جَمل ڪيئن جڙيو!
اي سڄڻ! تو ڪڏهين سوچيو آهي ته جَمل ڪيئن جڙيو، يعني اٺ جي جوڙ
ڪيئن ٿي! سوچ ته اڃان به وڏي ڪرڻ گهرجي ته جڳ جهان
ڪيئن جڙيو، جو شاهه سائين سبق سمجهايو ته:
ڪري پاڻ ڪريم، جوڙئون جوڙ جهان جي
ڄاڻ ته صحيح لفظ ’جوڙئون‘ آهي ۽ نه ’جوڙون‘. ’جوڙئون‘ معنيٰ
جوڙي (نر ماد) مان: يعني ته موليٰ مهربان جوڙي مان
ٿو جڳ اپائي. البت عبرت انهيءَ ۾ آهي ته ڪائنات ۾
جيڪي عجيب شيون نظر اچن ٿيون، سي ڪيئن جڙيون! سنڌ
۾، ڪوهستان جي سالڪ شاعر ٻَٻر سوڻهيري ٻروچ (وفات
1919ع) عجب ۾ اچي، سوال ڪيا هئا ته اي سائين:
عَرش ڪُرش آسمان، اهي آڏاڻا ڪيئن اڏياءِ!
زمين زمن لوح محفوظ، جبل ڪيئن جوڙياءِ!
اها مخلوق ساري منهنجا ڌڻي، خاوند ڪيئن خلقياءِ!
جي ’اٺ جي جوڙ‘ جو به پڇي ها ته ڄڻ قرآن شريف جي آيت ٿي پوي ها،
جنهن ۾ چيل آهي ته ”ڪائنات جي تخليق تي غور ڪريو
۽ سوچيو ته زمين، آسمان ۽ جبل ڪيئن جڙيا ۽ اٺ ڏي
ڏسو ته جمل ڪيئن جڙيو، اهو اِبل ڏاگهو ڪيئن
اَڏيو!“ جڏهن منهنجو انهيءَ آيت ڏانهن ڌيان ويو ته
مون اٺ جي ڦرجڻ ۽ وڌي وڏي ٿيڻ بابت پڇا ڪئي ته من
ڪنهن حد تائين اٺ جي جوڙ کي ڏسڻ واري هدايت جي
پوئواري ٿئي.
اي سڄڻ! ڄاڻ ته لاڙ ۾ جَت اڪثر ڏاچيءَ کي ’اُٺِ‘ (’ٺ‘ جي زير
سان) چون. ننڍڙو مادي ڦر ڪيئن ٿو وڌي وڏو ٿئي ۽
ويامي، ۽ پوءِ ان جو ’نر ڦر‘ ڪيئن ٿو وڌي وڏو ٿئي
ان بابت گهڻي پڇا کان پوءِ جيڪي مونکي معلوم ٿيو
آهي، سو ٿو توکي سڻايان. ته:
ـــــ اٺُ سياري ۾ مست ٿئي ۽ اٺِ به سياري ۾ ويامي. اٺ سال ۾ هڪ
ڦر ڏئي، پر هن مال ۾ برڪت آهي. جت سياري جا ٽي
مهينا سانهه اٺ کي وڳ سان گڏيندا ۽ وڳ کي گڏ
رکندا يعني گڏ چاريندا ۽ گڏ هلائيندا ته اٺيون
لڳنديون. کاري وارا، گهوڙا ٻاري ۽ شاهبندر تعلقن
جا فقيراڻي جت سٺي ڦر لاءِ چونڊ سٺي سانهه جو گهڻو
خيال رکن. سٺو سانهه نه هوندو ته سال وڃائيندا پر
سٺو سانهه وهاريندا.
ـــــ اٺ جو مادي ڦر ڄائو ته پهرئين سياري پوري ٿيڻ کان ٻئي
سياري تائين ’لور‘ سڏبو.
ـــــ ٻئي سياري (ٻارهن مهينن) کانپوءِ ٿيو ’بِنئارزِي‘ يا
’ٻهاڻ‘.
ـــــ ٽئين سياري کان چوٿين سياري تائين ’رَسمي‘.
ـــــ چوٿين سياري ۾ اٺ ويهندس. پنڌرهين ڏينهن تائين ڍُڪائي جي
خبر ڏيندي ته ڳڀ جهليائين يا نه. جي ڳڀ جهليائين
ته اٺُ يا ماڻهو ويجهو ايندس ته پڇ مٿي ڪندي ۽
چئبو ته ’پڇ ڏئي ٿي‘. جي ڳڀ نه جهليائين ته پڇ
’ڪانه ڏيندي‘ (ڪانه کڻندي).
ــــ جي ڳڀ جهليائين ته پهريان ڇهه مهينا ٿي ’نئين ڍُڪي‘ يا
’مٽيتي ڍڪي‘، ان بعد پيٽ ڪڍندي ۽ اوهه ڪڍندي ته
چئبو ته: ’تَر ڪري آئي آهي‘، هاڻي ٿي ’وِييندڙ‘
ڍڪي (ويامڻ واري ڍڪي) ۽ چئبو ته پاگهار ڪڍيا اٿس
يا تر ڪڍيو اٿس.
ـــــ باقي مهينو ويامڻ ۾ ته چئبو ’اوهي آهي‘، يعني پورو اوهه
ڪڍيو اٿس.
ـــــ باقي هڪ يا ٻه ٽي ڏينهن ويامڻ ۾ ته چئبو ’پوٺي‘ ٿي آهي.
ان وقت اٺِ وڳ کان پئي ڇڊي ٿيندي ۽ ڀڄڻ جا خيال
ڪندي. پوءِ ڌڻي نظر رکندس.
ـــــ ويامڻ وقت، پهريائين ’گهڙو ڪڍندي‘ پوءِ ڦر ايندو، پوءِ ڄر
ڏيندي، يا ڄر ڪڍندي يا ڄر ڇڏيندي يا ڄر لاهيندي.
ـــــ پهريان ڏينهن آلوڙي يا پاڇالي ۽ پوءِ هيترن يا هيئرن
مهينن جي سُئا.
ـــــ ان وقت جالنگ چاڙهيندا ته ڦر نه ڌائي. جالنگ ’ڇڪي‘ وانگر
جيڪو اٺِ جي ٿڻن تي چاڙهي، ان جون ٻه تڻيون
(ڏورون) ماءُ جي پني تان واري ٻڌي ڇڏيندا. کاري
وارا جت ’جالَئه‘ به چون (جالنگ جو ٻيو نالو
اُوڻهه). ان وقت چئبو ته اُٺِ ’ڪوٽيلي‘ آهي يعني
ڪانگهاري، پر اُٺِ کي ’ڪوٽيلي‘ چئبو.
ـــــ ڪجهه وقت کان پوءِ ڏسي چئبو ته ’رَسيل‘ آهي، يعني ته وڙ
پئي ڪري. اٺِ کي وهِر ڪونه ٿيندو، وهر ڪانه ڪندي.
پر بت ۾ رسيل (ٺهيل، متاري) هوندي ته اُٺ جي آڏو
ويهي رهندي. اٺ ٻه ٽي ڀيرا ڊوڙائيندس ته چئبو ’اٺ
تي لڳل آهي.‘
ـــــ اٺ ڍڪي ٿي ته ٻارهن مهينا ڪڍندي. اٺ مٿس ويهندو اڪثر
سياري ۾، ۽ ٻئي سياري ۾ ويامندي.
’مادي ڦر‘ جو بيان مٿي ڪري آيا آهيون. هيٺ ’نر ڦر‘ جي ڄمڻ ۽ وڏي
ٿيڻ جو ذڪر ته:
ـــــ نر ڦر ڄائو ته ٿيو مَزات (مازاد) ۽ وڏو ٿيو ته گورو يا
گونرو، ٻارهن مهينا پورا ٿيا ته ٿيو’اُٿوڙ‘، يعني
ماء کان اُٿڙيو (جدا ٿيو).
ـــــ ٻئي سال جي شروع کان اٿوڙ ٿي ’ٻهاڻي‘ ۾ شروع ٿيو، ۽ ٻه
سال پورا ٿيا ته ٿيو ’ٻهاڻ‘.
ــــــ ٽئين سال جي شروع کان وٺي ٽن سالن جي پوري ٿيڻ تائين
’ٽِهاڻ‘.
ــــــ چوٿين سال جي شروع کان چوٿين سال جي آخر تائين ’ڇَٽُ‘
’ٽِهاڻ ۽ ڇٽ‘ وارن ٻن سالن ۾ چئبو ته ’ڪنواٽ‘ آهي،
يعني چڙهي جي لائق آهي.
ــــــ پنجون سال سڄو دوڪائي جو.
ــــــ پنج سال پڪا ٿي ويا ته چوڳائي جا چار ڏند ڪڍندو ۽ ڇهون
سڄو سال چوڳائي جو، يعني ’چوڳو‘.
ــــــ ڇهه سال پڪا ٿي ويا ته ڇڳائيءَ جا ڇهه ڏند ڪڍندو ۽ ستون
سڄو سال ’ڇَڳو‘.
ــــــ اٺين سال جي شروع ۾، نيشائي وارا ڪاڻيٺا ڪڍندو ۽ اٺون
سڄو سال ’نيش‘ يعني پورو جوان ۽ وڏي طاقت وارو.
ــــــ نائون سال ’نيشن‘ جي وڌڻ جو، ۽ نائين سال جي آخر ۾ ’پور
نيش‘ يا ’پڪو نيش‘ ٿيندو.
ـــــ ڏهين کان ٻارهين سال تائين ’نيش‘، ۽ پوءِ ٿيو ’اَرموش‘.
تڏهن نيشن کان پوئتي ٻيا ڏند ڪڍندو.
هيٺئين بيت ۾ شاهه صاحب اٺن جا عمر جي لحاظ سان نالا آندا آهن
ته:
گورا هلن نه گـس، دَوڪ دَهليا جت
چوسال ئي نه چلڻا، ٿي تنـگ نهاري تت
سوڌي ات سيد چئي، پوءِ پانجارن پرت
ان اڻانگي پنڌ جي ڪا نـيشن پوءِ نرت
سسئي وڏي ست، جا ايهيءَ پر پنڌ ڪري.
’مادي ڦر‘ (اٺ يا ڏاچي) به مٿئين طرح ائين ڏند ڪڍندي پر عمر جي
لحاحاظ سان نالا ٻيا ٿيندا جيئن مٿي بيان ٿيو.
ويامڻ کان پوءِ، هڪ پيٽي، ٻه پيٽي، ٽه پيٽي سڏبي.
ننڍي ته گوري، وڏي ٿي ته ڏاچي ۽ گهڻو وڏي ته
پوراف.
اٺ جو ڦر ننڍو هوندو ته ٻُوري ڪندو، ٻڌل يا پوريل هوندو پر جڏهن
کلندو ته ٻُوٿي ٽوري ڪري وٺي ڊوڙندو. ان وقت ساڃهه
ڪانه هوندس. بهتر ته ماڻهو ڀڄي پري ٿئي. جڙي ڪنواٽ
کي تاڙَ هڻندا، يعني منهنار تان ۽ پويان ڪنڌ تان
رسو ورائي ٻڌندا ۽ پوءِ ان ۾ ٻيو رسو وجهي ٻئي
زبردست اٺ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌي ڇڏيندا. انهيءَ ضابطي
سان جڙو ڪنواٽ جڙائي ڇڏيندو. وڏي اٺ کي ناڪيلي
هڻندا ته ضابطي هيٺ رهي.
اي سڄڻ! ڄاڻ ته اُٺِ جو کير نِرويو آهي ۽ ’ٻَرهال‘ لاءِ مفيد
علاج آهي:
اٺ کي بيٺي ڏهندا، پهاڪو مشهور آهي ته:
مال هرڪو ويٺي ڏڀي، بيٺي ڏڀي اٺِ
ڏهڻ وقت گورو ’چوڪيندا‘ يعني ڌائيندڙ گوري کي ڇڪي پري ڪري
ٻڌندا. اٺِ وڏي ٿان ۾ ڏڀي جنهن جا جدا جدا جاين تي
جدا نالا. هڪ دَري (ڪاٺ جو وڏو پيالو)، ٻيو ڇَنڙو
جيڪو ڪنجهي جو وڏو تانگهو تاسرو، ٽيو ’ٽوپ‘ جيڪو
ٽامي يا ڪوپر جو هنڍيءَ مثل ٿانءَ. هڪ ڀيري ساڪري
۾ مرحوم حسن علي خان بگهياڙ وٽ ڪچهري لاءِ ويل هوس
جو اتي محمد اسماعيل ۽ مون ڏاچي ديڳڙي ۾ ڏڌي.
سنڌ ۾، هن ويجهي پوئين دور تائين، ميرپورساڪري ۽ لاڙ، اولهندي
طرف ڇپر-ڪوهستان، ۽ اوڀر ڏانهن ٿر، سانگهڙ ۽ ناري-
جُبي ۾ اٺن ڌارڻ ۽ پالڻ جو سلسلو هلندو آيو آهي.
انهن علائقن جي اٺن کي، اتان جي نالن سان سڃاتو
وڃي ٿو. اتي جي سانڍيل اٺن جا نسل به اتي جي نالن
سان سڏبا.
●
اٺ جو کاڌو
اٺ جهنگ چري ۽ سڀ وڻ کائي. اٺ ۽ ٻڪر ٿڪيي ڪين مرن، ڇو جو گاهه
ناهي ته وڻ چرن. اٺ جو کاڌو پهريون نمبر پسند لاڻو
۽ کٻڙ، ٻيو نمبر ڪرڙ ۽ ڪنڊي. گاهه سڀ چري. ٿر ۾ وس
جا گاهه تن ۾ اٺ لاءِ سَيَنُ ۽ ويڪر پهريون نمبر؛
ٻئي نمبر ۾ ڌڪڙي، ڌامڻي، ڇپري، ڀَڪُڙو، ڀنگُري،
ڀُرٽ، سَرينَ، هِلڙو، لاٺيو (جيڪو ڳائي مال لاءِ
نقصانڪار). اٺ سڄو سال هر حال کاڌي ۾ خوش هوندا جو
گاهه نه هوندو ته به ڪونه ڪو وڻ هوندو. ٻيو سڀ مال
گاهه تي، جڏهن گاهه هوندو ته سڀرا نه ته اڀرا. چيٽ
۾ ٻڪري لاءِ گاهه ۽ ٻڪرار خوش، سانوڻيءَ ۾ ڳئون
لاءِ ۽ ڳنوار خوش، سَرءُ ۾ جڏهن ڪانهه ۽ سر ڦٽن ته
مينهون ۽ ميهار خوش، ڪتي ۾ رڍون سرهيون جو پٺيون
ڪترجن ۽ ريڍار خوش، باقي اوٺارِ کي ڪڏهن به ڪا
ڳڻتي ۽ سار ڪانهي.
چيٽ اڍائي ڏيــنهڙا، پڏي ٿي پنهوار
ٻه مهينا سانوڻي، ڳاڙهي ٿي ڳنوار
ڪانهن ڪُنڍيون ڪڍيون، موڙا ڏئـي ميهار
کِليو کٿيون وڪڻي، ڪـتيءَ ۾ ريـڍار
اَسارِي اوٺارِ، ڪَرَ نه آهي ڪـڏهين.
يعني اوٺارِ کي ڪا سار ۽ ڳڻتي ئي ڪانهي، جو ڏڪار ۾ به اٺين لاءِ
وڻ آهن.
●
اٺ لاءِ پاڻي
ٿر ۾ جتي پاڻي ناهي، اتي اٺ ٻه ڏينهن تسا ڪڍن (پاڻي ڪين پين).
وڳ هڪ ڏينهن پاڻي تي ايندو ۽ وچ ۾ ٻه ڏينهن پاڻي
تي ڪونه ايندو، يعني ٻه تَسا ڪڍندو ۽ ٽئي ڏينهن
پاڻيءَ تي ايندو.
● اٺ ۾ عيب
اٺ نر توڙي مادي ۾ ڄم کان وٺي ڪي عيب ٿين ٿا ۽ ڪي پوءِ ٻين
سببن جي ڪري ٿين ٿا. جيئن ته:
ـــــ ڪنڌ ۾ ڪُرنگي: يعني ڳچي ڪوتهه ۽ پوئتي وريل
ـــــ اڳ تي اُونداڇي: اڳ تي نميل
ـــــ ٿڻ ۾ مڻيو: ٿڻ جي سوراخ ۾ ننڍي ڳنڍ، جو کير جو گوهو سولو
نه نڪري.
ـــــ مُڃ: ٿڻ واري سوراخ ۾ ڊگهي نس، جو کير بندجي وڃي.
ـــــ رَنڊ: ٿڻ جو سوراخ صفا پوريل
ـــــ پُوزو: پير جي وٽ سان سوڄ ۽ ڳڙ
ـــــ تَريو: پير جي هيٺان گاٺ ترهاٽ
ـــــ سَٽ: پير ۾ موڙ
ـــــ ڪُولو: لڙيل ڪن
ـــــ نسَڙ: گر مان نسڙ (لا علاج گر مرڻ واري)
ـــــ گر: جسم تي مر
ـــــ ڪيڻ ۽ ڪاڻ: بدن ۽ ڳچيءَ لڳ ڳوڙها (ڏنڀ ڏيندا ته ڪاڻ ڦاٽي
پوندي، يا سُسِي ويندي).
ـــــ ريهڙ: پيٽ جو ساڙو
ـــــ رَندو پيٽ ۾ ڳوڙهو: چوندا، ’اندر رندو اٿس، ڏنڀ ٿوهي جي
پويان ڏجو‘
ـــــ مُشڪ ۽ مهٽ: کارس جنهن لاءِ بغل کان ٽُڪا (ڏنڀ) ڏيندا.
ـــــ وَرُ: تڪڙي اٿڻ تي ٽنگ ۾ ور، جنهن کان آڏو آڏو ڪنڌي ڪري
هلندي. (ٽنگ جي مٿان ڦر ۾ ور جو ڏنڀ ڏيندا).
ـــــ ٽوپو: وچين ڪوڙيءَ ۾ ڳنڍو، ڪوڙي جي مٿئين پاسي يا پڇ جي
مٿئين پاسي ٽوپي جو ڏنڀ ڏيندا.
ـــــ پڙڳاهي: پڙڳاهيءَ ۾ تڪليف ته پڙڳاهي تان ڏنڀ.
ـــــ سَر ۽ بَڊَ (ساڪري طرف اهي نالا): ’سَر‘ يعني ڪڇ ۾ سَرينِ
وانگر ڊگهيون ڏنيون، بڊ يعني ڳوڙهيون.
ڄاڻ ته اٺ جي عضون جا ۽ جسم جي ڪن جاين جا جدا جدا نالا آهن. هڪ
ڀيري مون اهو ذڪر ڪيو ته منهنجي ميزبان مرحوم
عبدالمجيد ٻانڀڻ (ڳوٺ وڏيرو جلال ٻانڀڻ، ضلعو
خيرپور) مون کان پڇيو ته: ڀلا اٺ جي پڇ جي پاسي
وارن وارن کي ڇا چئجي؟ آءٌ ٻڌي حيران ٿيس ته انهن
وارن جو به ڪو نالو هوندو! منهنجي اڻ ڄاڻائي تي،
ٻڌايائين ته انهن وارن جو نالو آهي’وارَنههِ‘ (نون
غنو).
●
اٺن جا رنگ
اٺن جا رنگ گهڻائي آهن پر ڪڪڙا ۽ ڪارا عام آهن. ڪَڪا يا ڪڪڙا
ساڳي ڳالهه. ڪارا هڪڙا بُرونگ ڪارا (گهڻو ڪارا)
ٻيا ڪٽا ڪارا. ميين شاهه ڪريم، جي بيت ۾ ڪار- ڪَنا
ڪڪڙا اٺ (ڪرها) تن جو ذڪر آيو آهي ته:
ڪارين ڪنين ڪڪڙا ڪَرهَه وِلاڙ وڃن
ويلو ڪن نه وچ تي، نه اوڳار ڀڃن
●
اٺ جا مرض ۽ علاج
اٺ جا مرض گهڻا آهن جيئن ته مَهٽ، موڙ، رَندو، ڇيرو يا ڪڍڻ (مڇر
ڪڍڻ)، پوڄو يا پُوزو (پير ۾ سوڄ ۽ منڊ)، شالو
(ڪوڙيءَ ۾ سوڄ ۽ سور)، هَرِههِ (مغز ۾ سور)، ساڙ،
گَر وغيره. انهن ۽ ٻين بيمارين جا علاج سُڄاڻ جت
پاڻ ڪن. مثال خاطر، پوين ٻن مرضن ساڙ ۽ گَرَ جا ڪي
علاج جيئن معلوم ٿيا، تيئن ڏجن ٿا.
●
ساڙُ: مڇرن ڏنگڻ کان يا ڏينهن لڳڻ (ڏينهن جي گرمي)
کان اٺ جو تئجي پوڻ. سڃاڻپ اها ته جو کاڌو چس ڪري
نه کائيندو، بعضي اوڳر ورائيندو ۽ بعضي نه
ورائيندو. متارو نه ٿيندو، اکين مان پاڻي وهندو ۽
وار مئل هوندا، سَرها نه هوندا. مرض سڃاڻڻ ڏاهي جو
ڪم آهي، جي خاطري ٿئي ته سڙيل آهي ته هيٺيون علاج
ڪارگر. ٻنهين ڪنن جي پاڙ ۾ منڌاڻي داغ ۽ سنها ڏنڀ،
پڇ جي پاڙ ۽ چوٽيءَ ۾ به ڏنڀ. ڦٽڪي ٻه سير، لوڻ ٻه
سير، ڳڙ هڪ سير، هڏ رس اڌ سير ۽ آفيم سڀ ڏڏر ڪري
ملائبا ۽ ڪاڙهبا. آخر ۾ هڏ رس ملائي جلد باهه تان
لاهي رکجي. ٺرڻ بعد ڳنڍو ٿي پوندو. ان مان روزانو
هڪ پاء وزن ڏڏر ڪري، سانجهيءَ جو اڌ سير ڳڙ سان
ڪنگر پاڻي ۾ ملائي رکجي ۽ ٻئي ڏينهن صبوح جو سويل
ملائي حل ڪري اٺ کي پيارجي. وري ٻيو وزن ان وقت
ڀڄائي ڇڏجي ۽ ورندي صبح جو پيارجي. ويهه ڏينهن
پيارجي. ان سان گڏ هيٺين ترڪيب سان کير واري لسي
به ٿاڌل طور پيارجي. ڳڙ اڌ سير، هڪ سير پاڻيءَ ۾
ملائي شربت ڪجي ان ۾ هڪ سير ٻاڪرو کير ملائي لسي
ڪري شام جو پيارجي.
●
گَرَ: بت تي مَر ۽ علاظت چڙهندي، خارش ڪندي، چمڙي
کي کائيندي، وار کسندا ۽ اٺ ڏٻرو ٿيندو. گَر جو
علاج آهي پاههُ، يعني لاڻي جي کار ۽ کٻڙن جي ڇار
تيل ۾ ملائي مک ڏيڻ ته چمڙي صاف ٿئي.
اٺن جا نسل
●
ڪِيتلوري: يعني ڪيتلور جو اٺ. ڪيتلور مڪان، تڙ ۽
ڏهر، ديهه ’راڻڪ ڏهر‘ تعلقي کپري (ضلعو سانگهڙ) ۾
آهي. اهو مڪان ’ڀٽ ڀائٽي‘ کان پنجاهه ميل کن
اڀرندي آهي. اتي جا راڄڙ (پاڙو راڄپار) ۽ سوڍا تن
جا سانڍيل اٺ ڪيتلوري سڏجن. ڪيتلور جي سِيم، تلي ۽
ڏهر ۾ ڪونڀٽ جو وڻ گهڻو ۽ گهاٽو آهي جيڪو اٺ چرن ۽
ميا متارا ٿين. تڙ واري ڏهري جي زمين (ڀٽن جي وچ ۾
پر) پڪي، اتي ڏاچي جيڪا اچي ويامي ان جو گورو
سانڍين. ڪيتلوري اٺ قد جو ڇوٽو، بت ۾ سنهون،
منهنار ننڍي، ڪن ڪنڍا، پير ننڍڙا، اوڙي (ڪوڙي)
ننڍڙي ۽ سهڻي، پڇ به ننڍڙو ۽ پڇ ۾ ٻه چڙيون. (يعني
ٻه وٽ يا گهنج) پيٽ لڪدار ۽ ران ٿلهي يعني هرڻ-
پنڊو. ڪيتلوري اٺ سواريءَ جو سهڻو ۽ تکو.
●
ڍاٽي: ڍاٽي يعني ٿر واري علائقي ڍٽ يا ڍاٽ جو. ڍاٽ
۽ کاهڙ ساڳي ڳالهه جنهن ۾ شامل: عمرڪوٽ تعلقي جا
ٻه تپا دينور ۽ ڪپلور ۽ ڇاڇري تعلقي جا تپا ڏاهلي،
گڍڙو، پارڻو، مٺڙيو، کينسر ۽ تڙ احمد (جو اڌ) ۽ پڻ
ڪجهه حصو هندوستان واري لاڳو سرحد جو. ڍاٽي اٺ قد
بت ۾ لاٺيو سنهو، مچي ٿلهو ڪونه ٿيندو. گرهوڙي
صاحب جو بيت آهي ته:
عاشق ڍاٽي اٺ جيئن، مچي ماس نه ڪن
توڙي وس چرن، ته به رت نه رتيءَ جيترو.
●
ڊِرانئي: يعني ڊِرنءَ جو، اتر طرف اڇڙي ٿر جو (جتي
’ڊرنءَ‘ آهن). ڊرانئي اٺ قد جو پورو سارو، سنهڙو،
پنڌ ۾ تکو. ڊرانئي اٺ منزل گهڻي ڪڍندو ۽ سهڪو نه
ڪندو. ٽيهه پنجٽيهه ڪوهه پنجن ڇهن ڪلاڪن ۾ ڪڍي
ويندو.
اڇڙي ٿر کان مٿي اتر ڏانهن اٺ جدا جدا ننڍن علائقن جي نالن سان
سڏجن جيئن ته:
ــــــ ڳاهڪي جو اٺ، يعني ڳاهن واري علائقي جو (روهڙي کان هيٺ
ناري تائين). ڏسڻ جو ڪوجهو پر منزل ڪرڻ وارو.
ـــــ ريڻي جا، يعني اٻاوڙي- مير ماٿيلي ۽ ان کان هيٺ ريڻي واري
علائقي جا، ڏسڻ ۾ ملوڪ.
ـــــ ٻَهِڙائي، جيسلمير- بيڪانير سان لاڳو سنڌ جي سرحد جا، اهو
ٻن پاسن جو گڏيل نسل، ٻهڙ يا ٻسر. بيڪانيري، تن جا
ڪن اڪثر ڪارا ٿين ۽ رڻ جو پنڌ تکائيءَ سان ڪڍن.
ـــــ سهاڳڻي، شاهه ڳڙهه واري علائقن جا، شاهه ڳڙهه يعني
جيسلمير جو اهو علائقو جنهن جي حد سنڌ جي خيرپور
ضلعي ۽ روهڙي وارن ڀاڱن سان ملي.
●
جالوري، ڏکڻ ڏي ننگرپارڪر جي پريان هندوستان جي
جالور ضلعي جا، جيڪي اڳ سنڌ ۾ آندا ويندا هئا.
●
مڪراني: وزن جو ننڍو، وزن سارو بار گهڻو کڻندو،
منزل جو ڏاڍو، ٿڪندو ڪونه، چڙهي ۾ سهنجو، لر پيو
ويندو ته به سوار نه ٿڪندو. مڪرانين ۾ اول نمبر
”باوا“ جا، ”باوا“ ڪو علائقو آهي. باوا جو اٺ پنڌ
۾ خارج ڪو ورلي هوندو. عام مڪراني نسل ڏسڻ ۾
ڪوجها، پر باوائي البت ڏسڻ جهڙا.
سنڌ ۾ اٺن ڌارڻ ۽ سنڀالڻ جو وڏو ماڳ مرڪز ٺٽو ضلعو، تعلقي
ميرپورساڪري کان تعلقي جاتي تائين. جت بلوچ قبيلا
جيڪي اوٺار سڏجن، سي اٺيون ڌارين ۽ سانڍين.
ٺٽي ضلعي ۾، اتران ٺٽي طرفان هيٺ ڏکڻ ڏي هلبو ته وچ وارين ڀيڻين
جا اٺ تن جا قسم يا نسل مقامي طور سلسليوار هيٺين
نالن سان سڏجن.
●
سنڌي: داٻيجي، جنگشاهي واري طرف جيڪي مٿي جبل چرن.
ڪڏهين ساڪري ۾ به لهي اچن. پير وڏو، ٿلها عضوا،
مٿو وڏو، بي ڊولو، پڇ وڏو، وزن جو ڳرو، نار ۽ بار
جو ڏاڍو، طاقت وارو، ڀڄندو نه.
●
ساڪرائي ٻسر: ساڪري، گهوڙاٻاري، شاهبندر ۽ جاتي،
انهن تعلقن ۾ سُڪي جا ڄاول ۽ رهاڪو، پر کارو به
چرن. منزل ۾ کاراين کان وزندار ۽ سهڻا.
●
ساڪرائي کارائي: کاري ۾ فقيراڻي جتن جا اٺ، گهوڙا
ٻاري ۽ شاهبندر تعلقن جا. ٻيا دَٻائي جتن جا، جيڪي
’جهور ملوڪ شاهه‘ (تعلقو گهوڙا ٻاري) ۾؛ پئيٽاڻي
درياء تي رهندڙ پانڌياڻي ۽ لٽاڻي جتن جا جيڪي
واڳوري (واڳو در) جو پاڻي پين. انهن جا اٺ هميشه
کاري ۾ ئي ڄمن، ويامن، وڌن، کاري ۽ تعلقي
ميرپوساڪري جي حد ۾ تِمر چرن ۽، کاري جي مينهين
وانگر، کاري جا درياء تري وڃن. مٿين ٻن واڙن وارا
اٺ ڪي ٿورا ڏينهن ڪنڌيءَ تي سڪي تي چڙهن، باقي
گهڻو عرصو اهي به کاري ۾ رهن.
فقيراڻي جت سانهه جو تمام گهڻو خيال رکن. سانهه مري پوي يا نه
ملي ته سال وڃائيندا پر سانهه پنهنجي وڳ جو
وهاريندا. انهن ۾ ڪڇ جي سانهه جو اثر، ڪنين سهڻا،
سونهن ۾ اول نمبر.
ــــــ نار (واڳودر) وارا يا پئٽياڻي وارا: اهي وزن ۾ سڀ کان
هلڪا، سينو ڪشادو، بج گهڻا، پير ننڍا، پڇ ننڍا.
نار وارن (واڳودر) ۾ ڪڇ ۽ ڪوڙي ڪانه ٿئي. سر ۽ بڊ
انهن ۾ ڪانه ٿئي، يعني ته ڪڇ ۾ سرين وانگر ڊگهيون
ڏنيون يا بڊ يعني ڳوڙهيون ڪين ٿين. انهن ۾ تمام
گهڻو تيز.
ـــــ جهور وارن جون ساڳيون وصفون، ٻسر واريون. سڀني نسلن ۾،
هلڻ ۾ تيزي وارو اٺ، ويٺو هوندو ته به پيو ’جُوڻ
هڻندو‘، يعني اٿڻ ۽ هلڻ لاءِ پيو لڏندو ۽ پاسا
چوريندو. اٺ جو ’جُوڻ هڻڻ‘ خاص اصطلاح آهي.
●
گهِڙَياتِڻ يا گهِڙياچِڻَ نسل جو اٺ جنهن تي راڻو
مينڌرو رات جو روزانو چڙهي ڪاڪ تي ويندو هو، ۽
جنهن لاءِ چيل ته اٺ رڳو ناگر وَل چري اهو خيالي
نالو. سگهڙن جو چوڻ ته گهِڙياچڻ اٺِ، واسينگ نانگ
۽ پدمڻي جوءِ هن وقت ڪين آهن، ناپيد آهن.
’جواني جي اٺ‘ جي بي پرواهيءَ جو شاهه عبداللطيف رسالي جي سر
’کنڀات‘ ۾ ذڪر آندو آهي پر آخرڪار پوڙهو ٿي کاڏو
کوڙي ٿو:
جنهن ميي ٿي مڻ کنيا سو رڙهڻ کان رهيو
اٿيارانس نه اُٿـــيي، پلاڻيان پيو.
ـــــــــــــــــــــ
ٿر، ڏونگر، بر، روهه، ميي سڀ مناڙيا
هاڻي اڱڻ اسي ڪوهه، ڪرهي ڪشالو ٿيو.
ـــــــــــــــــــــ
ظرافت، خوش طبعي
سوڍي فقير خاصخيلي جو اوتارو خيرپور تعلقي ۾، ڳوٺ حاصل خاصخيلي،
سوڍي فقير مرڻ کان اڳ چيو ته: ”نڌڻڪو ناهيان؛
منهنجا ڪانڌي ٿيندا ڪَڪلاڻي، منهن ويهندا
ميلهاڻي ۽ ڀت ڪندا بڇڙاڻي“ (اهي ٽيئي پاڙا
چانڊين جا اتي پسگردائي ۾).
·
درويش درس بديڻ وٽ ماڻهو ويا ته: سائين دعا گهر ته
مينهن وسي! درس بديڻ ڌڻيءَ کي سوال ڪندي چيو ته:
”موليٰ مينهن وساءِ نه ته سهاڳڻيون ٿيون چوڙا
ڀڃن!“
·
31- آگسٽ 1962ع تي، ٺٽي (مڪلي) ۾ محترم محمد
اسماعيل خان نون (ڊيپوٽي ڪمشنر) جي بنگلي تي وڏي
ڪچهري ٿي. سگهڙ عبدالله جوکيي چيو ته: ڪي ڏينهن اڳ
فلاڻي هنڌ ڳائڻن ڳايو جن کي ٻين روپيا ڏنا پر مون
ڪونه ڏنو. هنن پوءِ گهر ڪئي تڏهن مون چيو ته اوهان
چئن وڏن راڳن مان ته هڪ به ڪونه ڳايو سو اوهان کي
انعام نه ڏنم. پڇيائون ته ڪهڙا؟ مون چيو ته: هڪ جو
پيڙو ٿڦي ٿو دانگيءَ ٿي وجهجي ۽ اهو ٿو ڦڦ ڦڦ ڪري،
ٻيو ولوڙڻ وقت منڌي جيڪو گهوگهاٽ ٿي ڪري، ٽيو کير
سان ماني کائيندي، جيڪو سُرڪي وارو مٺو آواز ٿو
ٿئي، چوٿون ڍو ڪري کائڻ کانپوءِ اوڳرائي جيڪو سُر
ٿي ڪري!
·
وڏن جا وڏا چرچا ويهين صدي تائين سگهڙن جي ڪچهري ۾
بيان ٿيندا هئا جئن هيرن کاڻ-1 ۾ ٻن اميرن گولا
شاهه قهيري ۽ بچل شاهه مهاولي جا آمهان سامهان
سوال جواب مثال طور ڏنا ويا آهن. هيٺيان گفتا ڄام
بجار جوکيي ۽ مير مزار ڪلمتي جا ميان غلام شاهه
ڪلهوڙي جي ڪچهريءَ ۾ ٿيا. ان وقت ٻنهي ۾ صلح هو پر
ڄام بجار نٿي چاهيو ته مير مزار ميان صاحب وٽ
ايترو گهڻو مقبول ٿئي. ڄام بجار کي ميان غلام شاهه
پاڻ مانائتو ڪيو جو هن ڌاراجا جي راڻي کي ماريو
هو. مير مزار پيڙهائتو سردار ۽ جاگيردار هو ۽ سندس
وڏا مغلن جي دور کان وٺي طاقتور رهيا هئا. ميان
غلام شاهه ٻنهي کي گڏ سڏيندو هو پوءِ هڪڙي ڏينهن
هڪ ته ٻئي ڏينهن ٻيو سندس ڪچهريءَ ۾ سلام تي ويندو
هو. ميان غلام شاهه ڄام بجار کي وڏي کينڪار ڪندو
هو پر ويٺي هٿ ڏيندو هو، پر مير مزار کي اٿي ملندو
هو. هڪ ڀيري ڄام بجار ميان غلام شاهه کي چيو ته:
ميان صاحب، تون جو مير مزار کي ايتري عزت ٿو ڏين
سا ٻئي ڪنهن ٻروچ کي ڏي: مير مزار ته گڊيءَ جو پٽ
آهي. ميان غلام شاهه اها ڳالهه دل ۾ رکي ۽ جڏهن
مير مرزا سلام تي آيو ته پڇيائينس ته: هي ڳالهه
سچي آهي ڇا؟ مير مزار ڳالهه جو سُر سمجهي ويو، سو
کلي ڏنائين ۽ چيائين ته: اهو چاچي (ڄام بجار) چرچو
ڪيو هوندو، جو هو اهڙا چرچا ڪندو آهي ۽ چوندو آهي
ته غلام شاهه پٽ آهي گلان ڪڃريءَ جو. ميان کڻي ماٺ
ڪئي. ٻئي ڏينهن ڄام بجار سلام تي آيو ته مٿس ڏمريو
۽ کيس نظربند ڪرايائين. اهو ٻڌي مير مزار وڃي ڄام
بجار سان مليو. تڏهن چيائينس ته جئن ميان کي
ڪاوڙايو اٿئي تئن پرچاءِ ۽ ڇڏاءِ. پوءِ مير مزار
سلام تي ويو ته چيائين: ”ميان صاحب، چاچي کي بند
مان يڪدم ڪڍ نه ته ماڻهو سندس چرچي کي ويتر وڌيڪ
چوريندا!“
●
ڪچهريءَ ۾ عاشقن جي ڳالهه هلي ته هو سڪن ٿا سهن ٿا
۽ کين ڪا شيءَ ڪانه ٿي وڻي، تڏهن لونگ فقير جوکيي
چيو ته:
”عاشق ان نه کِين، سٽون ڪڍن ساڳ کي“
●
ڪچهرين ۾ عاشقن جي سورن سختين جون ڳالهيون هلنديون
هيون ۽ سگهڙ به مرچ مصالحا وجهندا هئا. 24 جنوري
1959ع تي ميرپور ٻرڙي (تعلقو ٺل) ۾ وڏي ڪچهري هئي.
عاشقن جو ذڪر آيو ته سگهڙ محمد يعقوب ٻرڙي چيو ته:
عاشق سڀ سڏي، سوري اوليائون سمنڊ ۾
جيڪو ڪين ٻڌي، تنهن کي پٿر ٻڌائون پيٽ سان.
●
حاجي مرادبخش مري (کپرو) وٽ مڱڻهار فقير خيرات
لاءِ آيو. سندس گهوڙو ستار پيشاني وارو هو، سو
چيائينس ته: فقير اهو نڀاڳو گهوڙو ته ڪڍي ڇڏ! تڏهن
مڱڻهار چيو ته: سائين پنان ائين ئي پيو، وڌيڪ نڀاڳ
ڪهڙو ٿيندو! (جنهن گهوڙ جي باني تي ننڍڙو اڇو ٽڪو
سو ستار پيشاني وارو، جنهن کي گهوڙن وارا نڀاڳو
ڪري سمجهن).
ڪچهريءَ ۾ سگهڙ خاقل ٻرڙي هڪ رواجي معنيٰ وارو بيت پڙهيو ۽ وري
هڪ ڊگهي ڳالهه کڻڻ جي شروعات ڪئي. تڏهن ٻئي سگهڙ
جو نالو وٺي مون چيو ته: ”خاقل بيهه ته هن جو گفتو
ٻڌون.“ تڏهن چيائين ته: ”بيت لکين ته لک، نه ته
ڳالهه ته ٻڌ؛ ٻنهي کون ته نه وڃاءِ.“
●
دُراني فقير چيو ته ڀٽائي پنهنجو راڳ دنبوري ۾
آندو؛ (پير صاحب پاڳاري جي) جماعت جي فقيرن راڳ
گوڏي مان ڪڍيو (يعني بنا سازن جي گوڏي تي هٿ هڻي،
تار جهلي، راڳ ڪيو)؛ سانوڻ پنهنجا بيت نڙ ۾ آندا؛
باقي صوفين جو ڳائڻ سو دڙي تي پاڻي چاڙهڻو آهي
(يعني صوفي ڪلام مٿي چوٽ تي وڏي هُل سان هلندا).
●
ڪچهريءَ ۾ ربنواز کان نالو پڇيائون، چيائين ته
نالو اٿم رب نواز پر رنن ڪَٽي سٽي کڻي ’ربو‘ ڪيو
آهي. (جو پهريائين پيار مان گهر ۾ کيس ربو
سڏيائون).
●
مير محمد خان نظاماڻي وٽ ٺري ۾ (30 جولاءِ 1968ع)
وڏي ڪچهري ٿي جنهن ۾ سگهڙ مٺي فقير دلواڻي بيت
ٻڌايا پر وڏيون کنڌيون کنيائين، هڪ ڀيرو ۽ وري ٻئو
ڀيرو به. مون چيو ته: مٺا فقير، وري ڪا ٻي کنڌي
کڻ. تڏهن چيائين ته: سائين ڏيڍ سئو بيتن جو اوهان
منهنجو اڳ ۾ ئي گم ڪري ڇڏيو، هاڻي هي کنڌي ته پوري
ڪرڻ ڏيو. جڏهن بس ڪيائين تڏهن مون پڇيو ته: مٺا
فقير، ڀٽائي صاحب جي بيتن کان به واقف آهين يا نه؟
تڏهن پنهنجو هٿ کڻي آڏو ڪري چيائين ته: آءٌ پاڻ
شاعر آهيان.،
●
1969ع جي ڪچهريءَ ۾ ٻروچ چيو ته: ”اڄ ڪلهه بخت مون
کان پٺيرو آهي، جو جڏهن جهيڙو ٿو ٿئي تڏهن آءٌ
حاضر ناهيان.“
●
ڪچهري ڳوٺ شير محمد عارباڻي (1955-4-11) ۾ ڪنهن
چيو ته: اسڪول جا استاد رُول کي (جنهن سان سزا ٿا
ڏين) سڏين ’مولا بخش.‘ تڏهن سگهڙ دائم عارباڻي چيو
ته: ولي محمد بڙدي پنهنجي لٺ جو نالو رکيو آهي
’جهٽ پٽ‘، جو چوي ٿو ته دير ئي ڪانه ٿيندي، هڪ جي
مٿان ٻي لڳندي. تڏهن ٻئي سگهڙ چيو ته: ”فلاڻي
پنهنجي ڏنڊي جو نالو رکيو آهي ”دم گذر“.
●
ماين جي نيڪي جون ڳالهيون ٿيون ته هڪ سگهڙ چيو::
”اسان جي ڳوٺ هڪ ڇوڪري ٻاهران پرڻجي آئي هئي. هڪ
ڀيري پيڪن مان ڪي مايون کيس ملڻ آيون ته انهن کان
پڇيائين: ابو خوش هو! چيائون ته خوش آهي جو راڄ
کيس پڳ ٻڌائي آهي. تڏهن چيائين: ”اڙي مُٺيس! ٻيو
ڪو ماڻهو ڪونه رهيو هو جو ابي کي پڳ ٻڌايائون.“
ــــــ ٻئي سگهڙ ٻڌايو ته: فلاڻي ڳوٺ ۾ فلاڻي جو مڙس مري ويو.
جيڪو ماڻهو اچي ته: چوي رضا الله جي! تڏهن چيائين
ته: ”الله سائين جي جيڪا رضا، باقي مونکي ته مڙس
ڪانڌين مان ئي ملي ويندو.“
سنڌ ۾ ظرافت ۽ خوش طبعي جي رنگ ڍنگ کي سمجهڻ لاءِ، ’رهاڻ هيرن
کاڻ‘ جي پهرئين جلد کان وٺي ڇهين جلد تائين جيڪي
مثال ڏنا ويا آهن، سي جيئرن جاڳندن ماڻهن جي گفتن
يا هڪٻئي سان منهن مقابل ڪيل سوالن جوابن جا مثال
آهن. مٿيان مثال به انهيءَ نوعيت جا آهن. اها هر
ڪنهن جي ذاتي ذهني خوش طبعي ۽ گفتي جي ملوڪت آهي.
ظرافت جا ٻيا رخ ۽ انداز اهي آهن جن ۾ ارادي طور، سوچي سمجهي،
کل خوش طبعي پيدا ڪئي وڃي، جيئن هڪٻئي سان عام
سامهان چرچا، يا حال حوال جي ڏي وٺ جنهن جو هڪ
مثال رهاڻ هيرن کاڻ-6 ۾ آندل آهي ته ڪيئن گلڻ
مستوئي ٿو پنهنجي وڃايل مينهن جا پار ڏئي. ظرافت
جي رنگ ۾ جڙتو ڳالهين کي جَتائڻ جا به ڪيئي رخ ۽
انداز آهن جن مان هڪ رنگ اهو آهي جنهن جي ابتدا
عام نقل نظير ۽ انتها خاص مهارت واري مسخري آهي.
نقل نظير ظرافت جو بنياد آهن، جن جا به گهڻائي موضوع آهن؛ هڪ
اهو جو جانورن جي حوالي سان ڳالهيون جوڙي ڪچهريءَ
۾ ظريفانه انداز سان ٻڌايون وڃن. هيٺيان مثال
اهڙين ڳالهين جا آهن. اهڙين ڳالهين ۾ ” ڳالهه جي
ٻَڌڻي“ يعني بيان جي ملوڪت کي وڏي اهميت آهي.
●
سانڊو ۽ ڏيڏري
سانڊي پڇيو ڏيڏريءَ کان ته: ”ماسي! حور حور پياڪن، اها ڪهڙي ۽
ڪٿي؟“ چيائين ته: ”ابا اهو شڪ مون ۾ اٿن.“
●
لومڙ ۽ ڳوهه
لومڙ کي آڻي ڪتن کنيو سو هنيائين گهت ڳوهه جي ڏر ۾. آڏو ڳوهه
ڳاٽ کڻي پڇيس ته: ”خير ته آهي جو پنهنجو گهر ڇڏي
هت گهڙي پيو آهين؟ چيائين ته: ”ماسي سڱ تان تڪرار
آهي، مون وڙ ڪري ڌي ڏني پر گهوٽيتا ٿا وڙهن ته
هينئر جو هينئر پرڻائي ڏي.“ اتي ڳوهه وڏو ساهه کڻي
چيو ته: ”ابا ننڍيون وڏيون سڀ ڪنهن اٿاريون پر
اهڙي تڪڙ ڪٿي ڪانه ڏٺي سون!“
●
لومڙي ۽ اٺ
هڪ لومڙي دڙي تي ڏر کنئي ۽ ٻچا ڪيا. ڪنهن وقت اٺ به اتي اچي
ليٽيو. لوڪاڙي وجهه ڏسي اٺ جي پڇ سان پنهنجو پڇ
اٽڪايو ته گهلي اندر ٻچن کي کارائي. اٺ جي پڇ ۾ جو
نهنڊون لڳيون سو اٿي کڙو ٿيو ۽ لڳو جهنگ ڏي هلڻ ته
لوڪاڙي به پويان لڙڪندي وئي. آڏو گدڙ بيٺل ڏٺائين
۽ چيائينس ته: ”ماما، وارو ڪر جند ڇڏاءِ.“ گدڙ
اوڪڙو ويهي، کنگهڪار ڪري، جواب ڏنو ته: ”ڇوري، تو
وڃي وڏن سان پڇ اٽڪايو آهي، اتي اسان جي پڄڻ ڀيڻي
ڪانهي!“
●
خوش طبعي وارن نقلن نظيرن جي موضوعن مان هڪ موضوع
’نالي پڇڻ‘ وارو آهي، جيئن ته:
ـــــ هڪ نوجوان وڌي اچي پير مرد کي هٿ ڏنو. هن پڇيس ته: ”ابا!
نالو ڇا اٿئي. چيائين ته ’جبل‘. پٽ ڪنهن جو؟
چيائين ته ’پاهڙ‘ جو. ڏاڏهن جو نالو؟ چيائين ته
’ڏونگر‘. تڏهن پير مرد چيو ته: ڌڻي وڏي حياتي
ڏيئي، باقي منجهنءِ ڪُنئراڻ سا گهڻي آهي.
ـــــ وِڇون خان بُليدي کان ڪنهن نالو پڇيو، چيائين ته: ”وڇون
خان“. وري پڇيائين ته ”ويٺل ڪٿان جو؟“ چيائين ته
”لنڊي تي.“(لنڊي برابر سندس ڳوٺ جو نالو هو). تڏهن
پڇندڙ چيو ته: ”مار! بلا تي بلا!“
●
ڪي نقل نظير ڪنهن جي موڙهائي ۽ موڳائي بابت آهن،
جئن ته:
ـــــ انڌو ڪري پيو کوهه ۾ ۽ وٺي واهر لاءِ سڏ ڪيائين، پر ڪنهن
ڪين ٻڌا. آخر زور سان واڪو ڪري چيائين ته: ”ڪڍو،
نه ته ٿو منهن ڪريان.“
ـــــ ڪنهن کي موڪليائون ته وڃي شادي جي ڪوٺ ڏيئي اچ. ڪوٺ
ڏنائين ته راڄ وارن مان ڪنهن پڇيو ته: ”ڪير ٿو
پرڻجي!“ چيائين ته: ”جان آءٌ، جان ادو صوف!“
ـــــ ڪنهن گهوٽ کان وڪالت پڇيائون ته: ”فلاڻي توکي قبول آهي؟“
چيائين ته: ”جيڪا راڄ جي مرضي!“
●
سِٺ يا ڪُوار جو موضوع ٽوڪ ۽ نِدا آهي، يعني ڪنهن
جي ناشائسته عمل کي نندڻ، يا مخالفت سببان ڪنهن جا
عيب ثواب ڪڍڻ. هي هڪ سماجي هٿيار آهي، جيڪو ڪنهن
ڏاڍي يا زوراور، يا سماجي قدرن کي ٽوڙيندڙ خلاف
استعمال ٿئي ٿو. سِٺ جا ڪردار خيالي نه پر جئرا
جاڳندا ماڻهو هوندا آهن، مثلاً:
جاني فقير ڀان (پاڙو موريي پوٽو، ٽنڊوباگو، حاجي يوسف ڀان وارن
مان) کي سندس راڄ مان ٽن ڀائرن گبر، هڱوري ۽ آمراڄ
سڀان جا دلاسا ڏنا ته ”توکي وڌاڻو وڄارائي
ڏينداسون“ (يعني مڱڻهار تاريخ تي ڪري ڏينداسون جو
وڌاڻو وڄائيندو)، پر ٽنهي رڳو دلاسا ڏنا ۽ اڄ سڀان
جا بهانا ڪيا. تڏهن فقير چيو ته:
گبر پر گيسي ڪي، هڱوري ڪِي هيارَ
پچي جي جوار، ته آمر چئي آءٌ به ڪريان.
سِٺ جو باب بيان وڏو آهي، ڇاڪاڻ جو هن ۾ شاعري جو عنصر سمايل
آهي. اڳ ماڻهن ۾ جيورَت هئي ۽ سهندا هئا، هاڻي
ڪنهن جي ڪوار ڪرڻ دائمي دشمني پرائڻ جي برابر
ٿيندو. لوڪ ادب سهيڙڻ وقت، سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن
مان گهڻيون سِٺون دستياب ٿيون جن کي هڪ جدا جلد ۾
مرتب ڪيو ويو، پر سهپ جي ڪمي سببان اهو جلد شايع
نه ٿي سگهيو.
●
چرچا خوش طبعي ۽ ظرافت ۾ شامل آهن، بشرطيڪ شانائتا
هجن. راقم لوڪ ادب سهيڙڻ وقت مخدوم صاحب مرحوم
طالب الموليٰ جي معاونت سان، حيدرآباد ۾ هڪ
ڪانفرنس ڪرائي جنهن ۾ ان وقت جا ڪي وڏا چرچائي آيا
جن هڪ ٻئي سان آمهان سامهان چرچا ڪيا. شرط هو ته
چرچن ۾ ڪوبه گٿل گفتو نه هوندو. ان ۾ ڪوٽڙي جي گلو
مڱڻهار ۽ بدين جي قادو شيدي پاڻ ۾ ڀيٽان ڀيٽ ڪئي ۽
هڪٻئي تي نقل نظير وسايا. گلو گوءِ کنئي جو چيائين
ته: قادو ڄائو ۽ ٻئي ٽئي ڏينهن ماڻس کيس کنيو ته
ڪنهن چيس: ”اهو ڪارو سليپر ڇو هنجه ۾ ڪيو اٿئي؟
ڪجهه وڏيرڙو ٿيو ۽ ماسي جي گهر کڻي ويس جتي مينهن
نه پئي مِڙي جو ڦر مري ويو هوس. هي بانبڙا ڏيئي
ويو ته مينهن مِڙي پئي ۽ هن کي چٽڻ لڳي.“ ائين
لاڳيتي قادو جي سوانح عمري بيان ڪيائين. |