ڳاهن جي جدا جدا پاڙن ۽ انهن کان مٿئين نسب نامي
بابت ٻي روايت محب فقير ڳاهي کان ملي جڏهن سنه
1988ع ۾ منهنجو پير بخش فقير جي مهرباني ۽ ميزباني
سان سندس ڳوٺ ۽ پوءِ اڳتي تڙ پڌريي تائين ’وڃڻ‘
ٿيو. محب فقير جي روايت موجب، ڳاها اولاد آهن ويسي
جو (۽ ويسو پٽ آرادين جو) جيڪو سندن وڏو ڏاڏو جنهن
کي ٽي پٽ ٿيا: صاحب، راهب ۽ آرادين. صاحب جو پٽ
سمو، راهب جو سُرماڻ ۽ آرادين جو ويسو جنهن جا ٻيا
چار ڀاءُ ڦدو، مَحسن، جِهنڊو ۽ روجو. انهن چئني جو
اولاد سندن نالن پويان (ڦدو جا، محسن جا، جهنڊو جا
۽ روجاڻي) سڏجن. سمي جو اولاد سماڻي. سرماڻ جو
اولاد سرماڻ جا.
ـــــ ويسا. ويسي جو اولاد وِيسا جن جا پنج پاڙا: آرادين، مُبو،
جڳو، ڳُهڙُ ۽ موجن. مبي جو اولاد ’حاجي پاڙو‘ ۽
ڳهڙ جو اولاد ’ٽئونر جا پاڙو‘. موجن وڏي جو پٽ
جيئندو جنهن جو پٽ موجن فقير (مريد درگاه جناب پير
صاحب پاڳارو). جنهن جي اولاد مان، هن وقت پير بخش
فقير (پٽ حضور بخش پٽ پير بخش پٽ موجن فقير).
محب فقير جي روايت موجب ڳاهن جا ٻيا هيٺيان پاڙا:
ـــــ پَرتي جا، ٽنڊو مستي لڳ، اهي ويسي جو اولاد.
ـــــ خان جا، الف جا ۽ دينو جا، اهي ٽيئي پاڙا ٽن ڀائرن جو
اولاد.
ـــــ جامين جا، سُرماڻ جا ۽ سماڻي، اهي ٽيئي پاڙا پاڻ ۾ ڀائر.
’سُرماڻ جا‘ مان هيٺ ٻه پاڙا. مڱياڻي ۽ مُڌو يا
مُڌو جا.
ـــــ لاکيرجا، خيرپور رياست ۾.
ــــ ماڪوڙا، خيرپور رياست ۾.
ـــــ ماڪُريا، خيرپور رياست ۾. انهن مان هيٺ ٻه پاڙا ساهِڻ جا
۽ ڪامل جا.
ـــــ غالب جا، رياست ۽ سانگهڙ ۾.
ـــــ ڀيرُوجا، رياست ۾، انهن مان هيٺ ٻه پاڙا مِيرجا ۽ سَنبَهه
جا.
ـــــ آدم جا.
ـــــ مَهڙ جا.
ـــــ باگڙجا، جن مان هيٺ ٻه پاڙا عارب جا ۽ اسماعيل جا.
ـــــ ڪاري جا، وڏو راڄ، جن مان ’عالم جا‘ (دادو طرف)، ٻيا راڄ
نوابشاهه ۽ هيٺ لاڙ ۾. ٺٽي ضلعي جو وڏيرو امام بخش
ڳاهو به ڪاريجو هو. (سندس مهرباني ۽ ميزباني سان
منهنجون وٽس ڪچهريون ٿيون- نبي بخش).
●
ڇپر- ڪوهستان جا رند قبيلا
ڇپر- ڪوهستان جا وڏا قبيلا ته مشهور معروف آهن (ڏسو هيٺ ’ڪچهري
ڇپر- ڪوهستان‘) پر ٻيا ڪي ننڍا قبيلاً به آهن يا
ٿي گذريا، جن بابت معلومات گهٽ آهي. مثلاً:
ماڃُوٺا ۽ ڌماچ. راقم جي هڪ سڄاڻ سان شهر قاضي
احمد ۾ رهاڻ ٿي جنهن چيو ته اسين ماڃوٺا آهيون ۽
اسان جا وڏا ڇپر جا هئا. ٿاڻي بولا خان لڳ ڳوٺ
’ڌماچ‘ آهي پر هاڻي اتي ڪوبه ڌماچ ڪونهي. ڇپر جا
بلوچ قبيلا به آڳاٽو آيا ۽ برفت ڪٺ ۾ گڏجي هڪ ٿي
ويا. روايت موجب، ’برفت‘: ٻه ڀاڱا آهن، هڪ عيسب‘
ٻيو ’محميد‘(بلوچ).
ڏکڻ ڏانهن بحراڻي ۽ ٻٻر قبيلا آهن. رند قبيلي وارا مٿي ڪوتراچ ۽
ٿاڻي عارب خان ۾ آهن. اهي پاڻ کي مير چاڪر جي
ڀاڻيجي بيبرڪ جو اولاد چوائين ٿا، پر ڀانئجي ٿو ته
اهي مير چاڪر سان گڏ سبي طرف ڪين ويا پر مير چاڪر
کان جدا ٿي قلات مان سڌو سنڌ طرف آيا ۽ ان آڳاٽي
وقت کان سندن ٻولي به ’سنڌي‘ ٿي.
ڪوتراڇ ديهه ۾ رند جو پُٽ ڀائيخان جنهن جي پٽن مان پنج پاڙا
ٿيا: پهلوان (پهلوان جو اولاد)، آسَر (آسر جو
اولاد)، امام بخشاڻي (امام بخش جو اولاد)، ڪريم
خاناڻي (ڪريم خان جو اولاد)، حيدراڻي (حيدر خان جو
اولاد).
ٿاڻي عارب خان جي رندن جو ڏاڏو براهم خان(وڏو) جنهن جو پٽ محميد
خان يا مُهيم خان جنهن کي چار پٽ: براهم خان،
شهڻو، سوڻهيرو ۽ سيٺار، جن مان ٻيا هت ڇپر ۾ رهيا
باقي سيٺار جو اولاد لس ٻيلي هليو ويو. براهم خان
جو اولاد براهماڻي، شهڻي جو اولاد شهڻا، سوڻهيري
جو اولاد سوڻهيرا. براهم ۽ شهڻو ٻئي ڀاءَ، سندن
ڏاڏاڻا رند ۽ ناناڻا موسيٰ برفت.
ــــــ براهماڻي چار پاڙا: عارباڻي (عارب خان جو اولاد)، ٻڍي
پوٽا، بابو پوٽا ۽ زيد پوٽا.
ــــــ شهڻا، جن مان هڪ پاڙو آڳاٽو جدا ٿيو. باقي اٺ پاڙا ٻيا
گڏ موجود: حسڻ پوٽا، دريش، مُهندي پوٽا، دُراڻي،
خاناڻي، حمل پوٽا، ڇڇرپوٽا، بڀوت پوٽا، باگڙپوٽا.
ــــــ سوڻهيرا پنج پاڙا: واليناڻي (واليني جو اولاد)، شاهوواڻي
(شاهو جو اولاد)، پڃياڻي (پڃيي جو اولاد)، چُگهاڻي
(چگهي جو اولاد)، عيسباڻي (عيسب جو اولاد). انهن
پنجن پاڙن کان سواءِ، سوڻهيرن مان ٻيو هڪ پاڙو
’هيڙها‘ جدا ٿيو. يعني هيڙها به اصل ۾ سوڻهيرا
آهن. سوڻيهرن مان ڪاپٽ ۽ سندس پٽ ٻٻر شاعر ٿيا،
ٻٻر جي بيت جي هڪ سٽ ’جمل جي جوڙ‘ موضوع هيٺ آندل
آهي. ڪاپٽ جي هڪ بيت جي سٽ ته:
”ٿڏو ڏبو ٿڙ کي ته لڏي ويندي لام“
عارب خان شِيرو، جنهن جي نالي سان ٿاڻو عارب خان سڏجي، وڏي ڀاڪر
وارو هو، جنهن ڪانڙا (حسڻ ’ڪاني وارو‘ تنهن جو
اولاد) پنهور ۽ ٻيا قبيلا به پنهنجي ڀائيچاري ۾
آندا. عارب خان بابت وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو هيٺ
’ڪچهري ڇپر- ڪوهستان‘.
●
ڏيرا
هي علمي ۽ فاقيري گهر وارو قبيلو آهي. سنڌ ۾ شايد هــــي اڪيلو
قبيلو آهي جنهن جو پڳدار (مُلان) علمي فضيلت جي ڪري ٿيو.
شهدادپور تعلقي (هاڻي ٽنڊآدم) ۾ سندن آبادي جي
گهڻائي آهي. آڳاٽي وقت کان، غوث صاحب جي دور کان،
سندن وڏا غوثي طريقي جا فقير هئا، جن مان ’سايات‘
(سائي ويس وارا) ۽ ڌئونريات (سفيد ويس وارا) مشهور
ٿيا. اهي ’سُئي قندر جي مقام‘ ۾ مدفون آهن. ساياتن
مان پاڙو ’ثابت پوٽا‘، جن مان عرس فقير جي نياڻي
شاهه عبداللطيف جي امڙ هئي. تاريخ 3 مارچ 1976ع تي
ڏيرن جي پاڙن جي پڇاء لاءِ حاجي مٺن ڏيري جي ڳوٺ
وڃڻ ٿيو، جتي ڪچهري ٿي جنهن ۾ متفقه طور تي ڏيرن
جا هيٺيان پاڙا معلوم ٿيا:
ـــــ مُلان. مُلي مکڻ جي ڳوٺ وارا، سڀني جو پڳدار گهراڻو.
ـــــ ثابت پوٽا يا ثابت جيڪي جڙيي ڏيري جي ڳوٺ ۾ رهن، سي
’سايات‘.
ــــــ ڌئونريات. علي محمد جي ڳوٺ وارا.
ــــــ باقلاڻي. دادي جي ڳوٺ وارا. 1976ع ۾ عالي فقير هو. ان
کان اڳ عباس فقير ۽ ان کان اڳ عالي فقير وڏو.
منجهن ڪو نه ڪو فقير ٿيندو اچي.
ــــــ اَنواڻي. جڙيي ڏيري جي ڳوٺ ۾.
ــــــ سيکاڻي. حاجي مٺن جي ڳوٺ وارا.
ــــــ خان جا. سندن ڳوٺ اڳ سئي قندر لڳ هو، هاڻي سئي قندر.
ــــــ جهلُوجا. ٻڍي ڏيري جي ڳوٺ وارا.
ــــــ جيتمالاڻي. ڳوٺ دِم (اصل ڪيرين جو ڳوٺ، هاڻي اهو سُئي
قندر سڏجي).
ــــــ سَهياڻي. سندن اصل ’عالم جو ڳوٺ‘ (جيڪو هاڻي ڦٽي ويو)
ــــــ مِٺناڻي. سندن پنهنجو ڳوٺ، لڳ سئي قندر.
ــــــ ڇُٽاڻي. لڳ سئي قندر.
ڏيرن جي انهن اصل ماڳن مان پوءِ ڪي گهر لڏي ويا. راقم جو مهربان
وڏيرو رسول بخش ڏيرو فريد آباد (ضلعو دادو) جو هو
جنهن سان رهاڻيون ٿيون، تنهن ٻڌايو ته سندن وڏا،
اصل سئي قندر جا هئا.
●
مانجهند
مانجهند، سنڌ جو هڪ ننڍو پر قديم قبيلو آهي جيڪو سنڌ جي اڳئين
تاريخي علائقي سيوستان ۾ آباد ٿيو. اتي شهر
مانجهند هن قبيلي جو مرڪزي شهر آهي ۽ ڀر واري
سٽيشن جو نالو به مانجهند آهي. گذريل (ويهين) صدي
جي پهرئين اڌ ۾ رئيس فقير بخش ڪاڇي مانجهندن ۽ ٻين
جو سردار هو. وڏو همت ۽ حوصلي وارو هو. انگريزن جي
حڪومت جي ڇاڙتن جي ڪاڻ ڪانه ڪڍيائين. گذشته ويجهي
دور ۾، مانجهند نالي ڪو وڏو ٿي گذريو جنهن جا ٽي
پٽ: تنگئي، ڀنڀو ۽ مريد. جن جو اولاد ٿيو. تنگئي
کي ٻه پٽ ٿيا: ورو ۽ نهال.
متفقه مقامي روايت موجب، مانجهند ايران کان آيا ۽ ايراني نسل جو
هڪ قبيلو آهي. مانجهندن جي سڄاڻ راوي ڌمالي فقير،
وڏي مانجهند جي پيڙهي هن طرح بيان ڪئي: ”مانجهند
پٽ عالي پٽ سينهڙو پٽ ڌماچ پٽ ڌرت“ (۽ اڳتي ان کان
بالڪل مٿي) ”پٽ عالي پٽ نوشيروان پٽ ڪيقباد“
●
ناريجا
هي هڪ وڏو قبيلو آهي ۽ ٽالپورن جي حڪومت جي دور ۾ هنن کي وڏي
اهميت هئي. حيدرآباد ۾، ’ناريجن واري مسجد‘ (مٿي
هومسٽيڊ هال، ڏانهن ويندڙ رستي تي) مشهور آهي. وچ
سنڌ ۾، سانگهڙ ضلعي ۾ هن قبيلي جي گهڻائي آهي.
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ به سندن آبادي آهي، پر مٿي خيرپور
ضلعي ۾ سندن گهڻي گهاٽي آبادي آهي. 18- فيبروري
1976ع تي، اتي جي ناريجن جي پڳدار مرحوم وڏيري
هدايت الله جي دعوت تي ساڻس ڪچهري ٿي، جنهن ٻڌايو
ته ناريجن جا هيٺيان پنجويهه پاڙا آهن.
1. بَکراڻي، اهو پڳدار گهر آهي، جنهن مان پاڻ وڏيرو هدايت الله.
باقي ٻيا هيٺيان چوويهه پاڙا:
2. گهُرياڻي 3. خضراڻي
4. دوراڻي 5. محموداڻي
6. ڍنڍئي
7 .
هشامي 8. صدراڻي
9.
عالماڻي
10. ڪُتائي 11. قائماڻي 12. مونگلاڻي
13. گولائي
14. صحباڻي 15. خليفاڻي 16. سومراڻي 17. ٿڌاڻي
18. سوناڻي 19. بخشاڻي 20. عنائتاڻي 21. دائوداڻي
22. راضلاڻي 23. بخشياڻي 24. مورياڻي 25. جليلاڻي
●
اوٺا
1955-1965ع وارن سالن ۾ پڇائون ڪندي، مختلف زبانين مان ائين
معلوم ٿيو ته قبيلو اوٺا ٻه شاخون، (الف) هڪڙا
’کِتائي‘ ۽ (ب) ٻيا ولهاري. انهن کانسواءِ ٻيا
’اوٺا سما‘ جن جو ڳوٺ سجاول لڳ آهي.
(الف) کِتائي (=خطائي) يعني خِطہ پرڳڻي وارا. مغلن جي دور ۾،
سڪرنڊ تعلقي واري ڀاڱي جو نالو خِط (خِطو) هو. اصل
ماڳ، سيوهڻ کان اوڀر طرف ’مائي جا ڀاڻ‘؛ دولتپور
کان اوڀر ۾ به ’خطائي اوٺا‘ ويٺل.
ڪنهن آڳاٽي دور ۾، ’کِتائي اوٺا‘، لاڙ طرف لڏي ويا جتي جاتي
تعلقي ۾ سندن گهڻائي آهي، ۽ ڪي پاڙا گهوڙاٻاري،
شاهبندر ۽ سجاول تعلقن ۾ آهن. سنه 1960ع واري
ڏهاڪي ۾ ان طرف جي سگهڙ دُوري اوٺي (پاڙو، آپل جا)
۽ سگهڙ علي محمد اوٺي (پاڙو، رنگاڻي) سان ڪچهريون
ٿيون جن کان ان طرف جي ’کتائي‘ اوٺن جا هيٺيان
پاڙا معلوم ٿيا:
ــــــ دولهه جا: جن مان ميرن ٽالپورن جي دور ۾ نورنگ وڏي نالي
وارو هو. سندس اولاد رنگاڻي (ائين) سڏجي. سگهڙ علي
محمد (پٽ دريا خان پٽ نهال پٽ بچل) ويٺل ڳوٺ درياه
خان رنگاڻي اوٺو تعلقو جاتي، ٻيو ڳوٺ حاجي غلام
الله جو اهو ان وقت (1960ع) حال حيات هو.
ـــــ ڳاهيجا: تعلقو جاتي ۽ شاهبندر
ـــــ لنجي جا: تعلقو جاتي ۽ شاهبندر
ـــــ چناڻي: تعلقو شاهبندر
ــــ بکراڻي، تعلقو جاتي ۾، سجاول
ـــــ ٻيا پاڙا تعلقي جاتي ۾. ناٿاڻي، مالِي جا، ڀنڀري جا،
سماڻي، آپُل جا، عمر جا، مِساڻي، وٽواڻي (اڳ کاري
۾ رهندڙ)، ايلساڻي.
(ب) ولهاري اوٺا يعني ولهار جا (تعلقو ٽنڊوالهيار). اهي ٽنڊي
الهيار تعلقي ۽ ڏکڻ طرف تلهار ۽ ونگي ۾. درويش
ڳاڙهو صدر، ملتان جو غوثي خليفو هو جنهن جي درگاهه
ڳوٺ کِدر (خضر) اوٺي ۾ آهي.
●
باريچا
هي چنن جي قبيلن مان هڪ قبيلو آهي ۽ انهن جا مکيه ماڳ محال
ڪوهستان ۾ ٻه، ٻيلي ٺَپ ۽ ريڪ (ر بنا زير زبر جي).
جتي 19- صدي جي آخر ۾ گل محمد باريچو ۽ ربو باريچو
هن قبيلي جا سرواڻ هئا. باريچا قبيلي جو نالو سندن
وڏي ’بارِي پٽ گوذي‘ تان پيو.
’ريڪ‘ ۾، خميني فقير باريچي سان ڳوٺ حاجي نبو ۾، 4- فيبروري
1986ع تي ڪچهري ٿي. چيائين ته اصل ۾ چنا آهيون.
چاڪر چنو درويش تنهن کي قلندر شهباز دعا ڪئي ۽
’باري‘ (جنهن جو اصل نالو ٻيو هو) قلندر جي گودڙي
جو بار کنيو ۽ مٿس ’باري‘ نالو پيو.
اصل ۾ ڏاڙهياري جبل جا هئا پر پوءِ هيٺ لهي آيا. شروع ۾ قلندر
جي درگاهه جي نذراني جا چار آنا باريچي سردار کي
ملندا هئا.
ـــــ باري کي ست پٽ ٿيا: غيبي، پير براهم، پير گبر، پير
مَهوند، پير عمر، شيش ۽ صدر. غيبي کي ست پٽ ٿيا.
وريائو، ٺارو ۽ پنج ٻيا جن جو اولاد. پير براهم جو
اولاد براهم پوٽا، پير گبر جو اولاد گبراڻي، پير
مهوند جو اولاد مَهوند پوٽا، پير عمر جو اولاد
عمرپوٽا، شيش جنهن جا پٽ ٺارو (اولاد ٺاراڻي)، ربو
(جنهن جو اولاد رباڻي)، ۽ جنگل (جنهن جو اواد
جنگلاڻي)، شيش جو اڌ راڄ ريڪ ۾ رهي ۽ اڌ راڄ ڪاڇي
۾. باري جي ستين پٽ صدر جو پاڙو صدر پوٽا جنهن مان
اولاد ريحاڻي.
●
بُڪيرا
هي هڪ ننڍو قبيلو آهي جنهن جون ٽي مکيه شاخون آهن. 1. بڪيرا، 2.
سهڻا بڪيرا ۽ 3. ڪَڪَڙ بڪيرا.
پهرين شاخ جو وڏو شهر ’بـُـڪيرا ‘ آهي، جيڪو تعلقي ٽنڊي الهيار
جي ديهه بڪيراڻي ۾ آهي. جنهن ۾ ملتان جي قريشي
پيرن بزرگن جي درگاهه آهي. ان شهر بڪيرا سان لڳو
لڳ ڏکڻ طرف شهر ’سهڻن بڪيرن‘ جو آهي ۽ اها ديهه
سهڻا بڪيرا آهي، بڪيرن جي ’ڪَڪڙ‘ شاخ جو شهر ’ڪڪڙ
بڪيرا‘ تعلقي ٺٽي ۾ آهي ۽ ان ديهه جو نالو ئي ’ڪڪڙ
بڪيرا‘ آهي.
●
شهر ٺٽي ۾ ذاتيون ۽ قبيلا
ٺٽو سنڌ جو تاريخي شهر آهي جيڪو سمن جي دور ۾ آباد ٿيو. اڳ شهر
کي آباد ڪرڻ لاءِ، سڀ کان پهريائين هنرمند ڪاسبي ۽
ڌنڌن پيشن وارا ماڻهو ويهاريندا هئا ته جئن ماڻهن
کي گهربل شيون ملي سگهن. ٺٽي شهر جي مختلف پاڙن ۾
آباد قبيلن ۽ برادرين بابت پڇا ڪندي (هي پڇا
اڻپوري رهجي وئي) معلوم ٿيو ته آڳاٽي وقت کان اتي
هنرمند ۽ ڪاسبي آباد ٿيا ۽ اڃان تائين آباد آهن.
جئن ته:
ـــــ زرگر: يعني سونارا
ـــــ زردوز: ڪپڙي تي زريءَ جا نقش ڀريندڙ، ٻيا چِڪن دوز.
ـــــ حَمال: پاڻي ڀريندڙ
ـــــ بٺارا: بٺي جو ڪم ڪندڙ
ـــــ ڪلاڙ: رنگ جو ڪم ڪندڙ
ـــــ کُڻَ: اڻاوت جو ڪم ڪندڙ
ـــــ آگريا: آڳڙيا، لوهار
ـــــ ڪشمشي
ـــــ پُلائي
ـــــ صابو گر
ـــــ ڇاپائي: ڇاپي يا ڇاپ جو ڪم ڪندڙ
(ب) ڪي قبيلا حڪومت جي انتظامي ڪمن وارا جئن ته مَنصبدار،
خذمتگار.
ٽالپورن جي دور ۾، ماڻ، ماپ ۽ تور جي وَٽن تي نظرداري وارو کاتو
”وزن ڪش“ جا نالي سان قائم ٿيو، يعني ’وزن‘ جي
جانچ پڙتال ڪندڙ. هن قبيلي مان ’سومار وزن ڪش‘ سنه
1951ع ۾ وفات ڪئي. هن پڇا وقت (1958ع ڌاري) سندس
پٽ احمد وزن ڪش حال حيات هو.
(ج) ڪي وڻج واپارا وارا: جئن ته دڙوائي، (ڌڙوائي)، يعني ان جي
جنس جا ڌڙا توريندڙ، اوسيئڙا يعني سوداگر، بٽواڻا
(ورهائيندڙ).
(د) ٻين ذاتين وارا، جئن ته پکيئڙا، پاڏا، پولڙا، هيڊڙا، بِرڙ،
ڪَنيار، گدڙ، مُبائي.
وڏن قبيلن مان ٺٽي جا سادات، عقيلي، ميمڻ، سبز پوش وغيره آڳاٽي
وقت کان ٺٽي شهر ۾ آباد ٿيا.
ڪچهري ڇپر-ڪوهستان
اي سڄڻ! هي ڇپر-ڪوهستان جي رهاڻ آهي. اهو سنڌ جو ڏکڻ- الهنديون
ڀاڱو آهي جيڪو ڪراچيءَ کان اتران منگوپير ۽ گڏاپ
کان شروع ٿي، اتر ۾ رني ڪوٽ تائين پهچي ٿو. اهو
ٽڪرن ٽوڙن ۽ جبلن پهاڙن وارو ملڪ آهي، انهيءَ ڪري
ان کي ’جبل‘ يا ’ڇپر‘ سڏيائون.
*
اهو سنڌ جو ڪوهستان آهي، ۽ هي ڪچهري انهيءَ سنڌ
واري ڪوهستان جي آهي جنهن جو عام نالو ’جبل‘ يا
’ڇپر‘ آهي. شاهه صاحب سسئي جي سرن ۾ ان جو نالو
آندو آهي ڇاڪاڻ جو ڀنڀور کان اولهه مڪران ڏانهن
وڃڻ واري واٽ هن ’جبل‘ يا ’ڇپر‘(جي ڏاکڻين ڀاڱي)
مان هئي:
جبل ۾ جا نار، سَرههَ گڏبَئي سسئي
ـــــــ
هوت نه ڀانيم هينئن، ڇڏي تون ڪو ڇپر ويندين
ـــــــ
ڇپر ڇَمر ڀانئيان، ڪانڀو ۽ ڪارو
·
جبل، ٽَڪر، پهاڙ. ڪانڀو جبل ۽ ڪارو جبل ٻئي ڇپر-
ڪوهستان جا مشهور جبل آهن. ڇَمر معنيٰ ڪڪر، ۽ هن
ڀاڱي جا ڇپر ۽ جبل ايڏا آهن جو ڄڻ ڪڪر آهن. سانوڻ
جي مينهن ۾، ڪڪر ڪانڀو ۽ ڪاري جي چوٽين کي لڳن ٿا.
ڪبير شاهه پنهنجي بيت ۾ ڪاري جبل کي ڪڪر چيو آهي:
تنهن ڪاري ڪڪر ڏونگر تان اچي گَس ٻڌا گونرن
ڪانڀو جبل لاءِ چوڻي آهي ته ملڪن مان ڪو فوت ٿيندو ته ڪانڀو مان
به ڪا ڇپ ڪرندي، يعني ڪانڀو غم ۾ پنهنجو ڪو ڳچ
ڳاريندو. حملاڻي ملڪن جي وڏي جو نالو ڪانڀوخان
رکيائون، جنهن جو پٽ پاهڙ خان لس ٻيلي جو حڪمران
ٿيو. جنگ شاهي، جهم پير، ڪوٽڙي، مانجهند، سن،
عامري ۽ لڪي وارا ماڳ ڇپر- ڪوهستان جي اڀرندين
ڪِنار سان آهن، ۽ کيرٿر پهاڙن جي لانڍ ان جي
اولهندين ڪنار آهي جيڪا سنڌ ۽ لس ٻيلي کي جدا ڪري
ٿي. جنهن جبل جو نالو ئي آهي کيرٿر سو اترئين ڀاڱي
جي وچ تي آهي ۽ ڄڻ جبلن جو سردار آهي جيڪي ان جي
چوڌاري آهن. کيرٿر سان لاڳو جبلن جو وڏو چهچٽو
آهي: اولهه طرف، اتر کان ڏکڻ تي، ميهو جبل، گڙ جبل
۽ دنبار جبل آهن. کيرٿر سان لاڳو ڏکڻ اولهه تي
هاتارن (چراخن) وارو پنڊڪ جبل آهي؛ اوڀر ڏکڻ ڏي
وڏو ڪانڀو جبل آهي، ۽ وچ تي ننڍو رونٽو جبل آهي
جيڪو کيرٿر ۽ ڪانڀو کي جدا ڪري ٿو. ڪنهن سمي،
کيرٿر ۽ ڪانڀو پاڻ ۾ اٽڪيا ته رونٽو وچ ۾ پيو ۽
پنهنجا ڳچ ڳاريائين پر ٻنهي کي پري جهلي صلح
ڪرايائين، جيڪو اڃان تائين قائم آهي. کيرٿر کان
مٿي اتر ڏانهن، کيرٿر ۽ ميهي جبل جي وچ وارو
علائقو ’بارڻ‘ آهي جيڪو گبول قبيلي جو ماڳ آهي.
ڪانڀو جبل اتران ڪَرچات کان شروع ٿي هيٺ ڏکڻ ڏي اچي ٿو ۽ ان جي
آخري ٽوڙ کان پوءِ ڪارو جبل شروع ٿئي ٿو جيڪو گهڻو
هيٺ جنگ شاهي تائين وڃي ٿو. حيدرآباد کان ڪراچي
ويندڙ شاهي رستو باواني سيمنٽ ڪارخاني وٽان ڪاري
جي گهٽ مان مٿي چڙهي ٿو. ڪاري جو اُرهه ۽ چوٽي ان
کان ڏکڻ ڏي آهن. ڪانڀو ۽ ڪارو، ڇپر-ڪوهستان کي،
اتر کان ڏکڻ ڏانهن ٻن ڀاڱن ۾ وراهين ٿا.
سنڌ جي ڪوهستان جي هڪ عجيب بناوت اها آهي جو اڀرندي کان الهندي
ڏانهن ويندي، اتر ڏکڻ رخ تي، جبلن جون چاڙهيون
آهن، جيڪي هڪ ٻئي مٿان ڄڻ وڏا شاهي ٿلها آهن.
پهرين چاڙهي سنڌ يونيورسٽي- ٻولهاڙي ۽ ڪراچي ويندڙ
شاهي رستو؛ ٻي چاڙهي سورجاڻو ٽڪر جنهن جي ٿلهي تي
’هيٺيون ٿاڻو بولا خان‘؛ ٽين چاڙهي ڳاڱيارو جبل
جنهن جي ٿلهي تي ’مٿيون ٿاڻو احمد خان‘؛ چوٿين
چاڙهي داڻو جبل ۽ ان جي جوءِ ’وات پات‘، پوءِ جبل
ڦڙو ۽ جوءِ لوياچ، پوءِ جبل سڱ ۽ جوءِ سَري، پوءِ
سڌو اولهه طرف جبل گنبوکي ۽ جوءِ راهوجا، پوءِ مول
جبل، مول شهر ۽ مول جي نئن.
·
نيون: ’مول‘، ڇپر جي مشهور نئن آهي جيڪا ڏکڻ ڏانهن
سئو کن ميل وهي آخر وڃي نئن ملير کي ڀري ٿي، تڏهن
چيائون ته:
ملير تڏهن مرڪي جڏهن مول اٿس ماء
پر ڇپر جي وڏي شاهي’ نئن بارڻ‘ آهي جيڪا اترئين ڀاڱي مان اچي ٿي
۽ ور وڪڙ ڪندي اوڀر ڏانهن وڃي سنڌوندي ۾ ڪري ٿي.
نئن بارڻ، ڪنهن حد تائين، ڇپر-ڪوهستان جي اتر ۽
ڏکڻ جو دنگ آهي.
·
جبل جا جانور: جبل جي جانورن بابت پڇا ڪندي معلوم
ٿيو ته ڪنهن وقت هرڻ به گهڻا هئا پر هاڻي ڪو ڪٿي
نظر ايندو. باقي ڪرچات لڳ خاص کيرٿر جبل ۾ سرهه
(جابلو ٻڪر) ۽ گڍ (گهٽا) گهڻا آهن، جو اتي رک آهي.
راقم به اتي ڌڻن جا ڌڻ ڏٺا، جن ۾ ڪي اڇيرڙا سرهه
نظر آيا، چيائون ته اهي پوڙها ٿي ويا آهن. سَرهه
جي طاقت هڪ کرن ۾ ۽ ٻي سڱن ۾ آهي؛ کر ننڍن وڏن
پٿرن پاهڻن تي سوگها کُپن ٿا جو اڳتي ٽپ هڻي چڙهي
ٿو. مٿان ٽيهه فوٽ کن هيٺ ٽپ هڻندو ته سڱن ڀر
هڻندو ۽ سڱ کوڙي هليو ويندو ۽ ٻيو ڪوبه بت هيٺ نه
لڳندس. مادي ٻه ٻچا به ڪري ٿي. سانوڻ ۽ چيٽ ۾ لڳ
ڪن. گڍ هڪ ٻچو ڪري. مردار جانورن مان گدڙ، بگهيڙ
(بگهڙ)، هاتار (چراخ) ۽ مَمُون آهن. چيائون ته ڪڪڙ
کي گدڙ جو بجليءَ وانگر ’ڪرنٽ‘ لڳي ٿو. هيٺيان
اچي ڏند ڏيکاريندو ته ڪڪڙ اچي هيٺ ڪرندو. بگهڙن
بابت سگهڙن چيو ته ”چوڏهين سن ۾ لڪي ويا هئا پر
پنڌرهين ۾ اچي ظاهر ٿيا آهن.“ هاتار (چراخ) اڳ
گهڻا هئا پر اڃان به آهن. کيرٿر جبل سان لاڳو ڏکڻ
اولهه پنڊڪ جبل آهي جيڪو سڏجي ئي ’هاتارن وارو‘.
چيائون ته: هاتار سگهو آهي پر طاقت آڏو ارهه ۽
پهرين ٽنگن ۾ اٿس. ٻڪري ۽ ننڍي گڏهه کي مٿي کنيو
ويندو. گڏهه کي هاتار جو ڪرنٽ لڳي ٿو. گڏهه پري
کان ڀڄي نه ويو ته پوءِ هاتار کي سامهون پٺي ڏيئي
بيهي رهندو ۽ هو پيو پويان پٽيندس کائيندس.
ـــــ مم يا ٻانڀ: سنڌ جي ڇپر- ڪوهستان ۽ ان سان لاڳو بلوچستان
جي پهاڙي ڀاڱي جو جانور آهي، جنهن بابت ماڻهن وٽ
ڪيئي نقل نظير ۽ ڳالهيون آهن. حقيقت ۾ اهو هڪ
بندرو رڇڙو آهي، ڦيش جو ڪارو ٻج شوق سان کائيندو
آهي. دُريجي جي پريان ’ساروڻي‘ واري علائقي ۾ اڃان
ڪي ممڙا بچيل آهن. هڪ سئو سال کن اڳ، جنگ شاهي کان
اولهه ڪاري جبل واري علائقي ۾ به ممڙا هئا ۽ ڪن
ماڻهن ڏٺا.
·
وڻ ۽ گاهه: کور ۽ ڪونڀٽ ڪوهستان جا ڪارگر وڻ آهن
جن ۾ کئونر ٿئي. زامر ۽ ڪورڙ ڪوهستان جا عجيب گاهه
آهن، جيڪي جبل جي ڀِڪ مان مُچا ٿي نڪرندا ۽ پيا
لمندا لڏندا. پانهيرو وَل جنهن جي ڀاڄي ٿئي سا فقط
ڪوهستان ۾ آهي. جبل ۾ مٿي چوپار ۽ ڪَٽڻ گاهه ٿين
جيڪي مال لاءِ ڀلا؛ پهرين نمبر ۾ چوپار آهي. چوپار
سدائين سڄو سال ٿئي، اڍائي فوٽ کن ڊگهو ۽ منڌيئڙي
جهڙا سنگ، مال لاءِ وڍي هيٺ کڻي اچن. ڪنهن مائي جي
ڍڳي جيڪا هڪ هئي گري ۽ ٻيو هنيائين لت ۽ کير نه
ڏهايائين، سو ڪنهن چيو ته چوپار چاريوس. تڏهن مائي
چيو ته:
”گري اهڙا گڻ ئي ڪونه ڪيا آهن جو چوپار چرندي.“
●
ڇپر- ڪوهستان جون قومون ۽ قبيلا: برفت، گبول،
پالاري، جاکرا، حماتي ۽ ٻيا ڪوهستان جا آڳاٽا
قبيلا آهن. گبول، ڪراچي کان رني ڪوٽ تائين ڇپر جي
اولهندي ڀاڱي ۾ آهن. کيرٿر جبل ۽ ميهي جبل جي وچ
وارو علائقو بارڻ گبولن جو خاص علائقو آهي. مَهيري
(ڪلمتي) صدين تائين مَهير جبل تي ۽ چوڌاري رهيا
جنهن جي نالي تان سندن نالو مهيري (مهير جبل جا)
ٿيو ۽ هنيدان سندن قبرستان آهي. حماتي پوءِ مهير
جبل تي قابض ٿيا؛ پالاري ۽ جاکرا، ڏکڻ اوڀر واري
ڀاڱي ۾ اڄ تائين موجود آهن. سڄي وچئين ڀاڱي ۾ برفت
قبيلا آباد آهن. ابوالفتح نالي اڳواڻ آڳاٽي دور ۾
هتان جي قبيلن کي ملائي هڪ ڪيو ۽ اهي سندس نالي
پويان(ابوالفتح- بُلفت) برفت سڏجڻ لڳا. ڪن روايتن
۾ ”بلفت بلوچ“ آهن. روايت موجب آڳاٽو برفتن جا ٻه
’سردار هئا‘ عيسب ۽ مُهميد. مهميد ۾ بلوچ قبيلا
هئا جن جو سردار گهر براهماڻي. ڪنهن وقت ڏاکڻين
علائقن ۾ ڪي نَوَ اڳواڻ ساماڻا جن کي (فارسيءَ ۾)
’نهه مرد‘ يا (سنڌيءَ ۾) ’نومڙيه‘ سڏيو ويو پوءِ
سنڌ توڙي لس ٻيلي جي لاڳو سرحد ۾ انهيءَ نالي
پويان، ڪن راڄن کي نومڙيا سڏيو ويو. گذريل صدي جي
وچ ڌاري، لس ٻيلي بابت تحقيق ڪندي، ائين پڻ معلوم
ٿيو ته لس ۽ ڪراچي جا واڻيا، ڇپر ۽ لس جي سرحد
وارن عام مسلمانن کي نومڙيا چوندا هئا. 18- صدي جي
پوئين اڌ ۾، ڪلهوڙن جي دور ۾، ڏاکڻين ڪوهستان ۾،
ڄام بجار جي اثر رسوخ سان جوکيا طاقتور ٿيا، ۽
اتر- اوڀر واري علائقي ۾ کوسا آباد ٿيا.
اي سڄڻ! ڄاڻ ته ’برفت‘ نالو ڪنهن هڪ قبيلي جو ڪونهي، پر اهو
’قبيلن جي ڪٺ‘ جو نالو آهي، جنهن ۾ گهڻا قبيلا
شامل رهيا آهن. روايت موجب آري بَدو نالي سردار کي
چار پٽ هئا: لُهار، حمل، ٻاٻڙو ۽ باديڻ يا حسن.
انهن جو اولاد لهاراڻي، حملاڻي ۽ ٻاٻڙاڻي. باديڻ
جو اولاد مردوئي هت ڪونه رهيو ۽ مينگل برادري ۾
گڏجي ويو. انهن سان رند سردار براهم جو اولاد
براهماڻي شامل ٿيو. اهي سڀ ’برفت ڪٺ‘جا اڳواڻ ٿيا.
لهار فقيري اختيار ڪئي ۽ پڳ حمل تي آئي. حمل کي
پنج پٽ ٿيا. ڪانڀو، سينڌل، بيدي، جان نثاري،
چاڳلو ۽ ڌڻي ڏنو. انهن جو اولاد ڪانڀواڻي،
سينڌلاڻي، بيدياڻي، جانثاراڻي، چاڳلي پوٽا ۽
ڌڻياڻي. اهي سڀ حملاڻي جن سان براهماڻي (رند ۽
ٻيا بلوچ) ڀائيچاري ۾ شامل ٿيا. اهڙيءَ طرح برفت
اتحاد مضبوط ٿيو، پر سندن سياسي طاقت تڏهن وڌي
جڏهن 18- صدي جي شروع ۾’پاهڙ خان‘ ڪانڀواڻي لس
ٻيلي جو مَلڪ ۽ (حڪمران) ٿيو. مگر پوءِ ڪلهوڙن جي
دور ۾ سندن طاقت گهٽي جو ميان يارمحمد حملو ڪري
پاهڙ خان کي شڪست ڏني. ميان غلام شاهه بعد ۾ ڄام
بجار جوکيي کي زور وٺايو ۽ هو طاقتور ٿيو؛ هن، ملڪ
پاهڙ خان جي وفات بعد سندس حملاڻي قبيلي سان
جنگيون ڪيون ۽ لس ٻيلي جي ڄام عالي جي مدد سان
برفتن کي ملير جي اتران بي دخل ڪري نئن بارڻ تائين
پوئتي هٽائڻ جي رٿ رٿي. پوءِ جوکين ’بارڻ جي سيري‘
تي قبضي لاءِ ٽي چار حملا ڪيا پر برفت راڄدارن
مقابلا ڪري کين هٽايو. تڏهن ڄام بجار، لس ٻيلي جي
ڄام عالي (ف. 1180هه/1766ع) سان وڏو لشڪر وٺي
چڙهائي ڪئي.
”عالي بجار آئيا جهان جهان ڪري جهام“
’سيري جاگير‘ عزت خان (بن ملڪ پاهڙ خان) جي هئي، جيڪو اڃان ننڍو
هو ۽ قلات جي خان وٽ مدد لاءِ ويل هو، برفت اتحاد
۾ شامل سڀني قبيلن جو لشڪر پوري تياريءَ سان دريا
خان چاڳلي پوٽي جي اڳواڻي هيٺ اونگر پهتو.
”اونگر اوتارانِ، ڀرم ڌڻي بارڻ جا“
هي ’بارڻ يا سيري واري جنگ‘ ڄام بجار حرفت ۽ حيلي سان کٽي. صلح
جي جهنڊي ڏيکاري لشڪر پوئتي هٽائي ڇڏيائين. صلح جي
سببان برفتن جي راڄدارن جو گهڻو لشڪر هليو ويو ۽
باقي وڃي ڪي اڳواڻ ۽ ٿورو لشڪر رهيو. تڏهن ڄام
بجار جي لشڪر طرفان چاڪر حملو ڪيو، جنهن ۾ برفتن
جي طرف جا ستر اڳواڻ، سکر ۽ چڱا مارجي ويا. انهن ۾
هيٺيان حملاڻي اڳواڻ شامل هئا: دريا خان ۽ ڀاڻس
جنگي خان (چاڳلي پوٽا)، دريا خان جا ڀاڻيجا ديڳي
خان ۽ مرزا يا مزار (ڌڻياڻي). حملاڻين سان گڏ
سندن ساٿياري براهماڻي ۽ ڪي لهاراڻي هن جنگ ۾
وڙهيا جن مان عارب خان بچيو باقي ٻيا گهڻا مارجي
ويا.
ڪلهوڙن کان پوءِ ٽالپورن ڇپر- ڪوهستان ۾ حملاڻي ملڪن جي عزت
عظمت بحال ڪئي ۽ پڻ راڄدارن ۽ سربراهن کي مان ڏنو
۽ اهي ڇپر-ڪوهستان ۾ پنهنجن پنهنجن ماڳن تي مستحڪم
ٿيا. چار ’ٿاڻا‘ مرڪز ٿيا ۽ راڄن راڄدارن جي نالن
سان ٻيا ’مڪان‘ محڪم ٿيا. اهڙي طرح ڇپر-ڪوهستان
راڄن جي رضامندي ۽ طاقت وارو علائقو ٿي ويو، ۽
ٽالپورن پوءِ اتي سنڌ جي طاقت ۽ عظمت جو نشان رني
ڪوٽ قلعو قائم ڪيو.
چار ٿاڻا چاليهه مڪان
ان وقت کان وٺي چار ’ٿاڻا‘ ۽ چاليهه کن ’مڪان‘ ڇپر-ڪوهستان جي
سڃاڻپ جا نمايان نشان رهيا آهن.
●
ٿاڻو احمد خان: ڪانڀو خان حملاڻي جي اولاد مان ملڪ
پاهڙ خان ٿيو، جنهن لس ٻيلي ۽ ان سان لاڳو ڇپر-
ڪوهستان (بارڻ) تي حڪومت ڪئي. ملڪ پاهڙ خان جي
وفات بعد سندس گهر واري بيبي چاڳلي حڪومت هلائي.
ڳچ وقت بعد ڪنراچ جي ڄام عالي کيس بي دخل ڪيو ۽ هو
پنهنجو پٽ عزت خان جيڪو ننڍو هو تنهن کي ساڻ ڪري
سنڌ ڏانهن نڪري آئي ۽ اچي ’ڪَنڊ‘ ۾ رهي. اهو ماڳ
اڃان تائين سڏجي ئي ’چاڳلي جي جهِڪي‘ (ڇن). پوءِ
مير فتح علي خان وڏي مان شان سان سندس واسطي
انتظام ڪيو جو اچي ڪوٽڙي ۾ رهي جتي مير فتح علي
خان جي دور ۾ سنه 1212هه (1797ع) ۾ وفات ڪيائين.
عزت خان جو فرزند صوبدار خان ٿيو، جنهن کي مير فتح
علي خان سڀ انتظامي اختيار ڏيئي صحيح معنيٰ ۾ ’ڇپر
جو مَلڪ‘ ڪيو. پوءِ ڳاڱياري ۾ سندس فرزند احمد خان
جي نالي سان موجوده’ ٿاڻو احمد خان‘ انتظامي مرڪز
ٿيو جنهن کي اڄ تائين اهميت آهي. هن وقت سڀني برفت
راڄن جو وڏو ملڪ حملاڻي سردار آهي. پاڪستان کان
اڳ ۽ پوءِ واري دور ۾ ملڪ سڪندر خان (بن سردار خان
بن صوبدار خان بن سردار خان بن صوبدار خان بن احمد
خان بن وڏو صوبدار خان) وڏي اثر رسوخ وارو هو،
جنهن سان راقم جون رهاڻيون رهيون.. هن وقت (2006ع)
سندس فرزند ملڪ اسد خان ڇپر-ڪوهستان جي گهڻي ڀاڱي
تي شامل نئين ٺاهيل ضلعي جو ناظم آهي.
●
ٿاڻو بولا خان: هي ٿاڻو به ٽالپورن جي دور ۾ ساڳئي
وقت قائم ٿيو. حمل جي ڀاءَ ٻاٻڙي جدا پڳ ٻڌي هئي
جنهن جي اولاد مان بولا خان (بن صفر بن دودن بن
بهادر بن ٻاٻڙو) جي نالي سان ٿاڻو قائم ٿيو. بولا
خان به ملڪ جي لقب سان پنهنجن اتحادي راڄن جو
سردار هو جن ۾ ٻاٻڙا، پالاري، حماتي، ٽينگيا،
تارا، هيلايا، گندرا، ٻٻر ۽ بحراڻي بلوچ شامل هئا.
ملڪ بولا خان (وڏي) جو پٽ حيدر خان جنهن کي ٻه پٽ
ٿيا ملڪ بولا خان (ٻيو) ۽ هارون خان. ملڪ بولا خان
(ٻئي) جي وفات کانپوءِ، ٻاٻڙن جي جدا سرداري ختم
ٿي ۽ پڳداري حملاڻي ملڪ سڪندر خان تي آئي جنهن جو
فرزند ملڪ اسد خان آهي.
هيٺيان ٻه ٿاڻا، جن جو ذڪر جدا طور گهڻو مشهور نه ٿيو ڇاڪاڻ جو
اهي حملاڻي ملڪ سان ئي شامل رهيا. هت انهن جو ذڪر
تفصيل سان ڪجي ٿو.
●
ٿاڻو شهبيگ: هي ٿاڻو مٿين ٻن ٿاڻن کان پوءِ، حمل
جي پٽ چاڳلي جي اولاد مان شهبيگ جي نالي سان سڏيو
ويو، جنهن نئن مول جي ڪنڌي سان پنهنجو ڪوٽ ڪڍايو.
اهو ماڳ پوءِ ’مول شهر‘ ٿي ويو ۽ شهبيگ جو اولاد
’نئن مول‘ جي ٻئي طرف وڃي ويٺو، جيڪو ڳوٺ سوڀو
خان حملاڻي سڏجي. مول وارا چاڳلي پوٽا ٿاڻي احمد
خان جي حملاڻي ملڪ جا جنگين جهيڙن ۾ سپہ سالار
هئا. دريا خان چاڳلي پوٽو بارڻ واري جنگ ۾ اڳواڻ
هو. باوجود ان جي سندن سوٽن سينڌلاڻين کي وڌيڪ
سَهه ملندي هئي، جو چيائون ته:
”سيري ويل سينڌلاڻي، مرڻ ويل مول وارا“
ان مان ظاهر آهي ته ’مول‘ ئي ٿاڻو شهبيگ هو. سندس اولاد مان وڏي
سڄاڻ ۽ لائق مرحوم رسول بخش (بن موٽڻ خان بن
ڪريمداد) ۽ باهمت نوجوان اديب محمد زمان (بن پني
لڌو بن جمن خان بن ڪريمداد) سان راقم جون 2-
آڪٽوبر 1985ع تي ۽ 1986ع ۾ سندن ڳوٺ سوڀي خان
حملاڻي ۾ ڪچهريون ٿيون.
●
ٿاڻو عارب خان: هي ٿاڻو پهرين ٻن ٿاڻن واري وقت ۾
عارب خان براهماڻي (رند) جي نالي سان قائم ٿيو.
مٿي بارڻ- سيري واري جنگ جو ذڪر ٿيو آهي؛ ان جنگ
کان پوءِ جڏهن ٽالپور حڪمران ٿيا ته مير فتح علي
خان ملڪ ۾ امن امان قائم ڪرڻ خاطر، ڄام بجار جوکيي
تي زور رکيو ته هو پنهنجن ٻن وڏن پاڙيسري قبيلن
يعني برفتن ۽ ڪَلمتين سان صلح ڪري. ڄام بجار ان ۾
راضي هو پر سندس پٽ چاڪر جيڪو وڏو بهادر هو سو
ڏنگو هو ۽ پنهنجي بهادريءَ جي زور تي پئي سڀني سان
وڙهيو. قدمن واري مقام (ميرپورساڪرو) ۾ ڪلمتين جا
ڪانڌي ماري وير وڌايائين، ۽ بارڻ- سيري واري جنگ
وقت صلح جي ڳالهين کي ڦٽايائين، ۽ ان جنگ ۾ عارب
خان جي ڀاءُ فتح خان کي ماريائين. پوءِ ڄام بجار
جڏهن صلح لاءِ مَلڪن سان ڳالهايو ته ٻين ڪونه ڪڇيو
باقي عارب خان چيو ته آءٌ پلاند ڪندس، صلح پوءِ
ٿيندو.
چاڪر ڄڃ ڪري شادي تي ٿي ويو جو عارب خان پنهنجا مڙس ساڻ ڪري وڃي
راهيجي وارو گس جهليو. بارڻ واري جنگ ۾ موٽيي
لهاراڻي ۽ مول جي اوباهيي برفت جا ڀاء به مئا هئا؛
اهي ۽ سيدي نالي ڇورو به اچي عارب خان سان ڀيڙا
ٿيا هئا. عارب خان وٽ بندوق هئي ۽ فير ڪري چاڪر کي
ڄاڻ ڏنائين. بالاخر جڏهن منهن مقابل ٿيا ۽ چاڪر
سڌو هليو آيو ته پهريائين سيدي ڇوري چاڪر کي بندوق
هنئي پر چاڪر هليو آيو. پوءِ عارب خان بندوق هنيس
جا بت مان نڪري ويس پر چاڪر ڪري وري اٿيو ۽ عارب
خان تي هليو آيو جنهن وٽ ٻي بندوق ڪانه هنئي ۽ هڪل
ڪئي ته: هاڻي ڇڏيوس جو ڪريل مڙس هليو ٿو اچي سو
ڀلي اچي مونکي ماري! چاڪر ترار هنئي جنهن جي چوٽي
وڃي عارب خان جي ڪلهي ۾ لڳي پر چاڪر پوئتي وڃي
ڪريو.
(1)
عارب خان جو وڏو نالو ٿيو ۽ سندس نالي سان ٿاڻو عارب خان مشهور
ٿيو. ڇهه راڄ سندس سرداري ۾ ٿيا، براهماڻي، شهڻا،
سوڻهيرا، هيڙها، ڪاسوٽا، ڪانڙا، پنهور. برفتن جي
ڪٺ ۾، عارب خان حملاڻي ملڪ کي وڏو ڪري تسليم ڪيو
۽ ملڪ سان گڏ رهيو.
هن وقت (2006ع) تائين اهو اتحاد قائم آهي. ٿاڻي عارب خان جو
موجوده پڳدار محمد صالح خان آهي، جيڪو عارب خان جي
پيڙهي مان آهي (محمد صالح بن محمد صادق بن حاجي
مير خان بن عارب خان(ٻيو) بن مير خان بن عارب خان
(وڏو) جنهن جو ٿاڻو).
●
محال ڪوهستان جا مڪان. انگريزن جڏهن سنڌ تي قبضو
ڪيو ته سڄو ڇپر- ڪوهستان سندن مخالفت ۽ مزاحمت
وارو علائقو بنجي ويو. چارلس نيپيئر خطرو محسوس
ڪندي ته متان ڪوهستان جا ملڪ ۽ راڄدار رني ڪوٽ
قلعي تي قبضو ڪن، ڪراچي مان پنهنجي وڏي عملدار
ڪليڪٽر پريڊي (Preedy)
کي موڪليو ته قلعي جو معائنو ڪري رپوٽ ڏئي. هن
قلعي جي تعمير بابت تفصيلي رپوٽ ڏني ۽ ڄاڻايو ته
نئن رني جيڪا قلعي وچان لنگهي ٿي، تنهن قلعي جا
دروازا لوڙهي ڇڏيا ۽ انهيءَ ڪري هي قلعو محفوظ
ناهي ۽ طاقت جو مرڪز نٿو ٿي سگهي. ان کانپوءِ
انگريزن ڪراچي کان رني ڪوٽ تائين سڄي ڇپر-ڪوهستان
تي سختي ڪئي جنهن تي ٿاڻن ۽ مڪانن طرفان مزاحمت ٿي
۽ اتي نوان قانون هلي نه سگهيا. ٽيهن چاليهن سالن
کن جي وڏي عرصي کان پوءِ سنڌ جي ڪمشنر محسوس ڪيو
۽ بمبئي جي گورنر کي مڃايو ته ڇپر-ڪوهستان ۾
ٽالپورن جي دور واري راڄن جي رضامندي ۽ ذميداري
واري پاليسي تي عمل ڪرڻ سان ئي هتي امن قائم ٿي
سگهندو. پوءِ بمبئي ڪائونسل ۾ اهڙي پاليسي بحال ٿي
جو ٿاڻن ۽ مڪانن جي سرڪردن کي اندروني طور امن
قائم ڪرڻ لاءِ اختيار ڏنا ويا. ڪوهستان سان لاڳو
سيوهڻ تعلقي جي مڪانن (پوکڻ، ڏل، مليري، بڊرو،
راڌڪ، ٻنڌڻي)، ڪوٽڙي تعلقي سان لاڳو مڪانن (سَليو،
ٻنڌ ويروهه، ليلاڻ، ڪنڊير جيڪي کوسن راڄن جا) ۽
ٺٽي تعلقي ۾ جهم پير طرف وارن ڪن مڪانن کانسواءِ،
باقي سڄي ڇپر-ڪوهستان کي ’محال‘ (تعلقي کان ٿورو
گهٽ) جو درجو ڏيئي ’محال ڪوهستان‘ جي هيٺين
اٺاويهين مڪانن لاءِ اتي جي راڄن جي اڳواڻن کي
سالياني وصولي تي پٽا لکي ڏنائون ۽ اندروني امن
لاءِ ذميوار ڪيائون.
مڪان ٽڪو بارڻ، مڪاندار ننگر خان سهتاڻي گبول
مڪان تونگ، مڪاندار ندو خان لُهاراڻي
مڪان ٻيلي ٺَپ، مڪاندار گل محمد باريجو
مڪان ريڪ، مڪاندار ربُو باريجو
مڪان مول، مڪاندار، موٽڻ خان حملاڻي
مڪان پوکِڻ، مڪاندار عبدالڪريم گبول
مڪان رني ڪوٽ، مڪاندار عبدالرحمٰن گبول
مڪان ڪرچات، مڪاندار بجار (موسو برفت)
مڪان باٺارو ڪرچات، مڪاندار آزاد خان کوسو (۽ ڪجهه رند)
مڪان ڪوتراڇ، مڪاندار لال خان رند
مڪان ٻَچانِي، مڪاندار موريو شهڻو
مڪان کَجوُرِي، مڪاندار کوسو
مڪان واهي عارب خان، مڪاندار حاجي مير خان براهماڻي
مڪان ٿاڻو عارب خان، مڪاندار
=
=
=
=
مڪان ڀال، مڪاندار مَلڪ سردار خان حملاڻي
مڪان ڳاڱيارو(ٿاڻو احمد خان)، مڪاندار سردار خان حملاڻي
مڪان لوياڇ، مڪاندار خدا بخش لالاڻي برفت
مڪان لوياڇ، مڪاندار ملڪ دودا خان
مڪان سَري، مڪاندار انڙ خان پالاري
مڪان ڪاپَٽ، مڪاندار صاحبڏنو پالاري
مڪان ڏيسوهي (ٿاڻو بولا خان)، مڪاندار ملڪ بولا خان
مڪان هَٿَل ٻُٿ، مڪاندار وريل کُڙيرو (برفت)
مڪان ٻٻر ٻنڌ، مڪاندار حاجي وليداد جوکيو
مڪان ڪَلَو، مڪاندار ملڪ بولا خان
مڪان اٺ پلاڻ، مڪاندار پيارو پالاري
مڪان ڪنڊي ترائي، مڪاندار ملڪ ابراهيم خان
مڪان ڌماچ، مڪاندار بَيدي خان حملاڻي
مڪان ٽرڪ، مڪاندار دورو خان پالاري
راڄدارن جي ذميواري واري انهيءَ انتظام سان امن قائم رهيو ۽
ڇپر- ڪوهستان ۾ سڀ راڄ پنهنجن ماڳن تي خوشحال
رهيا. پاڪستان ٿيڻ کان پوءِ جڏهن سنڌ ۾ جاگيرون رد
ڪرڻ وارو قانون بحال ٿيو تڏهن ڪنهن کي خيال ۾ آيو
ته محال ڪوهستان جي راڄدارن جا اهي ’پٽا‘ به
جاگيرون آهن ۽ اهي رد ڪيائون. اهڙيءَ طرح ملڪ ۾
امن امان ۽ خوشحالي کان وڌيڪ قانون کي اهميت
ڏنائون.
●
ڇپر-ڪوهستان جي ٻولي: ڇپر-ڪوهستان جي ٻولي، اولهه
طرف وڃي لاسي (لس ٻيلي جي) سان لڳي ٿي جنهن جو
تفصيل ڪتاب ٻيلاين جا ٻول ۾ ڏنل آهي. ڇپر جي ٻولي
ساڳي سنڌي آهي، پر جيئن سنڌ جي ڪن ٻين ڀاڱن ۾،
تيئن هتي جي ٻوليءَ جا پڻ ڪي خاص لفظ ۽ اصطلاح آهن
جن تي اڃان تائين پوري تحقيق نه ٿي آهي. چڱي خاصي
ڄاڻ بعد محسوس ٿيندو ته ڇپر جي ٻولي مٺي ٻولي آهي.
هن ۾ نون واري گهُڻائي ڪانهي؛ خوشامدي بيانن کان
خالي آهي؛ سُپڪ سوٽ ٻولي آهي جنهن ۾ ڊيگهه ڪانهي.
مثال خاطر، هيٺ ڪن ٿورن لفظن ۽ محاورن جو ذڪر ڪجي
ٿو.
ـــــ کُڻو=
انجام: هني جو کڻو آڳاٽو، يعني هنن جي اچڻ جو
انجام آڳاٽو.
هتي جي ٻولي ’آءٌ‘ بدران ’مان‘ آهي ۽ ’سون‘ بدران ’سين‘ آهي.
وَنداسين يعني وينداسين. ڇندو (ڇ جي زير سان)
معنيٰ ٿيندو، ۽ ڇَئي ٿو يعني ٿئي ٿو. ڇا ۽ ڪهڙو
لاءِ هتان جو لفظ ’ڇو‘ آهي. اچان بدران اچين
ڳالهائبو: اچين تو يعني اچان ٿو. آيو بدران آئو
چئبو. ڀٽائي صاحب به هي لفظ آندو آهي ته ”پاڻي
پٽيهل ۾ اڳيون نه آئو.“ ظرف جي معنيٰ وارا به خاص
الفاظ آهن. پار يعني پاسي يا طرف: او ٿاڻي پار
آهي، يعني اهو ٿاڻي (بولا خان يا احمد خان) طرف
آهي. ڪاها=
ڪهڙا، ڪاهو=
ڪهڙو. ڪاهو ڇو آ=
ڪهڙو ٿيو آ.
تَران=
هيٺان، بُڻ مان=
منڍ مان، هِيان=
هتان، ڪِيان=
ڪٿي، پَران
= وٽ (”ابا پران آ“ يعني ابا وٽ آءُ). ڪوٽو=
سولو پٽ يا سولو پنڌ، ٻاڪري=
سنهي يا هلڪي، پاهي= ٿلهي، پاهو مال=
رڍون، ميهو مال=
مينهون، هيڪڙي=
هڪڙي. ٻيٺا=
ويٺا. ٻيٺي ٻيٺي=
ويٺي ويٺي. رواڻڻ=
روانو ڪرڻ، اچيندو= ايندو. وِسوُڙڻ=
وِسهڻ.
ڪي مٿيان الفاظ مون واڻ ڪنڊ ۽ موئيدان طرف ٻڌا. ملڪن جي ٿاڻن
طرف واري ٻوليءَ جا ڪي انوکا الفاظ ۽ جملا جيڪي
مون ٻڌا سي هيٺ ڏجن ٿا.
ـــــ ’ڇو ڇئي‘=
ڇا ٿئي، گهرين جي اڳي= گهرن جي اڳيان. حاضر آهين=
حاضر آهيان. مان به واڍوڙجي آئو اهيان=
مان به ڦٽجي آيو آهيان. اها ئي ڳالهاتائين، يعني
اها ئي (ڳالهه) ڳالهايائين. دريا خان ٿو مارين=
دريا خان ٿو ماري
ــــ مانکهِ ڳوٽي تماڪ جي ڏي ته ڇڪي ڏسين=
مونکي تماڪ جي ڳوٽي ڏي ته ڇڪي ڏسان. وناڻ=
وڄت، ساز. ساريتا= چڱا مڙس
ڪانڊيرو پالاري پوليس ۾ سپاهي هو. مڙس سچو ۽ همت وارو، پر ڊريس
ڪڏهن سولي ڪري ڪانه پاتائين. ان وقت ايوب خان (لس
ٻيلي جو) ڪماني هو. انسپيڪشن تي آيو ته ڪانڊيرو به
قطار ۾ بيٺل هو. پنهنجي بندوق مٿان صاف به ڪانه
ڪئي هئائين. ڪماني چيس ته بندوق صاف رک. ڪانڊيري
جواب ڏنو ته: ”اِيءَ جو بندوبست ڇندو“ (انهيءَ جو
بندوبست ٿيندو). پٽڪو به سولو ڪري ڪونه ٻڌو
هئائين. ڪماني چيس ته چيائين ته: ”ايءَ جو بندوبست
ڇندو!“ ڪانڊيري ٻيڙي دکائي هئي پر تڪڙو سڏ ٿيو هو
سو وسائي ڪن جي مٿان هنيائين ۽ پريڊ وقت به لڳي
پئي هئي. جڏهن ڪماني اشارو ڪري ڌمڪايس ته چيائين
ته ”صاب! ايءَ جو به بندوبست ڇندو!“ پوءِ پڇيائونس
ته تو ڪن مان ٻيڙي ڪڍي اڇلي ڇو نه ڇڏي! چيائين
”مان جو مغز جَڙِي ويو.“ يعني ڦري ويو.
●
محفلون ۽ مارڪا
اي سڄڻ! محفل مارڪي لاءِ، دَنبورو ۽ سُرندو ڇپر جا وڏا وِناڻ
(ساز) آهن ۽ ’مورو‘ڄڻ ڇپر جو قومي نغمو آهي. ڇپر ۾
انهن سازن وڄائڻ توڙي موري ڳائڻ وارا وڏا مشهور ٿي
گذريا. راقم 1945ع ۾ سدا ملوڪ سُرندي وڄائيندڙ
عَلڪي (علي محمد) کي ٻڌو، علڪي جو پيءُ فقيرو به
وڏو ڪاريگر هو. سندس وقت ۾ ڇپر ۾ ٻيو اهڙو ڪونه
هو. گهڻو آڳاٽو ٻيروکو فقير ويٺل سانڊهه (موئيدان
کان اولهه، لس ٻيلي جي حد ۾) سرندي جو ملوڪ هو ۽
کانئس پوءِ سندس پٽ عوثو (عثمان) ٿيو جنهن جو پٽ
فقيرو جنهن جو پٽ هو علي محمد (عَلڪو). تونگ لڳ،
عارب جي واهي ۾. ساماڻو فقير سيکاراڻي سمارپوٽو
سرندي جو ڪاريگر هو (1985ع ۾ جيئرو هو، عمر اسي
ورهيه). 12- مئي 1960ع تي ٿاڻي بولا خان ۾ وسندمل
وٽ ڪيل ڪچهريءَ ۾ اسحاق ماڇي (عمر 55 سال) سرندو
وڄايو ۽ مٺو وڄايائين. پر چيائين ته ’هن وقت
ساماڻي جهڙو ٻيو ڪونهي؛ ساماڻو علڪي کان گهڻو
آهي.‘ ڪراچي داڙون فقير هو جنهن پاڪستان کان پوءِ
گذاريو. گيڙو پٽڪو ٻڌل، سرندو ساڻ کنيو، ڪراچي ۾
سولجر بازار ۽ ٻين جاين تي پيو هلندو ۽ وڄائيندو
هو. مون داڙون فقير جو فوٽو موسيقي بابت پنهنجي
انگريزي ڪتاب مٿان ڇاپيو.
پوئين ويجهي دور ۾،3 فيبروري 1986ع تي مول ۾ ملڪ رسول بخش وٽ
ڪچهري ٿي جنهن ۾ يعقوب فقير مڱڻهار سرندو وڏي
ميٺاج سان وڄايو.
دنبورو گهڻا ٿا وڄائين. جهنگ- ڪَنڊ ۾، جان محمد احمداڻي رونجهي
وٽ ڪيل ڪچهريءَ ۾ بچل انگياڻي دنبورو وڏي لئي سان
وڄايو. چيائين ته: ڌنو فقير انگياڻي دنبوري ۾ سڀني
جو استاد هو. اهڙو ٻيو ڪونه ٿيو. نڙ ۾ ڪَٺ وڄائڻ
جو به ڪاريگر هو. اڳ وڏو بچو فقير انگياڻي، دريجي
جو، دنبوري جو ملوڪ هو. راقم ڪنڊُو فقير انگياڻي
کي ٻڌو جيڪو 1985ع کان ٿورو اڳ گذاري ويو.مون سان
اسان جي ڳوٺ 8- آڪٽوبر 1975ع تي ملڻ آيو؛ ڪچهري ٿي
۽ دنبوري تي واهه جا لئي لاتائين. جوڳ تمام مٺي
وڄايائين. معذور ڪيائين ۽ چيائين ته جوڳ سان ملي
ٿي. چيائين ته: ’انگياڻي‘ فقير، سڀ وڏي انگئي جو
اولاد آهن، جيڪو انگئي جي ڍوري (ٽنڊي رحيم خان
جمالي کان پريان) تي ڄائو. چيائين ته آءٌ انگئي جي
اٺين پيڙهي ۾ آهيان (ڪنڊو پٽ لوهيڙو پٽ سچيڏنو پٽ
سومار پٽ جاڙو پٽ ٻٻر پٽ سوچي پٽ انگئي). دوسو ڇٽو
تنهن کان سندس ڀائيٽيو لونگ جمعو دنبورو سکيو.
1975ع ۾ ڪنڊو فقير جو ڀائٽيو محمد هارون سان گڏ،
ٽي، وي ڪراچي تي وڄائيندو هو. عبدالله انگياڻي،
مشهور نڙائي شاهو بڪڪ سان گڏ وڄائيندو هو.
مورو ڇپر جو خاص نغمو آهي ۽ مرد توڙي عورتون شوق سان ڳائين.
مائي مريم گڊي مورن ڳائڻ ۾ مشهور ٿي. ”مُوسل وارو
مورو“ (يعني موسي لاسي وارو مورو) وڏي لئي سان
ڳايائين.
مشهور موري ڳائيندڙ طالب پالاري سان مون راقم گهڻا مارڪا ڪيا.
سندس جوڙ پير بخش خاصخيلي هو جيڪو موري کي ڌاڌر ۽
ڌمڪن سان ڳائيندو هو. طالب جهڙو ميٺاج ۽ مينڍن
مرڪن سان مورا ڳائيندڙ ٻيو ڪونه ٿيو. آءٌ کيس ان
وقت جي مشرقي پاڪستان ۾ ڍاڪاوٺي ويس ۽ وڏي لئي
لاتائين. ’مورو‘ مجازي محبت جو گيت آهي، عاشق جي
اندر جي آهه ۽ التجا آهي. مول ۾ ڪچهري ڪندي (3
فيبروري 1989ع) ڪنهن چيو ته:
مورن منجهان مجاج ڪي جيڏائي جاڳن ٿا
مورن منجهان مچ ڪي دل ۾ دکن ٿا.
ان ڪچهري ۾ لالُو مڱڻهار خوش طبع ۽ چرچائي هو، جنهن کي ملڪ رسول
بخش مهرباني ڪري اسان سان تونگ وڃڻ لاءِ سونهون
ڪري ڏنو. مون کانئس پڇيو ته هت ڪو ڪافين چوڻ وارو
يا پڪي راڳ ڳائڻ وارو به مشهور ٿيو؟ لالو چيو ته:
”سائين، ڇپر ۾ موري کان سواءِ ٻي ڪا واهه ئي
ڪانهي! ڀل ٻيو ڪهڙو به راڳ هلي، پر مورو ڏبو ته
مڙس اڀا ٿي ويندا!“
|