سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گل شڪر

باب: -

صفحو :6

 

247 –        دال روٽيءَ کاڌي ڌن کٽي، ته کٽڻ ڏي.

        دال روٽي کائڻ قناعت جو آريکڻ آهي، تنهن جي کاڌي ماڻهو ولهو ڪين ٿئي؛ پر جي ولهو ٿئي، ته به ٽرڙائيءَ جو نالو مٿس نه پوندو. پر مطلب هي آهي، جو پهاڪي وارو قناعت لاءِ تاڪيد ٿو ڪري. تنهن لاءِ فارسي پهاڪو پڻ آهي:

فارسي:         تونگري بقناعت بھ از تونگري به بضاعت.

 

248 –        دل کوٽي ته عذر گهڻا.

        اهڙو فارسي پهاڪو پڻ آيو آهي. ”دل ناخوار را عذر است بسيار.“

        تنهن جو مضمون ساڳيو سنڌيءَ وارو آهي؛ مطلب سندن هي آهي، جو جڏهن دل ۾ کوٽ هوندو، تڏهن گسائڻ لاءِ مِنهن گهڻا.

 

259 –        دائيءَ کان ڪو پيٽ ڳجهو آهي.

 

        دائيءَ، جا زال کي ويارائي ٿي، تنهن کان پيٽ ڳجهو نه آهي، تڏهن ڌڻيءَ جو هن ماڻهوءَ جو اُپائڻهار ۽ پالڻ وارو آهي، تنهن کان سندس ڪهڙو حال ڳجهو هوندو؟ تنهن تي هڪڙو مثال آيو آهي:

        ٻٽي ڄڻا گڏجي هڪڙي ڪامل وٽ مريد ٿيڻ لاءِ ويا؛ تنهن چڪاس لاءِ هڪڙي هڪڙي کي ڌار ڌار ڪري هڪڙو هڪڙو پکي ڏنو، ۽ چيائين جو جاتي ڪوئي ڪونه ڏسي، اتي ڪهي کڻي اچو. ٿوريءَ ويرم کان ٻيا سڀ پکي ڪهي کڻي آيا، مگر هڪڙي جيئرو واري آندو. چيائين جو جاتي وڃان ٿو، تاتي ڌڻي، جو انتر جامي آهي، سو ڏسي ٿو. تنهن جي ايمان تي ڪامل شاباس ڪئي. مطلب جو ڌڻي سڀ ڳالهه جو ڄاڻندڙ وينندڙ آهي.

 

250 -         دولت نهن کان ماس وڇوڙي.

 

        نهن کان ماس وڇوڙي، هيءَ اصطلاحي ڳالهه آهي، يعني پيءُ کان پٽ، ڀاءُ کان ڀاءُ وڇڙي پري ٿئي. مطلب جو دولت اهڙي نازڪ ۽ پياري وٿ آهي، جو سنديس ڏيتي ليتي مائٽن کان مائٽ ۽ دوست وڇوڙي. تنهن تي هڪڙو مثال آيو آهي.

        هڪڙي ساڌ پنهنجي گروءَ کي چيو، جو ماڻهو وٽم گهڻا ٿا اچن، تن جي گوڙ وچان ڌڻيءَ جي ڀڄن ۾ سيڙ ٿي ٿئي. تنهن کي چيائين ته جيڪو وهيون هئي، تنهن کان اڌار گهر؛ ۽ جيڪو ولهو هجي تنهن کي اُڌارو ڏي، ته جڏهن مايا جي ڏيتي ليتي ٿي، تڏهن سائي کي اُڌارو ڏيڻ ۽ سڃي کي قرض لاهڻ ڏکيو لڳندو، سي وري ڪين ايندا.

        اِن ڳالهه تي ٻيو به هڪڙو ڏٺل ٽوٽڪو ياد آيو اٿم:

        زيه سئو (100) رپين، بڪر، پنهنجي پراڻي يار کان اُڌارو گُهريو؛ تنهن نه ڏنس، ڪن ڏهاڙن کان پوءِ بڪر کي زيد ڏوراپو ڏيئي چيو، جو مون کي تو ۾ اها اُميد نه هئي، ته سئو (100) رپين لاءِ مون کي موٽائيندين. تنهن کي بڪر چيو، جو مون پڻ تو ۾ اها اميد نه ڄاتي هئي، جو تون هيترن ورهين جي دوستي ٿوريءَ ڳالهه لاءِ ڇنندين. تنهن کان زيد کلي پڇو ته سو ڪيئن؟ چي جا دولت نهان ماس وڇوڙي، سا تو ۽ منهنجي دوستيءَ ۾ وڇوڙو وجهندي، ڇا ويرم ڪندي؟ هاڻي ويچار گُهرجي، ته دولت وڇوڙي جو سبب آهي يا نه؟

 

251 –        دل ڪاريءَ کان منهن ڪارو چڱو آهي.

 

        دل ۾ کوٽ ۽ ڪپت رکي، ظاهر پاڻ کي درويش چوائڻ کان ڪارمنهائي چڱي آهي، تنهن تي فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: نکو سير تي بي تکلف برون،
بھ از پارسائي خراب اندرون.

 

ترجمون:        ٻاهران سادائي، اندر ۾ موچاري عادت،
فقيريءَ کان چڱي، جنهن ۾ اندر بڇڙو.

 

 

252 -         دولتمندن جا ڏاند ويامن.

 

        ڏاند جو ويامڻ، هي نه ٿيڻ جي ڳالهه آهي پر پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو ڀاڳوان ماڻهوءَ کي ناممڪن هنڌان پڻ فائدو ملي ٿو. ان تي هڪڙو نقل آيو آهي:

        هڪڙي ڌنوان ماڻهوءَ چيو، جو شاهوڪارن جو ناڻو ويامندو آهي، اها ڳالهه ٻڌي هڪڙي ولهي ان ساڳئي دولتمند کان سئو (100) رپين وياجيرو وٺي آڻي گهر رکيو؛ ڀانيائين جو جڏهن رپيا ويامندا، تڏهن ٻچا پاڻ وٽ رکي رپيا شاهوڪار کي ورائي ڏيندس. ٿورن ڏينهن کان پوءِ شاهوڪار رپيا گهريس، ڏٺائين جو اوترائي رکيا آهن، تڏهن رپيو ٻه وياج جو گهران وجهي ڏنائين ۽ شاهوڪار کي رپين جي نه ويامڻ جو ڏوراپو ڏنائين. تڏهن اهي وياج وارا رپيا ڏيکاري چيس، جو رپين جو ويامڻ اهو آهي، جهڙا منهنجا ويايا. تنهنڪري ڄاڻڻ گهرجي، جو ڏاندن جو ويامڻ پڻ اهڙو آهي.

ڌ

 

253 –        ڌاتوري ڌاري، جي ڪجي ڪار ڪماند جي؛

        ته به اصل انهيءَ پار جو ڏينا ڏيکاري.

        ڌاتورو هڪڙو بڇڙو وڻ آهي، جو جهنگ ۾ يا ٿوريءَ محنت سان باغن ۾ ٿئي؛ پر جيڪڏهن ڪو ان کي ڪمند جي پوک وانگي گڏ ڪري ڀاڻ ڏئي، ۽ پرٿو پاڻي پياري، ته به منجهانس ڦر اُهي ساڳيا ڏينا ٿيندا؛ ڪماند جهڙي رس يا ڪڪھ ڪڏهن به نه ٿيندو. تنهن وانگي لچ ماڻهوءَ سان گهڻي مهرباني يا تربيت ڪبي، ته به نيٺ منجهانس لچائي پيدا ٿيندي، ۽ چڱائي ڪانه نڪرندي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: ابرگر آب زندگي بارد،
هرگز از شاخ بيدبر نه خوري.

 

ترجمون:        جيڪڏهن ڪڪر پاڻيءَ جي بدران انبرت وسائي،
نيٽ جي ٽاريءَ مان ڪڏهن ڦر نه کائيندين.

 

 

254 –        ڌڪو کڻجي ڀاءُ لڳ، شاهدي ڏجي الله لڳ.

 

        جهيڙي جهٽي ۾ ڀاءُ بدران ڌڪو کڻي وڙهڻ هڪڙي ريت يا خوءِ آهي؛ پر جيڪڏهن شاهدي ڏيڻي پوي، پوءِ توڙي سڳي ڀاءُ يا مائٽ جي پاران هئي، ته به ڌڻيءَ ڏي ڏسي جيتري جي تيتري ڳالهائجي، يعني ڪوڙ ڳالهائڻ سڀ بڇڙو، پر تنهن ۾ به شاهدي ڪوڙي، جنهن مان غير واجبي ڦل نڪري، ڏيڻ ڏاڍي بڇڙي آهي. تنهن تي هڪڙي ڳالهه ياد آئي آهي:

 

ڳالهه

 

        هڪڙي اشراف سردار يورپيءَ کان ٻڌو اٿم، جو انگلنڊ ۾ هڪڙيءَ عورت تي خون جو مقدمو هليو، تنهن پنهنجي بچاءُ ۾ پنهنجي ڀيڻ جي شاهدي واري. اُها ڀيڻس اهڙي آبروءَ واري هئي، جو جيڪڏهن ڪوڙ به ڳالهائي ڀيڻ جي بچاءَ واري شهادي ڏئي ها، ته جيڪر جائي هوءَ ڇٽي وڃي. پر هن اهڙي ضرور ۾ پڻ ڪورٽ ۾ ڪوڙ نه ڳالهايو؛ تنهنڪري قيدڻ جي بچاو جو رستو بند رهيو. اها ڳالهه ملڪه معظمه دام اقبالها ٻڌي اُن سچيار عورت کي ساراهيو: هي پهاڪو اهڙا اشارو ٿو ڏئي.

 

255 –        ڌڻيءَ ري ڌڻ سڃو، ڌڻ ري سڃي واڙ.

 

        ڌڻي يعني ڌنار، جنهن ڌڻ سان ڌنار نه هوندو، يا جنهن واڙ ۾ ڌڻ نه هوندو ته سڃا ليکبا يا نه؟ تنهن وانگي جنهن پرجا جي سنڀالڻ لاءِ راجا نه هوندو، يا جنهن ملڪ جي وسائڻ لاءِ پرجا نه هوندي ته سڃا ڄائبا. تنهن تي فارسيءَ واري پڻ هڪڙو پهاڪو چيو آهي:

 

فارسي: رعيت بي سلطان رمھ است بي چوبان،
ملک بي رعيت همچو خانھ درگورستان،

 

ترجمون:        راجا بنا پرجا اهڙي، جهڙو ڌنار بنا ڌڻ،
پرجا بنا ملڪ اهڙو، جهڙو مقام ۾ گهر.

 

 

256 –        ڌن رک ڌوڙ ۾، ته چمڪاٽ ڏئي نور ۾.

 

        ڌن يعني دولت، ڌوڙ ۾ يعني ڌرتيءَ يا کڏ ۾؛ جيڪڏهن ڪو شخص دولت ڌرتيءَ ۾ پوري رکي، ته به لڇڻن مان سنديس دولتمندي پڌي رهي. تنهن وانگي هڪڙو الله والو ڌڻيءَ جي عبادت لڪائي ڪري، يا ماڻهن کان پاڻ لڪائي وتي، ته به ڳجهو نه رهي. جهڙو رجب صاحب چيو آهي:

 

وچن:   ڀڳت ڪري پاتال ۾ پر گهٽ هوءِ آڪاس؛
رجب تينون لوڪ ۾ ڇپي نه هرڪو داس.

 

ارٿ:   ڌرتيءَ کان هيت ڀڄن ڪري، ته اُڀ ۾ پڌرو ٿئي،
ڌڻيءَ جو ٻانهو ٽنهين لوڪن ۾ ڳجهو نه رهي.

 

 

ڏ

 

257 – ڏاهو ڪانءُ کائي گونهن، ڀوري بُربلي کائي شڪر.

 

        ڀوري يعني اياڻي. سياڻپون توڙي اياڻپون ٽن طرحن جون آهن؛ تن ۾ هڪڙي رحماني، ٻي انساني، ٽين شيطاني؛ تن مان هي پهاڪو شيطاني سياڻپ ۽ اياڻپ لاءِ آيو آهي. جهڙو ڪانءَ جي سياڻپ هيءَ آهي، جو ٻين پکين جي آکيرن مان آنا، ٻچا ڪڍي کائي، ته اهڙي سياڻپ جو ڦل اهڙو کاڄ ٿو مليس، جو اهڙيءَ لاءِ گورو نانڪ شاهه جو وچن آهي:

 

وچن:           بهت سياڻپ جم جو ڪاڀَو وياپي.

ارٿ:           گهڻي ڏاهپ موت جو ڊپ ويڙهي.

        ۽ بربل هڪڙو ننڍڙو پکي ٻارن جي راند ڪرڻ جو آهي، تنهن جي اياڻپ هيءَ، جو ڇوڪرن وٽ سگهي هري، جهنگ وساري؛ تنهن جو ڦل ڇوڪرن جي هٿان مٺاڻ کائي. جهڙو فارسي وارو چوي ٿو:

 

فارسي: بنادان آنچنان روزي رساند،
 که صد دانا دران حيران بماند.

 

ترجمون:        اياڻي کي ڌڻي اهڙيءَ طرح رزق پهچائي،
جو سوَ سياڻا اُن ۾ منجهي رهن.

 

        پر اهڙي سياڻپ توڙي اياڻپ ته گهوري، ۽ سياڻپ اُها گهرجي جنهن سان ڌڻيءَ ملڻ جي واٽ هٿ اچي. ۽ اُها اياڻپ به چڱي، جنهن سان دنيا جا خلل ۽ لچايون ڏانوَ نه اچن.

 

258 –        ڏاهو ڪانءُ ٻه ڄنگهو ڦاسي.

 

        ڪانءُ سياڻو پکي آهي، جو اهنجو ڦاسي؛ پر ماري سندس ڦاسائڻ لاءِ اهڙي ڊول سان ڦاهي منڊن، جنهن ۾ سنديس ٻئي ٽنگون ڦاسي پون، جو وري ڇٽي نه سگهي. مطلب هن پهاڪي جو پڻ نمبر 257 پهاڪي وارو آهي.

 

259 –        ڏُڌو کير ٿڻن ۾ نه پوي.

 

        هي پهاڪو اهڙو آهي، جهڙو ڳالهايل اکر وري وات ۾ نه اچي؛ تنهن وانگي جو ڪم هٿان ڇٽي ويو، سو وري ڪٿان هٿ ايندو. اهڙو بيان نمبر 404 واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

 

260 –        ڏيڻ سڀ چڱو، بڇڙي هڪڙي گار؛

        وٺن سڀ بڇڙو، چڱي هڪڙي دل.

        يعني هٿان ڏيڻ سڀڪي موچارو آهي، جنهن مان سڀڪو راضي ٿئي؛ پر گار ڏيڻ اهڙي بڇڙي آهي، جنهن کان ڀولو پڻ مٺيان ڀانئين. ۽ وٺڻ ڪي به چڱو نه آهي؛ مگر ڪنهن جي دل وٺڻ يعني راضي ڪرڻ چڱي آهي. تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: بدست آور دن دنيا هنر نيست؛
يکي راگر تواني دل بدست آر.

 

ترجمون:        دولت هٿ آڻڻ وڏو هنر نه آهي؛
ٿي سگهي ته هڪڙي جي دل هٿ آڻ.

 

 

261 –        ڏيئي کي پٺ ۾ اوندهه.

 

        يعني اُوندهه پٺ ڏانهن لڪايو وتي؛ ۽ سوجهرو پڌرو ڪيو ڏيکاري. تنهن وانگي بعضي ماڻهو پڻ پنهنجا عيب لڪايو صواب پڌرا ڪن، هي پهاڪو اهڙن کي ٿو ٽڪي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي: اي هنر ها نهاده بر کف دست،
عيبهارا نهاده زير بغل؛
تاچه خواهي خريدن اي مغرور،
روز در ماندگي به سيم دغل؟

 

ترجمون:        اي پنهنجا ڳڻ هٿ جي تريءَ تي رکيا اٿي،
اَو ڳڻن کي ڪڇ هيٺ لڪايو اٿي،
اڙي هٺيلا! ڇا ڳنهي سگهندين،
گهرج جي مهل ۾، کوٽي رپي سان؟

 

262 –        ڏيتا نهين، چي پورا تول.

 

        هن پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، جو هو وڪڻڻ واري نه ڪري، هي چويس جو پورو تورج. پر مطلب هي آهي جو هڪڙو شخص اڻ ڪوٺيو. ڪنهن جي گهر ۾ وڃي ۽ گهر ڌڻيءَ کي رڳو سندس اچڻ به نه وڻي ۽ هو چوي، جو آءٌ کچڻي ڪين کائيندس، مون لاءِ پلاءُ جوڙائج. تنهن تي هنديءَ واري پڻ چيو آهي:

هندي:         مان منائي بن ڪهت اَو کيل هيس ٻول،
بَنِڪُ هاٽ نه دي، ڪھ جهڪتوئي تول.

 

ترجمون:        آڌر ملي بنا چوي، جو اچ کيڏ، کل، ڳالهاءِ،
هٽائي وهڻ نه ڏئي، چئجيس اُٽل سان تور.

 

پر سياڻي کي هڙي هلت ڪرڻ نه گهرجي؛ ڇا کان جو ڪنهن تي اجايو بار ٿي پوڻ چڱو نه آهي. اهڙو ذڪر نمبر 552 واري پهاڪي ۾ پڻ هليو آهي.

 

263 –        ڏنڀجي گڏهه، سور ٿئي ساٽيءَ کي.

 

        ساٽي، گڏهه جو ڌڻي، گڏهه ڏنڀجڻ مان ساٽيءَ کي سور ٿيڻ رڳي ساٽيءَ جي بي سمجهي آهي، تنهن وانگي بعضي لچا ماڻهو پنهنجو ڪيو پائن ۽ ٻيا مورک ان جي حال تي ارمان ڪن.

 

264 – ڏاندان ڳاههُ مردان ڌُڪا، زالان، ساهه، پنڌ وچ سُڪا،

گهوڙا ضبط ڪنان وڃ لڪا.

        ڳاهه، پوک جي سنگ گڏ ڪري پنج ڏهه ڏاند گڏ ٻڌي هلر وهائين سو ڌڪا، جي اُهي سنگ ٿورا هئن، ته ڳچ جيترا مڙس گڏ ٿي سوٽن سان ڪٽن سي. اهي ٻه ڪم ڏاندن ۽ مڙسن کي ڏکيا لڳن، تئن زالن کي پنڌ ۽ گهوڙن کي پوک ڪڇڻ جي مهل چڙهي اهنجي آهي. ڌڻي شال سهندا بار نه ڏئي!

 

265 –        ڏُچَرُ گهوڙو، سُچَر زال ٻئي ٻن پيا.

 

        ڏُچَر يعني ٿور کائڪ، سُچَر يعني گهڻ کائڪ، ٻن پيا، هي اصطلاحي لفظ آهي جهڙو چئجي کوه پيا، يا کڏ پيا، جنهن جو مطلب پڻ هوندو چڱو. ۽ پهاڪي جو مطلب آهي، جو ڏچر گهوڙي جي گلا ٿو ڪري، سو سچ، هن ريت جو ڏچر گهوڙو متارو نه ٿيندو، مهل ۾ ڪم به نه ايندو. تنهن وانگي سچر زال جي پڻ نندا ڪري ٿو، تنهن ۾ به ڦير ڪونه آهي؛ هن طرح جو زال جي ذات کي چَٽائيءَ جي هير پيئي، ته سگهو گهر کي چپڙ چٽ ڪندي.

 

266 –        ڏکڻ مينهن نه وسڻا وسي ته ٻوڙي،

        ڪانئر ڌڪ نه هڻڻان هڻي ته جهوري.

        هن ملڪ ۾ ڏکڻ پاسي جو مينهن گهڻو ڪري ڪين وسي پر جڏهن ڪڏهين وسي ته اهڙو گهڻو وسي، جو ٻوڏ ڪري. پهاڪي وارو ڪانئر کي پڻ اهڙو ڄاڻي ٿو؛ سو سچ آهي جو ڪانئر ڊپ کان ڌڪ نه هڻندو؛ پر جڏهن هڻندو تڏهين ڊڄي ڏاڍو هڻندو.

 

267–         ڏني جو پٽ ڇٽو.

 

        ڏنو ۽ ڇٽو، هي ٻئي ماڻهن جا نالا آهن، پهاڪي جو مطلب يعني معنيٰ هيءَ آهي، جو جنهن ڏنو، سو ڇٽو. پر مراد سنديس هڪڙي هيءَ به آهي، جو جنهن کي ڪي قرض ڏيڻو هوندو، سو جڏهن ڏيندو، تڏهن ڇٽندو؛ ٻي هي آهيءَ ته جو سخاوت ڪندو، سو پرلوڪ جي ڏکن کان ڇٽندو؛ ٽين هيءَ، جو دنيا خدا جي واٽ کي ٻنڌ آهي، تنهن کي جو ڇڏيندو سو ڇٽندو. تنهن تي هڪڙو مثل آهي:

        هڪڙي ڪامل پنهنجي مريد کي اُپديش ڪيو، جو دنيا کي ڇڏيندين، ته ڇٽيندين. هڪڙي ڏهاڙي اُهو ساڳيو مريد، ڪامل جي ڪچهريءَ ۾ ويو، جتي ماڻهو تمام گهڻا ويٺا هئا؛ جنهنڪري مريد کي اندر لنگهي وهڻ جي اُميد نه ٿي. تڏهن مُهر هڪڙي سون جي کيسي مان ڪڍي ڪامل جي خاص مريد کي ڏنائين، جو ڪامل جي اڳيان ويٺو هو، سو مهر جي لالچ تي اها جاءِ ڇڏي ٻاهر ويو. اُن مريد اتي ويهي ڪامل کي عرض ڪيو، جو جنهن دنيا ڇڏڻ لاءِ فرمايو هُئو، تنهن جي برڪت سان اوهان جي اڳيان وهڻ مليو اٿم. تڏهن ڪامل چيو، سو پڻ تڏهن، جڏهن هٿان ڇڏيءَ؛ نه ته جنهن ورتي، تنهن کان اها جاءِ ويئي.

 

268 –        ڏُٻري ڍور کي مڇر گهڻا.

 

        معنيٰ هن پهاڪي جي پڌري آهي، ۽ مطلب هي آهي، جو هيڻي کي سڀڪو ماري. جهڙو فارسيءَ ۾ بيت آيو آهي:

فارسي: بقهرِ خدا چون کسي اوفتاد.
همھ عالمش پاءِ بر سر نهند.

 

ترجمون:        ڌڻيءَ جي ڏمر ۾ جڏهن ڪو پوي،
سڀ ماڻهو اُن جي مٿي تي لت رکن.

 

269 –        ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، ڏيهي ڇڏڻ ٽيئي اهنجا.

        ڏيڻ يعني ناڻو هٿان ڏيڻ، ڏيهه ڇڏڻ، يعني وطن ڇڏڻ، ۽ پرڏيهه وڃڻ، ڏيهي ڇڏڻ يعني مرڻ، سچ هي ٽيئي ڪم ڏاڍا اهنجا آهن.

1 –    ڏيڻ جي نسبت ۾ سياڻا چوندا آهن، جو ڏيڻ ۽ روئڻ دل جي هيٺان، ۽ گهرڻ کلڻ دل جي مٿان آهن؛ سو مٿ واري شي ڪڍڻ سولي، ۽ هيٺ واري اولي آهي.

2 –   ڏيهه ڇڏڻ پڻ سولو نه آهي؛ ڇاکان جو سفر جا ڏک جنهن ڏٺا هوندا، سو ڄاڻندو هوندو، تنهن تي فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: سفر اگرچه به يک نقطه کمتر از سفر است،
ولي عذاب سفر از سقر زياده تر است.

 

ترجمون:        نقطن ۾ سفر هڪڙو نقطوسقر * کان گهٽ آهي؛
پر سفر جو ڏک دوزخ کان واڌو آهي.

 

3 –   مرڻ سڀ کان ڏکيو آهي، جو ڪنهن کي نه وڻي؛ ان لاءِ فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: نديده که چه سختي رسد بحال کسي،
که از دهانش بدر ميکنند دنداني؛
قياس کن که حالت بود دران ساعت،
که از وجود عزيزش بدر رود جاني.

 

ترجمون:        نه ڏٺو اٿي، جو اُن شخص کي ڪهڙو حال رسندو آهي، جنهن جي وات مان رڳو ڏند ڪڍندا آهن؟ ويچار ڪر، ته اُن مهل ڪهڙو حال ٿيندو هوندو، جڏهن پياري بت مان ساهه ٻاهر ويندو هوندو!


 

تنهن تي هڪڙو نقل ياد آيو اٿم:

        هڪڙي پوڙهي عورت جيئڻ کان ورتي؛ سا ڏهاڙي وڻ تي چڙهي، اُڀ ڏي نهاري چوندي هئي، ته ڌڻي منهنجا! عزرائيل موڪلي مون کي گُهرائي. هڪڙي ڏهاڙي رات جو سندس پاڙي واري گهر ۾ هڪڙي گابي وڃي هڪڙي تس ۾ ٻوٿ وڌو، جو اٽڪي پيس؛ سو گابو سوڌو هن پوڙهيءَ جي گهر ۾ گهڙي ويو، تنهن کي اوندهه جي سبب نه سڃاتائين ۽ عجب جهڙو ڏسي گابي کي عزرائيل ڄاڻي ڀڳي، ۽ چيائين، جو منان عزرائيل! ڌڻيءَ وٽان توکي جنهن عورت آڻڻ جو حڪم مليو آهي، سا آءٌ نه آهيان. اُها منهنجي ڀيڻ منهنجي مهانڊي آهي، منهنجي گهر ڀلجي آيو آهين؟ ڏسو هاڻي ته پهاڪي واري سچ چيو آهي يا نه؟

 

270 –        ڏياريءَ جو ڏيئو ڏٺو، ننڍو وڏو چڀڙ مٺو.

 

چڀڙ هڪڙيءَ ول جو ڦر آهي، جو ڪَتيءَ جو پوک سان ٿئي، ۽ ميترو پڻ چوندنس، جنهن کي ماڻهو ڪڏهن ڪچو کائن ڪڏهن تيوڻ ۾ وجهن؛ بعضي چيري، لوڻي، سڪائي، ڪچريون ڪري، گيهه ۾ تري کائين. پر جاسين ڪچڙو هئي تاسين ڪڙو لڳي؛ ۽ جڏهن ڏياريءَ وارن ڏهاڙن ۾ پچي، تڏهن ڪوڙت ڇڏي، تنهن لاءِ ماڻهو هي پهاڪو چوندا آهن، منجهانس ٻيو ڦل ڪونه ٿو نڪري.

 

271 –        ڏٺو سڀ وسار، اڻ ڏٺي کي ياد ڪر.

 

        ڏٺو يعني دنيا جو ڌنڌو جيڪي ڏسجي ٿو، اڻ ڏٺو يعني ڌڻي پاڪ، جنهن کي هن اکين سان ڏسي نه سگهجي. مطلب هي آهي، جو دنيا جو ڌنڌو جو ڏسڻ ۾ ٿو اچي، سو سڀ ناس ٿيندو. جهڙو گورو نانڪ شاهه چيو آهي:

وچن:   جو ديسي سو سگل بِناسي، جيون بادل ڪي ڇائي.

ارٿ:   جيڪي ڏسجي ٿو سو ناس ٿيندو، جئن ڪڪر جو پاڇو.

        تنهن کي وساري ڇڏ ۽ ڌڻي پاڪ جنهن کي ڏسي نٿو سگهي، تنهن کي ياد رک. اِن حرفن جي ورجائڻ لاءِ مولوي صاحب جو پڻ بيت آهي:

بيت:   آنچه در انيشه آيد آن فنا است؛
آنچه اندر وهم نايد آن خدا است.

 

ترجمون:        جيڪي فڪر ۾ اچي سو ناس ٿيندو؛
جيڪي فڪر ۾ نه اچي اُهو ڌڻي آهي.

 

 

272 –        ڏاندَ چڙهي ٿي ڏک ڏسي.

 

        جنهن غريب ماڻهوءَ کي پنڌ ۾ چڙهڻ واسطي ڏاند ملي، سو پنڌڙئي کان سکيو هلندو؛ پر جڏهن اهڙيءَ حالت ۾ بي راضي ٿئي. تڏهن جاڻبو، جو ڌڻيءَ جي ڏني تي بي شڪر ٿي هن پهاڪي جو مخاطب آهي. مثل:

        هڪڙو غريب ماڻهو ڪٿان لڏي جنڊ مٿي تي کڻي، جوءِ ڏاند تي چڙهي ڪاڏيو هليو: واٽ تي زال کي هڪڙي ساهيڙي ملي، تنهن کيڪاري پڇيس، تنهن جي اڳيان مڙس ڏي هٿ کڻي چيائين، جو هو جنڊ کنيو جشن ڪندو هلي، آءٌ ڏاند چڙهي ڏک ڏسندي ٿي وڃان. تنهن کي ساهيڙيءَ چيو، جو مڙس توکي مهرباني ڪري ڏاند تي چاڙهيو آهي، ته شڪر بدران سندس گلا ٿي ڪرين. سو مڙس توکان ڇا راضي رهندو؟ تنهن وانگي جو شخص ڌڻيءَ جي نعمت جو شڪر نه ڪندو، تنهن سان ڌڻي راضي نه رهندو. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: خداوند زان بنده خورسند نيست،
که راضي قسمت خداوند نيست.

 

ترجمون:        اُن ٻانهي کان ڌڻي راضي نه آهي،
جو ڌڻيءَ جي ورهاڱي تي راضي نه آهي.

 

273 –        ڏُٿ نه کُٽو، ڏوٿي کُٽا.

 

        ڏٿ يعني جهنگلي اَن ۽ ٻيون شيون، جهڙي ساوڙي، گُم مکڻي، لوڙهه، بهه ۽ ٻيا؛ ڏوٿي يعني جهنگلي غريب ماڻهو جي ڏٿ تي گذر ڪن.

        معنيٰ پهاڪي جي هيءَ آهي، جو ڏوٿي گهڻائي ڏٿ چونڊي کائي کائي مري ويا؛ پر ڏٿ مند تي اوتري جو اترو. تنهن وانگي هن ڌرتيءَ تان ڪيترا راجائون راڄ ڪري هليا ويا؛ ڌرتي جهڙي جي تهڙي. تنهن تي ديندار ماڻهو هڪڙو مثل چوندا آهن، جو جڏهن ٻه راجائون ڌرتيءَ تي پنهنجي پنهنجي دعوا ڪري ويڙهه ڪن، تڏهن ڌرتي کلي چوي؛ جو هنن جهڙا اڳي ڪيترا ڳيٿا اٿم، تن وانگي هنن کي به کائينديس، جي مون کي پنهنجو ٿا ڄاڻن.

 

274 –        ڏِس ڪاڻيءَ کان اک ڪاڻي چڱي.

        ڏس ڪاڻي، هي اصطلاحي لفظ آهن جو جيڪڏهن ڪنهن هنڌان قرض کڻي ڪو ڀڄي ٻئي ملڪ ۾ وڃي، ته ڄڻ ڏس ڪاڻي ڪيائين. پهاڪي واري جو مطلب هي آهي، جو اهڙيءَ ڪُپت ڪرڻ کان ڪاڻو ٿيڻ چڱو، پر ان لاءِ ڪو سچ پڇي ته انڌو چڱو آهي.

 

275 –        ڏائڻ هلي مڙدا، ڪڍڻ، مڙدن، ڪپڙا به لاهي ورتس.

        رَن پنهنجو ٻل ساري ڪم نه ڪيو، تڏهن اهو حال ٿيس؛ ڇو پنهنجي قدرت کان واڌو ڪم ۾ هٿ وڌائين؟ ان لاءِ هڪڙو مثل آيو آهي:

        هڪڙو ڪوريئڙو مک جي شڪار لاءِ هليو؛ مک جي بدران ڪاٿي هڪڙو باز ويٺل ڏٺائين، ڀانيائين، جو اهڙو شڪار آهي، جنهن مان گهڻن ڏهاڙن جو ڍئو ٿيندو. تنهن لوڀ تي باز جي ڦاسڻ لاءِ پنهنجي گگ جي تند مٿس ويڙهيندي گهڻي ويرم وڃايائين. ايتري ۾ باز اُڏاڻو، تنهن کي گگ جي تندن نه جهليو؛ پر سندس کنڀن جي واءَ ۾ ڪوريئڙو پڻ اڏامي ويو. تنهن وانگي، جو ماڻهو پنهجي پهچ کان واڌو ڪم ۾ هٿ وجهندو، سو نيٺ باهُڙبو.

ڊ

 

276 –        ڊڄ تنهين جي ڊاءُ، جنهن جي وائيءَ ۾ ور گهڻا.

 

        ڊاءُ يعني ڊپ، مطلب هي آهي جو جنهن جي زبان هڪڙي نه آهي، يعني منجهس ڦير گهير ٿئي ٿو، جو ڪڏهن ڪا ڳالهه ڳالهائي، يا ڪڏهن ڪنهن سان ڪڏهن ڪنهن سان همراهه ٿئي، تنهن کان يا تنهن جي سنگت کان ڊڄجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: بيزارم زان چشم که هرسو نگران،
بيزارم زان دل ڪه پنجاءِ زبان،
بيزارم از صحبت ياران چنان،
گھ بامن، گھ باتو، گھ با دگران.

 

ترجمون:        جا اک سڀني پاسي نهاري تنهن کان ورتل آهيان،
جنهن جي دل هڪڙي زبانون پنجاه تنهن کان ورتل آهيان،
اهڙن يارن جي صحبت کان ورتل آهيان،
جي ڪڏهن توسان، ڪڏهن مون سان، ڪڏهن ٻين سان.

 

 

277 –        ڊني واڻئي لاڀ نه مور.

 

        واڻيو يعني واپاري؛ مطلب واپاري ڊڄي واپار ۾ هٿ نه وجهندو، تنهن کي ڪٿان فائدو ٿيندو؟ ۽ سياڻا چوندا آهن، جو واپار ڪم جر جي ٽٻي آهي، تنهن ۾ واڌي جو سوس گهڻو آهي، ته گهاٽي جو ڊپ پڻ ٿورو نه آهي؛ هن فارسيءَ پهاڪي وانگي:

 

پهاڪو:                يا گنج برگيري، يا در تلاطم امواج بميري.

ترجمون:                يا خزانو هٿ ڪندين يا لهر جي لوڏن ۾ مرندين.

 

        پر مطلب هي آهي، ته جو دنيا جو ماڻهو ڏاکڙي کان ڊڄندو، تنهن کي روزگار ڪٿان هٿ لڳندو؟ جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org