سنڌ جا قديم شهر: حسن باغبان
حَسن باغبان يا حسڻ باغباڻ (جئن عام اچار آهي)، تعلقي ساماري ۾
هڪ وڏو شاهي قبرستان آهي جيڪو اتي مدفون ولي ’حسن
باغبان‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. حسن کي ’حسن باغبان‘
سڏيو ويو، ڇاڪاڻ جو هڪ روايت موجب هو باغبان جي
عالم ۽ عارف مخدوم بلال جو شاگرد ۽ خليفو هو.
انهيءَ ڪري هي ماڳ به علمي مرڪز بنيو ۽ مدرسو
هلندو آيو. ٻي روايت موجب، حسن باغبان ستين سَن جو
هو، يعني ته ملتان جي ولي غوث بهاء الحق رحه جي
دور جو. غوث صاحب جا خليفا هت مدفون آهن جنهن مان
تصديق ٿئي ٿي ته هي ماڳ غوثي طريقي جي خليفن ۽
فقيرن جو به مرڪز رهيو آهي. شاهه عبداللطيف به هت
آيو هو ۽ پوءِ جمعي رات هت به ’شاهه جو راڳ‘ ٿيندو
رهيو. هن پوئين ويجهي دور ۾، گذريل صدي جي ساٺيڪي
وارن سالن تائين پريو فقير سولنگي هتي راڳ جو
اڳواڻ هو.
ڪافي وقت کان وٺي سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي سمجهڻ لاءِ، مون سنڌ
جي تاريخي آثارن جي ڳولا پئي ڪئي آهي. ’حسڻ
باغبان‘ جي آثارن ڏسڻ جو گهڻو شوق هو جيڪو مرحوم
دوست محمد اسماعيل نون جي مهربانيءَ سان 17 ڊسمبر
1967ع تي پورو ٿيو. ساماري مان وڏيري مريد خاصخيلي
جي ڳوٺ سندس دعوت تي وياسون ۽ اتان سڀ گڏجي حسڻ
باغبان پهتاسون. اتي خليفو حاجي جيئو وڏي ٻُڌ سُڌ
وارو عمر اسي کن سال مليو، جنهن ولي حسن باغبان جي
درگاهه ۽ سڄو قبرستان ڏيکاريو ۽ آثارن بابت
روايتون بيان ڪيون.
قبرستان جو مکيه دروازو ڏکڻ پاسي کان آهي، جنهن جي سامهون ولي
حسن باغبان جي مزار آهي، ٻيو ننڍو دروازو اولهه
کان جتي مجارورن جا گهر آهن. ولي جي مزار جي مٿان
ڇپرائين گول پڪي رائنڪ آهي جنهن جون ڀتيون ويڪريون
۽ عمارت سازيءَ جي لحاظ سان مغليه دور کان اڳ جي
عمارت معلوم ٿئي ٿي. ان ۾ اندر فقط ولي حسن باغبان
جي هڪ وڏي شاهي قبر آهي، رانئڪ جي ٻاهران، پيراندي
واري پاسي کان سندس خذمتگار مائي مريم ڪَلاڙ جي
تربت آهي، جتي پهريائين ختمو ڏين. مزار کان ڪجهه
وٿيءَ تي اتر- اولهه سومار ڀياڻي جي قبر آهي جيڪو
وليءَ جي ڏوئي وارو ننگر هلائيندو هو.
هن ماڳ جا ٻيا تاريخي آثار سڀ ولي جي مزار کان اتر طرف آهن.
قبرستان جي اوڀر طرفان هيٺاهين زمين جتان شايد اڳ
ڪو ڍورو هو. حاجي جيئي چيو ته اتي اڀرندي طرفان اڳ
ٻيلا هئا. انگريزن جي دور ۾ ناري جي ٻوڏ کان بند
ٻڌائڻ لاءِ حيدرآباد مان قيدي وٺي آيا جن اچي وڻ
وڍيا ته لانڍيون ٺاهين. مجاورن کين جهليو ته
اولياءَ جي حد جا وڻ آهن ۽ اهي نه وڍيو، پر
وڍيائون. پوءِ منجهن بيماري پئي، قيدي مُئا، ۽
سندن آفيسر جي زال مئي. هو پشيمان ٿيو. زال کي ولي
جي پاڙي ۾ دفن ڪرايائين. ڪم بند ڪرايائين ۽ لڏو
پٽيائين. حاجي جيي اها قبر ڏيکاري جيڪا ولي جي
درگاهه کان اتر- اوڀر طرف آهي ۽ جنهن تي هيٺيون
ڪَتبو لڳل آهي.
In Memory of
ESTHERBAI
Beloved wife of
Mr. Daniel Solomon
MHEDEKER Jailor
Nara
Jail
Died on 27th of September 1885
Aged 30 years
May God bless her soul.
ٻيون آڳاٽيون قبرون ۽ آثار سڀ وليءَ جي مزار کان
اتر، مقام جي اترئين ڀاڱي ۾ آهن. ننگر هلائيندڙ
سومار ڀياڻي جي قبر کان ٿوري وٿيءَ تي اوڀر- اتر
طرف سَئومُو درس ۽ سندس ڪٽنب جون تربتون آهن.
سئومو درس به غوث صاحب جو وڏو خليفو هو. ڪجهه
فاصلي تي اتر طرف وڏي عالم دودي ڳاهي جو مزار آهي.
هو غوث صاحب جو خليفو هو. سندس مزار کان اوڀر طرف
ڪجهه وٿي تي، کٻڙين ۾ مسجد جي دڙي جا آثار جنهن ۾
مدرسو هو، جنهن ۾ عالم دودو ڳاهو پڙهائيندو هو.
حاجي جيئي چيو ته سندس اولاد، ٽنڊي محمد خان طرف
’پٽ ڳاهي‘ ۾ رهندڙ آهي. مسجد واري ماڳ کان ويجهو
اوڀر طرف غوث جي خليفي نورنگ نوحاڻي جي پٿر جي قبر
آهي جيڪا سومار ڀياڻي ۽ عالم دودي ڳاهي جي مزارن
واري سِڌائي کان اولهه طرف آهي. مقام جي
اتر-الهندين ڀاڱي ۾ هتي جي قديم شهر جي ڪوٽ جي
بِنائن ۽ جاين جا آثار معلوم ٿيا. مٿين سڌائيءَ
کان اوڀر طرف، وڌيڪ پکيڙ ۾، قديم شهر جا اوچا گنبذ
آهن جيڪي ان وقت جي وڏين ماڙين جاين جا آثار آهن.
هڪ روايت موجب هي سومرن جي دور جو شهر هو.
ــــــــــــــــــ
هُرلا ۽ نار، هاري ۽ مُجيري، وَنڊيون ۽ پَتيون
سنڌ ۾ زراعت جي تاريخ ۾، اُرلو يا هُرلو هڪ سائنسي ايجاد ۽ وڏو
ٽيڪنيڪي ڪارنامو آهي. هن ’ڪاٺ جي مشين‘ ذريعي
پاڻيءَ کي هيٺين سطح تان کڻي مٿين سطح تي آندو ويو
ته جيئن مٿين زمين تي آبادي ڪري سگهجي. يورپ وارن،
غلطيءَ مان هن کي ’ايراني چرخ‘ (Iranian
Wheel) سڏيو، پر ايران ۾ هن مشين جا ڪي به تاريخي آثار موجود ناهن.
حقيقت ۾ هي ’سنڌي چرخ‘ (Sindhian
Wheel)
آهي
(1)
۽ اڄ کان هڪ هزار سال اڳ به انهيءَ نالي سان ئي
سڃاتو ويو جو عباسي دور جي هڪ وڏي انجنيئر اسماعيل
الجزري هن کي ”الدولاب السندي“ ڪري لکيو آهي ۽ ان
تي پنهنجي ڪتاب ۾ هڪ باب پڻ لکيو آهي
(2).
مقامي طور سنڌ ۾ ان جي ساخت ۽ سٽاءَ جا ڪيئي نمونا
موجود آهن؛ سنڌ جو ڏاند ئي هن مشين کي ڦيرائيندو
رهيو آهي، ۽ پڻ صدين کان وٺي سنڌ ۾ هرلي ۽ نار
ذريعي آبادي جو هڪ اقتصادي توڙي سماجي نظام رائج
رهيو آهي. هُرلي جي ايجاد جي سائنسي ٽيڪنيڪي نوعيت
توڙي هرلي تي آبادي واري نظام جي سماجي اهميت جي
مدنظر، هڪ ته هرلي- نار جي ساخت ۽ سٽاءَ، ۽ ٻيو
هرلي- نار تي آبادي لاءِ هاري ۽ مجيري جي رفاقت، ۽
پيدائش ۾ ونڊين- پتين جي ورهاست بابت تحقيق ڪئي
وئي آهي ته جئن سنڌ ۾ اُرلي يا هرلي جي ايجاد توڙي
آبادي جي نظام ۾ اجتماعيت جي تاريخي اهميت واضح
ٿئي.
● هرلي- نار جي ساخت ۽ سٽاءَ
هن مشين جو نالو اُرلو يا ’هرلو‘ ان جي قدامت جو يادگار آهي. هن
موضوع تي تحقيق ڪندي معلوم ٿيو ته لاڙ ۾ عام اچار
’هرلو‘ آهي پر اتر سنڌ (لاڙڪاڻي، سکر ۽ جيڪب آباد
ضلعن) ۾ ان جو اُچار ’اُرلو‘ آهي. ٿي سگهي ٿو ته
اصل ۾ اهو نالو مئن جو دڙو کي آباد ڪندڙ دريائي
وهڪري ’ارل‘ تان پيو هجي، جنهن مان ان جي قدامت جو
گمان ٿئي ٿو. ’نار‘ وارو نالو، سنڌ ۾ عرب اسلامي
حڪومت واري دور ۾ عربي ’ناعُوره‘ تان پيو، يعني ته
اهو نالو به تيرهن سئو ورهين آڳاٽو آهي. هُرلي تي
’ايٽ‘ نالو چرخي جي تشبيهه تان پيو. هرلي جي ڀانڊي
يا ڍينگي جو ٻيو نالو ’چرخ‘ آهي، جنهن تان هرلي تي
ٿيندڙ آبادي کي ’چرخي‘ سڏجي ٿو، جيڪو ’موڪِي‘ جو
ضد آهي. لاڙ ۾ ’هرلو‘ ۽ ’نار‘ ٻه جدا نالا ۽ ٻه
جدا قسم آهن، البت ’اتر‘ جي عام ٻولي ۾ ’ايٽ‘ ۽
’نار‘ ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ٿين ٿا. ’هُرلي‘ کان
الڳ هڪ ٻي بناوت ’پيراٺي‘ يا ’پيراٽي‘ آهي، جنهن
کي ماڻهو گيڙيندو (يعني ڏاند بدران ماڻهو
ڦيرائيندو)، ۽ ٻي ان سان مشابهه بناوت ’پير-
پيراٺي‘ يا ’پير- پيراٽي‘ آهي جنهن کي ماڻهو پيرن
سان ڦيرائيندو. ان ۾ فقط ٿورو ويڪرا- ڊگها پاٽيا
آهن جيڪي پاڻي کي مٿي اڇلن ٿا.
●
هرلي جي بناوت
هُرلي جي بناوت ۾، مٿي مهرو ۽ چڪر ۽ هيٺ هڪ ڀانڊو يا ڍينگهو
آهي. چڪر ۾ هيٺان اَرا آهن جيڪي ڍينگهي کي ڦيرائين
ٿا. چڪر ۾ مٿان پِڙ جي طرف. ڊگهي ڳاڌي آهي جنهن ۾
ڏاند ٻڌجي ٿو جيڪو هُرلي جي پِڙ ۾ ساڄي ڦيري سان
ڦري ٿو ۽ چڪر کي ڦيرائي ٿو.
هرلي جو ڍينگو يا ڀانڊو هڪ گولائون چرخ آهي، جيڪو هيٺان،
کُوهاڏي يا پڙُوهي مان پاڻي مٿي ڪڍي ٿو. ان جا چار
ڀاڱا: هڪ وچ واري ٿلهي ڀانڊي، ٻيو ان ۾ اُڀا ٻه ٻه
اوڀارا هڪٻئي کي سامهان، ٽيو اوڀارن مٿان ڦرهيون
(جيترا جوڙا اوڀارن جا اوتريون ڦرهيون)، ۽ چوٿون
ڦرهين مٿان (قابو جهلڻ لاءِ) ونگون. اها چپر جيڪا
ڦرهي ۽ اوڀاري کي لڳي ته ٻئي ڀچي بيهن تنهن جو خاص
نالو ’گَنبِي‘. ڦرهين کي هڪ پاسي کان چڪر جا ارا
جيڪي ڦرهين کي اڳتي ڌِڪي ڦيرائين ٿا ۽ ٻئي پاسي
ڦرهين مٿان ٻڌل مالهه جنهن ۾ ٻڌل (ڪنڀر جا ٺاهيل
ٺڪر جا) ڪنگر يا لوٽا جيڪي هيٺان پاڻيءَ سان ڀرجي
مٿي اچن ۽ ’پاڙڇ‘ يا ’ٻارِي‘ ۾ پاڻي هارن، جيڪو ٻن
نيسارن ذريعي اڌ ۾ پوي، جيڪا وهِي ٻنيءَ ۾ پوي.
مالهه جنهن ۾ اِرڙيون ۽ مٿان لوٽا ٻڌجن سا عام طرح ڊرڀن کي وٽي
ٺاهي هئي. خيرپور طرف کجين جي ڪچين ڇڙهين کي چيري
ڪٽي ٺاهيندا هئا. اها ڊرڀن واري مالهه کان وڌيڪ
مضبوط هئي. کوهن واري مالهه ڊگهي هئي جنهن تي
پنجاهه سٺ لوٽيون (منگريون) ٻڌبيون هيون.
هرلي جو سڄو سامان تنهن جو نالو سُلح (=اسلحه) يا ٻائڙ. واڍو
هاري کي چوندو ته: ”سُلح آڻ ته هرلو ٺاهيان.“ لاڙ
جو اصطلاح ’هرلو ٺاهڻ‘ آهي، اتر ۾ خيرپور طرف ’ايٽ
يا ڍينگو اڏڻ‘ چوندا.
هرلي جي بناوت ۽ ان جي جدا جدا عضون/ڀاڱن تي سالڪ شاعر غلام علي
لغاري (19-صدي) ڳوٺ جعفر خان لغاري، سسئي جي سر
مان بيت چيو ته:
ثابت ٻُندِي سور جي، جيءَ ۾ کوڙي جن
وڌا بار بوتن تي ڏيئي ٻاهُو ٻاروچـن
ڪنهن اَري ڙي عشق جي اڙايوسان ان
ڏيهه ڇڏي ڏونگر ڏوريان پٽيلاءِ پرين
هو مڪڙو لوهانءَ جو مان جـــي آهــي من
سَريون سورن ڪڍيون تاڦي منجهـان تـن
منهن رائي مـيرو ڪيو مٿو مر وائن
اچيو اوڀارا عشق جا ونگيو روح وڃن
نيڻ وهن نارا ڪيو جئن پاڙڇ نيسارن
لڙهي ڪنهن نه ماري، ماري سـور سـندن
سا گڏجي غلام علي چئي، ملي مانَ پرين
شال قادر جي ڪرمن، پهچي ڄام پنهونءَ کـي.
]1.
ٻُندي= ٻه ٻنديون جن تي ڍينگهي جي ڊيڍي بيهي 2.
ٻانهون= ٻاهُو، جن سان پاڻي واري نَري کي مٿان
ڍڪجي ۽ پڙ ٺاهجي ته ڍڳو مٿان وهي. 3. اري ڙي=
اِرڙي (ڪِرڙ جي ڪاٺيءَ جي) مالهه ۾ ٻڌل جنهن جي
مٿان لوٽو ٻڌجي 4. پٽيلاءِ (پٽي لاءِ)= پٽيلو جيڪو
ڳاڌي جي چوٽيءَ ۾ (جهل لاءِ) 5. هوم ڪڙو= هو مڪڙو=
مڪڙو جنهن ۾ مُهري جي چوٽي بيهي 6. مان جي= منجي
جنهن تي مهرو بيهي، 7. سَريون= ڦرهيون، 8. منهن
رائي= مهري 9. اوڀارا جنهن جي مٿان سريون يا
ڦرهيون لڳن 10. پاڙڇ= جنهن ۾ ڀريل لوٽا پاڻي هارن؛
نيسارن= نيسارا 11. لَڙهو= مالهه جو.[
پاڻي جي گهڻائي يا ٿورائي ۽ مٿي هجڻ يا اونهائي جي لحاظ سان،
توڙي گهڻي پاڻي ڪڍڻ جي لحاظ سان، هرلي ۽ نار جي
بناوت يا بيهڪ جدا جدا نمونن سان ٿيندي. اهو تجربو
۽ اهتمام ڏيکاري ٿو ته سنڌ ۾ هرلي جي ايجاد ۽
آزمائش آڳاٽي وقت کان ٿي.
ـــــ گهڻي پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڍينگو وڏو ٿيندو.
ـــــ بنيادي طور هرلو ڪاٺ جي هڪ مشين آهي، جنهن سان پاڻي هيٺين
سطح تان مٿي کڄي ٿو. ننڍي ۾ ننڍي هرلي جي چڪر ۾
ٻارهن اَرا جيڪي هيٺان ڀانڊي يا ڍينگهي جي ٻارهن
سرين يا ڦرهين کي ڦيرائين. هر هڪ ڦرهي ٻن اوڀارن
تي بيهي، هڪڙو ڀانڊي جي هڪ طرف ٻيو ٻئي طرف.
اهڙيءَ طرح ٻارهن جوڙا اوڀارن جا جن تي ٻارهن
ڦرهيون بيهن. جن کي جهَل لاءِ مٿان گولائيءَ ۾
ٻارهن ونگون. هر ڦرهي تي هڪ ڪنگر يا لوٽو ٻڌبو ۽
ڀانڊي جي ڦرڻ سان هر ڪنگر هيٺ پاڻيءَ ۾ ٻڏندو ۽ ٽي
سير کن پاڻي کڻندو. وڌيڪ وڏي ڀانڊي واري هرلي ۾،
هر ڦيري تي هڪ مڻ کان وڌيڪ پاڻي مٿي کڄي اچي پاڙڇ
۽ نيسارن ۾ پوندو. انهيءَ ننڍي هرلي کي ’ٻارهو‘
چئبو.
ـــــ ’چوڏهو هرلو‘، ڪجهه وڏو ٿيندو جنهن جي چڪر ۾ چوڏهن اَرا،
چوڏهن ڍُنگ (جوڙا) اوڀارن جا ۽ چوڏهن ڦرهيون جن تي
چوڏهن ڪنگر ٻڌل. (ڪنهن ٽل سان 15 به ٻڌبا). عام
طرح هُرلا ’چوڏهيا‘ هوندا آهن.
ـــــ ’ٻاڙڌو هرلو‘، يعني ’ٻائڙ ٻڌو‘ جنهن جي مالهه، ڀانڊي يا
ڍينگي جي چوڌاري ڇڪي ٻڌل هجي. هيٺ کوهاڏي يا پڙوهي
۾ پاڻي گهڻو هوندو ته هرلو ٻاڙوڌو ٿيندو ڇاڪان جو
ڍينگي جو هيٺيون پاسو پاڻيءَ ۾ ٻڏل هوندو ۽ ڪنگر
پاڻيءَ سان ڀرجي نڪرندا.
ـــــ ڇاڙهُو هُرلو. جڏهن پاڻي ڪجهه هيٺ تي هوندو ته مالهه ٿوري
ڍري ڪري ٻڌبي ته جئن ٿورو هيٺ تي لڙيل هجي جو ڪنگر
پاڻيءَ سان ڀرجي سگهن.
ـــــ ٽنگڙ، ٽنگڻ يا لانگڙيو. اهو هرلو جنهن جي کوهاڏي وارو
پاڻي گهڻو هيٺ تي هجي ته مالهه هيٺ تي ڊگهي ڪري.
لاڙي ڇڏبي جئن ڪنگر پاڻيءَ تائين پهچي سگهن.
ـــــ جُنگ. گهڻي آبادي لاءِ، همت وارا هاري جن وٽ وڌيڪ هَلٽ
(ڏاند ۽ اٺ) هوندي سي ٻه هرلا چاڙهيندا جن کي
’جُنگ‘ چئبو.
هُرلي جي ايجاد، سنڌ ۾ تاريخي طور هنر حرفت () جي اعليٰ ڄاڻ جو
هڪ نمايان نشان آهي. پاڻي هيٺان ڪڍي مٿي آڻڻ لاءِ،
ڪاٺ مان ٺهيل هي وڏي پيچيده مشين دنيا جي عجائبات
مان آهي. هن مشين جا مختلف پرزا وڏي ڪاريگريءَ سان
جوڙيل آهن. مقامي طور، وڏي ڪاريگر واڍا هرلي جي
سِٽاءَ ۾ وڏي اهميت انهيءَ کي ڏيندا هئا ته: چڪر
جا ارا ۽ ڍينگهي جون ڦرهيون پاڻ ۾ بناوتي جي لڳي
وهن. ان ڪاريگريءَ جو خاص نالو ’سُوٽرين هڻ‘ يا
’سوٽرين پوٽ‘ هو. چڪر ي ارن ۽ ڍينگهي جي ڦرهين مان
هر اري ۽ ان سان لڳندڙ ڦرهي تي ساڳيا نشان ڪندا
هئا جن کي ’سوٽرا‘ (يا سوٽرا، ٽوٽرا) چئبو هو.
پوءِ واڍو اها ٽل ڪندو هو ته جئن ساڳين سوٽرين
وارا ارا ساڳين سوٽرن وارن ڦرهين سان ڀچن. اها وڏي
ڪاريگري هئي. جي ارا ۽ ڦرهيون ’سوٽرين نه پيا‘
(سوٽرين مطابق پورا لڳي نه بيٺا) ته هرلو ٺڪ ٺڪ
ڪندو، جنهنکي ’ٺڙڪو‘ چئبو هو. چوندا: هرلو يا نار
سوٽرن ۾ پورو نٿو اچي يا سوٽرن مان نڪري ٿو. پوري
ڪمال ڪاريگريءَ سان بيهاريلڪ هرلو اهو جنهن ۾ ارا
۽ ڦرهيون پاڻ ۾ سوٽرين ڀچن. هُرلي جي ان حرفت تان،
سماج ۽ علم ادب ۾ ’سوٽرن پوڻ‘، سوٽرين ٺهڻ، سوٽرين
جنهن جا اصطلاح رائج ٿيا. چوندا: ’اسان سوٽرين نه
ٺهياسون‘. هڪ بيت ۾ سڄڻ کي التجا آهي ته:
”اچي سوٽرين وجهي وڃ سپرين!“
●
نار جي بناوت
’نار‘، عربي نالي ’ناعُوره‘ جي هلڪي اچار وارو سنڌي نالو آهي.
ناعوره ۽ نار ۾ بنيادي فرق اهو آهي جو ’ناعوره‘
پاڻي جي زور تي ڦري ٿو
(1)۽ سنڌ جي نار کي ٻه ڏاند يا اٺ ڦيرائي ٿو. پر ٻنهي جي بناوت ۾
هڪ خاص هڪجهڙائي آهي جو ’ناعوره‘ وانگر ’نار‘ جو
ڍينگو (هرلي جي ڀيٽ ۾) وڏو آهي ۽ نار جي چڪر وارن
ارن کي اڃا تائين عربي نالي سان ’قبا‘ سڏجي ٿو.
هُرلي مان پوءِ نار ٺاهيائون انهيءَ لاءِ ته گهڻو
پاڻي ڪڍي، يا (کوهه جي) گهڻي اونهائيءَ مان پاڻي
ڪڍي.
سنڌ ۾ ’هرلي‘ توڙي ’نار‘ جو ٻيو نالو ’ايٽ‘ يعني ’چرخو‘، ڇاڪاڻ
جو هرلو توڙي نار چرخي مثال آهن. انهيءَ لحاظ سان،
خاص نالو ’چرخ‘، ۽ جيڪا آبادي هرلي يا نار تي
ٿيندي سا ’چرخي‘ چئبي جنهن جو ضد ’موڪي‘ (جنهن ۾
پاڻي ٿورو مٿاهين کان ٿورو هيٺاهين ڏانهن پاڻمرادو
پوک ۾ وهي).
ڪارج ٻنهي جو ساڳيو، پر بناوت جي لحاظ سان هرلي ۽ نار ۾ فرق آهي
جو هُرلي ۾ هڪ چڪر ۽ هڪ ڍينگو ۽ هڪ ڏاند وهي، نار
۾ ٻه چڪرون، هڪ وڏو ڍينگو (جنهن جي مالهه ۾ لوٽا
يا ننڍيون ڪِنگريون يا لوٽيون) ۽ ٻه ڏاند يا هڪ اٺ
وهي. نار جي خاص عضون ۾ هڪ مٿين چڪر ۽ ٻي هيٺين
ننڍي چڪر يا چڪري جيڪي ’ڀاروني‘ تي بيهن. وڏي چڪر
۾ قبا ۽ ننڍي ۾ ارا. هيٺين چڪري ۽ ڍينگي وچان هڪ
ٿلهي لٺ جيڪا کوهه يا کوهاڏي مٿان بيهي. اٺ وهندو
ته لٺ جي ڊيگهه ڇهه هٿ (9 فوٽ) ۽ جي جوڙو وهندو ته
ڊيگهه ست هٿ (ساڍا ڏهه فوٽ). لٺ ۽ ڪنڊي يا ٻٻر جي
هوندي. نار جي لٺ ڍينگي کان اڳتي جَهلڻ تي بيهندي.
’جهلڻ‘ مان ڪانءُ واري ڪاٺي نڪرندي جنهن تي ’پاڙچ‘
جو هڪ پاسو بيهندو (ٻيو نيساري تي بيهندو).
●
نار جا قسم
ننڍي يا وڏي هجڻ جي لحاظ سان، نار جا نالا جدا جدا آهن.
ــــ جهالارُ: وچولي سنڌ جي ڏاکڻي ڀاڱي ۾ توڙي هيٺ لاڙ ۾
’نار‘
هميشه کوهه تي چڙهي. مٿي اتر ڏانهن’نار‘ عام طرح کوهن تي هئا پر
سانوڻيءَ ۾ جهجي وهندڙ پاڻيءَ تي به هوندا هئا.
اهڙي نار کي ’جهالار‘ چئبو جيڪو اصل ۾ ’جالار‘
آهي، يعني جتي پاڻي گهڻو يا جالارو هجي. وهندڙ
پاڻي تي اهڙو نار به هُرلي وانگي ٻاڙوڌو يا
لانگڙيو هوندو. لانگڙيو نار، سياري ۾ ڍند يا ٻوگهڙ
تي چڙهندو جڏهن پاڻي گهڻو هيٺ هوندو. ٻوگهڙ، يعني
ڪچي ۾ درياءَ جا ڇڏيل اونها واهڙ. اهي نار سڀ ٻن
چڪرن لٺ ۽ ڍينگن وارا.
ــــــ جُنگ. کوهن وانگر، ڇڙيي وهندڙ پاڻيءَ تي به ٻه نار هوندا
ته اهو نار جنگ سڏجي، جنهن جو ٻيو نالو ’ٻه-
نارو‘؛ ٽي نار هوندا ته ٽه نارو. انهن کي ٻهڙ ۽
ٽهڙ به چوندا. ڳوٺ جان محمد عباسي (تعلقو گنبٽ
ضلعو خيرپور) ۾ معلوم ٿيو ته اتي ڪنهن ’چونارو‘
چاڙهيو يعني چار نار چاڙهيا. ’کوهه‘ به جيڪڏهن
موڪرو هوندو ۽ ان تي ٻه ڍينگها چاڙهبا ته اهو به
’جنگ‘ چئبو.
ــــــ تُمُ: اهو نار جنهن جي ٻنهي چڪرين جي بناوت ۾ ڪُٻن (قبن)
۽ ونگن بدران ارا هوندا جن جو نالو ’ڳوڙها‘ جيڪي
ٽالهي يا سرينهه جا؛ وچين ڪاٺي جنهن مان ڳوڙها سا
ٿلهي ٿيندي، ۽ ’تم‘ نالو انهيءَ ڪاٺيءَ جو آهي. تم
نار ٿوري خرچ وارو، پر پاڻي گهٽ ڪڍندو.
ــــــ ٻيهڙ: ٻه نار، جن جي هڪ صورت اها جو هڪڙو هيٺ ۽ ٻيو ان
کان مٿي. هيٺيون پاڻي ڪڍندو جيڪو وري مٿيون کڻندو.
اڳ سانوڻي ۾ جڏهن درياءَ ۾ گهڻو پاڻي هوندو هو ته
سياري ۾به گهڻو پاڻي ڇڏي ويندو هو ۽ ڪچي ۾ گهڻيون
ٻيهڙون چڙهنديون هيون..
ــــــ گاڏهو نار: اتر سنڌ ۾ پڇا ڪندي نالو معلوم ٿيو پر بناوت
بابت ڄاڻ ڪانه ملي.
●
کوهه جي موڪرائي
کوهه تي نار جي ڍينگي جي وڏي يا ننڍي هجڻ، يا کوه تي جنگ (ٻن
ڍينگن) چاڙهڻ جو مدار کوهه جي قطر يا موڪرائي تي
آهي. اڳ ماپ جو ماڻ هٿ يا نري هو جيڪو برابر هو
ڏيڍ فوٽ جي.
ــــ هڪ ننڍي نار وارو عام ننڍو کوهه، قطر ۾ ست هٿ (يعني ساڍا
ڏهه فوٽ) ٿئي. ننڍي ۾ ننڍي نار لاءِ، گهٽ ۾ گهٽ
قطر واري کوهه بابت هڪ وڏي تجربي ڪار کوهاري محمد
عثمان ڪلهوڙي
(1)
ٻـــــڌايو ته هن چار هٿ موڪرو (6 فوٽ قطر وارو)
کوهه ٺاهيو ۽ ان تي ننڍي ۾ ننڍو نار چاڙهيائين پر
نه وڙهو جو لوٽيون ڀڄن پيون. چيائين ته پنج هٿ
موڪري (قطر ساڍا ست فوٽ) ۾ به لوٽيون ڀڄنديون.
معلوم ٿيو ته خيرپور ضلعي ۾ ڪن جاين تي ننڍي ۾
ننڍي نار وارا کوهه قطر ۾ ڇهه هٿ (9 فوٽ) يا ساڍا
ڇهه هٿ (پوڻا ڏهه فوٽ) هئا. دادو ضلعي ۾ کوهه ڇهه
هٿ هئا، جن تي ننڍي ڍينگهي وارو نار چڙهندو هو
جنهن کي پيراٽو چيائون.
ـــــ گهڻي پاڻي کڻڻ لاءِ، وڌيڪ موڪرا کوهه کنيائون ته جيئن
انهن تي وڏا نار يا ٻٽا نار (جنگ) چاڙهي سگهجن.
معلوم ٿيو ته کوهه ستن هٿن مان وڌائي اٺ هٿ (12-
فوٽ) ڪيائون جنهن تي ٻه ننڍا نار (ننڍن ڍينگن
وارا) چڙهي سگهيا، پوءِ وڌائي نوهٿ (ساڍا 13 فوٽ)
ڪيائون
(2) ته وڌيڪ وڏا ٻه نار چڙهيا؛ اڃان به قطر
وڌائي ڏهه هٿ (15 فوٽ) ڪيائون، جنهن تي ٻه وڏا
شاهي نار چڙهي سگهيا. تعلقي گمبٽ جي ڳوٺ جان
محمد عباسي ۾ معلوم ٿيو ته اتي وڏي ۾ وڏو کوهه
ٻارهن هٿ (18 فوٽ) هو جنهن تي وڏن شاهي ڍينگن وارا
ٻه نار چڙهيا. پر کوهه جو قطر فقط اتي ٿي وڌايائون
جتي هيٺ پاڻي گهڻو ٿي مليو. جتي هيٺ جر جو پاڻي
گهٽ هوندو اتي عام طرح کوهه جو قطر ست هٿ جنهن تي
وڏي ڍينگهي وارو هڪ نار چڙهندو، يا ٻن ننڍن ڍينگن
وارو جنگ چڙهندو.
●
نار جي چڪرن ۾ ارن جو حساب
ننڍي نار جو ڍينگو ننڍو هوندو ۽ وڏي نار جو ڍينگو وڏو. وڏي
ڍينگي لاءِ چڪر وڏي ٿيندي ۽ ان ۾ اَرا به وڌيڪ
ٿيندا. نار ڪيترو وڏو آهي ان جو حساب وڏي چڪر (نَر
چڪر) ۽ چُوهِي واري ننڍي چڪري ۾ اَرن جي تعداد سان
ٻڌائون ۽ نارن کي به انهن نالن سان سڏيائون. جئن
ته:
ـــــ ’چوڏهيو‘، جنهن جي چڪر ۾ 14- ارا، چڪري ۾ 14- ارا، 14
جوڙا اوڀارا، جن تي 14 ڦرهيون، جن جي مٿان 14
ونگون، هي هو عام رائج ننڍو ايٽ يا نار.
ـــــ ’ڪوڏاري وارو ايٽ‘ يا نار (ڳوٺ ڀٽي، تعلقو ضلعو خيرپور)
سورهيو يا ارڙهيو، يعنيٰ مٿين چڪر ۾ 16 يا 18 ارا
۽ چوهي واري چڪري ۾ به 16 يا 18 ارا.
ـــــ سترهيو: جنهن جي چڪر توڙي چڪري ’سترهي‘ (17 ارن واري)
ـــــ ارڙهيو: جنهن جي چڪر توڙي چڪري ’ارڙهي‘ (18 ارن واري)
ــــ ويهو، جنهن جي چڪر کي ويهه اَرا ۽ چڪري کي به ويهه اَرا.
معلوم ٿيو ته گنبٽ تعلقي ۾ نار اڪثر ويها هئا.
ــــــ چوويهو، جنهن جي چڪر ۽ چوهي هرهڪ کي 24 ارا. خيرپور ضلعي
۾ چوويهو به عام هو.
ــــ ’تُم‘ جي ارن جو تعداد تُم واري ڪاٺيءَ جي ٿولهه تي هوندو.
گهٽ ۾ گهٽ 22 ۽ وڌ ۾ وڌ 28. عام طرح 24 يا 26 ارا.
●
اوڀارن جو حساب
نار جي ايٽ يا ڍينگي جي وڏي هجڻ جو حساب اوڀارن جي ڳاڻيٽي سان
به ٿيندو. چوندا ته نار جو ايٽ يا ڍينگو اٺاويهو
يا ٽيهو آهن، يعني ته ان ۾ اٺاويهه (14 ڍُنگ) يا
ٽيهه (15 ڍنگ) اوڀارا آهن.
ڏيڍو نار
گهٽ وقت ۾ گهڻي پاڻي ڪڍڻ لاءِ مٿين وڏي چڪر وارو ’ڏيڍو نار‘
ايجاد ٿيو. ميرپور ماٿيلي طرف معلوم ٿيو ته مدت
(مدد) نالي واڍي (لڳ جروار، تعلقو ميرپورماٿيلو)
اتي پهريائين ’ڏيڍو نار‘ ٺاهيو، جنهن ۾ جوڳ (وهندڙ
ڏاند يا اٺ) هڪ ڦيرو ڏئي ته ڍينگو ڏيڍ ڦيرو ڏئي.
ان لاءِ مٿين چڪر جا اَرا چڪريءَ جي ارن کان
ڏيڍوڻا وڌايائون: يعني ته چڪر جا ارا 24 ڪيائون ۽
چڪري جا 16.
ٻيڻو نار
ان کانپوءِ وڏي شاهي چڪر وارو ’ٻيڻو نار‘ ايجاد ٿيو جنهن ۾
مٿيون چڪر هڪ ڦيرو ڏئي، ته هيٺان چڪري ٻه ڦيرا ڏئي
۽ ڍينگهي کي به ٻه ڦيرا ڏياري. ان لاءِ چڪر ۾ ارن
جو تعداد ٻيڻو رکيائون: يعني ته چڪر جا ارا 22، 24
يا 28 ته ’چڪري جا ارا 11، 12 يا 14. پڇاءِ تي
معلوم ٿيو ته خيرپور ضلعي ۾ اهڙو ٻيڻو نار ڳوٺ
’ڀٽي‘(هاڻي تعلقو ڪنگري ضلعو خيرپور) ۾ موجود هو.
●
هُرلي يا نار ۾ وَهڻ لاءِ گهربل جوڳون
اهي جانور (ڏاند ۽ اٺ) جيڪي هاريءَ کي کيتي لاءِ گهربل آهن تن
کي ’هَلٽَ‘ چئبو: ’هلٽ‘ ۾ هرلي يا نار ڪاهڻ وارا
توڙي هرن ڪاهڻ وارا جانور شامل آهن، پر اهي ڏاند
يا اٺ جيڪي خاص طرح هرلي يا نار ۾ وَهن تن کي
’جوڳون‘ چئبو (واحد ’جوڳ‘ ۽ جمع جوڳون). ’جوڳ‘ جي
لفظي معنيٰ ڪشالو، پر کيتيءَ جي لحاظ سان هُرلي يا
نار ڪاهڻ وارو ڪشالو. اصطلاحي معنيٰ، هڪ اٺ يا هڪ
يا ٻه ڏاند، جيڪي هُرلي، ائٽ يا نار ۾ ٻن پهرن
تائين وَهن. هرلي ۾ هڪ ڏاند جيڪو ٻه پهر وهي، ۽
نار ۾ هڪ اٺ يا ٻه ڏاند جيڪي ٻه پهر وهن سي هڪ جوڳ
برابر آهن، يعني ٻه ڏاند جيڪي گڏ وهن سي هڪ جوڳ
ڪري ليکبا. معلوم ٿيو ته ڪي اهڙا ڀلا ڏاند به هئا
جو اڪيلو نار ۾ وُڙها ۽ اڪيلو جوڳ ڏنائون. دادو
ضلعي ۾ عام طرح نار ۾ هڪ ڏاند وهندو هو.
جوڳ جوٽڻ يا جوڳ ٻڌڻ، يعني هرلي يا نار ۾ وَهڻ لاءِ ڏاند يا اٺ
کي هرلي يا نار ۾ ٻڌڻ؛ ’جوڳ مَٽڻ‘ يعني ٻن پهرن
تائين وهڻ بعد وَهندڙ ڏاند يا اٺ کي ڇوڙي ٻيو ڏاند
يا اٺ ٻڌڻ. هرلي يا نار ۾ هڪ جوڳ جي وهڻ جو مدو ٻه
پهر؛ ڏينهن جو سج اڀرئي کان ٻن پهرن تائين ۽ وري
ٻن پهرن کان سج لٿي تائين، رات جو پهريون وارو
آڌيءَ تائين ۽ ٻيو سج اڀرئي تائين. هاري اهو
تخمينو چنڊر جي اڀرڻ ۽ لهڻ يا ڪنهن تاري کي ڏسي
ڪندا هئا ته جوڳ ٻڌڻ وقت تارو ڪٿي هو ۽ پوءِ ڪيترو
مٿي چڙهيو.
سانوڻيءَ جو جڏهن ڏينهن وڏو هوندو تڏهن نار ۾ ٽي جوڳون سڄو
ڏينهن وهنديون، هر جوڳ ڏينهن جو ٽيو حصو وهندي؛
رات ننڍي هوندي انهيءَ ڪري رات جو ٻه جوڳون
وهنديون؛ صبوح واري جوڳ وري سنجهي ۾ ٻڌبي ۽ ٻن
پهرن واري وري پوئين رات ٻڌبي. وڏي عمر جي هڪ وڏي
تجربيڪار مير خان ڀنڀري (خيرپور رياست، شهر هڱورجا
کان اوڀر سندس ڳوٺ هو جتي راقم ساڻس مليو) چيو ته
سانوڻيءَ جي وڏي ڏينهن ۾ ٽن جوڳن جي وقت جو حساب
هن طرح ڪندا هئا جو پاڻ جيڏو پاڇو ٿيو ته ڏينهن جو
هڪ پهر پورو ٿيو، ان کانپوءِ اهو پاڇو ٽيون حصو
ماربو (گهٽبو) ته ’ٽِهاڳ‘ ٿيو، يعني ته ٽيون حصو
ڏينهن گذري ويو ۽ جوڳ مٽيندا.
نار لاءِ همت ڀريي هاريءَ جون چار جوڳون هونديون ته جئن اٺ ئي
پهر نار وهي. جُنگ يا ٻه- ناري لاءِ وڌيڪ جوڳون
گهربل هيون. چوندا ته ’جنگ اهو چاڙهي جنهن وٽ ڇهه
جوڳون هجن.‘
هرلي يا نار ۾ وهندڙ سنڌ جا ڏاند ۽ اٺ ايترو ته سکي ويندا هئا
جو اکيون ٻڌل هونديون هيون ته به پِڙَ (جي گولائي)
۾ پوري ڀريل وک سان وهندا هئا، ۽ ايترو ته ذهن
وارا هئا جو ڄڻ انهن جون وکون ڳڻيل هيون جو اکين
ٻڌل هوندي به، هر ڦيري تي، نار جي لٺ جي مٿان وک
وڌائي رکندا هئا ۽ ٿاٻڙندا نه هئا.
●
هُرلي ۽ نار تي آبادي
هُرلي يا نار تي آبادي جو مدار پاڻيءَ تي، جوڳن تي ۽ هاريءَ جي
پنهنجي همت تي هوندو؛ جي پاڻي گهڻو آهي، جوڳون
موجود آهن ۽ هاري همت ڀريو ته لاڙ ۾ ڇُڙيي درياهي
پاڻي تي هُرلي تي ڪتيءَ ۾ ڇهه ايڪڙ (12 جريب) آباد
ٿيندا هئا، جن مان ٻه ڀاڱا وونئڻ ۽ ٽيون ڀاڱو
ٻاجهري ٿيندي هئي. اتر ۾ ڇُڙيي پاڻيءَ تي توڙي
کوهن تي گهڻو ڪري نار هوندا هئا. عام طرح ڏاندن جي
هڪ جوڙي سان ڪتيءَ ۾ اٺ جريب (چار ايڪڙ) آباد
ٿيندا هئا. ربيع ۾ کوهن تي ٽي جريب ڪڻڪ يا ڀاڄي
ٿيندي هئي. پر جي هاري همت ڀريو ۽ جوڳون موجود جو
رات ڏينهن اٺ ئي پهر نار وهي ته پوءِ ڇڙيي پاڻيءَ
تي 25 يا ٽيهه جريب به آباد ٿيندا هئا؛ عام طرح
ٻارهن ايڪڙ جوئر ۽ ربيع ۾ ڏهه ايڪڙ ڀاڄي. هن وقت
(2006ع) دادو ضلعي ۾، لوهي نار تي ويهه پنجويهه
ايڪڙ (پنجاهه جريب) يا اڃان وڌيڪ آباد ٿين ٿا.
براج واهن کان اڳ، هرلا ۽ نار آبڪلائي ۾ وهندا هئا جڏهن درياء ۾
پاڻي جو ايڏو وڏو چاڙهه هوندو هو جو پاڻي پاسن کان
اٿلي ڪورن ۽ واهن ۾ پوندو هو؛ وڏن واهن مان اڳتي
ڪڙيا نڪرندا هئا ۽ ڪڙين مان واهيون، ڪَسيون ۽
ڳُجهون جن تي هرلا ۽ نار چڙهندا هئا. ننڍن واهن،
ڪورن، ڪڙين ۽ ڪسين جي کاٽي ۽ صفائي آبادگار پاڻ
ڪندا هئا. آبتون ۽ ونگارون ٿينديون هيون ۽ گڏيل
همراهي وارو سماجي نظام هو جڏهن (جون مهيني ۾)
درياء چڙهندو هو ۽ ٽن مهينن تائين هُرلن ۽ نارن
لاءِ پاڻي موجود هوندو تڏهن گهڻي ۾ گهڻي آبادي ڪرڻ
لاءِ وڏي محنت ۽ ڪوشش ٿيندي هئي. جڏهن درياء
(سيپٽمبر مهيني ڌاري) لهندو هو ۽ واهن ۽ ڪڙين ۾ به
پاڻي گهٽبو هو ته ساڳئي ڪڙيي تي، منڍ کان چوٽيءَ
تائين جيڪي هرلا هوندا هئا سي واري سان وهندا هئا.
لاڙ جي رواج موجب، ڪڙيي جي مٿين اڌ ۾ منڍ وارا
هرلا ٽي ڏينهن وهندا هئا ۽ پوءِ هيٺين اڌ وارا
هرلا ٽي ڏينهن وهندا هئا. اهو ’وارو‘ هو جيڪو
پاڻيءَ جي شروعاتي گهٽتائي ۾ ڪندا هئا. جڏهن
پاڻيءَ جي پڇاڙي واري گهٽتائي ٿيندي هئي ته ڪڙيي
جي منڍ کان پوڇڙيءَ تائين هر هرلو هڪ پهر وهندو
هو. اڃان وڌيڪ گهٽتائي سان اڌ پهر يا اڃان به گهٽ
وقت وهندو هو. چوندا هئا ته: ’وارو‘ ويو هاڻي
’سانگهارو‘ لڳي ويو آهي. اهو اصطلاح، پاڻيءَ جي
آخري گهٽتائي وقت هُرلن جي ٿوري وقفي لاءِ وهڻ تان
پيو. شاهه صاحب پنهنجي هڪ بيت ۾ چيو ته:
سورن سانگهارو، ڪڏهن تان ڪونه ڪيو
آيل! اوڀارو، تِــهان ئــي تار وهــي.
●
هُرلي ۽ نار جي آبادي ۾ ونڊي پتي
سنڌ ۾ هُرلي يا نار جي ٺاهڻ، وهائڻ، آبادي ڪرڻ ۽ آبادي کڻڻ وارو
ماحول سماجي رهيو آهي. هرلو يا نار هڪ وڏي ڪارج
واري مشين هئي، جنهن کي ڪاريگري توڙي ڪاروباري
لحاظ سان هلائڻ لاءِ سماجي نظام جي ضرورت هئي. سنه
1932ع ۾ براج واهن کان اڳ واري دور ۾، زمين جي
مالڪ ۽ زمين کي آباد ڪندڙ کان سواءِ واڍا، ڪنڀار،
لوهار ۽ موچي سڀ هرلي ۽ نار کي هلائڻ ۽ ان تي
ٿيندڙ آبادي ۾ اميدوار ۽ پتيار هئا.
نار جي بناوت ۾ ’نار‘ ۽ ’قبا‘، ان جو ماڻ ’ڪاسو‘، زمين جي ماپ
’جريب‘ ۽ خاص طرح زمين آباد ڪندڙ ’هاري‘ ۽ ’مجيري‘
نالا سنڌ ۾ عرب اسلامي دور جا يادگار آهن جن سان
سنڌ ۾ زرعي ترقي جي تاريخ هڪ هزار سال کان اڳ شروع
ٿئي ٿي. زمين کيڙيندڙ لاءِ ’هر‘ مان اسم فاعل جي
وزن تي لفظ ’هاري‘ بنيو (جئن ٻيا فاعل ساري، جاري،
ساري ڪاري وغيره) ۽ اهو خاص طرح منصوره ۽ ان کان
هيٺ لاڙ ۾ وڌيڪ رائج ٿيو جئن اڄ تائين آهي. مٿي
اتر سنڌ ۾ ڪڙمي، راهڪ وغيره وڌيڪ استعمال ۾ رهيا.
لفظ ’مجيري‘ شايد اجاره دار لاءِ استعمال ٿيو،
يعني جنهن کي زمين آبادي لاءِ اجاره تي (مقرر رقم
عيوض) ڏجي. وقت گذرڻ سان انهيءَ رواج هيٺ، ’هاري‘
۽ ’مجيري‘، يعني ٻني جو ڪم ڪندڙ ۽ ان ڪم لاءِ خرچ
پکو ڪندڙ ۽ سنڀاليندڙ، جو گڏيل ڀائيواري سلسلو
رائج ٿيو. ڪن حوالن مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ ۾
مغليه دور کان وٺي زمين اجاره سان گڏ مالڪاڻي تي
به ڏني وئي، ۽ زمين جو اجاره دار (مقاطعي وارو) يا
مالڪاڻي حق وارو مجيري ٿي ويو. پر ويندي ٽالپورن
جي دور تائين، زمين ”جيڪو کيڙي سو آبادي کڻي“ واري
اصول کي ڪجهه نه ڪجهه مڃيو ويو. ٽالپورن جي دور ۾
جيڪڏهن ڪو هاري غيرآباد زمين جهنگ وڍي نئين نَهورَ
زمين ڪڍي آبادي ڪندو هو ته پهرئين سال جي پيدائش
سڄي هاري جي هوندي هئي. اڳتي لاءِ به پيدائش جا ٻه
حصا هاري کڻندو هو ۽ سرڪار کي هڪ حصو يعني ٽيو حصو
ملندو هو. اها ’ٽه سَمي بٽئي‘ خيرپور رياست ۾
پاڪستان جي وقت تائين قائم رهي. ايريي يا مقاطعي
جو رواج ڪونه هو. ’داڻ بنڊي‘ موجب جنس جو حصو
حڪومت کي ملندو هو. ڍل ڪانه هئي. انگريزن سڀ زمين
حڪومت (State)
جي ملڪيت ڪئي ۽ مالڪاڻي (مالڪي) جي حق ڏيڻ جو
اختيار حڪومت وٽ ٿيو. زمين کيڙيندڙ هاري جو ڪو حق
باقي نه رهيو. ان نئين نظام ۾ زمين جو مالڪ ئي
’مجيري‘ ٿي ويو.
هرلي ۽ نار تي آبادي لاءِ آبت يا ونگار ۽ پيدائش ۾ ونڊين پتين
جو وهنوار ماضيءَ ۾ سنڌ جي سماجي زندگي جو هڪ اهم
نشان هو. هاري کي وڏي اهميت هئي. چوندا هئا ته
”هاري جوهري آهي.“ جو هو پنهنجي ذهن، ڄاڻ ۽ تجربي
سان زمين مان پيدائش جو جوهر ٿو اُپائي.
هُرلي يا نار جي اڏاوت، جوڳون ۽ هَلٽ ۽ زمين جي آبادي لاءِ
ذميوار هاري هو. ڪم ۾ ساڻس گڏ ٻين جو ڀائيوار ٿيڻ،
خرچ ڀرڻ ۽ پيدائش ۾ ونڊي پتي کڻڻ لاءِ هيٺيان اصول
عمل ۾ آيا جيڪي گذريل ويهين صدي ۾ براج واهن کان
اڳ تائين سنڌ ۾ هلندا آيا.
●
ڪو هاري نار يا جوڙو ٻئي کان ’پانياري‘ (ن غنو) تي
(مقرر رقم ڏيڻ تي) وٺندو هو.
ـــــ ڪتي جي فصل لاءِ، مهرو ۽ چڪر يا لَٺ ۽ چڪري پانياري تي
وٺندا هئا. گنبٽ تعلقي ۾، عام طرح پانيارو جملي
ڇهه روپيا هوندو هو، پنج روپيا چڪر ۽ چري جا ۽ هڪ
روپيو لٺ جو. پانيار تي اهي ٽي اسم وٺبا هئا، باقي
ڍينگهي ٺاهڻ لاءِ هرڪو هاري سڄو ٻائڙ جهنگ مان پاڻ
وڍي آڻيندو هو. (ٻائڙ معنيٰ ڍينگهي جو ڪاٺ). بعضي
ڍينگو به پانياري تي وٺبو هو جنهن جو عيوضو ويهه،
ٽيهه يا چاليهه روپيا هو.
●
هڪ نار ۾ ٻه هاري ڀائيوار ٿيندا هئا ته هرڪو واري
سان پنهنجون جوڳون جملي چار پهر وهائيندو هو ۽ ان
پاڻيءَ سارو پنهنجي ٻني کيڙيندو هو.
●
هڪ هاري وٽ نار هو ۽ ٻئي وٽ جوڳون، ته ڀائيوار ٿي
ٻني ڪندا هئا.
●
ڪنهن غريب هاري جنهن وٽ پنهنجو نار نه هوندو هو،
سو پنهنجو جوڙو ٻئي هاري کي لِڇَ تي ڏيئي (ونڊي
پتي يا مقرر رقم تي ڏيئي) پاڻ وڃي هٺائين ٿيندو
هو. تڏهن پهاڪو مشهور ٿيو ته:
”پاڻ هٺائين جوڙو لڇن تي“
●
ونڊي پتي جو وهنوار
هرلي يا نار ۾، هڪ کان وڌيڪ مڙسن يا جوڙن جي ڪمائي ۾ ونڊي پتي
جو وهنوار مقامي طور رسم مطابق مقرر پئي ٿيو يا
تبديل ٿيندو رهيو. هيٺيان دستور رائج رهيا.
ـــــ زمين جي مالڪ کي بٽئي ڏيڻ ۽ ٻئي خرچ پکي لهڻ بعد صافي
پيدايش ۾ جملي ڀائيوارن جي ونڊي پتي جو حساب مقرر
ٿيو ان ڀائيواري ۾ ڪم ڪندڙ مڙس ۽ جوڙا (ڏاندن جا)
شامل ڪيائون.
ـــــ هڪ ونڊي جوڙي جي ۽ هڪ ونڊي مڙس جي (جيڪو پاڻ ڪمائي) مقرر
ٿي.
ـــــ نار ۾ (خيرپور طرف) ڇهن ونڊين جو رواج عام ٿيو. يعني ٽي
ڪم ڪندڙ مڙس جون ۽ ٽي جوڙن جون (يا جوڳن جون جن ۾
اٺ شامل).
ـــــ جملي خرچ ونڊين مطابق ورڇي رکيو ويو جنهن موجب ٻج خرچ،
پانيارو (مسواڙ)، لاپو (مقاطعو) مڙس ۽ جوڙا
ڀريندا، باقي ڪنڀار، لوهار، موچي يا حجم کي جيڪا
وَل ڏبي سا هاري ڀريندو.
ـــــ جيڪڏهن ڪنهن ٻئي کان جوڙو لڇ تي ورتل هوندو ته هڪ پوري
پتي يا سڄي ونڊي ان جوڙي کي ملندي، جيڪڏه هڪ ڏاند
هاري کي پنهنجو هوندو ۽ هڪ ٻيو لڇ تي ورتل هوندو
ته ان کي چوٿين پتي ملندي؛ يعني هڪ سڄي پتي (ٻه
اڌ) هاري جي، اڌ پتي سندس ڏاند جي اهي ٿيا ٽي حصا،
باقي اڌ باقي يعني سڄي پيدايش ۾ چوٿين پتي يا
چوٿون حصو لڇ تي ورتل ڏاند جو.
ــــــ لاڙڪاڻي (نصيرآباد) طرف، ونڊي پتي واري يا ڀائيواري کان
الڳ ’وَري‘ جي رسم هئي. مثلا: چوندا ته: ”تنهنجي
منهنجي وَرِي آهي، هڪ ڏاند منهنجو، پنج ڏينهن تون
وهائجان ۽ پنج ڏينهن مان وهائيندس.“ اها ڌري جي
رسم عام رائج هئي ايتري قدر جو سگهڙن اهو نالو
ڳجهارتن ۾ آندو. ليلان وري وري ٿي ڪونئرو کان هار
وٺڻ آئي جنهن تي ڳجهارت:
ڏيڻي: نالو توکي ڪڙمـڪي اچــين ٿيون.
(نالـــــــو نانــــــــــڪ ڪـڙمــڪـــي وري)
ڀڃڻي: نا نڪ توکي جـــو وري اچــــين تــون
ــــــــــــــــــــ
راقم
انگريزيءَ ۾ لکيل پنهنجي تحقيقي مقالي ۾ ثابت
ڪيو آهي ته هي ’سنڌي چرخ‘ آهي ۽ نه ايراني. هن
سلسلي ۾ لکيل تحقيقي مقالي لاءِ ڏسو راقم جو
ڪتاب ”SINDH:
Studies Cultural“،
شايع ڪيل پاڪستان اسٽڊي سينٽر، سنڌ يونيورسٽي،
2004ع
|