ڇپائيندڙ پاران
’رهاڻ هيرن کاڻ‘ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي نامياري عالم ڊاڪٽر نبي بخش
خان بلوچ صاحب جن جي تحقيقي ڪاوش آهي. دراصل هيءَ
تحقيقي ڪاوش ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ جي سري هيٺ هڪ تحقيقي
سلسلو آهي. جنهن ۾ سنڌ جي مختلف علائقن جي سگهڙن،
شاعرن ۽ سالڪن سان ڪيل ڪچهريءَ جو تذڪرو ڪيو ويندو
آهي. ’رهاڻ هيرن کاڻ‘ سلسلي جي هيءَ ستين ڪڙي آهي،
جيڪا ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب جن بورڊ کي بٽرن
جي صورت ۾ عنايت ڪئي.
هن پرچي ۾ سورهيه بادشاهه سائين صبغت الله شاهه راشدي، حُرن جي
انگريزن سان جنگ، شاعر ثناء الله ثنائي جي ياد ۾،
خواجه خضر ۽ مهتر الياس، نسب ناما ۽ قبيلا. شهر
ٺٽي ۾ ذاتيون ۽ قبيلا وغيره جهڙن اهم ۽ جاندار
موضوعن تي رهاڻ رچايل آهي. اُميد ٿي ڪجي ته پڙهندڙ
حضرات هن ڪتاب مان ضرور استفادو حاصل ڪندا.
ڄام شورو، سنڌ اعجاز احمد منگي
اربع 6 رجب المرجب 1427 هه
سيڪريٽري
بمطابق 2- آگسٽ 2006ع سنڌي ادبي بورڊ
مهاڳ
هي رهاڻ هيرن کاڻ آهي. پنجاهن سالن واري دور (1950-2000ع) ۾،
سنڌ جي سڄڻن ۽ سگهڙن سان ڳوٺن شهرن، واهڻن وسين ۾
رس رهاڻيون ٿيون جن جو هيءَ مواد يادگار آهي. ڪن
پيارن ترغيب ڏني ته آءٌ پنهنجي سوانح عمري لکان؛
ڪنهن حد تائين هي منهنجي سوانح عمري آهي.
هن ذخيري ۾ شامل ڳالهيون سڀ نيون آهن، ۽ گهڻيون سڀ نه اڳ لکيل
آهن ۽ نه ڇپيل. ڪن ڳالهين کي رهاڻ واري رنگ ۾ بيان
ڪيو ويو آهي ۽ پڙهندڙن کي مخاطب ٿي ڳالهايو ويو
آهي. ڳالهه مان ڳالهه نڪرندي ۽ پڙهندڙ کي ڪيئي
نيون ڳالهيون ٻڌايون وينديون ۽ ڪيئي نيون معنائون
وهڃايون وينديون. غور سان پڙهڻ ۽ پرجهڻ وارن لاءِ
هن ذخيري ۾ سنڌ جي ماڻهن ۽ راڄن جي رهڻي ڪهڻي،
ڳالهه ٻولهه، سرت سمجهه، دانائي دورانديشي، خوشي
خوشطبعي ۽ شعر ادب جا من موهيندڙ مثال موجود آهن.
هن ذخيري ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جيڪي راقم گهڻو اڳ جدا جدا
موقعن تي جدا جدا ڪچهرين ۾ ٻڌيون. ٿي سگهي ٿو ته
ڪي صحيح نموني سان نه ٻڌايون ويون هجن يا نه
سمجهيون ويون هجن، ۽ جيئن ته اهي هڪ وڏي وقفي کان
پوءِ هت بيان ٿيون آهن انهيءَ ڪري ڪي پوريون ياد
به نه رهيون هجن. پڙهندڙ مهربانن کي گذارش آهي ته
جيڪڏهن کين ڪا وڌيڪ صحيح صورتحال معلوم ٿئي ته
پنهنجي پيار ۽ پاٻوهه سان درستي ڪن.
هي اڻ کُٽ خزانو آهي جيڪو ڪنهن حد تائين منهنجي لکيل ياداشتن ۾
موجود آهي پر گهڻي حد تائين منهنجين يادگيرين ۾
محفوظ آهي. وقت ۽ فراغت آهر، ان کي قسطن وار شايع
ڪرڻ جو ارادو آهي. پهرين ڇهن جلدن جي اشاعت بعد هي
’رهاڻ هيرن کاڻ‘ جو ستون جلد آهي جيڪو شايع ٿي
رهيو آهي.
هي سلسلو، سنڌ جي مختلف موضوعن، سنڌ جي عوامي جذبن احساسن، ڳڻن
ڳالهين ۽ مشغلن مارڪن جو آئينو آهي جيئن اڳتي هلي
اهو معلوم ٿئي ته ويهين صدي ۾ (۽ پڻ ان کان اڳ)
سنڌ جي عام زندگيءَ جا ڪهڙا نقش نشان هئا ۽ ڳالهين
ڳُڻن جا ڪهڙا خاص عنوان هئا.
هن کان اڳ وارين ڇهن اشاعتن ۾، سنڌ جي تاريخ، سنڌ جا قديم شهر،
سنڌ ۾ ظرافت جو انداز ۽ سنڌ جي عام مقبول شاعريءَ
جي مواد ۽ ٻين ادبي موضوعن کانسواءِ، هيٺين خاص
علمي ۽ تجرباتي موضوعن کي تحقيق جي روشني ۾ بحث
هيٺ آندو ويو آهي.
• سنڌ جي موسيقي ’ڪافي‘
• سنڌ جي اوڀڙ، نباتات (باٽني)
• سنڌ ۾ بازداري جي مهارت (زوئلاجي)
• سنڌ جو آسمان، تارا ستارا (اسٽر انامي/ اسٽرالاجي)
• سنڌ جو درياءَ ۽ ان جا وهڪرا (جاگرافي)
• سنڌ ۾ مال وارن جي مالڪيءَ جا نشان
• سنڌ ۾ هنرمندي: لوهارن جي ڪاريگري (ٽيڪنالاجي)
• سنڌ جا نسب ناما قبيلا (ايٿنالاجي)
• محبت جون مقالون (نفسيات)
• نوءَ يا وايو منڊل (Atmospherics)
هن اشاعت ۾ صدين تائين سنڌ ۾ کيتي جي ڌنڌي ۽ رهڻي ڪهڻي يعني سنڌ
۾ ’هُرلا ۽ نار، هاري ۽ مجيري، ونڊيون ۽ پتيون‘ جي
نظام بابت تحقيق کي شامل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾
’سنڌي هُرلي‘ جي ايجاد کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو
آهي جيڪو، قدامت جي لحاظ سان، ’هيڊرالڪ ٽيڪنالاجي‘
جو شاهڪار آهي. ان کانسواءِ، اٺ جي پيدايش ۽ پرورش
کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي.’ڇپر- ڪوهستان جي
ڪچهري‘ هن سلسلي جو نئون موضوع آهي. ان کان اڳ
لاڙ، ناڙي، کاري ۽ ناري جي ڪچهرين جا بيان اچي چڪا
آهن.
20- مارچ 2006ع خادم
العلم
علامه آءِ، آءِ قاضي چيئر نبي بخش
سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد سنڌ
تاريخ
●
مخدوم بلاول ۽ ڄام نظام الدين جو شجرو
عباس فقير معروف پوٽي راهو(بن حاجي محمد موسيٰ بن محمد صالح بن
محمد عبدالحڪيم بن حافظ مقيم بن محمد بن نظرمحمد)
سان 26 ڊسمبر 1988ع تي ناري ۾ ڳوٺ پير بخش فقير
ڳاهو ۾ رهاڻ ٿي. چيائين ته سندن ڪٽنب ۾ نظر محمد
حافظ ۽ محدث هو، پندرهن ويهه سال مديني شريف ۾
رهيو ۽ پوءِ هت آيو ۽ وفات ڪيائين. سندس پٽ محمد
به حافظ ۽ حديث جو ڄاڻو هو. انهن وڏن کان وٺي وٽن
شجرو رکيل آهي جيڪو ڄام راهو تائين پهچي ٿو. ان
شجري مان هيٺيون نقل ڪيو ويو.
ــــــ مخدوم بلاول نقشبندي طريقي جو هو. سندس والد مخدوم حسن
هو ۽ سندس ڏاڏو مخدوم ادريس جيڪو ڄام نظام الدين
جو ڀاءُ هو.
ــــــ مٿي پيڙهي هن طرح: ڄام نظام الدين بن ٻانڀڻيو بن انڙ بن
صلاح الدين، بن تماچي ٻيو بن خيرالدين بن تماچي
اول بن انڙ اول بن ٻانڀڻيو بن جوڻو بن لاکو بن
ڳاهو بن لاکو بن راهو. (تحقيق جي لحاظ سان، هي
پيڙهي غور طلب آهي- نبي بخش)
●
مقام مڪلي، ٺٽو
مڪلي جو تاريخي مقام جئن پوءِ تئن زوال پذير آهي. سنڌ جي تاريخ
جا ڪيترائي حاڪم ۽ حڪمران هن مُقام ۾ مدفون آهن،
جن جي تربتن تي تاريخون لڳل آهن. انهن بابت خاص
تحقيق جي ضرورت آهي. ٻه حاڪم گهراڻا، سما سلطان ۽
ترخان، مڪلي ۾ مدفون آهن. ترخانن کان پوءِ، ٺٽي ۾
مغلن جا ڪي گورنر هت مدفون آهن ۽ پڻ ميان نورمحمد
عباسي جا مقرر ڪيل ٻه عملدار مڪلي ۽ ان جي
پسگردائي ۾ آهن. تحقيق ڪندڙ لاءِ ضروري آهي ته
مڪليءَ جي مقام جو هر حصو ڀاڱو پوريءَ طرح جانچي.
مثلاً: مڪلي جي مکيه مقام کان وٿيرڪو ڏکڻ طرف وارو
مقام آهي جنهن ۾ وڏن ڀلارن بزرگن جون تربتون آهن
پر ان ۾ ڪي تربتون ڪن حاڪمن جون به آهن. مثلاً:
رضوي ساداتن جي مقام ۾، شاعر غلام مرتضيٰ شاهه
مرتضائي ۽ شاهه زمان شاهه جون تربتون معلوم آهن پر
انهن جي وڏي سيد ڪمال الدين شاهه جي تربت آهي جيڪو
روايت موجب مغلن طرفان ٺٽي جو آخري گورنر هو، جنهن
کي ميان نورمحمد معزول ڪيو. ڪمال الدين شاهه جي
پوٽي ذوالفقار علي شاهه جي تربت آهي جيڪو ميرن
صاحبن جي وقت ۾ وزير هو؛ حيدرآباد جي قلعي جي
سنڀال سندس حوالي هئي ۽ قلعي جي دروازي وٽ سندس
رهائش هئي. رضوي ساداتن جي هن مقام ۾ ۽ درگاهه سيد
يوسف شاهه کان به اوڀر طرف سلطان سامٽيي جي قبر
آهي جيڪو ميان نورمحمد طرفان ٺٽي جو گورنر مقرر
ٿيو هو. ان کان اڳ ميان نورمحمد جو ناڪام گورنر
مسو فقير نوتڪاڻي هو، جنهن جي قبر مڪلي کان ڏکڻ-
اوڀر ڳچ مفاصلي تي سيد حسين جي مقام ۾ آهي.
●
مير بجار خان کي نذرانو ڪيل تلوار
ڪلهوڙن جي آخري دور ۾، سيوهڻ ۽ جوهي طرف جي کوسن ۽ جمالين جي وچ
۾ جنگ لڳي. کوسن جو اڳواڻ بُلو بڊاڻي هو ۽ جمالين
جو اڳواڻ جنگو خان جمالي هو. بلو بڊاڻي وڏو پهلوان
هو ۽ سندس ترار جي وڏي هاڪ هئي. ان جنگ ۾ بُلو
مارجي ويو، سندس ترار جنگو خان کي ملي جنهن اها
مير بجار خان کي نذراني طور پيش ڪئي. (بلي ۽ جنگو
خان واري جنگ لاءِ ڏسو ڪتاب ’جنگناما‘)
●
ڪتاب ’تذڪرة الانساب‘
هي ننڍڙو فارسي قلمي ڪتاب مون مرحوم محمد حنيف صديقي جي ڪتابن ۾
ڏٺو ۽ شايد انهن ڪتابن مان هو جيڪي سکر جي خداداد
خان (لب تاريخ جو مصنف) جي پوئين وٽان کيس دستياب
ٿيا. هي ڪتابڙو، ڀُڄ (ڪڇ) جي هڪ سومري (جنهن جو
نالو ڊاٺو ويو) جي چوڻ تي فقير عبدالرحمان تاريخ
ڇهين محرم مهيني سنه 1224هه ۾ پورو ڪيو. هن ڪتاب
۾، سنڌ جي ڪن بزرگن ۽ قبيلن بابت مختصر بيان هئا
جن مان هيٺيان مون نقل ڪيا:
ــــــ سومره: حضرت علي جي فرزند اڪبر جو اولاد آهن: (وقوم
سومره که درين ملڪ سند هستند همہ اولاد محمد اکبر
بن علي رضه هستند)
ــــــ علوي: اهي سڀ حضرت علي رضه جي ٽن پٽن محمد اڪبر، طالب ۽
زيد جو اولاد آهن.
ــــــ سمہ: سمہ قوم جيڪا به جٿي به سنڌ ملڪ ۾ آهي سا ابو سام
بن ابولهب جو اولاد آهي. ڪن جي چوڻ موجب، سمہ قوم
جمشيد بادشاهه جي اولاد مان آهي. (وهمہ قوم سمہ کہ
هر همہ در ملڪ سند موجود هستند اولاد ابوسام بن
ابولهب مي باشند و بعضي گويند کہ قوم سمہ از اولاد
بادشاهه جمشيد.......). سمن جو وڌيڪ ويجهو ڏاڏو
ڄام ڳُهڙ نالي آهي جئن سنڌي شاعر چيو آهي ته:
ڳُهڙ سندي ڳڃڙي، اچي جال جڳٽ
سما تو ســـر ڇــٽ، پاڳارا پرس ٻئا.
(اصل عبارت: وجد اقرب قوم مردم سمہ جام کوهر نام است چنانکہ
شاعر بزبان سندي گفته)
ــــــ مخدوم فيروز قريشي: هن بزرگ جو احوال وڌيڪ تفصيل سان ڏنل
آهي ته هو عبدالرحمان بن حضرت ابوبڪر رضه جي اولاد
مان آهي. سندس مقبره مڪلي جي مقام ۾ مشهور آهي.
پنجويهن سالن جو هو جو سنه 931هه هجري ۾ عرب مان
سنڌ ۾ آيو. ان وقت، شاهه ميران جونپوري (اصل. زين
پوري) جي مهدويت جي دعويٰ عرب ۾ هلي ۽ عرب عالمن
ان کي رد ڪيو. اها خبر (هت سنڌ ۾) مخدوم فيروز
آندي. قصو مختصر ته شاهه ميران پنهنجي وطن مان عرب
ملڪن ڏي وڃڻ جو ارادو ڪيو ۽ سنڌ مان ڪاغذ جي
ڪرامتي ڪشتي وسيلي ٻيڙي تي سوار ٿيو ۽ ان جو رسو
اولياءَ ڪرام کان پئي ڇڪايائون. جڏهن باغبان جي
ويجهو پهتو ته بادشاهه جا چوبدار جيڪي ساڻس هم
رڪاب هئا تن مخدوم بلال ۽ سندس مريدن کان جن مان
هڪ سئو سترهن حاضر هئا رسي ڇڪڻ لاءِ زور رکيو. آخر
سيد حيدر جِياڻي جيڪو سنائي سيدن جو ڏاڏو ۽ مخدوم
بلال جو مريد ۽ ڪرامت وارو هو تنهن حقيقت معلوم
ڪري پنهنجي ڪرامت سان (شاهه ميران جي) ڪاغذي ڪشتي
کي ڀڃي درياء ۾ لوڙهي ڇڏيو. ان کان پوءِ شاهه
ميران عرب ۾ پهتو ۽ مهدويت جي دعويٰ ڪيائين. اها
سڄي پيرائتي پڪي خبر هن ملڪ (سنڌ) ۾ مخدوم فيروز
آندي. مخدوم موصوف جيد عالم هو ۽ شهر ٺٽي ۾ سڪونت
اختيار ڪيائين جيڪو هن طرف جي عالمن فاضلن جو مرڪز
هو. شهر ٺٽي جي مخدوم حماد جي نياڻي سان شادي ٿي،
جنهن مان ٻه پٽ ٿيا: مخدوم سليمان ۽ محمد افضل
(جنهن جو مقبره گجرات ۾). مخدوم سليمان کي ٻه پٽ
ٿيا: قاضي ابراهيم ۽ قاضي عبدالغني. محمد افضل کي
هڪ پٽ ٿيو محمد ڪريم. قاضي ابراهيم ٺٽي شهر جي آگر
محلي ۾، اوڀر طرف، پڪي مسجد ٺهرائي جيڪا سنه
1224هه ۾ زبون حالت ۾ موجود هئي. قاضي ابراهيم
سيوهڻ ۾ وفات ڪئي جتي سندس مقبره آهي. قاضي
عبدالغني (حيدرآباد ۾ شاهه محمد مڪي تي رکيل) کي
ڇهه پٽ ٿيا: محمد انور، قاضي سليمان (مڪان ناهيہ ۾
مدفون) فيض الله، سعد الله ۽ نعمت الله. قاضي
سليمان کي ٽي پٽ ٿيا: قاضي احمد، محمد افضل ۽ محمد
اڪرم. قاضي احمد جو پوٽو محمد حيات (بن محمد اشرف)
مٽياري ۾ مدفون آهي. محمد اڪرم کي گهڻو اولاد ٿيو،
جن مان عبدالباقي (پٽ محمد قاسم پٽ محمد اڪرم، پٽ
محمد حفيظ پٽ محمد محسن پٽ محمد اڪرم) سنه 1264هه
۾ ملان ڪاتيار ۾ رهندڙ هو.
●
دارالعدالت قلعه حيدرآباد
ٽالپورن جي دور ۾، سنڌ جي وڏي عدالت (چيف ڪورٽ) حيدرآباد جي
قلعي ۾ قائم هئي، ان جو خاص انتظامي نالو
”دارالعدالت قلعه حيدرآباد“ هو. اگهم ڪوٽ ۾، مخدوم
محمد اسماعيل سومره جي مجاورن جي خاندان مان ميين
غلام نبي وٽ مون تاريخ 22- مارچ 1959ع تي هڪ
دستاويز ڏٺو، جنهن ۾ نصرپور جي ساداتن مان مقبول
شاهه جو بيان هو جيڪو ”دارالعدالت قلعه حيدرآباد“
جو وڏو قاضي (چيف جسٽس) هو. پاڻ پنهنجو سڄو نالو
هن طرح لکيائين:
”بنده درگاه الاهي سيد محمد مقبول واعظ قاضي دارالعدالت قلعه
محروسہ حيدرآباد“
سندس سڄو نالو هن طرح:
” سيد محمد مقبول بن سيد اَبُل شاهه بن سيد ميرمحمد بن سيد
عبدالرسول بن سيد نعمت الله.“
●
ٽالپورن جي حڪومت جو نظام
هن نظام ۾ راڄن ۽ راڄدارن کي وڏي اهميت هئي. تاريخ 26 ڊسمبر
1988ع تي ناري ۾ ڳوٺ پير بخش فقير ڳاهو ۾ ڪچهري
ٿي، جنهن ۾ خيرپور رياست ۾ ميرن جي حڪومت بابت
هيٺيون خاص ڳالهيون بيان ٿيون:
ــــــ خيرپور رياست جي تعلقي ناري جُبي جي حد هندوستان سان
لڳي. انهيءَ حد سان ڪوٽ قلعا تعمير ڪيا ويا.
ــــــ ٽي سئو چورس ميل حد. ڏکڻ ڏانهن جوڻيجن جي بڪار، اتر طرف
ڀنڀرن جي زمينداري سان، ڳوراهو ۽ ڳورن واري کان
ڏکڻ ”ڪارو کٻڙ“، اتي ڏوري هڻي اڱر پوريائون. اڱر
ڳرندا نه, انهيءَ ڪري حد جو دائمي نشان هئا. اولهه
طرف ديهه پير بخش ڳاهو ۽ ناري جي آبادي، اوڀر طرف
راڄڙ ۽ پير ”سِٽيهي واريون ڪنڊيون“ ۽ ”ميران ڇر“.
ميرن جو مختيارڪار ٻارهين ڪوهين تي منزل ڪندو هو.
ٽي منزلون خاص هيون. ڳولهڻو، مقام واري ۽ ننگرو.
ــــــ تجل کان چودنگي يا ”ٻڌي ٻائري“ جتي جوڌپور، جيسلمير،
خيرپور ۽ انگريزن جي علائقي جي حد ملندي هئي.
ــــــ قومن جا وڏا چڱا تن کي زمينون، سندون ۽ پروانا ڏنائون.
راڄن کي صلح ۾ رهڻ لاءِ راڄوڻي قدم کنيائون. ڳاهن
۽ راچڙن جون حدون ۽ نزاع نبيريائون. ڳاهن ۽ مهرن
جا پڪا فيصلا ڪيائون.
ــــــ مختار ۽ ڪامدار نه رڳو بلوچن مان پر سڀني قبيلن قومن مان
مقرر ڪيائون. فقير پير بخش ڳاهو تنهن جو پيءُ فقير
موجن، ڳاهِڪي ۽ اطراف جو مختيارڪار هو.
ــــــ ميرن صاحبن جي خاص سيڪريٽريٽ جو نالو ”شاهي دروازو“.
راڄن قومن تي ٿورو ڏن ۽ محصول جنس طور مقرر ٿيل
هوندو هو. فقير موجن کي ٽي سو چورس ميل کاتي ۾ ڏنا
ويا. زمين ٻن کان پنجن اٺن روپين ايڪڙ تي ڏني وئي.
ڪاردار سرڪاري ماپ لاءِ آيا، ويا ماپيندا ۽ ڏيندا
تان جو فقير پاڻ بس ڪئي. ان جي عيوض فقير نَوَ اُٺ
جنس طور ۽ فقط نوي روپيا روڪڙا ساليانو ”شاهي
دروازي“ تي ڏيندو هو.
ـــــــ سرڪاري فيصلي جي روبڪاري جو مثال: ”روبڪاري مورخ 18-
جنوري 1912ع منزل ڪوٽ ڏجي وڏيره موجن پٽ جيئند
ڳاهو زميندارن جو تڙن جي زمينداري بابت تڪرار هو،
جن لاءِ تاريخ 16- جون 1899ع جي زميندارن جي روبرو
هيٺيان تڙ اوهانجي زمينداري ۾ حقا ثابت ٿيا. جناب
حضور وزير صاحب بهادر جي حڪم 10803 تاريخ 5 اپريل
1903ع موجب هي روبڪاري ڏجي ٿي. 20 نومبر 1904ع
منزل سوراهه.“
تفصيل تڙن جو
مانڌلو، مهڙو، وارث وارو، موڪرو، بادل وارو، ٻانڊيو، ننگرو،
واءِ ۽ منڌراهو.......... جملي 63 نالا، انهن ۾ هڪ
امام ڳڙهه وارو ڪوٽ.
سورهيه صبغت الله شاهه جي آخري هدايت
عثمان فقير ڀنڀرو ويٺل لڳ راڻيپور، پير صاحب جن جي خدمت ۾ هو.
حمالي هو ۽ سفر ۾ محفو کڻندو هو. عثمان فقير سان
9- جنوري 1995ع تي ’ملڪو واهڻ‘ ۾ راقم جو ملڻ ٿيو.
سندس زباني بيان ته:
پير سائين جن پهريائين ڪيٽي ۾ فقير گهرايا ۽ فرمايائون ته:
’فقيرو سر ڏيو غازي ٿيو‘. آءٌ ان وقت اتي موجود
هئس. پوءِ بنگلي تي گهرايائون. آءٌ سهراب فقير
راڄڙ جي سنگت ۾ هوس. آءٌ دير سان پهتس ۽ سهراب
فقير جو ٽولو اڳ ۾ سڏ تي حاضر ٿي زيارت ڪري هليو
ويو هو.
ــــــ ڪيٽي ۾ پاڻ چيائون ته: هي ملڪ اسان مسلمانن جو آهي،
پنهنجو آهي: هن جي اوهان کي حفاظت ڪرڻي پوندي جيڪي
انگريزن جو طرف کڻندا تن سان وڙهڻو پوندو. ٻين جو
نالو نه وٺجو.
ـــــ گڙنگ بنگلي تي پاڻ چيائون ته: مڙس ماڻهو ٿجو. اوهان تي
تڪليفون اينديون پر مڙس ماڻهو ٿجو. ايمان سلامت
رکجو. قيامت ڏينهن ملنداسون.
ملوڪ فقير لغاري، سالم جماعت جو (مارشل لا وقت سکر جيل ۾) ويٺل
گمهه جو پر چوڪي جيسلمير ۾)، تنهن ڳوٺ ٺڪراٺو،
تعلقو روهڙي ۾ 9 فيبروري 1994ع تي ڪيل ڪچهريءَ ۾
ٻڌايو ته پير سائين جن سندن ڪيٽي ۾ جڏهن پهريائين
فقيرن کي سڏائي ’غازي‘ ڪيو، تڏهن ساڳئي ڏينهن تي
’غازي ٿيڻ‘ لاءِ پهريون سڏ جيسلمير وارن کي ٿيو،
ٻيو سڏ گَمهه وارن کي جن جو مک احمد فقير درس هو،
۽ ٽيون سڏ اڇڙي ٿر وارن فقيرن کي. جيسلمير وارن جو
مک غازي فقير هو ۽ اسان جيسلمير وارا سورهن سئو کن
فقير هئاسون. گمهه وارا ست سئو کن فقير هئا ۽ اڇڙي
ٿر وارا به گهڻا هئا. پير صاحب جن غازين کي جيڪا
هدايت ڪئي تنهن مان هي لفظ مونکي ياد آهن:
”فقيرو، اوهان کي جس رحمت هجي، توهان کي مان روضي ڌڻي جي جهولي
حوالي ڪري ڇڏيو. جنت جي حوالي ڪري ڇڏيو، پنهنجو
ايمان سلامت رکجو. فقيرو، جئن مان کي هت ڏسو ٿا،
قيامت ۾ به ائين گڏ هونداسون.“
پاڻ سالم ۽ فرق کي هڪ صلاح ڪيائون. پير صاحب جن ايندڙ حالات جي
مدنظر ڪي قدم کنيا، جن مان هڪ وڏو قدم اهو جو سالم
۽ فرق کي هم صلاح ۽ هڪ ٿي رهڻ جي هدايت ڪيائون.
علي محمد فقير راڄڙ، 6- آڪٽوبر 1994ع تي سندس
اوطاق (لڳ کپرو) تي راقم سان ملائڻ لاءِ گهڻا فقير
سڏيا. اتي باغ فقير مرحوم جي زباني ٻڌل هيٺين
روايت بيان ٿي ۽ سڀني تصديق ڪئي.
ـــــ سالم ۽ فرق وارا بنگلي گڙنگ واري تي سڏيائون، سالمن کي
جدا ۽ فرق وارن کي جدا جدا ٻڪري ڏنائون ۽
فرمايائون ته: ”ڪهي وڍي ٽڪي تيار ڪري رکو، جيسين
تائين مان اچان.“ پاڻ آيا ته گوشت گڏايائون ۽ هڪ
ئي دولي ۾ چاڙهيائون.
ــــــ گوشت چڙهيو پيو هو جو فقيرن کي سڏيائون. پاڻ هڪ ڪاٺي کڻي
ڀڳائون ۽ چيائون ته ”فقيرو هڪ ڪاٺي هئي سا ڀڄي
پئي!“ پوءِ ست اٺ ڪاٺيون کنيائون ۽ چيائون ته:
”فقيرو، گڏ اهي ڪاٺيون ڪين ڀڄنديون، پر جي اٺ مٿان
ويٺو ته به ڪين ڀڄنديون. اوهان فرق ۽ سالم ائين
يڪمشت ٿي رهجو، هن کان اڳتي فرق ۽ سالم ٿي نه
رهجو، يڪمشت ٿي رهجو جو دشمن جو مقابلو ڪجو ته
فتحياب ٿيندؤ!“
●
شهادت کان اڳ هدايت
شهادت کان اڳ گڙنگ جي بنگلي تي، پير صاحب جن فقيرن کي سڏيو ۽
هدايتون ڏنيون. پاڻ جڏهن به بنگلي تي پئي آيا ته
هدايتون ٿي ڏنائون، ڪي اڳ ۽ ڪي پوءِ. بالڪل آخر ۾
ڏنل هدايتن بابت جدا جدا فقيرن جي زباني جدا جدا
بيان معلوم ٿيا. هيٺين زباني باغ فقير راڄڙ (پاڙو
جمردين) جيڪو بنگلي تي موجود هو.
ـــــ گڙنگ جي بنگلي تي، وريام فقير خاصخيلي، محبت فقير بهڻ،
عبدالله فقير راڄڙ، شيخيو راڄڙ ۽ عمر ورياهه به
هئا جو فقيرن کي هدايت ڪيائون ته: انگريزن ۽
انگريزن جي پوئلڳن خلاف جدوجهد ڪجو! پر ڪڏهن به
لڄالٽ نه ڪجو ۽ ننگن جي لڄ رکجو.
·
دُرو فقير ڪارڙو (ڳاهو) جي زباني (تاريخ 25
فيبروري 1996ع، اوطاق قائم فقير ڀنڀري تي ڪيل
ڪچهريءَ ۾ بيان. پاڻ چيائون ته:
”جيڪي خيال ۽ خطرا اوهان جي دلين ۾ آهن، تن کي اسان سمجهون ٿا.“
ــــــ وريام فقير کي چيائون ته: ”اسان توکي شينهن ڪري اٿاريون
ٿا.“ وريام فقير پوءِ سڀ ڪجهه ترڪ ڪيو.
·
برهان فقير راڄڙ (پاڙو هاشم جا) ٻڌايو ته: بنگلي
تي پاڻ فرمايائون ته: ”اسان کان هاڻ پويون وقت
آهي. اوهان پنهنجي همت ڪجو، مقابلا جاري رکجو.“
ـــــ آخري وقت ۾، بنگلي تي پاڻ چيائون ته: ”اسان فيصلو ڪيو آهي
ته اسان هتي ئي هونداسون، ميدان نه ڇڏينداسون، پر
جيسين تائين اسان سر نه ڏينداسون تيسين تائين
انگريز نه ويندو.“ اهو ٻڌي غازي رنا. تڏهن پاڻ
چيائون ته : ”اوهان پاڻ کي مضبوط ڪريو، همت نه
هارجو، مقابلو جاري رکجو“ (انهيءَ هدايت موجب
فقيرن سندن شهادت بعد به مقابلو جاري رکيو تان جو
انگريز ويو ۽ پاڪستان ٿيو).
ــــــــــــــــــــ
حرن جي انگريز حڪومت سان ٽولا ٽولا جنگ
1942ع ۾ حرن فقيرن انگريزن سان ’ٽولا ٽولا‘ ٿي ’گوريلا جنگ‘
ڪئي، ۽ پنهنجو سالاراعظم ’سورهيه سائين صبغت الله
شاهه‘ کي ڪري سمجهيائون: سندن صورت مبارڪ ۽ سندن
هدايت جا الفاظ هر حال ۾ فقيرن لاءِ رهنما
رهيا.’حرن‘ مان مراد سالم جماعت وارا ۽ فرق وارا
ٻئي شامل هئا. جدا جدا علائقن ۾پنهنجا جدا جدا
’ٽولا‘ ٺاهيائون. ان کان اڳ، انگريزن طرفان فقيرن
خلاف جيڪي قدم کنيا ويا تن ۾ جدا جدا جاين تي
فقيرن جا ’ٽولا‘ ٺاهي انهن تي ڪيس هلايائون ۽ هر
ٽولي کي ساڳي سزا ڏنائون. پوءِ حرن فقيرن انگريزن
جي حڪومت سان جنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پنهنجا ٽولا
ٺاهيائون ۽ انگريزن جي حڪومت سان گوريلا جنگ
ڪيائون.
پير صاحب جن جي مقدمي ۽ شهادت واري وقت ۾ جماعت جا ٻئي طبقا
سالم ۽ فرق هم صلاح ۽ هڪ صلاح ٿيا.مقابلي جي تياري
لاءِ اهو هڪ وڏو قدم هو. فرق وارن مان وريام فقير
خاصخيلي، سنجراڻي، چانگ، نظاماڻي ۽ ڪي ٻيا فقير، ۽
سالم مان راڄڙ، ڳاها ۽ ڪي ٻيا، چار پنج سو کن فقير
خيرپور رياست جي تپي جُبي جي ’تڙ وَرياهو‘ وٽ گڏ
ٿيا. فيصلو ڪيائون ته وڙهنداسون، مقابلا ڪنداسون.
هن صلاح کانپوءِ اوڀڙدي کپري، ناري ۽ اڇڙي ٿر طرف
وارن ٽولن هيٺيان قدم کنيا: اولهه طرف سانگهڙ،
ميرپور ڏانهن ٻيا جنگي ٽولا هئا.
ــــ ڇور- گڊڙي واري گاڏي ڪيرايائون
ــــ راڻاهو ۽ رابلاهو تي ملٽري سان مقابلا ڪيائون ۽ ست اٺ فوجي
ماريائون، ٽي چار راڄڙ فقير به شهيد ٿيا. رابلاهو
تي لئبرڪ به موجود هو.
ــــ جيڻهار تڙ وارو مقابلو ڪيائون جنهن ۾ سيکيو فقير راڄڙ شهيد
ٿيو
●
رابلاهو تڙ وارو مقابلو: فقيرن انگريزن جي حڪومت
سان وڙهڻ جو پڪو فيصلو ڪري ڇڏيو هو. اڃان شروعات
هئي. فقيرن وٽ هٿيار ڪين هئا. کپري کان اتر-اوڀر
چوڏهن ڪوهه رابلاهو (تپو کپرو) جي تڙ تي پوليس
عملو رهندڙ هو. حڪومت ٻيا وڌيڪ فوجي به پاسي وارن
ڀٽن تي پئي ويهاريا ۽ ليمبرڪ به اتي هو. راڄڙن
فقيرن جي ٻن ٽولن عبدالله فقير جي ٽولي ۽ سهراب
فقير جي ٽولي، رابلاهو تي حملي جي رٿ رٿي ته پوليس
کان هٿيار ڦرجن.هيٺيان ۽ ٻيا فقير شامل هئا.
ـــــ عبدالله پٽ دَلوءَ جو، هيٺ دَلواڻي، مٿي ڌاريجو راڄڙ
ـــــ سيکيو (شيخيو)، پاڙو راڄپار راڄڙ
ـــــ عمر فقير، عبدالله جو ڀاڻيجو
ـــــ برهان فقير، پاڙو هاشم جا
ـــــ فقير لال شاهه
ـــــ اسحاق فقير، پاڙو راڄپار
ـــــ سهراب فقير سندس سنگت جي ڏهن فقيرن سان.
انهن مان سيکيي وٽ پنج فيري بندوق هئي، ٻئي هڪ فقير وٽ منهن ڀرڻ
واري. باقي ٻين وٽ لٺيون ڪهاڙيون هيون. فقيرن رات
جو حملي جي رٿ ڪئي. حملي واري رات لئمبرڪ اتي هو ۽
ڀٽن تي فوجي ويهاريا هئائون. پوليس به اصل جاءِ
مٽائي ٻئي هنڌ وڃي ويٺي هئي. فقيرن کي اڳواٽ اها
خبر نه ملي، پر وڏو حملو ڪيائون ۽ ست سپاهي
ماريائون. پر ٻاهران ڀٽن تي ويٺل چوڪي وارن ٻرندڙ
گولا مٿي اڇلي فائرنگ ڪئي جنهن ۾ لال شاهه ۽ اسحاق
راڄپار اتي شهيد ٿيا عبدالله فقير جي ڀائيٽي عمر،
برهان ۽ اسحاق (ناٿو راڄڙ) کي گوليون لڳيون، پر سڀ
همت سان نڪري آيا. عمر کي اڳتي ٺڪرن جي ڳوٺ مان
پاڻي آڻي پياريائون پر هو اتي گذاري ويو ۽ عبدالله
فقير ان کي کڻائي ويو. سيکيي چيو ته اوهان هت بيهو
ته حملي واري جاءِ تي ڏسون ته متان اتي پوليس ڪي
هٿيار ڦٽا ڪيا هجن. پاڻ ۽ ٽي فقير ويا ۽ جتي
مقابلو ٿيو هو اتان چار رائفلون هٿ ڪيائون. برهان
کي پُٺيءَ هيٺيان گولي لڳي پر هو ڌڪ جهلي همت سان
اڌ ميل کن اڳتي نڪري آيو. فقيرن پوءِ ان کي
جيسلمير ۾ سندس ڳوٺ وڃي ڇڏيو. جتي اسپتال ۾ سندس
علاج ٿيو. راجا جئار سنگ چيو ته تنهنجي ٻانهن
انگريزن کي نه ڏيندس (برهان فقير پاڻ هن مقابلي جي
ڳالهه اڄ 1994-10-6 تي ٻڌائي ۽ پٺيءَ کان هيٺ لڳل
گولي وارو نشان ڏيکاريو).
●
جيڻهارتڙ وارو مقابلو رابلاهو کان ٽي ميل اولهه-
اتر جي ڪنڊ تي جيڻهار جو تڙ جتي رمضان مهيني جي 14
جي رات هيٺين فقيرن مقابلو ڪيو:
ـــــ عبدالله فقير راڄڙ
ـــــ شيخيو ۽ شيخيي جو ڀاءُ محمد صالح
ـــــ چنيسر راڄڙ (پاڙو راڄپار)
ـــــ پيراڻو درس
ـــــ ننگر هڱورو
ـــــ لقمان (راڄپار راڄڙ)
ـــــ محمد بخش فقير راڄڙ
فقير جيڻهار کان ميل کن پنڌ تي گڏ ٿيا، پر هنن کي پوري خبر ئي
ڪانه رهي ته انهن کان اڳ جيڻهار تڙ تي انگريزن جي
فوج قبضو ڪري وئي هئي. جيڻهار کان اتر ڊرن ۾ ڪنڊو
بيٺل هو اتي مقابلو ٿيو. تازو کپري واهه جي ڀر ۾
نئن پاسي جهازن جو آڏو ٺاهيو هئائون اتان ٻه جهاز
مٿان آيا ۽ شيخيي گوليون هنيون ته مٿي چڙهي ويا
پوءِ مقابلي ۾ فوجي مئا ۽ شيخيو به شهيد ٿيو.
عبدالله کيس کڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ٻه جهاز گوليون
وسائيندا آيا سو هن کي اتي ڇڏيائون. عبدالله شيخيي
واري بندوق جهازن کي هنئي ته جهاز مٿي چڙهي ويا.
پوءِ فقير هٽيا، ۽ جهاز وري وري پئي آيا ۽ گوليون
وسايائون پر فقير نڪري آيا. (محمد بخش جيڪو مقابلي
۾ گڏ هو تنهن پاڻ اڄ (1994-9-(6) پنهنجي زباني هي
خبر ٻڌائي)
●
ٻاجهري جي تڙ وارو مقابلو: هي مقابلو دوسو فقير
راڄڙ (اگهم جو) جي ٽولي ڪيو. صالح پڊ جي حد جي
پوليس ۽ صوبيدار سان پد کان اوڀر ضلعي سکر ۾
مقابلو ڪيو. صوبيدار ملڪي ماڻهو هو پر انگريزن جي
خير خواهي ۾ فقيرن جو دشمن ٿي بيٺو. دوسو فقير
واري ٽولي هن کي ختم ڪرڻ جي رٿ بحال ڪئي. جمال،
برهان، غلام حسين ۽ ٻيا جملي تيرهن فقير تن وڃي
پاڻيءَ جي ترائي جهلي ۽ مورچا ٺاهي ويٺا. برهان ۽
غلام حسين اٿيا جن وڃي پيڻهارن جي ڳوٺ مان چغل
(پوليس جي جاسوس) جي ٻانهن کنئي. هنن رپورٽ داخل
ڪئي ته صوبيدار تيرهن سپاهين سان چڙهيو. فقيرن
انهيءَ واٽ جي ٻنهي پاسن مورچا جهليا. مقابلو ٿيو
۽ بندوقون هليون. اتي جمال ۽ غلام حسين اٿيا ۽
ٽئين پاسي کان بندوقون هنيائون. ٽي چار ڪلاڪ
مقابلو هليو ۽ ڏهه پوليس وارا مُئا. اتي صوبيدار
هٿيار ڇڏيا ۽ پنهنجي جان بچائڻ لاءِ زاريون
نيزاريون ڪيون، پوءِ فقيرن هن کي ماريو ڪونه باقي
هن جا ۽ بچيل ٻن سپاهين جا نڪ ۽ چپ وڍيائون.
سورهيه سالاراعظم جي شهادت کان پوءِ هيٺين چئن ٽولن، ناري کان
اڀرندي ۽ اڇڙي ٿر ۾ حملا جاري رکيا:
ـــــ دوسو فقير (اگهم پاڙو) راڄڙ جو ٽولو، جمال ا(ڳهم)، منٺار
عرف لونگ، برهان هاشم جو، وريام (اگهم)، چنيسر
راڄپار، غلام حسين هاشم جو، علي محمد راڄپار
(شيخيي جو ڀائٽيو)، خليفو آچر (ڏهرجه)، سائينداد
(جمر دين)، ساڌو (اڳهم).
ــــــ يار محمد مڱريي جو ٽولو: الهڏتو، حليم مڱريو، رايڌڻ مهر
۽ ٻيا.
ــــــ ڦوٽو فقير چانگ جو ٽولو، مير دوس ماڪاڻي ۽ ٻيا
ــــــ رحيم هڱوري جو ٽولو، علي خان هڱورو، انب ڳاهو، ڪرڙ راڄڙ،
طالب درس، جعفر کاڙت.
انگريزن جي جاسوسن، پوليس ۽ فوجين کي ماريائون، باقي ٻئي ڪنهن
جو به نالو ڪونه ورتائون. وقت سر مظلومن جي مدد
ڪيائون. جئن ته جيسلمير جي حد ۾، ايس پي گومان
سنگهه ڀاٽي جيڪو مريد هو تنهن جي پٽ ماڌوسنگهه کي
ٺڪر ڌاڙيل ڪيسن سنگ کڻي ويو. دوسو فقير واري ٽولي
کي چيائين، هنن مقابلو ڪري ڌاڙيلن کي ماريو ۽ پٽ
کي ڇڏايو.
سنگهار فقير پٽ واليڏنو ڳاهو، پاڙو سُرطاڻ جا، جڏهن ناظم ماريو
تڏهن جوان مڙس هو، ويٺل تڙ نيندرو تڙ، تپو نارو
جبو، تنهن جي ملڻ لاءِ فقير عبدالرحمان سنجراڻي
کان نشاني وٺي آءٌ (نبي بخش) 20-11-1999ع تي
نيندرو ويس، قائم فقير ڀنڀري (لڳ چونڊڪو) مونکي
اتي رات جو پهچايو. مون احوال پڇيو. سنگهار فقير
چيو ته: پير سائين پهريائين غازي ڪيا ۽ پوءِ ٽولا
ڪيا، ڪنهن ٽولي ۾ ست، ڪنهن ۾ اٺ، ڪنهن ۾ نو يا ڏهه
فقير رکيائون ۽ انهن جا اڳواڻ مقرر ڪيائون. غازي
پهريائين ڪيٽي ۾ گهرايائون ۽ پوءِ انهن جي لکت
بنگلي تي ٿي. ناري ۽ اڇڙي طرف وارن ٽولن مان ٻن جا
مک اڳواڻ هئا. علي محمد ڳاهو (مراد جو پيءُ) ۽
سومر فقير ڳاهو (وِيسو پاڙو موجناڻي).
ـــــ سومر فقير ڳاهو، مُبئي پوٽو، به ٽولي سان هو. ڪلنگي ساڻ
هئس. هن ٽولي جو آخري مقابلو نيندري جي تڙ کان ٽي
ڪوهه اولهه طرف ترائي ۾ ملٽري سان ٿيو جيڪا ’منڍ
جمڙائو‘ کان چڙهي آئي هئي. ملٽري وارا ماريائون ۽
سومر فقير پاڻ به شهيد ٿيو.
ـــــ علي شير فقير خاصخيلي ٽولي جو اڳواڻ هو پر سنگت ۾ پاڻ ۽
سومر فقير گڏ هليا. چنو خاصخيلي ۽ کاهوڙي فقير
موچي علي شير جي ٽولي ۾ هئا. اهي ٻئي فقير مقابلي
۾ شهيد ٿيا. سندن تربتون ترائي ۾ آهن.
ـــــ اسماعيل فقير چانگ جو ٽولو: پاڏو ڳاهو ۽ ٻه ٻيا فقير هن
ٽولي ۾ هئا اهي مقابلا ڪري، سنگهار فقير وٽ آيا
هئا.
مٿيون بيان ناري ۽ اڇڙي ٿر طرف جو آهي. سانگهڙ، نواب شاهه،
حيدرآباد ۽ ميرپور طرف ٻيا مک اڳواڻ ۽ سندن ٽولا
هئا جن مقابلا ڪيا.
پني عاقل طرف جن ٽولن مقابلا ڪيا تن بابت عثمان فقير ڀنڀري جي
زباني (1990-1-9) ته:
ـــــ احمد فقير درس، گَمهه جي چوڪي جو مک هو. پني عاقل طرف
ٽولي جو اڳواڻ هو. هڪ مقابلي ۾ ڪٿي شهيد ٿيو ۽ اتي
دفنايائون.
ــــــ گمهه جا غلام نبي ۽ الاهي بخش ڪٽپر، ڪٽپرن جي ٽولي جا
اڳواڻ هئا. غلام ڪٽپر به هن ٽولي ۾ هو.
ــــــ رَبو ٽانوري پنهنجي ٽولي جو اڳواڻ هو ۽ پڇاڙيءَ تائين
وڙهيو. موجوده پاڳاري سائين جي حڪم تي حاضر ٿيو
هو.
ــــــ ڪمال مڱڻيجو، ان جو ٽولو نئين ديري طرف هو.
ــــــ انب ڳاهي جو ٽولو. هن ٽولي ۾ انب، تاجو ملون ۽ مڱريو مک
هئا. جيڪي پهريائين رستم فقير جي سنگت ۾ هئا. تاجو
ملون ’لَڪَ‘ جو ويٺل هو ۽ ’حڪيم جن‘ جي پاڙي مان
هو. شريف راڄڙ چغل هو جيڪو فقيرن کي جهلائيندو هو.
انب جي ٽولي هن کي ماريو. جيسلمير واري پاسي پوليس
سان مقابلو ڪيائون ۽ پوليس وارا ماريائون، پر ٽولي
جا ٻه فقير شهيد ٿيا. انب آخر ۾ موجوده پاڳاري
سائين جي حڪم تي درگاهه تي پيش پيو.
ــــــ رستم فقير نظاماڻي جو ٽولو، جنهن ۾ ٻارهن ڄڻا هئا؛ جن ۾
انب ڳاهو، تاجو ملون، الله بخش مڱريو، مبارڪ هڱورو
۽ ٻيا هئا. هنن وريام فقير جو پلاند ڪيو. وريام
فقير، ’ندي پارڪر‘ واري پاسي (تعلقو ڇهوٽڻ) ۾ رهيل
هو. جتي سميجا، مڱريا ۽ دل ويٺل هئا. دل جاسوس ٿي
فقير کي جهلايو اها حد ٻاهڙ مير جي، نو ماڻهو
ماريائون. پوليس جون گاڏيون اچي پهتيون جن سان
مقابلا ڪندي جيسلمير جي حد ۾ گهڙيا ۽ اتي هڪ ٻئي
کان جدا ٿيا. رستم فقير نظاماڻي ويٺل ’توڳاچي‘ جو،
مقابلن کانپوءِ آخر جهليو. حيدرآباد جي جيل ۾ هو ۽
پاڪستان کانپوءِ ڇٽو. جنڊر پيهڻ کان انڪار ڪيائين.
بيد هڻنس مارينس ته ننڊر پئجي وڃي. (محمد پناهه
فقير نظاماڻي جي زباني ڪچهري اوطاق قائم فقير
ڀنڀرو 25 فيبروري 1996ع).
ــــــ سنجراڻي فقيرن جا ٽولا: نور خان فقير سنجراڻي جو ٽولو،
امام بخش فقير سنجراڻي جو ٽولو.
ــــــ ميري فقير نظاماڻي جو ٽولو.
ــــــ رحيم هڱوري جو ٽولو. هن ٽولي لئمبرڪ واري وقت ۾
ڪارروايون ڪيون. راقم (نبي بخش) کي لئمبرڪ پاڻ
ٻڌايو ته هو پاٽوين ۾ هو جو کيس اطلاع مليو ته
رحيم جو ٽولو سانگهڙ ۾ ڪارروائي ڪندو. لئمبرڪ
سانگهڙ پهتو. سڀ تياري ڪيائون، پر رحيم وڏي حرفت
سان فلاڻي (علي محمد مهر؟) کي ماري هليو ويو.
ــــــ ڦوٽي چانگ جو ٽولو. هن ٽولي وڏا مقابلا ڪيا ۽
پوليس کي ماريائون. ڦوٽي فقير کي راقم ڏٺو ۽ سندس
زباني گهڻن ڪامياب مقابلن جون ڳالهيون ٻڌيون. سندس
همت ۽ بهادري جي هڪ ڳالهه اها جو ناري جي پريان
’رتني جو تڙ‘ ۽ ’رتني جو ڊرنء‘ اتي اڪيلي سر پوليس
جو مقابلو ڪري پوليس کي ڀڄايائين. مونکي ٻڌايائين
ته: ”منهنجن ٽنگن ۾ وڏي طاقت هئي ۽ پيرن جو ڇوٽ
هوس. پوليس کي هڪ هنڌان بندوقون هڻي وري تڪڙو ٻئي
هنڌان ٿي هنيم. ايترو تڪڙو جو ڀانيائون ته هڪ کان
وڌيڪ ماڻهو آهن.“ جڏهن موجوده پاڳاري سائين جي حڪم
تي هڪ ٻئي ٽولي جو اڳواڻ رحيم هڱورو پيش نه پيو ته
ڦوٽي فقير جو ٽولو سندس پٺيان پيو ۽ جيسلمير ۾ اهي
ٺڪر ماريائون جيڪي رحيم هڱوري جا ساٿي هئا. رحيم
پوءِ حاضر ٿيو ۽ گرفتار ٿيو. حيدرآباد جي جيل ۾ هو
جو راقم (نبي بخش) سندس بچاءُ لاءِ قاضي احمد محمد
کي وڪيل ڪيو. جيل مان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين ۽ ڪامياب
نه ٿيو. پوءِ کيس ڦاسي ڏنائون.
افسوس جو پاڪستان جي قائم ٿيڻ کانپوءِ به پنج ست سال کن انگريزن
جي قانون مطابق حرن خلاف ڪارروايون ٿينديون رهيون،
اڃان آزادي جو واءُ نه وريو هو.
ـــــــــــــــــــــــــ |