سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گل شڪر

باب: -

صفحو :2

نقل

 

هڪڙي ماريءَ جهرڪي ڦاسائي ان کي ڪُهڻ جو ارادو ڪيو، جهرڪيءَ چيس ته مون مان اڌ دڪو گوشت نڪرندو، تنهن مان ڪهڙو ڍَو ٿيندءِ؟ آءٌ توکي ٽي نصيحتون چونديس، پر هڪڙي تنهنجي هٿ ۾ چونديس، ٻي جڏهن ڇڏيندين تڏهن وڻ تي ويهي چونديسانءِ، ۽ ٽين وڻ تان اڏامڻ مهل. ماريءَ اها ڳالهه مڃي. جهرڪيءَ چيس: جو جيڪا ڳالهه ٻُڌِ ۽ عقل جي قياس کان ٻاهر هئي ته نه وِسهِج. تڏهن ماريءَ ڇڏي ڏنس. جهرڪيءَ وڻ تي ويهي چيس ته جو ڪم هٿان نڪري وڃي، آءٌ وري هٿ اچڻ جو نه هجي ته ان لاءِ ارمان نه کائج؛ ايترو چئي جهرڪي روئڻ لڳي. آءٌ ماريءَ جي حال تي ارمان کائي چيائين ته منهنجي پيٽ ۾ ٻه دڪا تور هيرو آهي؛ جيڪڏهن هٿ اچيئي ها ته ڄمار لاءِ ڍَو هجي ئي ها. اها ڳالهه ٻڌي ماريءَ هٿ مهٽي ارمان کاڌو. تڏهن پکي اڏاڻو. تنهن کان باقي ٽين نصيحت پڇيائين، تنهن چيو جو ٻن ڳالهين توکي اثر ڪونه ڪيو، هن ريت جو اڌ دڪي تور پکيءَ جي پيٽ ۾ ٻن دڪن تور وارو هيرو ڪٿان ماپندو؟ تنهن تي وسيھ ڪيءَ، پر جي هجا ها ته به اڏاڻي کان پوءِ وري هٿ اچڻ جو نه هوس، تنهن لاءِ ارمان کاڌُءِ: تنهن ڪري تو جهڙي ماڻهوءَ کي باقي نصيحت چوڻ ڪار نه آهي.

57 – انبن جون سڪون به ڪي انبڙين مان لهن.

        انب هڪڙو پڪو ميوو آهي؛ تنهن جو سواد انبڙيءَ مان ڇا ايندو، جا کٽي ۽ ڪچي؟ جهڙوڪي ڪڻڪ سڀ ڪڻڪ؛ پر جو سواد حلوي مان اچي سو سَتن ۾ ڪٿي اچي؟ تنهن وانگي جنهن کي ڌڻيءَ جي عبادت مان چش آئي هوندي، تنهن کي دنيا جا ڌنڌا ڇا وڻندا؟

58 – اُٺ چڙهيءَ به ڪڏهن نانگ کائي.

        جو ماڻهو اُٺ تي چڙهيل هوندو تنهن کي ڪٿان نانگ ڏنگيندو؟ تنهن وانگي جو ماڻهو ٻيا سڀ آسرا ڇڏي ڌڻيءَ جي آسري رهندو، تنهن کي دنيا جي ڌنڌن جو ڪهڙو ڊپ جهڙو سڌني ڀڳت جو وچن آهي:

 

وچن:           شنگهه سرن ڪَتِ جائيئي جو جنپڪ گِراسي؟

ارٿ:           شينهن جي شام ڇو وڃجي جاتي گدڙ کائي؟

 

59 – آپ سکي ته جڳ سکي.

        جو ماڻهو پاڻ سکي آهي تنهن جي ليکي سارو جهان سکي آهي. اهڙي وارداني نمبر 218 واري پهاڪي ۾ گهڻي وچور سان آئي آهي.

 

60 – اگهه آءٌ ڳڀ جي سڌ الله کي.

        ڳڀ يعني پيٽ وارو ٻار، معنيٰ هيءَ آهي جو جنس جو اگهه سانگو ٿيندو يا مهانگو ۽ پيٽ وارو ٻار پٽ ڄمندو يا ڌيءَ، سا خدا کي ڪلّ. پر ان ڳالهه ۾ منهنجو چوڻ هي آهي، جو سڀ ڪم جو هاڻي کان پوءِ ٿيندو، تنهن جي سڌ ڌڻيءَ بنا ڪنهن کي ناهي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:                ڪسِ را وقوف نيست ڪ انجام ڪار چيست.

ترجمون:                ڪنهن کي خبر نه آهي ته اوڙڪ ڪم جو ڇا آهي.

 

61 –  انڌو ۽ اڻ سونهون هڪجهڙا.

        هن پهاڪي جي مطلب ۾ ذرو به ڦير نه آهي؛ ڇا کان جو هن انسان جي اندر ۾ ذات پاڪ جو نور آهي. پر جڏهن اڻ سونهپ کان اُن کي نٿو ڄاڻي. تڏهن انڌو ڄاڻبس يا نه؟ تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي.

فارسي: آنچه ما ڪرديم با خود هيچ نابينا نڪرد،
 درميان خانه گم ڪرديم صاحب خانه را.

 

ترجمون:   جيڪي اسان پاڻ سان ڪيو، سو ڪنهن انڌي به نه ڪيو،
گهر جي اندر گهر ڌڻي کي وڃايوسون.

 

 

62 – اُٺ ٻڍو ته به ٻه ڪنواٺ لهي.

        ڪنواٽ يعني اُٺ ننڍو، نئون سکيل. يعني جيئن پڪو اُٺ بار کڻڻ ۾ ڪنواٽ کان واڌو آهي، تيئن پوڙهو ماڻهو سياڻو پڻ رِٿ پنهنجي ڪم ۾ جوان نئي سکيل کان وڌ ڄاڻبو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي:                آنچه در آئينھ بيند جوان، پير اندر خشت بيند پيش زان.

ترجمون:                جيڪي جواڻ آرسيءَ ۾ ڏسي،

                سو پوڙهو تنهن کان اڳي سر ۾ ڏسي.

 

63 – اڃان مينهون جهنگ ۾ ڌوئي ڌريائون رڇ.

        رڇ يعني باسڻ: جڏهن مينهون جهنگ مان چري اچن، تڏهن سڀڪو باسڻ ڌوئي کير ڏهي. آءٌ اڳواٽ باسڻ ڌوئڻ اڳ ڪٿيو ڪم ڪرڻ آهي، سا ڳالهه سياڻن کي نه وڻي. تنهن لاءِ نمبر 396 واري پهاڪي ۾ گهڻو ذڪر هليو آهي سو ڏسڻ گُهرجي.

 

ب

64 – بادشاهين پوندي معاملي ڄٽي ڪير ويچاري؟

        هن پهاڪي جو مطلب هي آهي جو دنيا ۾ ڏک توڙي سک اهنجي توڙي سهنجي سڀڪنهن تي هڪجهڙي بيٺي آهي. جهڙي راجا تي تهڙي پينار تي. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

هندي:         ڪيا رنڪ، ڪيا ڀُوپُ، دک سک سنگ سدا رهي،
گهر اُجاڙ جيون ڪوپ رهي؛ دوهون گهٽ جيوڙي.

 

ترجمون:        ڇا راجا، ڇا غريب، ڏک سک سدا ساڻ رهيس؛
گهر ۾ کوه هئي، يا سڃ ۾، ته دلي جي ڳچيءَ ۾ نوڙي.

 

 

65 – بکئي کي بصر سان روٽي رکيائي،

        سيري کان سواد ۾ ڏيڍي سوائي.

        ڍائي ماڻهوءَ کي پلاءُ به اهڙو سواد نه ڏئي، جهڙي بکئي کي رُکي روٽي سواد  ڏئي. تنهن تي هڪڙو مثل آهي:

        هڪڙي درويش جي ڀنڊار ۾ روٽيون پڪيون؛ پر ڌڻيءَ جي حڪم سان تيوڻ ڪونه هو، درويش جي هڪڙي ٻالڪي رُکي روٽي کائڻ جي نه ڪئي، درويش جي چوڻ سان اُن جي روٽي لڪائي رکيائون. ڳچ کان پوءِ ٻالڪي کي بک لڳي، تڏهن ڦڪو ٿي اُها رُکي روٽي ڳولي لهي، مٺي ڪري کاڌائين؛ تڏهن درويش کلي، هي فارسي سٽ پڙهي:

 

فارسي:                ڪوفته را  نان تهي ڪوفتھ.

ترجمون:                ٿڪي کي رکي روٽي ڪوفتو آهي.

 

66 -   بندي جي من ۾ هڪڙي، صاحب جي من ۾ ٻي.

        هي بندو گهڻو چاهي جو فلاڻو ڪم ڪريان، يا فلاڻي شي هٿ لڳيم؛ پر جيسين ڌڻيءَ کي نه وڻي، تيسين ڇا ڪري سگهندو؟ جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

هندي: همري من ڪڇ اور هئي، ڪرتا ڪي ڪِڇُ اور،
همري ٺاٽي ٺٽ رهي، پرڀ ڪي ٺاٽي ٺور.

 

ترجمون:        منهنجي دل ۾ ڪا ٻي، ڌڻيءَ جي دل ۾ ڪا ٻي؛
منهنجي رٿي بيجاءِ ٿي، ڌڻيءَ جي رٿي بجاءِ،

 

 

67 – بي عقل جي بلا دور.

        دين جي ڪم ۾ هن پهاڪي جي ڪم آڻڻ جي گهرج نه آهي، مگر دنيا جي ڪم ۾ آهي. جيڪڏهن چئجي جو ننڍي ٻار وانگي بي عقل ٿي رهه، ته مائٽن جي نظر سان تنهنجي بلا ڀڄي، ته به هڪڙي ڳالهه. جهڙو فارسيءَ وارو چوي:

فارسي:        هر چند عقل بيش، غم روز گار بيش،
ديوانه باش، تا غم تو ديگران خورند.

 

ترجمون:        جيترو عقل گهڻو، اوترو زماني جي ڳڻتي گهڻي،
چريو ٿي ته تنهنجي ڳڻتي ٻيا کائين.

 

        پر ان پهاڪي لاءِ منهنجو مت هي آهي، جو بي عقل کان بلا دور يعني بي عقل جي سنگت کان ٻيو ته سڀڪو ڀڄي، پر بلا به. تنهن لاءِ فارسي بيت آيو آهي:

بيت:   ترا ازدها گر بود يار غار، زان بھ ڪ جاهل بود غمگسار.

ترجمون:        توکي جيڪڏهن اروڙ هئي سڄڻ ڳُوڙهي،
تنهن کان چڱو جو جاهل هئي ڏک اوريندڙ.

 

 

68 –  بي عقل دوست کان داناءُ دشمن چڱو.

        هن پهاڪي وارو بي عقل جي سنگت کان ڀڄڻ جو ڏاڍو تاڪيد ٿو ڪري؛ ڇا کان جو بي عقل جي صحبت مان ساهه جو ڊپ آهي. ان تي هڪڙو مثل ياد آيو اٿم:

        هڪڙي شخص جو باندر هڪڙي تي ويسھ ٻڌل هو، تنهن کي ڏهاڙي رات جو پنهنجي کٽ جو جاڳو وهاريندو هو. هڪڙي ڏهاڙي هو ننڊ ۾ هو، ۽ باندر ترار اگهاڙي ڪري مٿس واهي بيٺو هو. اوچتو چور هڪڙو چوريءَ لاءِ آيو، جنهن کي باندر ڪين ڏٺو. ان مهل ڪِرڙي هڪڙي گهر ڌڻيءَ جي بت تي چڙهي، باندر ترار سنباهي ته هڻي ڪِرڙي کي ماري. اهو حال ڏسي چور سمجهيو جو ترار سان ڪِرڙي ته مرندي، پر گهر ڌڻي به ساڻس. تڏهن ڊوڙي باندر کي هٿ کان جهليائين؛ تنهن بکيڙي تي گهر ڌڻي جاڳيو ۽ چور جي واتان سڄو حال ٻڌي، چوڻ لڳو جو فارسيءَ واري سچ چيو آهي:

 

فارسي:        اگر خصم جان تو عاقل بود،
 بھ از دوستداري ڪ جاهل بود.

 

ترجمون:        جيڪڏهن سياڻو تنهجي ساهه جو ويري هئي،
ته به هو ان سڄڻ کان چڱو جو جاهل هجي.

 

 

69 – باسڻ هڪڙو کڻي، ٺڪر گهڻن کي ڏئي.

        ٺڪر ڏيڻ يعني گلارو ڪرڻ، هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو گهڻن ماڻهن سنگتِين مان هڪڙو ڪنهن باسڻ جي چوري ڪري، ته جيڪر گمان سڀني ۾ پوي؛ يعني هڪڙو لوٺيو ماڻهو گهڻن اشرافن جي سنگت ۾ هوندو ته سڄيءَ کي گلارو ڪندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: شنيد ستي ڪ گاوي در علف زار،
بيالايد همھ گاوان دهه را.

 

ترجمون:        ٻڌو اٿي ته ڏاندن مان هڪڙو ويءَ ۾ پوي،
ته جهلائي سڀن ڏاندن ڳوٺ جي کي.

 

70 – بک وچان اُگهڙ ياد نه آهي.

        ڪمائيءَ واري ماڻهوءَ کي سڀ کان اڳي پيٽ پاڙڻ کپي، تنهن کانپوءِ انگ ڍڪڻ. ٻيا سڀ ڪم ان کان پوءِ؛ جڏهين ڪنهن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ پورت نه هوندي، تڏهن اگهڙ يعني انگ ڍڪڻ ڪٿان ياد پوندس؟ مطلب هي آهي، جو اڻ هوندي واري ماڻهوءَ کي ڪو سک نه ملندو. فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: فراغت به فاقھ نه پيوندد،
جمعيت در تندگستي صورت نه بندد.

 

ترجمون:        بک ساڻ واندڪائيءَ جو لاڳاپو نه آهي؛
اڻ هوند ۾ جمعيت حاصل نه ٿئي.
اهڙو ذڪر نمبر 126 واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

 

 

71 – بک بڇڙو ٽول، دانا ديوانا ڪري.

        ڌڻي شال پيٽ جي بک ڪنهن کي نه ڏئي! بک سڀ کان بڇڙي ڏُوار آهي، جهڙو ڪنهن کي مرض غالب پوي ته حواس باختا ٿي وڃن، تنهن وانگي جنهن کي بک زور پوي، تنهن جو عقل هارجي رهي. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:         پراگنده روزي پراگنده دل.

ترجمون:                جنهن جو رزق پريشان تنهن جي دل پريشان.

 

72 – بڇڙو ڪتو ڌڻي پڻائي.

        ڌڻي پُڻائي يعني ڌڻيءَ کي گاريون ڏياري. ڪنهن مهل ڪُتا ماڻهن کي ڏاڙهن، ته اُو ماڻهو ان جي ڌڻين کي گاريون ڏين. تنهن وانگي جو ماڻهو بڇڙي چال هلندو ته پنهنجي مائٽن کي پڻ گلا ڏياريندو.

ٻ

 

73 – ٻلي کائيندي ڪين ساري، هنگندي ساري.

        ڪنهن مهل ٻلي گهڻو يا ڏاڍو کاڄ کائي وڃي؛ پر جڏهن اهو کاڄ پيٽ ۾ وڪڙ وجهيس، تڏهن ڏکي ٿئي. تنهن وانگي هڪڙا ماڻهو ڪنهن مهل ڪنهن جي وهانو وڌاڻي تي کائڻ وڃن، ته اڳلي جي حال ڏي ڏسي قناعت ته نه ڪن، پر مورڳو هٻڇ ڪري کائڻ جيترو ته کائن، پر ٻيو زيان پڻ ڪن. پر جڏهن وٽن شادي مرادي ٿئي، ۽ اهي ساڳيا کائڻ لاءِ اچن، ۽ اهڙي ساڳي هلت ڪن، تڏهن هن پهاڪي وارو حال ٿئين. پر مطلب هي آهي جو سڀڪنهن ڪم ۾ اڳياڙيءَ مهل پڇاڙيءَ ڳڻڻ سياڻپ جو ڪم آهي.

 

74 – ٻارهن ٻوڙي ٻانڀڻي، چوڏهن ٻوڙي چمار،

        جي تون اهڙو ڪامي، ته به گهر ڌوٻي جو ٽار.

        هن پهاڪي جي عبارت جو مضمون هي آهي، جو ان ٽن قومن جي عورتن سان زناءُ ڪرڻ ڪري ٻارهن، چوڏهن پيڙهيون نرگ ۾ ٻڏنديون، سو اها ڳالهه سچ آهي، پر جڏهين انهن قومن جو زنانءُ ٻوڙيندڙ آهي، تڏهين ٻين قومن جو زناءُ نه ٻوڙيندو ڇا؟ تنهنڪري منهنجو چوڻ آهي جو زناءُ سڀ بڇڙو ۽ سڃو ڪندڙ آهي. زناءُ ڪندڙ جو ڪڏهن ٻاڻ نه لڳندو. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

 

فارسي:                زاني نه مالي، اشتداقي نه خالي.

ترجمون:                زناءُ وارو وهيون، سوير جاڳندڙ ولهو نه ٿئي.

 

75 – ٻه ڀائر ٽيون ليکو.

        هي پهاڪو وهنوار ۾ سوڌي هلڻ لاءِ سمجهائي ٿو، پوءِ توڙي سڳي ڀاءُ سان هجي، ته به وهنوار کي ڀائن وانگي ڄاڻي ساڻس سولو هلجي. اهڙو پهاڪو فارسيءَ ۾ پڻ آيو آهي: ”دوبرادرم سويم حساب.“ جنهنجو مطلب ساڳيو پهاڪي جهڙو آهي.

76 – ٻاهران چکي مکي، اندران بڙ بڙ دکي.

        هڪڙا ماڻهو ٻاهران فاقبِرو ويس پهري، اندر ۾ پاپ آءُ ڪپت رکن. تن لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. اهڙن کي گورو نانڪ شاه پڻ ننديو آهي:

وچن:   ٻاهر گيان، ڌيان، اشنان، انتر وِياپي لوڀ سُوانُ

ارٿ:   ظاهري ويچار، ۽ ڌڻيءَ ڏي دل، ۽ وهنجڻ،

        باطني ڪتي وانگي لالچ ۾ گهڙيل.

 

77 – ٻليءَ شير پڙهايا، ڦير ٻلي ڪون کاوڻ آيا.

        هي پهاڪو ڏسي هي مثل ياد آيو اٿم:

        هڪڙي ماڻهوءَ کي گهڻن ماڻهن جو قرض ڏيڻو ٿيو. رٿ ڪيائين ته جيڪڏهن ڏيوالو ڪڍندس، ته به گلا ٿيندي، تڏهن هڪڙي سياڻي سان پَههُ ڪيائين، تنهن چيس جو جيڪو قرض ڇڪيئي، تنهن کي چرين وانگي هيءَ ورندي ڏي؛ ”نچ.“ حاصل ڳالهه جو، اهڙيون ورنديون ٻڌي لهڻي وارن اُن کي چريو سمجهي، قرض ڇڪڻ کان بس ڪئي. پر اُن سباڻي جو پڻ ڪي قرض مٿس هو، تنهن گهريس، تنهن کي پڻ چيائين ”نچ.“ چي ڙي مون کي به ”نچ“، چي ”توکي ته توکي، پر تنهنجي پيءُ کي به نچ.“ حاصل ڳالهه جو، لچ کي چڱي مت ڏَسڻ پاڻ لاءِ جنجل پرائڻ آهي.

 

78 – ٻه گدرا هڪڙيءَ مٺ ۾ نه ماپن.

        مطلب هي آهي ته جو ماڻهو ڌڻيءَ کي ڳولي، سو جڏهن دنيا جي ڌنڌن کان کان پاڻ آجو رکي، تڏهن ڌڻي ڏي مهاڙ ٿئيس. يعني دنيا جو ڌنڌو ۽ ڌڻيءَ جي يادگيري ٻه ڪم گڏ پورا ٿيڻ اڻانگو ڪم آهي. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

هندي:         اڦُر اوستابُنِ اَکا نيند نه آوي نئن؛
بنان اڦر ڪيون پائيئي آتم سُک ڪي چئن؟

 

ترجمون:        دل ايڪانت ڌاران اکين ۾ ننڊ نه اچي؛
ري ايڪانت ڪئن پائجي ڌڻيءَ ملڻ جو سک؟

 

 

انهيءَ تي هڪڙو نقل ياد آيو اٿم:

        راجا هڪڙي ڪامل هڪڙي جي خدمت ۾ ڌڻي ملڻ جي واٽ ڏيکارڻ لاءِ وينتي ڪي. ۽ اُن مراد حاصل ڪرڻ لاءِ فقير پنهنجي بنگلي ۾ آڻي ٽڪايائين. هڪڙيءَ رات فقير بنگلي جي کڏ تي چڙهي هيڏي هوڏي ٿي نهاريو؛ تنهن کان راجا پڇيو. فقير چيو جو ”اُٺ وڃايو اٿم. سو ٿو ڳوليان.“ راجا چيو ”جو اُٺ وِيلُ به ڪڏهن کڏ تي ڳولجي؟“ فقير چيو جو تڏهن ڌڻيءَ ملڻ جي واٽ راڄ جي تخت تي ڪئن ڳولجي؟ مطلب جو جاسين دنيا جي ڌنڌن کان پاڻ نه ڇڏائبو، تاسين ڌڻيءَ جي ملڻ جي اُميد نه رهندي، يعني ٻئي هاجون گڏ هٿ نه اينديون.

 

79 – ٻن ٻيڙين تي پير رکي، تنهن جون ڄنگهون ڦاٽن.

        هن پهاڪي جي مطلب سمجهڻ لاءِ نمبر 78  وارو پهاڪو هڪيو آهي. تنهنڪري ٻيو نٿو لکان.

 

80 – ٻڪريءَ کي ساس جي، ڪاسائيءَ کي ماس جي.

        هن پهاڪي جي مضمون جهڙو هڪڙو پهاڪو نمبر 486 وارو آيو آهي، تنهن ۾ گهڻي وارداتي هلي آهي؛ تنهنڪري هت تفصيل نه لکيل.

 

81 – ٻڪري جنهن وڻ سان ٻَجهي، سو وڻ چَري.

        هن پهاڪي جي اکرن جي معنيٰ اهڙي اهنجي نه آهي، جنهن ۾ ڪو منجهي؛ ۽ سندس مطلب هي آهي جو لچ ماڻهوءَ کي جيڪو ايڇپو ڪندو، تنهن کي اُهو لچ مورڳو گهاٽو وجهندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:        خبيث را چو تعهد کني و بنوازي،
بدولت تو نگھ ميڪند به انبازي.

 

ترجمون:        خبيث تي جيترو توه ۽ پالنا ڪندين،
تنهنجي دولت تي بڇڙائيءَ جي نظر ڪندو.

 

 

82 – ٻليءَ کي خواب ۾ به ڇِڇِڙ.

        ڇڇڙو هڪڙي ميري شي آهي، پر هميشھ ٻليءَ جو کاڄ آهي. هن کي سُپني ۾ پڻ اُهو ميرو کاج نه وسري. تنهن وانگي لچ ماڻهو جو لچائيءَ ۾ سدا رُڌو رهي، تنهن کان ڀلجي، سپني ۾ پڻ چڱمڙسيءَ جو ڪم نه ٿيندو. جهڙو فارسيءَ جو بيت آهي:

بيت:   ز ابليس هرگز نيايد سجود؛
نه از بد گهر نيکوئي در وجود.

 

ترجمون:        شيطان کان ڪڏهن مٿو نايو نه ٿئي،
لچ کان پڻ موچارائي موجود نه ٿئي.

 

 

 

83 – ٻاٻُل آچاري، پر ڪو مڃي.

        ٻاٻل يعني مکي، يا پريو مڙس؛ آچاري يعني پورو نياءُ چوندڙ.

مطلب هي آهي ته پريو مڙس گهڻوئي سچ چوندڙ هئي، پر اڳيان مڃيندڙ جو ڪونه هوندو! تنهن وانگي نصيحت ڪرڻ وارو هوندو، پر ٻڌڻ واري ۾ جو لل ڪونه هوندو ته ڇا حاصل ٿيندو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: فهم سخن گرنکند مستمع – قوت طبع از متکلم مَ جو.

ترجمون:        سمجهه ڳالهه جي جيڪڏهن نه ڪري ٻڌڻ وارو،

        زور طبع جو چوندڙ کان م ڳول.

ڀ

 

84 – ڀڳو گهڙو ڍَون ڍَون ڪري.

        جهڙو ڀڳو گهڙو، تهڙو اڄاڻ ماڻهو، يعني هن جو کڙڪو بڇڙو، تهڙو هن جو ڳالهوَ اجايو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

 

هندي:         ان پوڇي هي جانيئي موُڍ ديک من ماهه،
ڇلڪي اوڇي نير پر، پوري ڇلڪي نانھ.

 

ترجمون:        اڻ پڇي مورک جو حال دل ۾ ڄاڻي وٺجي،
ڀريل دلي جو پاڻي نه ڇلڪي، ۽ اوڻي جو ڇُلڪي.
اهڙي ڳالهه نمبر 115 واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي.

 

 

85 – ڀڳيءَ سان ئي ڀير، جاسين رتو راس ٿئي.

        هي پهاڪو پڻ قناعت جو تاڪيد ٿو ڪري، جو جاسين تو وٽ دولت گهڻي نه آهي، تاسين سادي سودي تي سنجم ڪري دم لنگهاءِ. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

 

بيت:   گرنبود بالِش آگنِده پر،
خواب توان کرد حجر زير سر.

 

ترجمون:        جيڪڏهن وهاڻو کنڀن ڀريل نه هئي،
پاهڻ مٿي هيٺ ڏيئي ننڊ ڪري سگهجي.

 

 

86 – ڀنگڙي سلطان، هيري موتيان دي کاڻ،

        نه جيوڻ ڪا آسرا، نه مرڻ دي ڪاڻ.

        هي پهاڪو نجو ڀنگ پيڻ وارن موالين جي چوڻ جو آهي، جي ڀنگ پيڻ مهل ڀنگ جي ساراه بابت چوندا آهن، ۽ منجهانس ٻيو مطلب ڪونه ٿو نڪري.

 

87-    ڀنگان چيز ٻڏن، لنڊي رووي ڪڻڪ ڪُون.

        هي پهاڪو پڻ ڀنگ پيڻ وارن موالين جي چوڻ جو آهي، پر سندس بُڻ هن طرح آهي، جو هڪڙي هنڌ ڪڻڪ ۽ ڀنگ جي پوک هڪٻئي جي ڀرسان پيئون هيون. اوچتو برسات ڏاڍي ٿي، جنهنڪري ٻئي پوکون ٻڏڻ لڳيون. پوک ڌڻيءَ جي جوءِ زيان ٿيندو ڏسي ڪڻڪ جي ٻڏڻ جو ارمان کائي رُئڻ لڳي. اوچتو اتاهون موالي هڪڙو لنگهيو، تنهن هي پهاڪو چيو. پر مطلب هي، جو سڀڪنهن کي پنهنجي مطلب واري ڳالهه، ۽ دل گهربل شي وڻي. پوءِ ٻئي کي وڻي ته ڇا، نه وڻي ته ڇا.

 

88 – ڀنگ جهنگ ۾ پاڻي، ملڪ ۾ آباداني.

        هي پهاڪو پڻ ڀنگ گهوٽڻ کان پوءِ ڀنگ ۾ پاڻي وجهڻ مهل موالي چوندا آهن، هي مطلب تي، جو جڏهن جهنگ ۾ پاڻي اچي تڏهن آبادي ٿئي، تنهن وانگي ڀنگ ۾ پاڻي پوڻ ڪري به ڄاڻ موالين لاءِ وَسَندي ٿئي.

 

89 – ڀاڙي ۽ مسواڙ جو ڪئت ڪونه آهي.

        ڪئت يعني قاعدو، يعني ڀاڙو ۽ مسواڙ ڪڏهين سهانگو ڪڏهن مهانگو. جيتوڙي پهاڪي وارو رڳو ان ٻن ڪمن جي اگهه جي بيهڪ نه هئڻ جو بيان ڪري ٿو، پر سچ هيءَ ڳالهه آهي، جو دنيا جو ڪوبه سدا هڪڙي حال ۾ نٿو رهي. تنهن تي اردوءَ واري چيو آهي:

بيت:   جب گيا بلبل چمن ۾ ديک ڪي فصل خزان،
روڪي هس ڪهني لگا گاهي چنبن گاهي چنان.

 

ترجمون:        جڏهن بلبل باغ ۾ ويئي جهولي جي مُنڊ ڏسي،
روئي کلي چيائين ڪڏهن ڪئن ڪڏهن ڪئن.

 

 

90 – ڀينر ڀنڀوران جي ڀڳيون سي ڇٽيون.

        ڀنڀور هڪڙو جبل ۾ ڳوٺ، جنهن ۾ سسئي ئي لنگهي آهي، پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو سسئي جڏهن ڀنڀور کان ڀڳي، تڏهن ڪَرَ ڇٽي، تنهن وانگي جو ماڻهو دنيا جي کَپِتَن کان ڀڄندو، سو ڌڻيءَ کي واصل ٿيندو.

 

91 – ڀنگي ڀائر ٻه صوفي ست هزار، ماري مُتهرن سان ڌڙ

        ڪيائون ڌار، پيئي لوڪ پچار ته هي پِڙُ ڀنگين کٽيو.

        صوفي يعني ڀنگ جو اڻ پياڪ. مُتهرو يعني ڀنگ گهوٽڻ جو ڏنڊو. هي پهاڪو رڳو ڀنگ پيئندڙن موالين جي گهٻي جو آهي، جي پاڻ کي اهڙو سورهه ٿا ڄاڻن، جو ڪَرَ (7000) ستن هزارن صوفين کي، ٻن موالين ماري ورتو. سو جي اهڙا سورهه هئن ها، ته جيڪر حبش جي ويڙهه تي ڪُڏي ويا؛ پر ڪوڙ جو مسئلو ڪوڙ.

 

92 – ڀنگي دي جوءِ سهاڳڻ، آفيمي دي جوءِ رووي،

        ڪئفي دي جوءِ اِينوين آکي، ماريا هت نه هووي.

        هن پهاڪي مان ڌار مطلب ڪونه نڪري ٿو، رڳو نشي پيڻ وارن جا لڇڻ ڏيکاري ٿو. هن ريت، جو ڀنگ پيڻ وارو ماڻهو نشي جي مهل زبان توڙي دل ڪئنري رکندو آهي؛ تنهنڪري سنديس جوءءِ ڪنانس سرهي رهي ۽ آفيمي ماڻهو نشي ۾ پنڪيون کائي؛ جنهنڪري ڪنهن مهل ضروري ڪم کان پڻ گُسي وڃي، تنهن ڪري جوڻس ارمان کائي؛ ۽ ڪئفي يعني شرابي نشي مهل ڪاوڙ گهڻي ڪري، ۽ زال سان اڻ وڻت رکي، تنهنڪري جوڻس ڀائني، جو نشي مهل شال گهر ۾ نه هئي.

 

93 – ڀرئي اُٺ تان وڃڻي لٿي، ته به چڱي.

        هن پهاڪي جي معنيٰ ۾ ڪي موڙهو ڪين آهي، جنهن جو بيان ڪجي، مگر مطلب سو هي آهي، جو جيڪڏهن هڪڙي ماڻهوءَ کي پنجاهه ڪوهه پنڌ ڪرڻو هئي، تنهن مان هڪڙو ڪوهه به ڪيائين ته به شڪر ڪرڻ کپيس؛ يا ڪنهن کي سئو رپين قرض ڏيڻو هئي تنهن مان هڪڙو رپيو به لٿو، ته به سرهو ٿيڻ گهرجيس، جو ٿورو توڙي گهڻو ته گهٽ ٿيو، تنهن وانگي جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاپ جهڙا ڪم گهڻا ڪندڙ هئي، تن مان هڪڙي ڪرڻ کان ڇٽو ته به چڱو.

 

94 – ڀڄ چريا مست آيئي.

        هن پهاڪي ۾ اهڙي مُعما ڪانه آهي، جنهن جي بيان ڪرڻ جي گهرج هجي. رڳو ايترو آهي، جو نشئي ماڻهو چرئي کان به چريو چئجي، جو چرئي کي ڪنهن مهل رات ۽ ڏينهن جي ڦير جي سڌ رهي؛ نشئيءَ کي ايتري به نه رهي. جهڙو هڪڙو سنڌي ساڌ چوندو آهي: ”ڀنگان پي پُٽ مانجهي، ته ڀتيون ٿين سون جون، صبح منجهان سانجهي.“

 

95 – ڀڄندڙن جي اگ ۾ لڪندڙن جي پوءِ ۾.

        هي پهاڪو ٻچاپڙن ماڻهن جي حال تي آيو آهي، جن کي فارسيءَ ۾ خانه برانداز چئجي، جيڪي هڪڙي هنڌان ٻڌي ٻئي هنڌ ٻڌائي ٻن دوستن جي وچ ۾ ڏڦيڙ وجهن. اهڙن لاءِ فارسيءَ واري پڻ بيت چيو آهي:

بيت:   مال داري را بگويد مال دار؛
دزد را گويد که املاڪش برار.

 

ترجمون:        مال واري کي چوي مال سوگهو ڪر،
چور کي وسلا چورائينس.

 

        پر اهو ڪم لچن جو آهي؛ اشراف کي اهڙيءَ هاج کان پاسو ڪرڻ کپي. ڌڻي اهڙيءَ سنگت ۽ اهڙن لڇڻن کان رکيا ڪري.

 

96 – ڀُلي ڀاڻَ آئي، سا به نه ڀلي.

        هن پهاڪي ۾ ڌنارن جي اصطلاح جا اکر آيا آهن؛ ته جو ڍور ڀُلي يعني ڌڻ مان رلي ويو، ۽ وري ڀاڻ يعني وٿاڻ ۾ آيو، اُهو به ڪَرَ نه ڀُلو. تنهن وانگي پاپ يا بُڇڙي ڪم کي جنهن ماڻهوءَ بڇڙو ڄاڻي ڇڏيو، ۽ توبھ ڪئي، تنهن به ڄاڻ بڇڙو ڪم نه ڪيو. ويتر اهڙن پاپن کي ماڻهو ساراهيندا آهن. جهڙو فارسي مثل آيو آهي:

فارسي: گنهگار توبھ کار بھ از عابد ناپرهيزگار.

ترجمون:        بي ڪريائتي فقير کان توبھ وارو پاپي چڱو.

 

97 – ڀڳڙن کاڌي هٿ ڌوتا پيا آهن.

        جنهن کاڄ جي کائندي کاڄ ۾ هٿ ڀرجن، تنهن جي کاڌي هٿ ڌوئڻ ضرور آهن؛ پر  ڀڳڙن کاڌي نڪي هٿ ڀرجن نڪي ڌوئجن. تنهن وانگي دنيا جي ڪنن ڪمن ۾ هٿ وجهبو، ته پڇاڙيءَ جي ڳڻتي رهندي. نه ته ڪهڙو ڊپ؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:        تو پاک باش  برادر، مدار از کس باک؛
زنند جامه ناپاک گاذران برسنگ.

 

ترجمون:        ادا، تون پاڪ ره، پوءِ ڪنهن کان ڊپ نه رک،
کٽي به پليت ڪپڙي کي پاهڻ تي سٽي.

 

 

98 – ڀريءَ ڇنيءَ کان ڀيري ڇنو چڱو.

        هڪڙي هنڌان ڪنهن مزور کي چار مڻ بار جا کڻي ڪاٿي پهچائڻا هئا، سو جيڪڏهن هڪ ڀيري اهو سڀ ڀري ٻڌي کڻندو، ته چيلهه يا ڳاٽو ڀڄي پوندس. پر جي هڪڙو مڻ چار ڀيرا ڪري کڻندو، ته جيتوڙي پنڌ گهڻو ٿيندس، پر زيان ڪونه پهچندس. تنهن وانگي جو ڪم هري هري سُڌرندو، سو تڪڙ سان نه ٿيندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: بچشم خويش ديدم در بيابان،
که آهستھ سبق برد از شتابان.
سمنڊ بادپا از نگ فروماند،
شتربان همچنين آهسته مي راند.

 

ترجمون:        پنهنجن اکين سان پٽ ۾ ڏٺم،
ته هوري هلندڙ کنيو ڊوڙندڙ کان.
گهوڙو تکو ڊوڙي ٿڪي پيو،
اوٺي هري هري هلندو رهيو.

 

 

ت

99 – توڙي وڃي روم، ته به هي نصيبان اڳرو،

        ڍوڍي مٿان ٿوم، لکيي لوح قلم ۾.

        ڍوڍو، جوار ٻاجهريءَ جي ماني، ٿوم هڪڙو ڀاڄيءَ جو قسم آهي. هي ٻئي شيون سادو کاڄ غريبن جو آهي. پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو اُچي کاڄ ملڻ لاءِ ڪنهن پرانهين ملڪ ۾ به ويندو، ته به نصيب ۾ سادو لکيو ويو هوندس، ته اُچو ڪٿان ملندس؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

بيت:   رو مغرب، رو مشرق، رو، رو، رو،
هرچه نصيب است ازان ڪم نشود جو.

 

ترجمون:        الهندي وچ اُڀرندي وڃ جاڏي وڃي وڃ،
جيڪي نصيب آهي تنهن مان جو به نه گهٽبو.

 

100 –        تڪڙي ڪتي انڌا گُلِر ڄڻي.

        گُلِر يعني ڪتي جا پونگڙا. ڪتي توڙي ڪا ٻي ويامندڙ، پوري وقت کان اڳي ويامندي، ته جائي ٻچو ڪچو ڄڻيندي، تنهن وانگي جيڪو ماڻهو ڪم ۾ اجائي تڪڙ ڪندو، تنهن جو ڪم رُلندو. تنهن لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:                که تعجيل کار شياطين بود.

ترجمون:                جو تڪڙ شيطان جو ڪم هئي.

101 –         تڪڙو ماڻهو ٻه ڀيرا هنگي.

        ڪنهن ماڻهوءَ کي ڪو تڪڙو ڪم ڪرڻو هئي، ۽ ان مهل ۾ جهاڙو اچيس؛ پر تڪڙو ٿي خطري مٽائڻ کان اڳي جهاڙي تان اُٿي اچي، ۽ ڪم ڪندي وري جهاڙي جو خطرو ٿئيس، ته وري ٻيو ڀيرو پوئيءَ ۾ وڃڻو پويس. هاڻي ڏسو ته ان تڪڙ مان اُٽلو سيڙاپو ٿيو يا نه؟ مطلب، جو هي پهاڪو پڻ نمبر 100 واري پهاڪي وانگي اجائي تڪڙ کان جهلي ٿو.

102 –        تڪيا سڀ تڪيام، تو ري تڪيو نانھ ڪو.

        تڪيو يعني آسرو، تڪيام معنيٰ ڳوليم؛ پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو سڀ آسرا ڳوليم، ته ڌڻيءَ بنان ٻيو آسرو ڪونه آهي. سو ان ڳالهه ۾ ڦير ڪونه آهي. ان تي فارسيءَ واري جي به شاهدي آهي:

فارسي: ندارم بجز تو پناهي دگر؛
نه غير از درت روُءِ راهي دگر.

 

ترجمون:        تو ڌاران پناهه نه رکان ٻي، تنهنجي
در ڌاران ڪو منهن يا واٽ نه رکان.

 

103 –        تنهن جي مرڻ جو ارمان کائجي، جنهن جي جيئڻ مان فائدو هئي.

        هيءَ ڳالهه پڌري آهي، جو ماڻهو مئي کي ڪونه رُئي، سڀڪو پنهنجي سک کي رئي؛ يعني جنهن مان سک ڪونه هوندو، تنهن جي مرڻ جو ڏک ڪنهن کي ٿيندو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي:        هرکه در زندگي نانش نخورند، چون بميرد نامش نه برند.

ترجمون:        جنهن جي جيئندي هٿانس ماني نه کائيندا،

        جڏهن مرندو، نالو به نه وٺندس.

 

104 –        تاڙي هڪ هٿي نه وڄي، ٻه هٿي وڄي.

        تاڙي هٿ هٿ تي هڻجي، تنهن مان ٺڪاءُ نڪري، تنهن ٺڪاءَ جو نالو. پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته دوستي توڙي وير جاسين هڪڙي دل ۾ هجي، تاسين پڌري نه ٿئي. جڏهن ٻن ڌرين جي دل ۾ پوي، تڏهن اثر ڪري. هنديءَ واري پڻ اهڙو پهاڪو چيو آهي:

 

هندي:         دو اُچاهي ملن ڪون تون ملاپ نرڌار،
ڪٻهون نانھ باجئي ايک هاٿ سون تار.

 

ترجمون:        ٻئي ملڻ ڀائين تڏهن گڏجاڻي ٿئي؛
ڪڏهن هڪ هٿ سان تاڙي نه وڄي.

 

 

105 –        تماڪُو تاڻي جنين وڌو جان ۾، انهن کي آڻي حُورون ڏيندا هنجن ۾.

هي پهاڪو تماڪ جي ساراه جو آهي، جو تماڪ جا پياڪ گهٻو ڪري چوندا آهن. پر جي ري کل پڇو ٿا، ته هي پهاڪو سچ پچ هئن چوڻ کپي جو ”طمع کي تاڻي، جنين ڪڍيو جان مان، انهن کي آڻي، حورون ڏيندا هنجن ۾.“

يعني جو لالچ ڇڏيندو، سو سکي رهندو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org