سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گل شڪر

باب: -

صفحو :4

163 –        ڦورو نه ڦولهي، شال سنئين پوي صراف کي.

        ڦورو – زالون سُٽُ ڪتي اوبي ڦورا ڪن تنهن جو نالو، صراف جيتوڙي ته روڪڙ جي واپاريءَ جو صفاتي نالو آهي، پر هت سُٽَ جي خريداري کي ٿو چوي. معنيٰ هي آهي، جو بعضي عورتون سٽ جا ڦورا بازار ۾ وڪڻن، هي پهاڪو اُنهن جي پاران چوي ٿو ته منهنجو سٽ چڱو آهي، يا بڇڙو، پر شال خريدار ان جي حال کي کولي نه ڏسي. مطلب هي آهي، جو ڌڻي شل هن انسان جي لڇڻن ڏي نه نهاري، پنهنجو رحم ڪري.

 

جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: من نگويم که طاعتم به پذير،
قلم عفو بر گناهم کش.

 

ترجمون:        نٿو چوان عبادت منهنجي قبول ڪر،
منهنجي پاپن تي معافي جو قلم وهائي.

 

 

164 –        ڦُلهِيرَ ۾ ٿو ڦوڪون ڏئي.

        ٽانڊي کي ڦوڪ ڏجي، ته باه ٻري، جنهن مان ڪو ڪم ڪري وٺجي. پر جيڪڏهن ڦهلير يعني رک کي ڦوڪ ڏبي، ته منجهانس ڪم ته ڪونه سرندو، پر اُلٽو  اڏامي منهن ۾ پوندي. تنهن وانگي لوٺئي ماڻهوءَ کي سيکارڻ مان ڪي ڪين پرائڻو آهي. جهڙو فارسي مثل آهي:

 

فارسي: هيچ صيقل * نکو نخواهد کرد،
آهني را که بد گهر باشد.

 

ترجمون:        ڪو ڪڙو موچارو ڪري نه سگهندو،
اُن لوه کي جو بڇڙي بنياد وارو هوندو.

 

165 – ڦاڙهو جاتي کائي، تاتي اوجهه ڏئي.

        اوجهه ڏئي يعني مري پيٽ ڦاڙائي. شڪار ڪندڙ ماڻهو ساوا گاهه يا شيون جهنگ يا ٻيلي ۾ رکي اچن، تنهن جي کائڻ تي ڦاڙهيا يا ٻيا مرون هرن. هو وجهه وٺي انهن کي ماري وٺن. مطلب هي آهي جو لالچ اُن جانورن کي اُتي آڻي ٿي مارائي. تنهن وانگي انسان کي پڻ طمع مارائيندڙ آهي. جيئن مڇيءَ کي ڳاهُ، ۽ پکيءَ کي چوڳو.

 

ج

 

166-  جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي.

چڱائي توڙي بڇڙائي، ته جو ڪندو، سو لوڙيندو. اِن لاءِ گورو نانڪ شاه جو وچن آهي:

وچن:   جيسا ٻيجي سو لڻي، ڪرما ايهو کيتُ.

 

ارٿ:   جهڙي پوکي تهڙي لڻي، اها ڪرمن جي پوک.
۽ فارسيءَ واري پڻ هڪڙو مثل چيو آهي:

 

بيت:   از مڪافات جهان ايمن مشوَ؛
گندم از گندم برويد، جو ز جو.

 

ترجمون:        جهان جي پاڙي جهاڙي کان بي ڀَو نه ره؛
ڪڻڪ مان ڪڻڪ ڄاپي، جَوَن مان جَوَ.

 

167 –        جنهن ساس ڏنو آهي سو گراس به ڏيندو.

 

گراس يعني کائڻ جو گرهه. سچ جنهن ڌڻيءَ هن انسان کي اُپايو آهي، سو ٿر ۾، توڙي بر ۾، توڙي ڇپر ۾ قوت پهچائڻ وارو آهي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: بي مَگَس هرگز نمانھ عنکبوت،
رزق را روزي رسان پر ميدهد.

 

ترجمون:        مک ڌاران ڪوريئڙو نه گذاري سگهي.
رزق کي رزق پهچائيندڙ کنڀ ٿو ڏئي.

 

 

168 –        جڏهن ٻورا ٿي سبيا، تڏهن اُٺن ٿي رنو.

        يعني اُٺن ڄاتو، جو نيٺ اُهي ٻورا کين کڻڻا پوندا، تنهنڪري پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو سڀڪنهن ڪم ۾ پڇاڙيءَ جي ڳڻتي ڪرڻ چڱي آهي. اهڙي ڪم لاءِ مولانا نظام الدين پڻ چيو آهي:

بيت:   آخر هر گريهءَ ماخننده ايست؛
مرد آخر بين مبارڪ بنده ايست.

 

ترجمون:        اسان جي روئڻ جو اوڙڪ کلڻ آهي،
اوڙڪ نهارڻ وارو برڪت وارو آهي.

 

 

169 –        جو واءُ جبل اڏائين، تنهن جي اڳيان ڪپھ ڇا آهي؟

        هن پهاڪي جي اکري معنيٰ پڌري پڌري آهي، پر مطلب سندس هي آهي، ته جنهن ڏاڍي کان سڀرو پڻ ڊڄي، تنهن جي اڳيان اڀرو ڇا ڏاڙهي آهي. اهڙي ڳالهه لاءِ گسائينءَ تلسي داس پڻ چيو آهي:

وچن:   جنهن مارت گِرمير اُڏاهين،
ڪهو تول ڪنهن ليکي ماهين؟

 

ارٿ:   ساعيو پهاڪي جو مضمون.|

 

 

170 –        جيڪي هوندو ڀاڳ ۾، سو وهي پوندو پاڳ ۾.

        هن ملڪ جا واپاري گهڻو ڪري پڳڙيون وڏيون ٻڌن، تن کي هلندي ڪو رپيو پيسو اوڌر سوڌر مان پڙ پي ته پڳ ۾ وجهن. پهاڪي جو مطلب هي آهي، ته جيڪي نصيب ۾ لکيل هوندو اوترو ئي ملندو، جهڙو نمبر 99 واري پهاڪي ۾ ذڪر هليو آهي.

 

171 – جهڙا عاشق عيد ۾، تهڙا منجهه مقام.

        عيد هڪڙو خوشيءَ جو ڏهاڙو ۽ مقام ۾ وڃڻ، موت وارو ڏهاڙو آهي؛ پر جيڪي ڌڻيءَ جا نيهي آهن، تن کي اُهي ٻئي ڏهاڙا هڪجهڙا ڏسڻ ۾ اچن. ڇاڪاڻ جو اُنهن کي دنيا جو سک توڙي ڏک، ۽ سون توڙي مٽي، چاندي توڙي ڀتر سَر کا ڄاڻڻ ۾ اچن. اهڙن ڪاڻ گورو نانڪ صاحب جو وچن آهي:

وچن:   تَسيا سو ورنُ تَيسي اُس ماٽي،
تَسيا انبرت، تَيسي بِکُ کاٽي.

 

ارٿ:   اُن کي جهڙو سون تهڙي مٽي،
جهڙو انبرت پيڻ، تهڙو وه کائڻ.

 

 

172 –        جنهن ڪاڻ اڳي هلي بيهجي،

        تنهن سان گڏيو ڇو نه وڃجي.

        هي پهاڪو پڻ پڇاڙيءَ ڳڻڻ جو سعيو ٿو ڪري، جيئن ته عمر ۽ زيد گڏجي پنڌ پون، ۽ ڪي ناڻو ٻنهي جي ڀائيواريءَ جو عمر جي بيت ۾ ٻڌل هجي ۽ زيد تڪڙو پنڌ ڪري ڪوه کن عمر کان اڳي وڌي وڃي، اتي عمر جي ڀڄي يا لڪي وڃڻ جي ڳڻتي اچيس، ۽ ان جي اچڻ لاءِ سيڙي بيهي، ته ان جو سيڙاپو ۽ تڪڙو پنڌ اجايو ويو ڪي نه؟ تيئن پهاڪي وارو چوي ٿو، جو جنهن ڪم مان نيٺ پڇتاءُ جو ڊپ هئي، سو پهريائين سمجهي ڇو نه ڪجي؟ تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي:         چرا عاقل کند کاري که باز آيد پشيماني؟

ترجمون:                ڇو سياڻو اُهو ڪم ڪري، جنهن مان نيٺ پڇتائي؟

 

173 –        جنهن جي ويلا تنهن جي رکيا.

 

        ويلا ۽ رکيا هي ٻئي اکر هندن جي اصطلاح جا آهن. يعني جنهن جو وقت تنهن جي پناهه. جهڙوڪ جنهن جي سلطنت تنهن جي شرع، يا جنهن جو راڄ تنهن جو رگليشن. جهڙيءَ ريت مير صاحبن جي راڄ ۾ چورن لاءِ ڦاهو انگ ڀنگ هو؛ هاڻي ان جي منع آهي. پر مطلب هي آهي جو سياڻي ماڻهوءَ کي گهرجي، جو جهڙو سلطنت جو رواج ڏسي، اُهڙي چلت رکي.

 

174 –        جنهين سندي مَنَهين تنهين جو اَچار.

 

        مَنَهين يعني اوتارو يا اوطاق، جنهن ۾ ڳوٺ جو وڏيرو وهي، ۽ وٽس ڪچهري لڳي، اَچار ويچار نبري. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو جنهن جي اوتاري ۾ ڪو اَچار نبرندو، سو ان جي ئي مرضيءَ سان نبرندو. پر سندس نج مطلب ساڳيو نمبر 173 واري پهاڪي جهڙو آهي.

 

175 – جاڏي وڃي واگهو، تاڏي پاڻي تانگهو.

 

        واگهو پاڻيءَ ۾ رهڻ وارو وڏو جانور آهي، جو تانگي پاڻيءَ ۾ ڏکيو گذاري. ۽ پهاڪي جي مطلب ڏيکارڻ لاءِ هڪڙو مثال لکان ٿو:

        هڪڙو ماڻهو اُڃايل، ڏوري ۽ لوٽو کڻي پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ کوهه تي ويو، ته کوهه ۾ پاڻي سُڪي ويو هو؛ تڏهن ٻئي کوهه تي تنهن ۾ پاڻي هو، پر ڏوري ننڍي ٿي پيئي، ۽ پاڻيءَ کي نه پهتي؛ تڏهن بيوس ٿي ٽئين کوهه تي وڃي لوٽو گهيڙيائين ته ڏوري هٿ مان کسڪي ويس، پاڻيءَ بدران لوٽو کوهه ۾ ڪِري پيس. تڏهن کان هي پهاڪو پڙهيائين؛ پر هن پهاڪي جو خاص مطلب هي آهي جو نڀاڳو ماڻهو جاتي ويندو، تاتي سک ڪين لهندو.

 

176 –        جُڙيءَ کي جَسُ.

 

        جس يعني شاباس. مطلب هي آهي، جو جيڪو ڌڻيءَ جي پاران جُڙي اچي تنهن کي شاباس چئو، يعني شڪر ڪري کاءُ، جهڙو سنسڪرت واري چيو آهي:

سنسڪرت:يٿا لاڀُ سنتشٽُ.

 

ترجمون: جيڪي ملي تنهن تي خوش.
 
۽ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

 

فارسي:        بخور هرچه آيد ز دستِ حبيب،
نه بيمار دانا تر است از طبيب.

 

ترجمون:        جيڪي سڄڻ هٿان ملي سو کاءُ،
طبيب کان بيمار سياڻو نه آهي.
اِن لاءِ هنديءَ واري پڻ چيو آهي.

 

پهاڪو:        آيُئي ڪون روچي جان، گئي ڪون بلا.

ترجمون:        جيڪي اچي تنهن کي رزق ڄاڻ،
جيڪي وڃي تنهن کي بلا.

 

 

177 –        جنهين جي هيڪار، ڪيائين ڪوڙي ٿي،

        تنهين تي ٻيهار، سچيءَ ساک نه وسهان.

        جو ماڻهو هيڪر ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ پڌرو ٿيندو، تنهن تي وري ڪير وسهندو؟ جهڙو هڪڙو انگريزي ڪتاب جو نقل ٻڌو اٿم:

        هڪڙي ڳنوار ڇوڪر جهنگ ۾ دانهن ڪري چيو: شينهن ڙي شينهن! تنهن تي پاسي اوسي وارا هاري ناري ڊوڙي آيا، تڏهن چيائين ته ڪوڙ ٿي ڪيم. اوچتو هڪڙي ڏهاڙي سچ شينهن اچي ڌڻ ۾ پيس، تڏهن دانهون ڪري ٿڪو، پر ماڻهن اڳي وانگي ڪوڙ سمجهيو ۽ ڪونه آيا، پوءِ ڍور گهڻا شينهن ماري ڇڏيا. مطلب جو ڪوڙ ڳالهائيندڙ ماڻهو بي اعتبار رهندو.

 

178 –        جيڪي لکيو منجهه ازل، تنهن کي ڪير وجهي جهل.

        هن پهاڪي جي معنيٰ توڙي مطلب کي سڀڪو ڄاڻي ٿو، تنهنڪري گهڻو بيان ڪرڻ ضرور نه آهي، مگر ايترو بس آهي جو فارسيءَ وارو چوي ٿو:

بيت:           گر رود برنگر دد سر نوشت.

ترجمون:                جيڪڏهن مٿو وڃي ته به نصيب نه ڦري.

 

179 –        جنهن جي واٽ نه وڃجي، تنهن جو پنڌ به نه پڇجي.

        يعني جنهن ڪم ۾ پنهنجو پروجن نه هجي، تنهن جي ڳالهه ڪرڻ، يا ان ۾ هٿ گڏڻ پنهنجي مطلب واري ڪم ۾ سيڙاپو وجهڻ آهي. ان لاءِ هنديءَ واري به چيو آهي:

هندي: بنا پروجن ڀول هُون ٺٽئي ناه ٺاٽُ؛
جانو نهين جا نگر ۾ تانڪي پوڇ نه باٽِ.

 

ترجمون:        مطلب ڌاران ڀلجي به ڪا رٿ نه رٿجي؛
جنهن شهر ۾ وڃڻو نه هئي تنهن جي واٽ نه پڇ.

 

180 –        جاسين ڍائو مٿو کنهي، تاسين بکئي جو مٿو وڃي.

        مٿو وڃي يعني مري، هن پهاڪي جي ورجائڻ لاءِ هڪڙو مثل لکان ٿو: جهڙوڪ، هڪڙي ماڻهوءَ کي اوچتي اهڙي ڏوار ٿئي جو ڇڙڇوٽ دوا ٿيڻ ڌاران مرڻ جو ڊپ هئيس. ۽ طبيب ڏي ماڻهو وڃي سو بي پروائيءَ کان اچڻ ۾ ويرم لائي يا اهڙي دوا چوي جا ڏهن ويهن ڪوهن پنڌ کان اوري نه لڀي، ته اُن بيمار جو هال هن پهاڪي جي مضمون وانگي ٿئي. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: تا ترياق از عراق آور ده شود، مار گزيده مرده شود.

 

ترجمون:        جاسين ترياق عراق مان آئجي،
تاسين نانگ ڏنگيل مري.

 

 

181 – جاسين للو لٺ کڻي، تاسين ڪره وساڻي.

        للو مثلاً هڪڙي جو نالو، ڪره يعني جهيڙو. هن پهاڪي جي نرواري لاءِ مثل ٿو لکان:

        للي جي ڀاءُ سان هڪڙي ماڻهوءَ جهيڙو ڪيو، اها ڳالهه ٻڌي للو اُٿيو ۽ ڀاءُ جي واهر لاءِ لٺ کڻي هليو؛ پر آرس مرندي لٺ ڳولڻ ۾ ايتري ويرم لڳس، جيتري ۾ هو شخص ڀاڻس کي مار ڏيئي ويندو رهيو. پر مطلب هي آهي، جو هي پهاڪو آرسي ماڻهوءَ تي ٽوڪ ٿو ڪري. تنهن تي هي نقل ياد آيو اٿم.

        هڪڙو شخص پٽ ساڻ ڪيو وات وٺيو ٿي ويو. هڪڙي هنڌ مقام جي ڀر ۾ وڻراه ۽ ٿڌي ڇانوَ ڏٺائين، سا وڻس. پٽ کي چيائين، جو جڏهن آءٌ مران، تڏهن منهنجو ميٿ هن ٿڌڪار ۾ پورج. ٿورن ڏهاڙن کان پوءِ اهو پٽس وري اُتاهون لنگهيو، ۽ اُن هنڌ ٻيو ميٿ پوربو ڏٺائين. اها ڳالهه ۽ پڻس وارو چوڻ پنهنجي ماءُ کي ٻڌايائين، تنهن چيس اڙي ابا! مُٺا ني پڻهين جي آرس آهيون، جو قبر به ٻياري واري ويس: ڏسو جڏهن زال کي پنهنجي مڙس جو آرس نٿو وڻي، تڏهن ٻئي کي ڪٿان وڻندو.

 

182 –        جن جي پليءَ ۾ داڻا، سي چريائي سياڻا.

        پِلِي اَن رکڻ جي جاءِ ٽوئن ۽ پَڃرن سان ننڍن ڳوٺن ۾ جوڙيندا آهن تنهن جو نالو، دانا يعني اَن. هن پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو جنهن جي گهر ۾ کائڻ لاءِ اَن موجود آهي سو چريو، ته به سياڻو ليکجي؛ ۽ مطلب هي آهي جو دولت وارو ماڻهو جهڙو جي تهڙو ته وڏو ماڻهو ڳڻبو. اهو مطلب نمبر 8 واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

 

183 –        جوا جي هارڻ واري جو اڌ منهن ڪارو،

        ۽ کٽڻ واري جو سڄو منهن ڪارو.

        جوا هڪڙو بڇڙو ڪم آهي، تنهن لاءِ پهاڪي واري جو خيال هي آهي، جو جيڪو جوا ۾ هاريندو، سو ڊپ جو ماريو جوا خاني ۾ وري ٿورو ويندو؛ تنهن ڪري ٿوري لعنت ٿو وجهيس ۽ جيڪو کٽندو سو وري وري کيڏندو، تنهنڪري سڄي لعنت ٿو ڪريس. پر ان ۾ منهنجو رايو هي آهي، ته جڏهن جوا ڪيائين، پوءِ هاري توڙي کٽي، ته ڪارو مُنهنُس، نيرا پيرس: جهڙوڪ ٻه خوني هئن، تن مان هڪڙي کي ڇانوَ ۾ ڦاهي چاڙهن، ٻئي کي اُس ۾، پوءِ ڪهڙي کي چڱو مڙس ڄاڻبو؟ پر اڃان پهاڪي واري کان هڪڙي ڳالهه وسري آهي، جو جڏهن جوا جي کٽڻ ۽ هارڻ واري جو حال اهو، تڏهن جوا خاني جوڙڻ ۽ نال اُڳاڙڻ واري جو ڪهڙو حال؟ تنهن لا3 چوڻ گهربو هوس، ته ان جي مائٽن جو پڻ منهن ڪارو! اهڙي ڳالهه پاهڪي نمبر 195 ۾ پڻ هلي آهي.

 

 

184 –        جيڏي رات، تيڏو سپنو.

        سڀڪنهن ڪم ۾ جُڳائيندي ويرم لائڻ پوري ڳالهه آهي، پر جڏهن ڪنهن کي اَٺن پهرن ۾ هڪڙو ڀيرو کاڄ کائڻو هئي، ۽ اهي اٺ ئي پهر کاڄ جوڙڻ تي لائي، ته پوءِ ٻيا ڌنڌا ڪڏهن ڪندو؟ اهڙن کي ٿوري ويرم ٿيڻ لاءِ هي پهاڪو سمجهائي ٿو.

 

185 – جاڏي پوي جهار، تاڏي ڳوڙهو نه هڻي.

        هارين جي ريت آهي جو پوک ۾ جاتي جهار يعني پکي ويٺا ڏسن، اوڏانهن ڳوڙهو يعني گُليلو هني جهار اُٿارين؛ پر جي هاري اُن جي اُبتڙ جاڏي جهار هئي، اوڏاهين جو فڪر نه رکي، ٻئي پاسي ڳوڙهو هڻن، تن جي لاءِ هي پهاڪو آهي، جهڙو هڪڙي کي پير ۾ ڪرهن ٿئي، تنهن لاءِ ڪياڙي کنهي، تنهن کان ڇا چئبو؟ ان لاءِ هڪڙو مثل آيو آهي:

        هڪڙي شخص کي واٽ تي چورن ڦري رڳيءَ ڪانچ ۾ ڇڏيو؛ سو جڏهن ڳوٺ جي ٻاهران آيو، تڏهن مٿي اُگهاڙو ڳوٺ م اچڻ مناسب نه ڄاڻي ڪانڇ لاهي مٿي تي ٻڌائين. اهڙو ڀوڪ، جو سڄي اُگهاڙي ٿيڻ کان پڻ مٿي اگهاڙي ٿيڻ جو فڪر واڌو رکي، سو هن پهاڪي جو مهاڳو آهي يا نه، پر مطلب هي آهي جو جڳائيندي ۽ اڻ جڳائيندي ڪم ۾ ڦير رکڻ سياڻپ آهي.

 

186 –        جنهن کي ساهه کنئين ڪل ڪانه پوي، تنهن کي سور ڪيهو سلجي؟

        جو سنڌي سمجهي ڪين ڪي، تنهن سان هندي ڇو هلجي؟

        هي پهاڪو سڄاڻ ماڻهوءَ ڌاران ٻئي سان حال ڳرهڻ جي منع ٿو ڪري؛ ڇاڪاڻ جو رمزدان ماڻهو اهڙو آهي جهڙو نبض سڃاڻندڙ طبيب. جئن طبيب رڳو نبض ڏسي مرض سڃاڻي دوا ڪري، تئن رمزان ماڻهو پڻ رمز مان حال سمجهي علاج ڪري.

 

187 –        جنهن جو ڪم اُهو ڪري، ٻيو ڪري ته گهاٽو ڀري.

        هي پهاڪو پڌرو چوي ٿو، ته جنهن جو ڪيل يعني آزمايل ڪم هوندو، سو ڪندو، ته پورو اُتاريندو، ۽ ٻيو يعني اڻ آزمايل ڪندو، ته بگاڙيندو، يا پاڻ کي زيان پهچائيندو؛ جهڙو سوناري جو ڪم واڍو ڪري، يا واڍي جو ڪم ڪنڀار ڪري.

 

188 –جر نئيس، پر جيڏي نه نئيس.

        هي پهاڪو اصل کان هن طرح آيو آهي، جو هڪڙي عورت دريا جي ڀر تان هڪڙو مڇيءَ جو ڏنڀرو لڌو. اوچتو پريان ٻي عورت اچي سهڙي، تنهن اُن ڪرڙي تي پنهنجي دعوا ڪي؛ تڏهن ان عورت اُهو ڏنڀرو دريا ۾ اُڇلائي هي پهاڪو چيو. پر مطلب هي آهي، جو هي پهاڪو رڳو تڪرار وارن جي چوڻ جو آهي، جي ٻڏو سهن، ڏنو نه سهسائن.

 

189 –        جي پوندا سوڙهين، تن لڳندا سيلهه.

 

        سيلهه يعني ڪنڊا، پهاڪي جي اکرن جي معنيٰ هي آهي ته جو سوڙهيءَ وات گهڙندو، تنهن کي ڪنڊا به لڳندا؛ پر مطلب هي آهي، جو جيڪي سفر ڪندا، ڏاکڙا ڏسندا؛ يا جي ڌنڌا ڪندا، سي ڪنهن مهل گهاٽا به ڀريندا، پر سياڻي کي ان ڏاکڙن ۽ گهاٽن کان ڊڄڻ نه گهرجي، سو ڪو ته جاسين ڏک نه ڏسندو تاسين سک ڪٿان پائيندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي: تا رنج نخوري گنج برنداري؛
تاجان در خطر نه نهي بر دشمن ظفر نيابي.

 

ترجمون:        جاسين ڏک نه پائيندين تاسين خزانو نه ملندءِ؛
جاسين ساه ڊپ ۾ نه وجهندين
تاسين دشمن کي نه جيتيندين.

 

 

190 –        جاتي وڻ ناهي، تاتي ڪانڊيرو به درخت.

        هن پهاڪي جي اکري معنيٰ پڌري آهي، ۽ مطلب هي آهي، جو دولتمند کي جا دولت ٿوري ڏسڻ ۾ اچي، اڻ هوند واري کي اُها ٿوري پڻ گهڻي ڏيکاري ڏئي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي: هر که را دستگاه قدرت نيست،
شلغم پخته مرغ بِريان ست.

 

ترجمون:        جنهن کي طاقت ۽ هوند نه آهي،
تنهن کي گوگڙو پڪل ڄاڻ ته پکي ڀڳل آهي.

 

 

191 – جَو ڍيري، گڏهه رکوال.

 

        جوَ گڏهه جي خوراڪ آهن، سو جڏهن گڏهه جوَن جو رکوال ٿيندو، تڏهن کائڻ ڌاران ڪاٿي رهندو. تنهن وانگي امانت جهڙو ڪم جو خيانت واري ماڻهوءَ جي حوالي رهندو، تنهن ڪم ۾ سلامت رهڻ جو ڪهڙو ڀروسو؟ تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: ملحد گرسنھ، در خانه خالي پر خوان،
عقل باور نکند کز رمضان انديشد.

 

ترجمون:        بيدين بکيو، کاڄ ڀريل سڄي گهر ۾،
عقل نه وسهي ته ڪي رمضان کان ڊڄندو.

 

 

192 –        جيڪي ڏسي ڄار، سو جي ڏسي ميو ته ڦاٽي مري.

 

        ميو يعني مڇيءَ مارڻ وارو، يعني ڄار پاڻيءَ ۾ پوي ۽ مڇون گهڻيون ڏسي، پر تن مان ٿوريون ڦاسن، سي مهاڻو ڏسي؛ ۽ سڀ مڇون ڪين ڏسي، پر جي ڏسي ته جيڪر حرص کان چريو ٿي پوي. مطلب هي آهي، جو ٿوريءَ گجيءَ وارو ماڻهو جيڪڏهن ڪو گهڻو مال ڏسي، ته سانڍي نه سگهي، يا ڪا وڏي ڳالهه ٻڌي ته دل ۾ رکي نه سگهي؛ سو ڪو ته ٿوريءَ گجيءَ وارو ماڻهو اهڙو آهي، جهڙو ننڍو باسڻ؛ جي ننڍي باسڻ ۾ گهڻو پاڻي وجهبو، ته جائي هاربو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

هندي: ڇوٽي نرڪي پيت ۾ رهي نه موٽي بات؛
اڌ سير ڪي پاتِر ۾ ڪيسي سير سمات؟

 

ترجمون:        ننڍي ماڻهوءَ جي پيٽ ۾ وڏي ڳالهه نه ماپي؛
اڌ سير جي باسڻ ۾ ڪٿي سير ماپندو؟

 

 

193 –        جاتي پاڻي، تاتي پاڻ.

        پهاڪي جي معنيٰ هي آهي، جو جتي پاڻي آهي، تتي ڪر ڌڻي پاڻ آهي. مطلب جو جنهن ڌرتيءَ تي پاڻي آهي، تنهن تي وسندي آهي؛ پاڻي بنا سڃ آهي. ان لاءِ هڪڙو نقل آيو آهي:

        هڪڙي بادشاهه پنهنجي ٻن اميرن تي ڌار ڌار تڪليف رکي، ته سڀني شين جو ٻج آڻي ڏيو. تنهن موجب هڪڙو شين جي ٻج ڳولڻ لاءِ وتيو ملڪ گهمندو؛ ايتري ۾ ٻئي پاڻيءَ جو ڪٽورو ڀري اڳيانس رکيو، يعني ڄاتائين ته پاڻي سڀ جو ٻج آهي؛ تنهن جي عقل کي بادشاهه پسند ڪيو. حاصل ڳالهه جو هي، ته پهاڪي وارو پاڻيءَ کي ساراهي ٿو، جو سڄيءَ دنيا جو جيئاپو پاڻيءَ تي آهي.

 

 

194 –        جيڪا ڌاريان ٻڪري، تنهن لمندا ڪن.

        لمندا ڪن يعني ڊگها ڪن. جيتوري ڊگها ڪن ٻڪري کي وڏي ويڪ نه آهي، پر هڪڙو ٿورو اُهڃاڻ وِڏَ جو ڏيکاري ٿو. پر مطلب هي آهي، جو هڪڙو نوڪر رکجي، تنهن کي ننڊ جي عادت گهڻي هئي ۽ اُن جي بدران ٻيو رکجي، پر اُن جو حال پڻ اهڙو ئي هئي، ته اُهي نوڪر هن پهاڪي جا مخاطب ڄاڻجن.

 

195 – واريءَ ميٺي هار.

        پهاڪي وارو چوي ٿو، جو جواري جئن هاريندو، تيئن راند مٺي لڳنديس، ۽ وري وري کٽڻ جي لالچ تي کيڏندو. پر يقين آهي جو کٽندو ته به ڪارو مُنهنُس، جي هاريندو ته به مُنهنُس ڪارو. جهڙو نمبر 183 واري پهاڪي ۾ لکيو آهي.

 

196 –        جاتي کير تاتي کنڊ، جاتي جهڻ تاتي لوڻ.

 

        معنيٰ پهاڪي جي هي آهي، جو جن وٽ کير اُچي شئي کائڻ لاءِ آهي، تن کي مٺاڻ پڻ عمدي وٽ گڏڻ لاءِ ملي ٿي؛ 7 جن کي جهڻ سادي وکري آهي، تن وٽ اُن ۾ وجهڻ لاءِ لوڻ به مس ٿو لڀي. پر مطلب هي آهي، جو پهاڪي وارو ڌڻيءَ جي وڏائي ۽ بي پروائي ٿو ڏيکاري، جو هڪڙن وٽ دولت به گهڻي ۽ اولاد به صالح، هڪڙا ولها، تن جو اولاد نٻالو. تنهن تي بجيندي ساڌ چيو آهي:

 

وچن:   اڪنا دي گهر پُٽَ پُتَان دي پوتي،
اڪنان دي گهر نُهان نُهان دي دوتِي،
اڪنان دي گهر اڪ سو بي جاءِ مَر،
بجيداڪون آکِي صاحب نون يون نان يون ڪر.

 

ارٿ:   هڪڙن جي گهر ۾ پُٽ پُٽن جا پوٽا؛
هڪڙن جي گهر نُهَرُ نُهُرن جا ڏوهٽا؛
هڪڙن جي گهر ۾ هڪڙو پٽ اوهو به مري،
ڪير چوي ڌڻيءَ کي هئن نه ڪر؟

 

 

197 –        جڏهن ڏند هئا تڏهن حلوو نه هو.

        جڏهن حلوو آهي، تڏهن ڏند نه آهن.

        حلوو جيتوڙي ڪُنئري شئي آهي، ڏندن بنا پڻ کائي سگهجي پر چٻڻ ڌاران ڪابه شئي ساءُ نه ڏئي. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو جڏهن جواني هئي ۽ محنت ٿي سگهي ٿي، تڏهن موت ياد نه هو، ۽ ڌنيءَ جي عبادت ڪري نه سگهيو، ۽ ڌنڌن ۾ وهاڻي؛ هاڻي جڏهن موت اکين سان ڏسجي ٿو، تڏهن جواني ناهي جو محنت ڪري سگهجي، تنهن جو ارمان ٿو ڪري. تنهن لاءِ سائين لوڪ چيو آهي:

وچن:   پنچ پهر ڌنڌي گئي، تين گواهي سوءِ،
ايڪ گهڙي هرنا ڀڄو، ڪوسل ڪهان تي هوءِ؟

 

ارٿ:   پنج پهر ڌنڌي ۾ ويا، ٽي پهر ننڊ ۾ وڃايئي،
هڪڙي گهڙي به ڌڻي ياد نه ڪيئي، خيرُ ڪٿان ٿيندُءِ؟

 

198 –        جبل سان مٿو هنئين نيٺ مٿو ڀڄي.

 

        مطلب هي آهي، ته جو پاڻان ڏاڍي سان وڙهندو، تنهن ڪر جبل سان مٿو هنيو، سو پنهنجو مٿو ڀڃائيندو. جهڙو فارسيءَ واري جو چوڻ آهي:

 

فارسي: زود بيني شکسته پيشاني،
توکه بازي بسر کني باقوج.

 

ترجمون:        سگهو پنهنجو نرڙ ڀڳل ڏسندين،
تون جو دُنبي سان ٽڪري راند ڪندين.

 

 

199 –        جڳ مڙيوئي جوابازي، ڪن کٽي، ڪن هاري.

 

        هن پهاڪي جي معنيٰ ۽ مطلب هڪڙو آهي. جو هي دنيا جوابازي آهي؛ تنهن ۾ جن چڱا ڪم ڪيا ۽ ڌڻيءَ کي ياد ڪيو، تن کٽيو، ۽ جن بڇڙا ڪم ڪيا ۽ ڌڻي وساريو، تن هاريو.

 

200 –        جي وسي چيٽ، ته ان نه ماپي کيٽ.

 

        چيٽ يعني چيٽ جو فصل، کيٽ يعني پوک. هي پهاڪو سنڌ ملڪ جو اصطلاحي آهي؛ هن طرح، جو چيٽ جي پوک گهڻو ڪري بوسي ٿيندي آهي، جنهن کي واهه جو پاڻي نه رسي. تنهن تي جيڪڏهن مينهن وسي ته اَن گهڻو ڪري.

 

201 –        جنڊ به وار، بٺ به وار.

 

        اکرن جي معنيٰ هي آهي، جو جيڪڏهن گهڻيون زالون هڪڙي جنڊ تي اٽو پيهڻ وينديون هيون، ته جيڪا اڳي ويندي، سا اڳي پيهندي، جيڪا پوءِ ويندي سا پوءِ. تنهن وانگر بٺ تي ڦُلا ڀُڃائڻ واري تي اڳين اڳي، پوئين ۽ پوءءِ ڀُڃائي. پر مطلب هي آهي، جو دنيا مان وهيون، توري وِلهو، سڀڪو ڏينهن پُني هليو ويندو. تنهن تي خواجه حافظ چيو آهي:

 

بيت:   دَورِ مجنون گذشت، و نوبت ماست،
هر کسي پنجر وزه نوبت اوست.

 

ترجمو؛ مجنونءَ جو وارو لنگهيو، اسان جو وارو آهي،
سڀ ڪنهن کي پنجن ڏهاڙن جو وارو آهي.

 

202-  جيئرو ته ڪک جو، مئو ته لک جو.


        هي پهاڪو عام ماڻهو ائين چوندا آهن. هن مطلب تي، جو هڪڙي ماڻهوءَ ڪنهن کان گهوڙو اڌارو ورتو. جو ٿوري ملهه وارو هو؛ پر قضا سان مري پيو. تڏهن مٿس مالڪ جي دعوا گهڻي ناڻي جي ٿي هلندي. ڇاکان جو جيئرو نه آهي. جنهن کي ڏسي ڪو ملهه ڪٿيندو. پر چڱو سو هن طرح آهي:

جيئرو ته لک جو مئو ته ڪک جو.

        يعني هي ماڻهو جاسين جيئرو آهي، تاسين هزار توڙي لک ڪمائي وٺي، ۽ مئي کان پوءِ ڪک جو مان پڻ نه اٿس.

 

203 –        جي نه وڃجي پاڻ، ته نينهن نياپي نه ٿئي.

        نينهن يعني عشق، معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي، جو پاڻ وڃن ڌاران نياپن سان عشق نٿو ٿئي پر، مطلب هيءُ آهي ته جو رڳي زبان سان چوندو، ته ڌڻيءَ کي ياد ڪريان ٿو، يا ڪندس، ته ڇا پرائيندو، جاسين دل لائي نه ڪندو. جهڙو گورو نانڪ شاهه جو وچن آهي:

وچن:   مُکون هر هر سڀڪو ڪهي، ورلي هردي وسايا،
ناڪ جنڪي هردي وسيا، موک مُڪت تن پايا.

 

ارٿ:   وات سان ڌڻيءَ جو نالو سڀڪو چوي،
پر دل ۾ ڪو ورلي وهاري.
گورو ٿو چوي جن جي دل ۾ وسيو، سي ڇٽي ويا.

 

204 –        جي هيئي ناڻو ته گهم لاڙڪاڻو،

        جي نه هيئي ناڻو ته وت ويڳاڻو.

        هن پهاڪي وارو رڳو لاڙڪاڻي شهر جو نالو وٺي چوي ٿو، جو ناڻي بنا منجهس ويڳاڻو يعني وائڙو ٿيندين. پر مطلب هي آهي، جو دولت وارو جاتي ڪاٿي مان مُهُت پائيندو، ۽ دولت ڌاران گهر ۾ ويڳاڻو آهي. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

 

فارسي: آنرا که بر مُراد جهان نيست دسترس،
در زاد بوم خويش غريب است ناشناس.

 

ترجمون:        جنهن کي جهان جي مراد تي پڄندي نه آهي،
پاهنجي وطن ۾ پڻ مسافر اڻ سڃاتل آهي.

 

 

205 –        جي جڏهن ڀڳا، سي تڏهن ڇٽا.

 

         هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو بڇڙن ڪمن کي جڏهن بڇڙو ڄاڻي ڪو ڇڏيندو، تڏهن ڇٽل ڄاڻبو، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

بيت:   کسي گرچه بد ڪره هم بد نه کرد،
چو سر را بزانوءِ توبھ بُبرد.

 

ترجمون:        جنهن شخص بڇڙي ڪي تنهن به ڄاڻ بڇڙي نه ڪي،
جو مٿي کي توبھ جي مونن تي رکيائين.

 

 

206 –        جهڙي ڀت، تهڙو چِٽُ.

        جي ڀت لسي آهي، ته مٿس چٽ به چڱو ٿيندو، نه ته نه. تنهن وانگي جي اِرادو چڱو هوندو. ته ڦل به چڱو ملندو.

جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: ارادات نياري سعادت مجوءِ،
بچو گان خذمت توان برد گوءِ.

 

ترجمون:        ويساه نه آڻين ته سڀاڳائي نه ڳول؛
خذمت جي ٽڪر سان مطلب جي اِٽي کڄي سگهي.

 

 

207 –        جهڙي نيت، تهڙي مراد.

        نيت چڱي هوندي، ته مراد پرائبي. اهڙو فارسي پهاڪو پڻ آيو آهي:

فارسي: نيت خاص، مراد حاصل.

ترجمون:        چڱي نيت سان مطلب پرائبو.

        اهڙي وارداني نمبر 206 واري پهاڪي ۾ پڻ هلي آهي:

 

208 –        جيڪي کوهه ۾ هوندو، سو اَهَه ۾ پوندو.

        اَهه، کوهه جي ڀرسان ڍورن جي پاڻي پيڻ لاءِ جوڙيندا آهن، معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي. جو کوهه ۾ پاڻي مٺو هوندو توڙي کارو، ته اهو اَهه ۾ پوندو. تهڙيءَ ريت جي ڪم چڱا ڪبا، توڙي بڇڙا، ته اهڙو ڦل اڳيان ملندو. جهڙو فارسيءَ وارو چوي ٿو:

فارسي: کسي دانهءِ نيکمردي نه کاشت،
کزو خرمنِ عافير بر نداشت،
نه هرگز شنيديم در عمر خويش،
که بد مرد را نيکي آمد به پيش.

 

ترجمون:        ڪنهن چڱمڙسيءَ جو ٻج نه پوکيو،
جو ان مان ڀلائيءَ جو ڦر نه کنيائين.
پنهنجي ڄمار ۾ ڪڏهن نه ٻڌوسون،
جو بڇڙيء ماڻهوءَ کي چڱائي آڏو آئي.

 

 

209 –        جيڪي ڪُنيءَ ۾ هوندو، سو پاٽ ۾ پوندو.

        يعني ڪُنيءَ ۾ پلاءُ رڌل هوندو ته پلاءُ، جي رٻ رڌل هوندي ته رٻ پاٽ ۾ پرڇبي. پر مطلب سندس اهڙو آهي جهڙو پهاڪي نمبر 208 واري ۾ ليکا آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org