؛ پر وري اها ڪاٺي کڻڻ ڪم گهري؟ تنهن وانگي پاڻان ڏاڍي اڳيان ڳالهه ڪرڻ سٿري آهي، پر جيڪڏهن پوري نه هئي ته سندس پورائو اهنجو آهي. تنهنڪري گهرجي جو ڏاڍي اڳيان ڳالهه ڪجي، ته اڳ پوءِ ڳڻي ڪجي، نه ته ماٺ ڀلي. فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:

فارسي: ندارد کسي با تو نا گفته کار.
و ليکن چو گفتي دليلش بيار.

 

ترجمون:        جاسين نه ڳالهايو اٿي، تاسين ڪنهن جو توسان ڪم نه آهي،

پر جڏهن ڳالهايئي تڏهن پورائو آڻ.

 

339 –        شينهن نه ڏيکيا ته ڏيک ٻلاڙا،

        چور نه ڏيکيا ته ڏيک سونارا.

        هن پهاڪي مان ٻيو ڌار مطلب ڪونه نڪري ٿو، مگر جهڙوڪي ٻلي ۾ گهڻا آريکڻ شينهن جا آهن، تهڙو سونارو پڻ چوريءَ يعني سون رپي ۾ مٺ گڏڻ لاءِ پڌرو آهي. سياڻا چوندا آهن، جو سونارو ماءُ ڀيڻ جي مڻئي مان به نه گسي، هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:

        ناري جو مختيارڪار هوس، تن ڏهاڙن ۾ راڻاهوءَ مڪان ۾ بيکي نالي سوناري کي عينڪ جي ڇلي جوڙڻ لاءِ ٿوري چاندي ڏنيم. چيومانس جو منجهس مٺ نه گڏج، ته ان جي بدران مزوري واڌو ڏيندوسانءِ. تڏهن کلي چيائين، جو ڏهوڻو پورهيو ڏيندين، ته به مائٽن جي پَر ڪين ڇڏينديس، ڇاکان جو جاسين اُهو ڪم نه ڪريون، تاسين برڪت نه پوي. هاڻي ويچار کپي ته جڏهن سونارن کي اها پڪ آهي، تڏهن پهاڪي واري جي خيال ۾ ڪهڙو ڦير آهي؟

 

ص

 

340 –        صبر جنين سينڱ، تير نه گسي تن جو.

 

        هن پهاڪي واري صبر کي ساراهيو آهي، يعني جو صبر ڪندو سو مطلب کي پهچندو. فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي:        به صبري تَواني رسيدن به کام؛
به آهستگي صيَد آيد بدام.

 

ترجمون:        صبر سان مراد کي پهچي سگهندين،
صبر سان شڪار ڦاهيءَ ۾ اچي.

 

اهڙي ڳالهه هيٺ نمبر 341 واري پهاڪي ۾ پڻ هلندي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org