سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: رهاڻ هيرن کاڻ

باب: -

صفحو :7

 

غزل آخوند ميان محمد قاسم هالائي

اڄ اســـان کي محب ماري ٿو فراق،  رک اسان ســـان ساڻ  الفت  اتفاق
مـــان مونکي سو مٺو مشفق ملي،  جنهن سندو آهم اندر ۾ اشـتياق
آءُ اي  دل  عــــشــــق  ۾  الله  جـــــــي،  نرت نوڙت رک نه ڪرڪنہ سان نفاق
ســـوز ۽ ســــڪ ۾ ســـدا عـــاشق رهي،  عشق جو اوچو رکن  ٿا  انتساق
سان جفائن جفــت کي قاســـم ڪـري،  ڪو تغير منجهه  طــــلب  ره فرد طاق

 

***

غزل ميان لطف الله

هيڊ ماستر سڪول چنيجن جو

اڄ هلي ڏس حال هـيڪر بره  جي  بيمار  جو
ڪونه ڏس ويڄن ڏنـو هن عـشق جي آزار جو
هن مرض جي جانچ ۾ ويڄن ڪيا ڪـي وس وڏا
پر پين هرگز نه ڪنہ پرڪـو  پروهن  پار  جو
خواب ۾ مونکي تصور هو تهين جي وصل جو
ورنه ڇا قدرت ڪـريان  اظهار  هن  اسرار جو
رات  پــرواني  شــمع  کــي  جـا  ٻڌائي  ماجرا
سو مگر هو سوز  مون  بيدل  دلِ  افگار جو
مرحبا مون سان ڪيائين پر نـشي  ۾  بيخبر
ڄڻ چڙهيا لئي لوٽ گهوڙا ۽ ڪٽڪ قـنـڌار جو
سر گهرين تان آه حاضـر ڇو ته تنهنجو حڪم آ
عاشقن جي ڪاڻ ساجن ڄڻ سمن سرڪار جو
ڪو سڄڻ منهن ۾ تنهين جي هو تجلو نور جو
هڪ نظر سان جنهن نهوڙي هوش نيو هوشيار جو
لطف تنهنجي  لطف  جو  آهي  سدا  اميدوار
مهر مان تنهن کي اچي  بهرو  ڏيو ديـدار جو

 

***

غزل آخوند محمد قاسم هالائي

ساه  سـاقي  سـڪيم  لاءِ   قدح،  هوش سان هل  هلي هلاءِ قــدح
هڪ قدح هوش توءِ چور ڪري،  ٻاجهه سان ٻٽ ٻه ٽي رساءِ قدح
رس ڀريا  روح  کي  رسائي  رس،  ڪي  رساءِ چاه چس  سواءِ  قدح
هات  خمــــر  الجنــان   وا شــــربني،  هن  طـــرح  ڏيم  هاءِ  هاءِ  قــدح
آتِنـــــي  ڪُــــل   مــــرت  قــديمي،  تان ڪريان جند فدا  بجاءِ  قدح
ڪاڻ قاسم قياس  ڪر ري ڪاڻ،  وهم  واري  وري  وراءِ  قــدح

 

***

غزل، آخوند ميان محمد قاسم هالائي

جواب ۾ ميان عبداللطيف هيڊ ماستر سڪول جهرڪن

بهار آيو گلن ڪيا  منجهه  چمن  نـت ناز نيرنگي
خوشي کان بلبلن للڪار سان  لاتي آ خوش آهنگي
ٿيا  ســازن  ســرودن  جـا  چــڱا  سامان  چـــوڌاري
پٽي  مِزمار  موســـيقار  جــي  فهــرست  فرهنگي
ڪئورُت  روپ  رسُ  هاڻي،  هوا سا ساه سيباڻي
ولن کان پـرت جي پيـچن وڻـن سان واه دل ونگي
وسڻ جو مينهن ڪيو  سايو  وسي بستان برسايو
پکن جي چاهه چهچہ  جي  هلي هئي هاءِ همرنگي
طرب جي تار کي پوري عجب تڪ طور ۾ توري
تراني تال  سو  سر  ۾  وڄائي  چنگ  ٿو  چنگي
کليو گـونٽو  ۽  کٽڻهار  عباسي  رتن  ۽  رَيحان
ڪلنگو ڪيتڪي نسرين نرگس زعفـران زنـــگي
عجائب  سهس  مـک عودي بنفشي نسترن زنبق
هزاري  ڪي  هزارين هـيج گلشن ۾ گران سنگي
وڻي ٿي  واه  هي  موسم  ته  اُن ۾ واسطي عالم
وڃي بيشڪ نظاري باغ جي کان تن سندي سنگي
نئين نزهت ڏيکاري ارغوان  سوسن  سمن سُنبل
ٿـيو  گلـزار  گوناگون  گـلن  کان  فرش  ارڙنگي
عجب موسم مُفرح ٿا رهن بي ضبط پڻ جنهن ۾
هزارين  جنگجو  جونجهار  جو  لانگير ۽  جنگي
زمين  سيراب  گُلشن  سَبُز  ۽  صحرا زمرد گون
وتن  خندان  و  خوش  خرم  سدا  عياش اڙٻنگي
نچڻ تي  راس  رس  ۾  هر  طرف باحلق  دائودي
ٻڌائن  ٻول  طرح  ۽  تال  سُرگت  ۾  ٻڌي سَنگي
سچا  سيد  سڌر  سائين  تون عالم عرض اونائين
ڪــرم  فرماءِ  قاسـم  تــي  نوازيل  نامــور  ننگي

 

***

غزل ميان فضل علي خان تخلص ’خيالي‘

جواب ۾ غزل ميان محمد قاسم هالائي جي

صَبا فراش  فردوسي  وڇايو فرش خوشرنگي
گلن جا هر طرح نازڪ  نمونا  نغز  نورنـگي
چمن ۾ چاڳلا راڳي  رباب  وعود چنگ ودف
وڄائن  واه  يــڪتارا  بــيگانا  يار  يـــڪرنگي
هوا خوش معتدل موسم طراوت بخش طِيب افزا
وڻن ۾ ٻور ٿيا  ٻهه  ٻهه  انار  وليمہ  نارنگي
ڀريا بارش چلها چوڏس سوايو سبز ٿئو گلشن
سوين سالوس ڪن طائوس چيهن جي چنگا چنگي
جهجهو ڪيو جوت جلوو جاءِ نوراني نـــظارو خوش
چٽايو چاندني  ميدان  فراخي  فرق  فرسنگي
لباس احمر  ڍڪيو  لاله عـجب لبلات پاتا پيچ
چنبيلي جي ته چٽڪي سان چلي ڪنهن جي نه هم سنگي
مداحي موتيو موچار پويون ڪن ڳچي ڳل هار
پري رخسار  جو  پندار  زينت زيب  اورنگي
گلن جو چهچٽو  انبوه  موچارو  مزو مرغوب
ڏسي موهوم دل کان دور ٿئي في الفور دلتنگي
مچائي مطربن طرب المجالس جي طرح تازي
ملاري ميگهه  سـورٺ  ساز  آلاپين  سارنگي
خيالي خادم الخلفا  اوهان  جي آل تان صـدقو
سلامت ٿو منگي ايمان ازل کان جا رقم انگي

 

***

فصيح جو غزل جواب

بهار آيو لـٿا  اولا جُهريا،  ٿي  جهـور  ۾  جهـنگي
ڦُٽي  سرسـبز ٿيا صحرا،  کلي ٿيا خوب خوشرنگي
ٿيون گلشن ۾ گلزاريون،  ٽڙن ٽانگر سنـديون ٽاريون
نمن نرگس مٿي ناريون،  نـهاري  نــيڻ  نـــيرنگي
پسي  فـتني  سندا  فندا،  عجائـب  ٿـيا  بنـهه  بـندا
ڪَرن خيري  مٿان خندا،  ذري زنبق  ذري  زنگي
لــــڏي  لالــه  لـــيا  پائـــي،  قدح کي چوطرف چـائي
حسودن جو جگر گهائي،  ڏيئي  تن  داغ  دلتـنگي
ڪليون  کوليون کٽڻهارن،  متا  موتــيا  مـٿـي  نارن
ٽڙي  ٿي  زعفران ٽارن،  نـچي ٿي ناز مان  ننگي
هزار  و  گل  زرفشاني،  سمن سـوسن نڪو ثاني
مُنجهي نِت محو ٿيو مانـي،  ڏسي هي رنگ ارزنگي
چمن چو طـرف ٿيو گل گل،  پيو هٻڪار جـو هُـل هُل
ٻڌي بلبل  سندو  غلغل،  جلي ويا جوش ۾ جنگي
ڳچي ڳانا ٻــڌيو قمريون،  جنهنجوليءَ مان هڻن جهمريون
پڙهن ٿيون ٺاهه مان ٺمريون،  تنبي ڪن  تال  تيلنگي
پسي هي خوب خوشـحالي،  چمن  ۾  چهچٽي  چالي
لٿي  لولن  سـندي  لالي،  سڙي ويـا سوز ۾ سنگي
”فصيحا“ فرض  فرماني،  اهــــــا  پــرويــز  پنــــهاني
ڪري وئي فـڪر ۾ فاني،  ڪيئي  فرهاد  فرهنگي.

 

غزل روپ مالڪونس

ميان امام بخش هيڊ ماستر

مَل  محبن  جي  محبت ۾  سپهه  سالار  ٿين
عشق جي اسرار کئون سي يار واقفڪار ٿـين
واٽ وحدت ۾ رکيو جن  سالڪن  ثابت  قدم
سي دوئي جي دام کون بانڪا ڀڄي بيزار ٿين
چڻنگ چولي ۾ جنهين کي شوق واري ڪـيو شـعاع
قلب تن جا قرب کئون وه  مطلع  الانوار  ٿين
پرت پرين جي  سٺو  پوکيو جنيهن  سيني سلو
بره جي  بارش  بهاري  ساڻ  سي  گلزار  ٿين
مٽ محبت جي منجهون پيتو پيالو پُر جنهين
نينهه واري تنہ نشي کئون هوت سي هوشيار ٿين
رمز رڳ رڳ ۾ رکي راول سندي جن ريجهه جي
ڳيت سي ڳائن ڳجهوتن دوست جا ديدار ٿــين
بخش جي درد دوستن جي رک اميد امام بخش
جي چڙهن ٻيڙي توڪل تي لنگهي سي پار ٿين.

 

***

قلمي ڪتابن ۾ سنڌ جي عالمن جون تحريرون

سنڌ جي علمي مرڪزن ۽ عالمن بابت تحقيق نه ٿي آهي. ڪنهن وقت ڪتاب ۽ ڪتبخانا موجود هئا، پر انگريزن جي دور کان وٺي زوال شروع ٿيو، ۽ پوين جي جهالت سببان اڳين جو علمي خزانو ضايع ٿي ويو. جدا جدا جاين تي، ڪن اڳين قلمي ڪتابن ۽ بياضن جي بچيل ڦاٽل ٽڪرن ۾ ڪي تحريرون ۽ ڪي نالا نظر آيا، جيڪي مون قلمبند ڪيا ته ڪنهن وقت وڌيڪ معلومات ملي ته تفصيل سان لکي سگهبو.

چوٽياري ۽ ولهار جي درسگاهن ۽ عالمن جي ڪتابن ۽ ڪن ٻين قلمي ذخيرن بابت هن کان اڳ لکيو ويو آهي ۽ هاڻي ٻين محققن به ان طرف توجهه ڏيڻ شروع ڪيو آهي. ضروري آهي ته ان سلسلي ۾ جيڪو ٿورو گهڻو مواد ملي سو قلمبند ڪري شايع ڪيو وڃي ته وڌيڪ تحقيق لاءِ راهه روشن ٿئي. هيٺ ان سلسلي جون ڪي عبارتون ۽ ڪي حوالا مثال خاطر ڏجن ٿا.

· ڏيپارجا جي قاضيءَ جو بياض

1960ع ۾ قاضي محمد ابراهيم (ان وقت مختيارڪار، ۽ ڪنهن وقت مدرسي نوشهره فيروز ۾ منهنجو ڪلاسي) وٽ مون سندس وڏن جو بياض ڏٺو، جنهن ۾ هيٺيان حوالا قلمبند ٿيل هئا:

ـــــ مخدوم عبدالڪريم متعلوي جي تحرير: ”يسار المسجد هو يمن المصلي“ کثير من العلماءَ يفهمون في هذه العبارة ان يمين المسجد ماهو بحذاء يسار المصلي و يسار المسجد ماهو بحذاء يمين المصلي ولايعلمون ان المحراب ليس من المسجد بل لو تاملوا حق النامل لايخفيٰ عليهم بطلان فهمهم. لان تصريح الشيخ ببيان يمين المصلي بالنسبة الي يسار المحراب لا للمسجد.......... ان کثيرا من المساجد لبس لهم المحراب اصلا، فکيف يعرفون حڪم المساجد في حڪم المحاريب فليتامل 12 عبدالڪريم عفي عنہ.

ـــــ هڪ ٻئي مسئلي بابت تحرير جنهن تي هيٺين ٽن عالمن جون صحيحون، عبدالخالق، ابوالعلي ۽ وجہ الدين: معنيٰ ته اهي ٽيئي همعصر هئا.

ـــــ معراج نامه تصنيف مخدوم غلام محمد بگائي، ان ۾ اٺن جي قطار ۽ قفل وغيره واري روايت بابت مخدوم عبدالواحد سيوستاني جي فتويٰ:

ـــــ انهيءَ عن بابت ابن حجر جو قول: قال ابن حجرانہ باطل 12 عجالة الطالبين للشيخ جعفر البوبکاني.

ـــــ شريعت ۾ نماز جي قيام بابت لازمي سختي واري اصل عمل بجاءِ، روايت واري عمل تي هلجي ته جئن دين جي اشعار جي اظهار وارو عمل ضايع نه ٿي وڃي. (”چون درين زمانہ تواني در تنفيذ احڪام الشرع و اقامة الصلواة بمرتبہ عنايت رسيده بلکه قدرة آن همراز قضاة غالبا مفقود گشتہ- ازين سبب اگر بموجب روايات اصل مذهب فتوي داده شود جواز صلواة کہ ازاعظم شعار دين است در تمامي بلاد سند در زياده از دوسہ جاي متحقق نشود بلکه در آنها هم مشڪل. پس لابد است کہ درين باب عمل بروايات ديگر نموده شود تا ظهور شعار دين از دست نرود (وڏي ڊگهي تحرير، ڪٿي مفقود ۽ مبهم آخر ۾ هيٺين عالمن جون صحيحون).

”ضياء الدين، مفتي عزت الله، قاضي ابوالحسن، قاضي عبدالرحمان، مخدوم محمد هاشم“ (ٺٽي جا عالم، مخدوم محمد هاشم جو اوائلي دور هو ۽ مخدوم ضياء الدين اڃان زندهه هو).

· سنه 1241هه ۾، مدينه شريف ۾ هڪ سنڌي عالم ۽ ڪاتب

امام زين الدين مراغي (وفات 816هه) جو ”ڪتاب تحقيق النصرة بتلخيص معالم دارا الهجرة“ دارالڪتب قاهره مان سنه 1378هه/ 1900ع ۾ ڇپيو. جنهن قلمي نسخي تان اهو ڪتاب ڇاپيو ويو، سو سنڌ جي عالم ۽ ڪاتب لطف الله بن الشيخ العلامہ الفهامة الشيخ محمد ذاڪر (مرحوم) سنڌي نقشبندي مدينه شريف ۾ سنه 1241هه ۾ نقل ڪيو.

· مشهور عالم علي قاري جو استاد سنڌي عالم

شيخ علي قاري پنهنجي ڪتاب ’شرح موطا‘ جي مقدمي ۾ لکيو آهي ته: ”هن ڪتاب (الموطا) جي مٿان پنهنجي استاد مرحوم شيخ عبدالله سنڌي جي هٿ اکرين لکيل ڏٺم ته ”موطا مالک بن انس برواية محمد بن الحسن و هو مشڪل اذ يروي الامام محمد فيہ عن غير الامام مالک ايضا کالامام ابي حنيفہ وامثالہ......“

 

ــــــــــــــــــــ



 


 

 

صاحبڏنو فقير تنيو

صاحبڏنو فقير تنيو هڪ درويش فقير هو. هڪ روايت موجب، هو ناڙي ۾ گاگن جو ويٺل هو ۽ ٻي روايت موجب تُنين جي ڳوٺ جو، تنين جا ٻه ڳوٺ آهن: هڪ لهڙي طرف ۽ ٻيو شورڻ واري علائقي ۾، ٻين روايتن موجب، جَهل مگسي طرف به رهندو هو. بلوچستان ۾ انگريزن جي حڪومت واري دور کان اڳ ٿي گذريو.

فقير سڀڪنهن کي سچ چوندو هو، سندس ڀاءَ ربڏنو هو تنهن کي به چيائين ته:

”سچ صاحبڏنو چوي ٿو اي ربڏنا!“

سندس وقت جي عمراڻين ۽ مگسين تي فقير ڪاوڙيو: عمراڻين کي طنبو جي شهر، بالا، ۽ ڪَنگ گهاڙِي لاءِ بد دعا ڏنائين ته:

بالان ٿي تالان، ڪــنگ نه پــــچي ســـنگ

طنبوء مان ترار، ڪڏهن ويندي ڪانڪا

مگسين جي سردارن تي به فقير ڪاوڙيو ۽ چيائين ته:

ستيـــــن هــئو سوجهـــرو،  اٺين آ اونــداهه
ڀُوتاڻين جي باهه، وئي وسامي ورهين کي.

 

مگسين جو سردار خيل ’ڀوتاڻي‘ سڏجي، ستين پڳ نواب قيصر خاص مگسي تي هئي، جنهن جو وڏو بخت ۽ نالو هو. اٺين پڳ گل محمد زيب تي آئي جيڪو وڏو شاعر ۽ اديب هو، پر سرداري ۽ اڳواڻيءَ ۾ گهٽ هو. صاحبڏنو فقير سنڌي جو شاعر هو، سندس هيٺيون مولود جيڪب آباد ۽ ناڙي طرف مشهور آهي- راقم اهو مولود 15- فيبروري 1975ع تي، مرحوم مير شاهنواز خان شاهلياڻي طرفان ’بيرون‘ ۾ رکيل ڪچهري ۾ ٻڌو: فقيرن وڏي لئي ۽ ڍار سان پڙهيو.

 

ڏاتر ڌڻــــــي ڏيـکارلو، روضـو رسـول  ا﷢ جو

 

1. مسجد مديني مير جي جامع وڏي جنـسار لو!
نيلا مـنارا نور جا، سونهــن ڀريو سينگار لو!

 

2.  حاجي وڃن حرميـــن ڏي جـــن  سڪ وڏي ســــردار لو!
جئــري ڏسان جانب وڃـــــي صدقي وڃان سؤوار لو!

 

3. دڙبڙ دؤنس درياءَ جي دهشـــــت ٻجهي ڌڌڪار لو!
سنگت سلامت سير مون پرور لنگهائج پار لو!

 

4. صاحبڏنو چوي سيدا، تنهنجي اَجــهي آڌار لو!
ناقـص نٻر تـي يا نبي نالـــي ا﷢ جي نهار لو!

 

نسب ناما ۽ قبيلا

ڳاها

ڳاها هڪ وڏو قبيلو آهي، سندن گهڻائي (ڳاهاٽ) خيرپور رياست جي اڀرنديين ڀاڱي ۽ جُبي ناري ۾ آهي. ڳاهن مان مشهور ڀَلوُ فقير ڳاهو ٿيو جيڪو پهرين حر تحريڪ جي اڳواڻن مان هو. 17- ورهين جو هو جو وڏن فقيرن سان گڏيو ۽ 19- ورهين جو هو جو شهيد ٿيو.

هن قبيلي بابت پهرين پڪي خبر مراد فقير ڳاهي 9- مئي 1966ع تي درگاهه پير صاحب پاڳاره تي ساڻس ڪيل رهاڻ ۾ ڏني. ان وقت هو ڳاهن جي چوڪيءَ جو اڳواڻ هو. پنهنجو شجرو هيٺين طرح لکايائين ۽ چيائين ته سما اصل عرب آهن.

”مراد بن علي محمد بن لال خان بن موجن بن جيئندو بن موجن بن ويسو بن آرادين بن ابڙو بن هيجب بن سُرطڻ بن کيت سينءَ بن مَيَدُ بن صاحب بن ڏتو بن ابڙو بن ڳاهو بن هوٿي بن هالو بن جوڻو بن هوٿي بن انڙ بن سمو بن راءِ رائڌڻ بن ڪاڪو بن لاکو بن لاکيار بن نرپت بن جڳپت بن هسپت بن ڀوپت بن سمو بن جادم بن جِد بن جَدار بن اوڍار بن اُڍو بن نِيت بن پَنيت بن پرت بن ڀاڳيت بن سام بن ابولهب.“

مراد فقير ڳاهن جي شجري جون مٿيون پيڙهيون هن طرح بيان ڪيون:

ـــــ هوٿي پٽ هالي جو. هوٿي جا پٽ پنج: ڀنڀرو، ڳاهو، وساڻ، هڱورو ۽ جوڻيجو.

ـــــ ڳاهي جو اولاد جنهن مان جدا جدا پاڙا ٿيا جن مان: ابڙي جا، ڪاري جا، باگڙجا، ماڪُريا، ڀيرُوجا، لاکيرَجا، مَهڙجا وغيره وڏا پاڙا جملي سترهن. ننڍا پاڙا ٻاويهه مثلا: سُرماڻ جا، سَماڻِي، خان جا، دينوجا، الف جا، ڏاندريي جا.

ــــ ابڙو تنهن مان موجوده پڳدار پاڙو موجناڻي:

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org