سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: گل شڪر

باب: -

صفحو :5

 

210 –        جهڙا روح تهڙا ختما.

        هي پهاڪو مسلماني اصطلاح جو آهي، جو مئن جي روحن نيت کاڄ جوڙي ختما ڏيارين؛ پر وڏن ماڻهن جي روحن لاءِ اُچا کاڄ، ۽ غريبن لاءِ سادا. مگر مطلب هي آهي جو سڀ هڪجهڙا لياقت وارا نه آهن. هڪڙا اهڙا، جن مان شاباش چوڻ سان ڪم ڇٽي، ۽ هڪڙن کي ڪم ڪرڻ لاءِ ڦٽ لعنت جو ضرور ٿئي. جهڙو فارسي بيت آهي:

 

فارسي: نه هر کس سزاوار باشد بمال،
يکي مال خواهد دگر گوشمال.

 

ترجمون:        سڀڪو مال وٺڻ جو جوڳو نه هُئي،
هڪڙو مال گُهري ٻيو ڪَنَ مهٽ.

 

211 – جهڙا ڪانوَ تهڙا ٻچا.

 

        ڪانءُ هڪڙو بڇڙي مهانڊي وارو پکي آهي، پر پکين ۾ سياڻو پکي ٿو سڏجي. سو جڏهن پاڻ سياڻو، تڏهن سندس ٻچا پڻ سياڻا چئبا. تنهن وانگي سگهڙ ماڻهوءَ جو اولاد پڻ سگهڙ ڄاڻبو. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:

فارسي: کسي را که بابا فلاطون بود،
ازان پُر هنر بي هنر چون بود؟

 

ترجمون:        جنهن جو پيءُ فلاطون * هُئي،
اهڙي هنر واري مان اڄاڻ پُٽ ڪئن ٿئي؟

 

 

212 –        جيڏا اُٺ، تيڏا لوڏا.

 

        اُٺ وڏي قد وارو وهٽ اهي؛ تنهنڪري سواريءَ ۾ سندس لوڏو پڻ وڏو ٿئي. گڏهه ننڍو وهٽ آهي، ته سندس آهي؛ ته مٿس ڳڻتيون ۽ معاملا پڻ وڏا آهن؛ فقير غريب آهي، ته چنتا پڻ رڳي روٽيءَ جي اٿس. ان لاءِ هڪڙو نقل ياد آيو اٿم:

        فقير هڪڙو نصيب جي زور سان، ڪاٿي وڃي راجا ٿيو. هڪڙي ٻئي فقير، جو سندس آڳاٽو سڃاڻو هو، اِهو حال ڏسي واڌائي ڏنيس، تنهن کي فارسيءَ ۾ چيائين:

فارسي: تعزيت کن، تهنيت مده،
پيشتر غم ناني داشتم، حالا غم حهاني.

 

ترجمون:        8 پرچاڻي ڪر، واڌائي نه ڏي،
اڳي مانيءَ جي ڳڻتي هيم، هاڻي جهان جو ڏک اٿم.

 

        هي بيت پڻ ٻڌو اٿم:

بيت:   گدارا چو حاصل شود نانِ شام،
چنان خوش بخسپد که سلطانِ شام.

 

ترجمون:        پينار کي سانجهيءَ جي ماني جڏهن پڙ پي،
اهڙو سکالو سمهي، جهڙو شام ولايت جو راجا.

 

 

213 –        جي جڏهن چڙهيا، سي تڏهن سوار.

        هڪڙو ماڻهو ولهو هُئي، ۽ ڌڻيءَ جي توهَ سان ڀاڳُ لڳس، ۽ وهيون ٿئي، ته اُهو وهيون ڄاڻبو؛ جهڙو نادر شاهه بادشاهه ۽ تمرلنگ بادشاهه، جي اصل غريب هئا، سي بادشاهي ملڻ کان پوءِ بادشاهه سڏيا ويا. پهاڪي وارو سچو آهي ڪ نه؟

 

214 –        جيڏو پٽ، تيڏي بکيا.

        پُٽ، دريائي ناريل جي کل جو اڌ، جنهن کي پَٽ به چون ۽ ڪشتي پڻ؛ تنهن ۾ فقير بکيا يعني پن وٺن. معنيٰ هيءَ آهي، جو وڏي پَٽ واري فقير کي گهڻي بکيا ملي ۽ ننڍي پٽ واري کي ٿوري. مطلب هي آهي، جو ڌڻي پنهنجي قدرت سان سڀڪنهن کي قدر ساروُ رزق ٿو پهچائي، جهڙو هاٿيءَ کي مڻ، ڪيليءَ کي ڪڻ. جهڙو فارسيءَ ۾ آيو آهي:

فارسي: گدا را کند يک دِرم سيم سَير،
فريدون بملکِ عجم نيم سير.

 

ترجمون:        پينار کي هڪڙو دُڪو رپي جو ڍاپائي،
فرون
* عجم جي ملڪ هوندي اڌ ڍاول.

 

 

215 – جهڙي سٺ تهڙيون ٽي ويهون.

 

هي پهاڪو ڏڏن جي بي سمجهيءَ ڏيکارڻ لاءِ آيو آهي؛ جهڙوڪي هڪڙي جت کي سٺ رپيا اُٺ جو ملهه چئجي، ۽ هو ناراض ٿي ٽي ويهون گُهري. اُن ۾ رڳي ڄٽ جي اڄاڻائي، يا ڪو ڦير؟ اِن تي هڪڙي ڳالهه ياد آئي اٿم:

 

ڳالهه

 

        سال 1857ع ۾ کپري جو مختيارڪار هوس ۽ سرڪاري حڪم سان اُٺن جي ڳنهڻ لاءِ ٿر ۾ ويس. اُتي هڪڙو ماڻهو ذات جو پلي اُٺ ويڪو وٺي آيو، ۽ سو رپين ملهه چيائين؛ تنهن کي ڪميٽيءَ جي صلاح سان ستر رپيا چيم، ته راضي نه ٿيو. چيائين جو جيڪڏهن ڏهن مٿي سٺ رپيا ڏيو، ته اُٺ ڏيان. اها ڳالهه ٻڌي سڀ مجلس وارا کلي کلي کيرا ٿياسين.

        پر مطلب هي آهي، جو اهڙن ڏڏن جي سنگت کان پاسي رهڻ چڱو آهي. اُميد نه آهي جو اهڙو ڏڏ عقل واري کان ڪي سکندو، ويتر جيڪڏهن سياڻي کي اهڙيءَ سنگت مان کرڻ جو ڊپ آهي. جهڙو فارسيءَ ۾ لکي ٿو:

فارسي: طلب کردم ز دانايان يکي پند،
مراد گفتند: با نادان مپيوندَ،
که گر داناءِ دَهري، خر نباشي،
وگر ناداني، ابلھ تر نباشي.

 

ترجمون:        سياڻن کان هڪڙي نصيحت گُهريم، مون کي چيائون،
اڄاڻ سان نه گڏ ٿيءُ، جو جيڪڏهن زماني جو سياڻو
آهين ته گڏهه نه ٿين، ۽ جيڪڏهن اِيائو آهين ته
هيڪاري ڏڏ نه ٿين.

 

 

216 –        جا مڙسي مڙسن ۾،سا مارئي ۾ ناهي.

 

        ماريو، هي اکر هن ملڪ جي زالن جي چوڻ جو آهي، جو ڪاوڙ جي مهل مڙسن يا ڇوڪرن کي چون. هن پهاڪي وارو ڪنهن گانڊوءَ ڏي اِشارو ڪري چوي ٿو، جو مڙسن واري مڙسي منجهس ناهي. پر مطلب ڇا آهي، جو مڙسي اُها، جنهن سان ڌڻيءَ کي پهچي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: مردانِ خدا خدا نباشند،
ليکن ز خدا جُدا نباشند.

 

ترجمون:        ڌڻيءَ جا مرد ڌڻي نه آهن؛
پر ڌڻيءَ کان ڌار نه آهن.

 

        ۽ جنهن ۾ اُها  مڙسي نه آهي، رڳو دنيا جو گهوڙو آهي، تنهن کي مڙس نه چئبو. بلڪ کدڙو ڄاڻبو. جهڙو عربيءَ واري چيو آهي:

 

عربي:          طَالِبُ المَوليٰ مُذَڪّراّ، طَالِبُ الدّنيَا مخَنَّثاً.

ترجمون:                ڌڻي جي ڳولو مڙس، دنيا جو ڳولو کدڙو.

 

        تڏهن جنهن ۾ اُها مڙسي نه هُئي، سو پاڻ کي مڙسن جي قطار ۾ نه ڳڻي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي: محاسن چو مردان نداري بدست،
نه مردي بود پيش مردان نشست.

 

ترجمون:        مڙسن واريون چڱايون جي پاڻ نه سارين،
ته مڙسن وٽ وهڻ مڙسي نه آهي.

 

 

217 –        جاتي پڄي نه سگهجي، تاتي ڀڄڻ ڪم وريام جو.

 

        وريام معنيٰ سورهيه، يعني پاڻان ڏاڍي سان جهيڙو هئي ۽ پهچي نه سگهي، ته ڀڄڻ به سورهيائي آهي. جهڙو فارسي بيت آهي:

 

بيت:   ز خورشيد پنهان شود بوم کور،
ڪ جهل است با آهنين پنجه زور.

 

ترجمون:        سجَ کان چٻَ انڌي لڪي رهي،
جو نوهي چنبي واري سان زور لائڻ ڏَاڏائي آهي.

 

        تنهن وانگي جيڪڏهن زمانو تنهنجي مرضيءَ موجب نه هلي ته ساڻس زور نه هلاءِ، ۽ تون سندس مرضيءَ تي هل.

جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي:         گر زمانه با تو نسازد، تو با زمانه بساز.

ترجمون:                جيڪڏهن زمانو تو سان نه ٺهي، ته تون ساڻس ٺهه.

 

218 –        جيءُ خوش، ته جهان خوش.

 

        يعني ماڻهو پاڻ سکي آهي، تنهن جي ليکي سڄو عالم سکي آهي؛ ۽ ٻئي جي ڏک جي هن کي ڪهڙي سُڌ. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

 

فارسي: کسي قيمت – تندرستي شناخت،
که يکچند بيچاره در تپ گذاشت.

 

ترجمون:        چڱڀلائيءَ جو ملهه اهو سڃاڻندو،
جو ڪي ڏهاڙا ويچارو تپ ۾ گذاريندو.

 

۽ اِن لاءِ هڪڙو نقل آهي:

        هڪڙي حجام پنج ڏهه مُهرون گڏ ڪري ڀانيءَ ۾ ڌَريون هيون. هڪڙي ڏهاڙي ملڪ جي حاڪم وٽ حجامت جوڙڻ لاءِ ويو، تنهن ملڪ جو سماچار پڇيس. تنهن کي چيائين ته ملڪ سکي وسي ٿو. پر حاڪم کي ڀانيءَ وارين مهرُن جي سڌ پئجي ويئي، تنهن ڪو ڊول ڪري اهي مهرون ڪڍائي ورتيس. وري هڪڙي ڏهاڙي سيرب جي مِنهن سڏائي ملڪ جو حال پڇانس. تڏهن چيائين ته ملڪ ڀينگ ٿيو پيو آهي. هاڻي ويچار ڪرڻ گهرجي، ته پهاڪي واري سچ چيو آهي يانه. اهڙي مطلب لاءِ نمبر 59 وارو پهاڪو پڻ آيو آهي.

 

219 –        جا بندي کي بارُ، سا صاحب کي سُٿري.

 

سچ، جو ڪم هن بندي کي اهنجو لڳي، سو ڌڻيءَ جي اڳيان سنهنجو آهي، تنهن ڪري انسان کي گهرجي، جو جڏهن ڪا سوڙهه پويس، تڏهن ان مشڪل ڪشا کي ياد ڪري، ته سولي ٿئيس. ان بابت ۾ اردوءَ واري چيو آهي:

بيت:   اي دل تو فڪر مت ڪر، تيرا خدا ڀي هي،
مشڪل پڙا تو ڪيا هي، مشڪل ڪشا ڀي هي.

 

ترجمون:        اڙي هيا! تون ڳڻتي نه ڪر، تنهنجو ڌڻي آهي،
اَوکي پيئي ته ڇا ٿيو؟ آسان ڪندڙ به آهي.

 

 

ڄ

 

220 –        ڄڱر ۽ ڄار، اگهه مڙيئي هڪڙي.

 

        ڄڱر يعني ڄاڱوري ٻير؛ جنهن جي ڪاٺي ڏاڍي ۽ ملهه واري آهي. ڄار جنهن جو ڦر پيرون، جنهن جي ڪاٺي هيڻي ۽ ٿوري لمهه واري ٿئي؛ يعني هنن ٻنهي ذاتين جون ڪاٺيون هڪ اگهه وڪامن. مطلب هي آهي جو هي پهاڪو ڪُنياوَ واري راڄ جو نشان ٿو ڏيکاري، جنهن ۾ اشراف ۽ ڪميڻي جو هڪ جيترو مانُ. جهڙو هن ڪتاب جي نمبر 15 واري پهاڪي ۾ لکيو ويو آهي.

 

221 –        ڄٽ بکيو موري کائي، موري بک گهڻيري لائي.

 

        موري جيتوڻيڪ ته پاڻ چرڪي هضم ٿئي، پر ٻئي کاڌل کاڄ کي سگهو پچائي ۽ بک لائي. ان پهاڪي مان مطلب هي ٿو نڪري، جو بعضي ماڻهو پنهنجي اڄاڻائي کان فائدي لاءِ اهو ڪم ڪن، جنهن مان مورڳو گهاٽي ٿئي، تنهنڪري سياڻي کي کپي ته جو ڪم ڪري، تنهنجو آڳو پيڇو ڳڻي ڪري.

 

222 –        ڄٽ جي ڄمار اڍائي کٿا.

        اڍائي کٿا، هي گهٻي جهڙو اکر آهي؛ پر معنيٰ سنديس هيءَ، جو ڄٽ يعني مورک هڪڙو کٿو چوڙي پورو ڪندو ۽ ٻيو پڻ چوڙيندو، ٽيون جاسين اڌوراڻو ڪندو، تاسين ڄمار پوري ٿينديس، پر مطلب هي آهي جو انسان کي دنيا ۾ اچي وڏو ڪم هي ڪرڻو آهي، جو ڌڻيءَ کي ياد ڪري ساڻس واصل ٿئي، يا پڙهيل ناليرو، يا ڪاريگر پڌرو، يا سياڻو مشهور يا سخي، يا سورهه ٿي نالو پڌرو ڪري. پر جڏهين اهڙن ڪمن کان پري رهيو، تڏهن سمجهبو جو ڄمار اجائي وڃايائين ۽ اجايو ڄائو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

 

هندي: جنني جني، ته هر جن جي جني، ڪان داتا، ڪان سور،
تينون جني نا جني، ته اور جنن سڀ ڪوڙ.

 

ترجمون:        ماءُ ڄڻي ته ڀڳت ڄڻي، يا سخي، يا سورهه ڄڻي،
جي اهي ٿي ٽي نه ڄڻي؛ ته ٻيو ڄڻڻ ڪوڙو آهي.

 

 

223 –        ڄاڻي وڇونءَ جون منڊ به نه، هٿ وجهي نانگن ۾.

        بعضي اياڻا ماڻهو پاڻ کي سياڻو ڄاڻي پنهنجي سياڻپ ۽ وت کان وڏي ڪم ۾ هٿ وجهن. جنهن کي سنوارڻ بدران کارين؛ يا پاڻ کي گهاٽو وجهن. اهڙن کي هي پهاڪو ڇنڀ ٿو ڪري. ان لاءِ هنديءَ واري چيو آهي:

 

هندي: ڊاري هاٿ سانپ مين، نه جاني منتر بيڇن ڪو؛
ائيسو موڍ مت ڪهو؛ ڪهان سک پاءِ هي.

 

ترجمون:        وجهي سپ ۾ هٿ، منڊ وڇون جو پڻ نه
ڄاڻي، اهڙو اڄاڻ ڪٿان سک پائيندو؟

 

 

224 –        ڄڀ جي ترڪڻ کان پير جو ترڪڻ چڱو آهي.

 

        ڄڀ جو ترڪڻ يعني اجايو ڳالهائڻ، پير سان ترڪيل ماڻهو ٿورو گهڻو ڌڪ کائيندو، جو ٿوريءَ گهڻيءَ ٻڪيءَ ڦڪي سان ڇٽي پوندو. ۽ زبان مان اجائي اکر نڪرڻ مان وڏو ڊپ آهي، جو اُهو ڳالهو وري وات ۾ نه پوندو. مطلب جو هي پهاڪو زبان جي قناعت جو تاڪيد ٿو ڪري، ته سمجهي سارو ڳالهائي، جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: صرافِ سخن باش، سخن پيش مگو؛
تا از تو نپرسند تو از خويش مگو؛
گوش تو دو دادند، زبان تو يکي؛
بهر آنکه دو بشو، زيکي بيش مگو.

 

ترجمون:        ڳالهو جو صرفو ڪر، ڳالهو اڳي نه ڳالهائي؛
جاسين توکان نه پڇن، تاسين پاڻان نه ڳالهائي،
توکي ڌڻيءَ ڪن ٻه ڏنا ۽ ڄڀ هڪڙي،
هن لاءِ جو ٻڌ ٻه، ڳالهائي هڪڙي کان واڌو نه.

 

225 –        ڄٽ جي ڄمار، ملوڪ جي رات.

        ڄٽ يعني جنگلي يا اڄاڻ. ملوڪ يعني اشراف يا وڏوماڻهو. هي پهاڪو اصل ڪنهن ميري ڪم جي باب ۾ آيو آهي سو بيان ڪرڻ صلاح نٿو اچي؛ مون کي منجهانس مطلب ڪڍڻو آهي، پوءِ پهاڪو ميرو هوندو ته ڇا ڪندو؟ جهڙو سياڻا چوندا آهن، جو سون گپ ۾ هئي ته به کڻي وٺجي. سو مطلب هي آهي جو بي ڌر ماڻهوءَ جي سنگت ۾ جيڪڏهن سڄي ڄمار وڃائبي، ته به پرائبو ڪين؛ ۽ ڌرميءَ جي هڪ گهڙيءَ جي صحبت پل گهڻو ڦل ڏيندي، جهڙي لوهه کي پارس جي سنگت.

جهه

 

226 –        جهونا ڪپڙا ٻوڍا ڍور، تسڪا ناڻا لي گيا چور.

 

        هي پهاڪو جيتوڙي هنديءَ ٻوليءَ وانگي چوڻ ۾ اچي ٿو، پر سنڌ ۾ رواجي آهي. معنيٰ سنديس هيءَ آهي، جو ڪپڙو پراڻو ٿيو ته ڪر ملهه چور ٿيو؛ تنهن وانگي ڍور پڻ پوڙهو ٿيو ته ڪم کان نبريو. پر جيڪڏهن سچ ڪري پڇو، ته ماڻهو پوڙهو پڻ اِن قطار ۾ ڳڻڻ کپي. فارسيءَ وارو چوندو آهي:

 

فارسي: پيري صد عيب، چنين گفته اند.

 

ترجمون:        سياڻن چيو آهي جو ٻڍاپڻ سو ويڪون.
اهڙو ذڪر نمبر 47 واري پهاڪي ۾ پڻ آيو آهي.

 

 

چ

 

227 –        چيريءَ آهر پير ڊگهيرجي.

 

        چيري يعني رات مٿي تي پائڻ جو ڪپڙو يعني سوڙ. سياري ۾ مٿان سوڙ ننڍي هوندي ۽ پير کانئس ڊگها پکيڙبا، ته سيءَ ۾ ڏڪندا؛ تنهن وانگي جو ماڻهو پنهنجي ڪمائيءَ کان واڌو خرچ رکندو، تنهن جون سگهو ٽنگون لڳنديون يعني کاٻاربو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

 

هندي: اپني پهچ وچارڪي ڪرتب ڪرئي دور،
تتي پير پسارئي جتني لنبي سوڙ.

 

ترجمون:        پنهنجي پڄندي ساري ڪم ڊوڙي ڪجي،
ايترو پير ڊگهارجن، جيتري ڊگهي سوڙ.

 

 

228 –        چڱو جن لکيو، مندو سي نه پسن،

        توڙي رڻ رهن، ته به کنڊون کائن کير سان.

        هي پهاڪو بخت جي ساراهه ٿو ڪري، يعني بختاور کي سڃ ۾ پڻ وسندي، ٽوٽي مان واڌو، نڀاڳ مان سڀاڳ. اهڙيءَ طرح فارسيءَ واري پڻ بخت کي ساراهيو آهي:

 

فارسي: فروغِ بخت طلب، سايئه هما مطلب؛
چو بخت يار شود چغد هم هما گردد.

 

ترجمون:        ڀاڳ جو سوجهرو گُهر، هما (1) جو پاڇو نه گهر؛
جڏهن بخت ساٿي ٿئي، (- ) پڻ هما ٿئي.

 

 

229 –        چاڪر، چياڪر.

 

        چاڪر يعني چياڪر، چيو مڃيندڙ. مطلب هي آهي جو نوڪر پنهنجي مالڪ جو چيو مڃيندڙ هوندو، سو مان لهندو؛ جهڙو گورو نانڪ شاهه جو وچن آهي:

وچن:   چاڪر لڳي چاڪري جي چلي خس ۾ ڀاءِ.
حرمت اُسنون اگلي، وجهه به دوڻا کاءِ.

 

ارٿ:   نوڪر نوڪريءَ ۾ لڳي جي مالڪ جي وڻنديءَ تي
هلي، مان وڏو ملندس، مواجب پڻ ٻيڻو کائيندو.

 

 

230 –        چرئي کان پڇيائون: ڪي چڱو آهين؟ چي ويران وير وڌ.

 

        ويران وير وڌ، هي رواجي چوڻ آهي، جهڙو ڏينهان ڏينهن واڌو، معنيٰ هيءَ آهي، جو ذاتي چريو هوندو، سو گهڻيءَ تربيت کان پوءِ به سڌريل نه ڏسبو، ويتر اڳي کان واڌو چريو ٿيندو. تنهن وانگي لانڊاري ماڻهوءَ کي توڙي گهڻي تعليم ڪبي، ته به پنهنجي پراڻي هير نه مٽيندو. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

هندي:         ڪانگ پڙهايا پڃري، پڙه گيا چارون بيد؛
سمجهايا سمجهي نهين ڪوڙا ڍيڍ ڪا ڍنڍ.

 

ترجمون:        ڪانءُ پڃري ۾ ويهي چارئي بيد پڙهي؛
سمجهائڻ سان به نه سمجهي، ڪوڙو پليت جو پليت.

 

        ۽ ان لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: شمشير نيک ز آهن بد چون کند کسي،
ناکس به تربيت نشود اي حڪيم کس.

 

ترجمون:        بڇڙي لوهه مان ڪير ترار موچاري جوڙي سگهي،
نا ماڻهو سيکارڻ سان ماڻهو نه ٿئي.

 

231 –        چريا چرين گڏيا، ادا عيد مبارڪ.

 

        عيد مبارڪ، هي مسلماني اصطلاح آهي، جو عيد ڏهاڙي خوش ٿي هڪ ٻئي کي مبارڪ ڏين؛ پر پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو چرين کي سنگت پڻ چرين جي وڻي. جيترو ڪي چرئي جي سنگت سياڻي کي وڻي، سياڻي جي سنگت پڻ چرئي کي اوتري وڻندي. جهڙو کير کنڊ سان ٺهي، ۽ جهَڻ لوڻ سان: پر جي لوڻ کير ۾ پوي، يا کنڊ جهڻ ۾، ته اٽلو ساءُ مٽائي. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

هندي:         اُتم سون اُتم ملي، ملي نيچ سون نيچ،
پاني سون پاني ملي، ملي ڪيچ سون ڪيچ.

 

ترجمون:        چڱي سان چڱو گڏجي، ڪميڻي سان ڪميڻو،
پاڻيءَ پاڻي سان ملي، ۽ گپ گپ سان گڏجي.

 

 

232 –        چرين ڪهڙا چت، مئن ڪهڙا معاملا.

 

        چت يعني دل، پر مطلب چنتا يا فڪر. مطلب پهاڪي جو هي آهي، جو جيئن مئو ماڻهو دنيا جي ڏيتي ليتيءَ کان پري ٿيو، تيئن چريو ماڻهو دل جي چتونائن، توڙي دنيا جي ڌنڌن کان ڇٽل آهي. پر جڏهن ڪو ڪامل دنيا کي ڪوڙو سمجهي گرهانس ڀڄي ويس مٽايو وتي، ته ان کي دنيا جا ماڻهو چريو سمجهن. پر هو پاڻ کي دل جي اڻ تڻ، توڙي دنيا جي اُلڪن کان بي پرواهه ڄاڻيو. رنگ ۾ رتو رهي، ۽ ماڻهن جي اجائي سجائي ڳالهائڻ جو سانگو به نه رکي. جهڙو هڪڙي ڪامل جو وچن آهي:

 

وچن:   جيون عملي سنگ عمل لُڀانا،
ميرا من رامهن لپٽانا،
رام نام ميري هر دي بسي،
نهين ڇوڏون چاهي ڪو هسي.

 

ارٿ:   جئن آفيمي آفيم سان لوڀيل،
منهنجي دل ڌڻيءَ سان ڳنڍيل؛
ڌڻيءَ جو نالو منهنجي دل ۾ ٽڪي،
توڙي ڪو کلي، ته به ڪين ڇڏيندس.

 

 

233 –        چريءَ جو چوڙو، ڪڏهن ٽنگ ۾، ڪڏهن ٻانهن ۾.

 

        چوڙو سڀڪا زال ٻانهن ۾ پائي، ڄنگهه ۾ ڪائي ڪانه پائي، پر هي پهاڪو چريءَ رن جو اهڃاڻ ڏيکاري ٿو. تنهن وانگي چريو ماڻهو سدائين ڪڏهن ڪهڙي، ڪڏهن ڪهڙي حال ۾ رهي.

 

234 –        چري ڦٽ ۾ به خوش.

 

        ڦٽ يعني لعنت. مطلب هي آهي، جو بيوقوف ماڻهو هڪڙو چريائيءَ جهڙو ڪم ڪري، تنهن کي ڏسي سياڻو ماڻهو ساراهه جي لباس ۾ گلا ڪري، ۽ اڻڄاڻ ان کي سچ پچ ساراهه سمجهي ٽيڳرجي. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: سگي را چون کُلوخش بر سر آيد،
ز شادي بر جهد کين استخوانست.

 

ترجمون:        ڪتي کي جڏهن ڀتر مٿي تي لڳي،
خوشيءَ کان هڏو سمجهي ٽپي.

 

 

235- چوري نه موري، موري ته به گهوري.

 

        اکرن جي معنيٰ هيءَ آهي، جو چوري وارو سائو نه ٿيندو، پر جي سائو ٿئي، ته چڱو نه آهي. ۽ مطلب هي آهي، پهاڪي وارو چوريءَ کي بڇڙو ڄاڻي منع ڪري ٿو.

 

236 –        چڱو ڪر، چڱو ٿئيئي.

 

        هن پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو جيڪا ڪنهن سان ڀلائي ڪبي، سا ڄاڻ پاڻ لاءِ فائدو آهي، ان لاءِ هڪڙو سنڌي بيت آهي:

نيڪيءَ منجهان نيٺ، چوڌاري چڱو ٿئي؛
بري پائي نيٺ، چڱي چوري ڪونه ڪو.

 

 

237 -         چوڻو نه اُوڻو.

 

        چوڻو يعني رزق، اُوڻو يعني گهٽ. مطلب هي آهي، جو رزق جيڪي نصيب ۾ لکيل آهي، سو ڪڏهن گهٽ وڌ نه ٿيندو. تنهن لاءِ هڪڙو پهاڪو آهي:

فارسي: دو چيز محال عقل است و خلاف نقل،
خوردن کم بيش از رزق مقسوم،
و مردن پس پيش از اجل معلوم.

 

ترجمون:        ٻه شيون عقل کان اهنجون ۽ آکاڻيءَ کان ابتڙ آهن:
نصيب واري رزق کان وڌ گهٽ کائڻ،
موت واري ڏينهن کان پوءِ مرڻ.

 

 

238 -         چاڪريءَ چور، نيوالي حاضر.

 

        نيوالو، يعني کاڄ جو گره، فارسي، نوالھ. پهاڪي جي معنيٰ هيءَ آهي، ته جو نوڪر ڪم مهل چورن گهاءَ لڪي وڃي، ۽ کائڻ مهل حاضر، اهڙي لوڻ چور لاءِ هي پهاڪو آيو آهي. پر مطلب هي آهي، جو هي بت ۽ دولت سڀ ڌڻيءَ جا ڏنل آهن، جيڪو اُها نعمت هنڊائي ڌڻيءَ جي عبادت نه ڪندو، سو پڻ هن پهاڪي جو مهاڏو آهي.

 

239 –        چڱا سي، جن جا پويان چڱا.

 

        جو شخص چڱو مڙس هئي ۽ سندس اولاد سلڇڻو ٿئي، ته ڄاڻبو، جو اُن جي چڱ مڙسيءَ جو نالو ڪو ڏهاڙو ڌرتيءَ تي رهندو؛ ۽ جي اولاد نٻالو ٿيس ته سندس چڱ مڙسيءَ جو نالو اڏامي ويندو. تنهنڪري اولاد کي گُهرجي جو وڏڙن جي نالي رهڻ لاءِ سعيو ڪن. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

 

فارسي: نام نيکو رفتگان ضايع مکن،
تا بماند نام نيکت پايدار.

 

ترجمون:        نالو موچارو وين جو اجايو نه ڪر،
ته تنهنجو نالو موچارو سدا رهي.

 

 

240 –        چاڪيءَ ڏاند وڃايو، گهمي گهاڻي ڌاري.

 

        ڀلا ڏاند وڃايل گهاڻي جي چوڌاري ڳوليندو، سو ڪٿان لهندو؛ پر جيڪڏهن گهر کان ٻاهر نڪري ڳوليندو، ته شايد هٿ اچي سهڙندس. تنهن وانگي هنر وارو يا عقل وارو ماڻهو پنهنجي ڳڻ کي پڌرو ڪرڻ ڀانئي، ته هيڏي هوڏي گهمي پنهنجي سياڻپ ڏيکاري، نه ته گهر ۾ گمنام رهندو. جهڙو باز هڪڙو پکي آهي، پر هيڏي هوڏي جا شڪار ماري پنهنجي ڳڻ ٿو ڏيکاري، ته وڏي مان ۽ مهت سان بادشاهن ۽ سردارن جي هتن تي ويهڻ جي جاءِ ٿو پائي. ۽ چٻ پڻ اُڏامندڙ پکي آهي، پر سدائين کوه ۾ يا انڌاريءَ ڪنڊ ۾ ٿي رهي، ته سندس پاڇي کان به ماڻهو ڀڄن. ان تي هڪڙو فارسي بيت پڻ آيو آهي:

بيت:   نيست صائب در وطن اهلِ سخن را آبرو،
آبرو گوهر نباشد تا که باشد در صدف.

 

ترجمون:        سياڻي ماڻهوءَ کي وطن ۾ مان نه آهي،
موتي جاسين سپ ۾ آهي تاسين مان نه اٿس.

 

ڇ

 

241 –        ڇتي ڪتي جي دوا ڀتر.

 

        هن پهاڪي جي معنيٰ پڌري آهي، جا سڀ کي سُجهي ٿي؛ مگر مطلب ڏيکارڻ کپي، سو هي آهي، جو لچ ماڻهو موچڙي ڌاران نه سمجهي، ان لاءِ فارسي پهاڪو پڻ آيو آهي؛ ۽ نمبر 302 واري پهاڪي ۾ پڻ اهڙو ذڪر هليو آهي.

فارسي:                سگِ ديوانه را دارو کلوخ است.

ترجمون:                ساڳي پهاڪي واري عبارت.

 

242 –        ڇڏ منڍو واريءَ ۾.

 

        منڊو ماڻهو واريءَ ۾ تکو هلي نه سگهي، تڏهن سندس سنگتي جو ڪاڏي سگهو وڃڻو هوندو، سو سندس لالانگهري لڳي سيڙبو يا نه؟ تنهنڪري پهاڪي وارو چوي ٿو، ته جو سنگتي اهڙو ڦڙت نه اَٿي، جو ڊوڙي توکي واهر ڏئي، تنهن کي ڀڄي ڇڏ. جهڙو فارسيءَ واري چيو آهي:

فارسي: چو بيني که ياران نباشند يار،
هزيمت ز ميدان غنيمت شمار.

 

ترجمون:        جڏهن ڏسين، جو سنگتي واهرو نه آهن،
ميدان مان ڀڄڻ غنيمت ڄاڻ.

 

 

ح

 

243 –        حمائتڻ گڏهه عراقيءَ کي لتون هڻي.

 

        عراقي، گهوڙن جي چڱيءَ ذات جو نالو آهي. پهاڪي جو مطلب هي آهي، جو ڪميني ماڻهوءَ کي حمايت جو زور ملي وڃي، ته اشراف وڏي ماڻهوءَ سان جهڳڙيندي ويرم نه ڪري. جهڙو هنديءَ واري چيو آهي:

 

هندي: نٻل سٻل ڪي پکئي تي سٻلن سُون انکات؛
ديت حمايت ڪي گڏي ماري عراقي ڪون لات.

 

ترجمون:        هيڻو حمايت جي زور تي ڏاڍي سان وڙهي
پوي. ساڳيو پهاڪي وارو مضمون.

 

خ

 

244 - خون کٿوري ڳجها نه رهن.

 

        هن پهاڪي لاءِ ايترو ئي چوڻ بس آهي، جو کٿوريءَ کي ڪو گهڻوئي لڪائي، پر سندس خوشبوءِ نه لڪي؛ تنهن وانگي خون پڻ. اهڙي طرح فارسي پهاڪو پڻ آهي:

فارسي: خوش اس اين نقطه از خردان بگفتن،
که عشق وي مشک را نتوان نهفتن.

 

ترجمون:        سياڻن جي چوڻ جو هي چڱو نقطو آهي،
جو عشق ۽ کٿوريءَ کي لڪائي نه سگهجي.

 

 

د

 

245 – دريا ڀر تي ڇوڪر ڪڏي، اڄ نه ٻڏي سڀان ٻڏي.

 

        درياءَ جي ڀر ڊپ واري جاءِ آهي، تاتي ڇوڪر کيڏندو، سو هڪڙي نه ٻئي ڏهاڙي ٻڏندو. تنهن وانگي جو چوريءَ يا  ٺڳيءَ يا اهڙي ٻيءَ ڪنهن هاج سان وهنوار رکندو، سو ڪڏهن نه ڪڏهن کاٻارپو ۽ موچڙا کائيندو. جهڙو هڪڙي کان پڇيائون، ته نالو ڇا اٿئي؟ چي بچو. چي ڪم ڪهڙا ڪرين؟ چي نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهان. چي تون به نه بچين.

 

246 –        دم درميان، الله مهربان.

 

        هي پهاڪو سختيءَ پيلن کي دلاسو ڏيڻ لاءِ آيو آهي، جو جنهن سختيءَ ۾ ڪي ويرم هئي، تنهن کان به نه ڊڄجي. تنهن لاءِ فارسيءَ واري پڻ چيو آهي:

فارسي: خدا وندان کام و نيک بختي،
چرا سختي کشتد از پيش سختي؟
بر و شادي کن اي يار دل افروز،
غم فردا نبايد خورد امروز.

 

ترجمون:        وڏي ڀاڳ وارا صاحب مراد مند،
سختيءَ کان اڳي ڇو پريشان ٿين؟
وڃ اي يار دل ٺار خوشي ڪر،
سڀاڻي جو غم اڄ کائڻ نه کپي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org