سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: رهاڻ هيرن کاڻ

باب: -

صفحو :6

 

خواجه خضر ۽ مهتر الياس

سنڌ ۾ خواجه خضر ۽ مهتر الياس جون ڳالهيون هلندڙ هيون، ۽ ڪچهريون ڪندي ڪنهن نه ڪنهن سگهڙ وٽان ڪا ڳالهه نڪرندي هئي. سنڌ ۾ درياءَ کي خواجه خضر سڏيائون. روهڙي لڳ درياءَ جي وچ ۾ خواجه خضر جو آستان (ٻيٽ) آهي ۽ اتي جا مجاور ’خواجائي‘ سڏجن.

ــــــ عام خيال اهو ته حضرت خضر ۽ حضرت الياس ٻئي الله جا پيارا آهن ۽ ٻئي ڀاءُ آهن، خواجه خضر وڏو ۽ مهتر الياس ننڍو.

ــــــ خواجه خضر رهي بحر ۾، دريائن ۽ سمنڊن ۾، ۽ مهتر الياس برن بيابانن ۽ مقامن ويرانين ۾. ٻئي گهڻي وقت کان فراق ۾ آهن ۽ هڪٻئي سان ملڻ لاءِ مشتاق. عام خيال ته ”درياءَ ۽ مقام جو ميلو آهي.“ يعني پاڻ ۾ ميل ملاقات لازمي آهي، انهيءَ ڪري درياءَ ويجهو آيو ته مقام کي ضرور پائيندو.

ـــــ درياءَ زمين کي پائيندو ۽ پائيندڙ هيڏانهن هوڏانهن ڀڪون ڪيرائيندو ته چوندا اهو خواجه خضر آهي جيڪو پائي پيو، ڦيرا پيو ڏئي، سو مهتر الياس کي ٿو ڳولي.

ـــــ خواجه خضر ۽ مهتر الياس زندهه جاويد آهن ۽ دوتار (نکٽ) واري رات پاڻ ۾ ملن ٿا. ان رات جي زال مڙس گڏيا ته ٻار بخت ۽ وڏي حياتي وارو ٿيندو. سڪندر بادشاهه جي ماءُ کي ان رات پسڻ پيا پر مڙس کي نه اٿاريائين ۽ پوءِ وڏو ارمان ڪيائين. پوءِ خواجه خضر ۽ مهتر الياس خواب ۾ آيس ۽ چيائونس ته ”تنهنجي پٽ کي رءِ ۽ زمين جي بادشاهي ملندي.“

ـــــــ مهتر الياس کي برن بيابانن ۽ مقامن جي بادشاهي مليل آهي چوندا ته: سفر ۾ ڪنهن سڃي شهر ۾ رات پوي ته شهر ۾ نه سمهجي جو سڃي شهر ۾ جن ٿا رهن؛ مقام ۾ مهتر الياس جي پناهه ۾ وڃي سمهجي.

ــــــ درياءَ ۽ سمنڊ خواجه خضر جي بادشاهي ۾ آهن. وڻجارا جيڪي سمنڊرين پار واپار تي ٿي ويا تن لاءِ ميين شاهه عنايت خضر پير کان دعا گهري هئي ته:

خضَر پير خدا جو مانَ موٽائي تن

ـــــ چوندا ته مهتر الياس بر جو بادشاهه آهي. رڻ ۾ اُڃ وارو ٽي ڀيرا مهتر الياس کي پڪاري جان تي شوڪاري ته اڃ ماٺي ٿينديس.

ــــــ خواجه خضر، درياءَ ۽ سمنڊر ۾ منجهندڙ ٻيڙياتن (ٻيڙين وارا) کي سنئين رخ تي هلائي ۽ مهتر الياس موڙهن کي بر بيابان ۾ گس لائي. عام خيال اهو ته مهتر الياس منجهندڙ کي ماڻهو ٿي ٿو گڏجي ۽ راهه ٿو ڏيکاري.

مٿيان محض گمان آهن پر بعضي ڪي سچا ٿا نڪرن، جنهن جو ذاتي تجربو هيٺ بيان ڪجي ٿو.

ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڇاڇري ۾، ڳوٺ راوت سر ۾ گذريل 20- صدي جي شروع ۾ (يا اڃان اڳ) مولوي عبدالحق چانڊيي هڪ مڪتب قائم ڪيو جيڪو وڌي وڏو مدرسو ٿيو، جنهن مان ڪيترائي دستاربند عالم فاضل ٿيا. ٿر جي ريگستان ۾ هن درسگاهه جي ڪاميابي هڪ وڏو ڪارنامو هو ۽ مون کي خيال آيو ته آءٌ سر زمين تي وڃي هن درسگاهه بابت وڌيڪ احوال هٿ ڪريان. ان لاءِ اسان پنهنجي يار محمد رحيم راهومي (عيداڻي، تعلقو ڇاڇرو) کي اطلاع ڏنو، جنهن چيو ته: اوهان اچو ته گڏجي هلون، رات هلي ’تڙ درس‘ ۾ رهنداسون ۽ صبوح جو راوت سر هلنداسون. انجام تي عمرڪوٽ مان ڇاڇري پهتاسون ۽ اتان اڳتي محمد رحيم سونهون ٿي هليو. البت دير ٿي وئي هئي ۽ سج واٽ تي لهي ويو. اونداهي ۾ اسان کي صحيح گس هٿ نه آيو. محمد رحيم وڏو سجاڳ سونهون آهي، پر چيائين ته رات جو جيپ جي روشني ۾ چوڌاري ڪجهه نظر نٿو اچي.

مون خوش طبعي ڪندي چيو ته رات آهي ۽ ريگستان آهي؛ حضرت الياس کي سڏ ڪريو ته گس ملي. ايئن هيڏانهن هوڏانهن هلندي ڳچ وقت گذريو، آخرڪار سمهاڻي ڌاري پري کان سامهون گهرن ۾ ڪا بتي نظر آئي. جيپ جهلي سون  ۽ محمد رحيم لهي ويو ۽ وڃي سڏ ڪيائين. گهران هڪ جوان مڙس نڪري آيو جنهن کان واٽ پڇيائين. ان چيو ته: ’تڙ دوس‘ واري واٽ هي آهي ۽ ’راوت سر‘ ۾ ته اوهين بيٺا آهيو! هو محمد رحيم سان گڏيو آيو ۽ اچي اسان سان مليو. مونکي خيال آيو ته عام گمان موجب بيابان ۾ حضرت الياس ئي گس لائيندو آهي سو ان جوان کان ذات نالو پڇيم: چيائين ته ٿيٻو آهيان. مون نالو پڇيو:

چيائين  ته  الياس!

 

ــــــــــــــــــــــــــ

 

عشق الائي ڇا؟

(بخشل فقير جو سوال ۽ عبدالرحمان معرفاڻي جو جواب)

صوفين سڳورن صديون اڳ عشق الاهي ۽ عشق حقيقي جا سبق پڙهايا ۽ پڻ مجازي عشق جي مام سمجهائي. عوامي سطح تي البت معاملو الڳ رهيو. راضي فقير لاشاري چيو ته: ”اڄ ڪلهه عشق ٽي قسم آهي: عشق مجازي، عشق مزاجي ۽ عشق جزا جي.“ اها 1937ع جي ڳالهه آهي. ان وقت ۽ ان کان اڳ، سنڌ جي سگهڙن ۽ سياڻن، عوامي سطح تي ڳرن ڳوڙهن مسئلن تي پنهنجا ويچار پئي ورجايا. 1950-1975ع واري عرصي ۾ راقم جڏهن جامع سنڌي لغات لاءِ لفظن ۽ اصطلاحن ۽ لوڪ ادب جي داستانن ۽ صنفن کي سهيڙڻ لاءِ سڄي سنڌ ۾ ڪچهريون ڪيون ته معلوم ٿيو ته ان وقت تائين سنڌ جي ڳوٺن ۾ ڪي وڏا سمجهدار ۽ سياڻا ماڻهو موجود هئا جيڪي تدبير ۽ تدبر ۾ ان وقت جي پڙهلين کان گهڻو مٿي هئا. معلومات جي سطح تي به ڪن سياڻن کي گهڻي ڄاڻ هئي. ڪن مسئلن ۽ معنائن تي سگهڙن سياڻن جا هڪٻئي سان سوال جواب هلندڙ هئا. 1940ع ڌاري يا ڪجهه اڳ، شهر جوهي جي سڄاڻ سالڪ بخشل فقير مڱڻهار ’عاشقن جي عشق‘ جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ، پنهنجي هيٺئين ڪلام ۾ عام اشتهار ڏنو ته:

دل  کسي  ٿو،  ڪونه  ڏسـي ٿو
 آهي الائي ڪير!
1. جنهن کي خبر آ ته مونـکي ٻڌايو
   نام موليٰ  جي  اها   ذات  سڻايو

 

پورو پتو ڏسيو پير، ملڪ  ڪهڙو  ٿس  ڪاٿي  وسي  ٿو!

 

2.  وير   وزير   هو   ٿو   ڪـنبائي
دارا   سڪندر    شاهه      دٻائي

آهي مثل جئن شير، جنهن کي وٺي ٿو تنهن کي دسي ٿو!

 

3. بخشل بيچون  ڄاڻي  ٿو  موليٰ
ڪين  هلن  ٿا  هن  سـان  حــيلا

سو دل ۾ رهي ٿو دلير،  پرور بنا  ٻيو  ڪونه  پسي  ٿو!

 ان جو جواب عبدالرحمان معرفاڻي چانڊيي (ويٺل جاگير نواب غيبي خان) ڏنو جيڪو علم جي لحاظ سان عالم فاضل مولوي هو، پر فڪر جي لحاظ سان فقيري خيال وارو سالڪ هو. پنهنجي هيٺين ڪلام ۾ بخشل کي جواب  ڏنائين ته:

عشق  جي  ظاهر  ناهي  ذات
رڳو نانءُ نشان نشانبر نالو

1. اول ۾ عشق الله وٽ آيو، انت موليٰ ڪيو واحد وايو

ڳالهه ڳڻي  ڏسو  ڳوري   ڳايو،
وائي  ويڙهه  سندي  اٿس وات،
ڪين ٽري ڪري ڪنہ کون ٽالو

 

2. زير زمين آسمان نه هوڪو، آدم حور حيوان نه هوڪو

ڪـــن فيڪــون قرآن نه  هو ڪــــو،
ته به برهه ڪهان اڳي اهڙي بات
اسم   جنہ   جو اڄ  تائين  آيو.
 

3. روپ شڪل نڪو رنگ تنهين جو، عام نه عضوو انگ تنهين جو

ديس دڙي نڪو دنگ تنهين جو،
رکي  رمــــز  ٽــڪي  جت  رات،
آڻي   انهيءَ  جي پيـش  ڪشالو

 

4. فوج جنگي نڪادست دُنالي، ايڏي آ حشمت هـــٿين آ خالي

عين  عشاقن  جي   آهي   آلي،
ريءَ  ڪـهي  ٿو  ڪاتي  ڪات،
بڙڇي  دست  رکي  نــڪي  ڀالو

 

5. مردن تي آهي ميڙو تنهن جو، شهر نه  وستي ويڙهو   تنهن جــــو

ڪير سهي  سٽ  جهيڙو تنهن جو،
سور   ڏئـي   ڏک   ڏاڍا   ڏات،
چال  اها  اٿس  ڏس  تون  چالو

 

6. زن نه دختر زال تنهين کي، ملڪ مڏي نـڪو مــال تنــهين کي

اهل نه  آل  عيال  تنهين  کي،
آهــــــــــي    هميــــــشه   حــــيات،
سهرو ســس  نه جنـهن کــي سالو

 

7. عبدالرحمان   انجامـــي مون سان، هر هنڌ حضرت حامي مون سان

سوڙهه نه ڪندي سامي مون  سان
طلب رکان ٿو تنهن  جي  تات،
پيچ  پيو  اٿم  ناهــــيان  پالـــهو.

ــــــــــــــــــــــــ

 

مشاعرو

[سنڌ ۾ فارسي غزل مغليه دور ۾ شروع ٿيو ۽ ٽالپورن جي دور ۾ اوج کي پهتو. ان جي مقبوليت جي ڪري، هي صنف نئين ڪنوار وانگر سنڌي شاعريءَ جي صحن ۾ داخل ٿي. خليفي گل محمد ’گل‘ غزل جي هن ڪنوار جي فارسي پوشاڪ مٽائي ان کي سنڌي ويس ڍڪايو ۽ مير عبدالحسين خان سانگي ان کي صورت توڙي سيرت ۾ سهڻي سنڌي ڪنوار بنايو جنهن جي منهن مرڪائڻ ۽ مبارڪن ڏيڻ لاءِ سانگيءَ جا ساٿي تيار ٿيا. ان بعد سوين ٻيا ڄاڃي ماڃي ٿيا ۽ هر ڪنهن پنهنجي حال سارو واهه واهه ڪئي.

ان ڪاڄ کي وڏو عرصو گذري ويو آهي پر سنڌي غزل جي سينڌ سنوارڻ لاءِ ٻيو ڪو ’سانگي‘ جهڙو عاشق پيدا نه ٿيو آهي؛ نه فقط ايترو، پر سانگي جي ان اعجاز کي به پوري طرح نه پرکيو ويو آهي سواءِ ان جي جيڪي راقم ڪليات سانگي جي مقدمي ۾ لکيو. سالن بعد وري هاڻي محترمه سحر امداد حسيني ”سنڌي شاعريءَ ۾ جديديت“ کي تلاش ڪندي (رساله ٽه- ماهي مهراڻ، سيارو 2005ع) سانگيءَ کي ڳولي لڌو آهي.

سانگي کان پوءِ غزل جي مقبوليت ايترو ته وڌي جو سڄي سنڌ مان، ڪيترن ئي ننڍن وڏن شاعرن غزلن جا مشاعرا شروع ڪري ڏنا. اهي غزل اخبار ’تعليم‘ ۽ ڪن ٻين مطبوعات ۾ شايع ٿيندا رهيا. اها سندن شوق ۽ عروضي مشق واري شاعري هئي جنهن مان سندن سنڌي ٻولي ۾ مهارت سان گڏ فارسي ۽ عربي جي ڄاڻ جو به پتو پوي ٿو. ان وقت گهڻا ته منجهائن پرائمري استاد هئا. ڀيٽ ڪجي ٿي ته ان وقت ۽ اڄ جي معيارن ۾ وڏو فرق نظر اچي ٿو!

سندس چيل غزل اهڙن ڪن مجموعن مان راقم پنهنجي شاگردي واري زماني ۾ اتاريا. اهو اتاريل ذخيرو ’مشاعري‘ جي عنوان سان يادگار طور ڏجي ٿو. سنڌي ’غزل جي ڪنوار‘ واري ڄڃ ۾، سانگي سان گڏ ٻيا به جيڪي ننڍا وڏا شريڪ ٿيا تن جا نالا وسري نه وڃن.

غزل مير عبدالحسين خان ’سانگي‘

حڪيم فضل محمد عباسي ’ماتم‘ جي ڀران چيل

آئــي دلــبر جـــي ٿــيـــم شــادي ادا 
دخـــترِ رُز جــي نــه بــازاري هجي
وامق و فرهاد ۽ مجنون کـئون پـوءِ
نئي آءٌ عاشق نئي اٿم معشوق ڪو
جنهن جو شيوو آهي آبادي ڪرڻ
مرتضيٰ مولا علي مشڪل ڪشا
وه گــدا کـي يــاد آهــي ســا طــريق
واه ’ماتم‘ بي گمان شيرين سخن
دختر رز سان ڪيو ’ماتم‘ نڪاح
جي سچائي آهه تـان يڪسان آهـه
لطف سان صـياد جـي انـدر قفـس

منهنجي اڄ ٿـــي خانه آبادي ادا
هوند قبوليان ان جــي دامادي ادا
مون وسائي وِره جي وادي ادا
پــر آءٌ آهيان عشق جو عادي ادا
سو نه گهرندو ٻئي جــي بربادي ادا
منــهنــجو ٿيو هر حال ۾ هادي ادا
جيڪا آهـي طـرز اسـتادي ادا
شاعــرِ خــوش حـــيدرآبادي ادا
جـلد ٿيــندو هــو بــه اولادي ادا
دوســـتن  جـــو داد بــيدادي ادا
وسري وئي بلبل کي آزادي ادا

سانگي ڏسندي ابروي خمدار يار
ســـرتي  گــذري  تــيغ  فــولادي  ادا

***

غزل غلام محمد شاهه گدا

’ماتم‘ جي غزل جي ڀران چيل

دلبرن جــي عـــين بيــدادي ادا  
ڇونه ان مجنون کي عاقل چوان  
درد بيشڪ درد جو درمان آهه
ساقيا صهبائي گلــگون جو اياغ 
آءٌ آهيان بِنت العنب جو آشـنا
مرغ دل در دام زلــف يار باد 
تيغ ابرو جي اشاري سان ڪهي
ناقصن جو آههِ گردون تي دمـاغ 
هوئي سدا برباد شڪلِ گـردباد  
مون گدا بيڪس جو آهي دستگير 
دين   ۽  دنيا  ۾ منهنجو شال ٿئي
آهِ ’ماتم‘ مــنــهنــجو مونس باليقين

شائقن جي واسطي شادي ادا
جنهن وسائي ورهــه جي وادي ادا
دربدر ٿي ڪـيم فـريادي ادا
ڏي ڀري تا خــط بــغدادي ادا
ڪانه گهرجي مونکي ٻي شـادي ادا
ٿئي نه حاصل ان کـــي آزادي ادا
ڏس سندم دلبر جي جلادي ادا
ڪاملن جي آهي ڪســادي ادا
جو گهري ٿو ٻــئي جي بــربادي ادا
غوث اعظم شـاهه بغــدادي ادا
واسطي حسنيـن جي هادي ادا
هردو آهــيون حيدرآبادي ادا

واه واه  ان  جو  غزل هو بي بدل
هن زمين جي ان ڪئي آبادي ادا

 

***

غزل مير صاحب مير امير علي خان خيرپوري (3- آگسٽ 1916ع)

بـــــنــد عــشـقــش آهـــــهِ آزادي ادا
شوق معشوق ازل من جي مراد 
دختر رز سان ٿيو جنهن جو نڪاح
پر اِها بنت العنب ناهي عروس
منجهه شريعت عقد ان سان نا روا 
جــنـــهن کي چــيـــــو ام الخبائث مصطفيٰ
واصـــلِ حـــــق ٿــــــي بصـــدق دل تـمام
لنو ۾ ان ليلي صفت جي رات ڏينہ
احسن الجمي کي گهر ۾ آڻ تون
 مرغ دل چون ديد دانه زير زلف
پاڻ کي ان تيغ ابرو سان ڪـهان
طالــب عـــشق طــبانِ پـــاڪ ٿــيو 
ڪربلا کي ڪمترين وادي چون 
عاشـقي خـتم است برشاه شـبير 
عاشــقن جـو تاج سِر حضرت حسين
شاهه دين جي شان کي ڄاڻي اُهو 
آءٌ نــبي جـي آل جـو آهيان غلام
’دوست‘ ۽ ’ماتم‘، ’گدا‘، ’عبدالحسين‘ 
آءٌ اُنهن سان دم هــڻان ڪيئن شعر ۾
آءٌ آهيان ساڪن اتر جي ملڪ جو
شعر گــوئي ۾ آهن ڪامل عيار 

ســـڪ ســڄــڻ جــي عين آبادي ادا
ٻيا خــيال آهــن مــڙئي بادي ادا
ان جي گهر ۾ آههِ نت شادي ادا
هـــي گهڻن مـــــڙدن جي آ مادي ادا
هـوءَ خباثت جــي آهــي گادي ادا
ٻن ڏي تنهن قحبہ جي دامادي ادا
حق سان هــڪ ٿي حق ٿيندو هــــــادي ادا
مثل مجـنون وه وهــي وادي ادا
تا رَهــــئي نـــت خــــانه آبـادي ادا
قيد ٿيو منجهه دام صياري ادا
جنهن جو شيوو آهه جـلادي ادا
ٻيون اٿئي سـڀ شور افرادي ادا
بـي ادب آهـي ســخن بــــادي ادا
جنهن سَٺي سر تيغ فولادي ادا
عاشــقن جــو آه هـــو هــــادي ادا
جنهن جي دل ۾ صدق بنيادي ادا
ان جي در جو ڪلب قلادي ادا
هــي ته آهـن شـعر جا عــادي ادا
منهنجي هي تصنيف آ سادي ادا
هــي آهــن سڀ حيــدرآبادي ادا
اُن جو شــيوو آهــهِ اسـتادي ادا

آءٌ امير آهــيان علي جـو مدح خوان
مونکي گهرجي ان جي امدادي ادا.

 

***

غزل آخوند عبدالقادر شڪارپوري ”بيدل“

عشق جي  آڙاهه ۾ ڪو نينهن  نعرو  نرڪري
جوان جولان گاهه جو ڪم ڇا سگهي ڇوڪر ڪري
جوان جنگي جيتجي ويا ۽ ڪٽڪ ڪوڙين ڪروڙ
جــوش مان جابر جڏهن مــزگـــــان کنيو لشڪر ڪري
دل سـندس  فولاد  آهي  يا  ته  مر مرسنگ  آهه
قد سندس ٿو شرمندو کي ســــــــــــروَ ۽ عَر عــر ڪــــري
من ڏسي مظلوم کـي ڪو ترس ٿئي بي ترس کي
ڪوئي جانان ۾ هـــلج اي دل تون اکڙيون تر ڪـري
وير جنهن واجهائيندو ويو وِيـر وينـدي  واٽ ۾
ڄڻ ويو  ڀالا  هڻي ابـرن کي خود خنـجر  ڪري
آب  حيوان  در لـبانش ليڪ ظلمات است زُلف
طالب  آب  بقا  ظــلمات  کان  ڇــو  ڏر  ڪــري
واعظا ڏر ڇا ڏئي مونکي ڪنا قيامت جـــي ڪو
جي جــدائي ۾ سـهان ٿو مورچا  مــحشر  ڪري
درد مان دانهون ڪري آهون ڪري تنهن هئن چيو:
ماٺ موچاري گهڻي، هـي ڌيان دل ۾  ڌر  ڪري
هــن  درنگي  دور  ۾  زردار  جــو  سردار  سو
ٿو سڏائي پاڻ کي جيڪي ڪري سو زر ڪري
ٿيو مهانگو اسب تازي وٽ ٽڪي کوٽي کـريي
هاءِ   يارو  مره    ديـــــنار  ٿو   اڄ    خر   ڪري
ڪوهريءَ کي قدر ڪهڙي جنس جوهر جي سندو
گوهري  وٽ  قدر  قيمت ٿو  ادا  گوهـر  ڪري
در جواب من نگفته  وائي  خود  مفــتون  مانــد
پوءِ ڪيئن ’بيدل‘ سڏائي پاڻ کي شاعـر  ڪري
يار قادر بخش بيشڪ ٿــئي غزل هن جو  مجيب
شعر پنهنجي کان نه هرگز ڇا جي لئي خوشتر ڪري

 

***

غزل قاضي عبدالوهاب ’خاطي‘،  جهانگارا

اڻانــــگي عشق بيشڪ جوش ٻاريــو ٿي، مگـــر آخـــر نتــيجو نيــڪ ڌاريو ٿي

 

ادا عــــاشــــق مـــثـــل زيـــنور اجـــاريـــو ٿي، مگر هڪ ســـاه جو سانگو نــــه واريو ٿي
ڏســــو فـــرهاد هو حيران مــــٿــي شيـــريــن،   جبل کي جنهن ڪهاڙي ساڻ ڏاريـــو ٿي
محبت عشق ۾ مجنون موهـــــيو ٿي،  جڏهن ليليٰ سندو هن زلف ساريو ٿي
عـزيزو حسن يوسف جو ڏسي بيـبي، ٿئي حــيران ظاهر قيد ڪاريو ٿي
پــــيالو کــــير جـــو پُــر هو ولــــي قــسمـت،  دگرگون کـــان هـــڻي هٿ هير هاريو ٿي
عمر آندي ڪري باندي هئي ماندي،  وطن پڻ مارئي سرتيون سنــڀاريو ٿي
رُٺو راڻو ڏسي ڀيڻن سـندو ڀاڪر،  تڏهن مومل ڳلن تان آب ڳاريو ٿي
هٿان ليلان پيئي ڇـو پــوءِ لـيلائي،  چنيسر ڪانڌ ڪئورو سان قراريو ٿي

 

ڏسي صورت بديعل جي وڃي سيفل
قــضا جو سڀ ڪــشالو پاڻ پاريو ٿي.

 

***

غزل سيد فاضل شاهه حيدرآبادي

ورُ والي وَهار ڪيم وســار،
اَعطــنا ســـئولنا مــقاصــد نــا،  
رب هَـــيي لـــنا حـــوا ئـــجــنا، 
ربــــــنا آتــــــنا وســيـــــــلـــتــــنا،  
ازخطايم که کرده ام بگذار،
تا شـــوم در جوار صــديـقان،  
هـر دعائي که ميکنم بسحر،  
ترت توبہ ڪرڻ فرض لازم،
غافر  الـذنب  ماحــي  آلاثام، 

ساڻ سائيم رهي سَڪار سنڀار
ڏيــــج ڏوڙا ڏيـــوم ڏان ڏيـــار
بر سولڪ و صـحــبہ الاخيار
بِــحـبــيـــبڪ وآلــــــہ الاطــــهار
در ڪـــــتاب ثـــواب نامــــم آر
باشـهــيــدانِ تــــو بــــدار قـــرار
مون قبولـت سندي اُنِہ درڪار
تُــب الــي الله توبــــة الاابـــرار
ته به وِزرن سنــڌي نه وائي وار

فڪر فاضـــل ســندي مـالڪ ملڻ مـــحــبوب،
اِقــترض فــي الــــعــشي والاسحار

 

غزل سيد فاضل شاهه حيدرآبادي

سَم سڪ جي سندا توهين ترياق، 
جي مهاجر ٿيا محبت ڏانهـــن،
پـــرت وارا پــڇن پـــيا پلـــپــل،
  تون ملاقات سان مشرف ڪر،
پاڻ پاريــن الســت جــو اقــدار،
بره جي بار جي کــڻــڻ خــاطر،
عشق واريءَ عشا ڪئي اُنـڌهه،
پرت مان پـڙ پــيا پــرين پــڌرا،

ٿا آيا اوهين عـــجــيب عــراق
  مهر ڪيم مـار ســـي مشتاق
آتشِ عشـق ۾ اچـــيو عـــشاق
  عشق وارن ســـندي اچــي اوطاق
محض مشــفق ٻڌو ۽ منجهه ميثاق
ٿي تحــمـل تـــيار طاقــت طاق
في المسا والعشي والاشواق
مفت مشڪل شديد ڏاڍا شاق

عـــــام انــدوه اهــنــج اولاڪـــا،
فـرض فاضل ڪيا فقير فراق
***

غزل ميان يارمحمد ’قانع‘

يا الاهــي حبــيـــب کـــي آڻـــج،
گلبدن وگلـرخ و گـــل گــلزار،
هجر جي درد جي دوا جـــنـهن وٽ، 
لاءِ جنهن جي مدام جان جلي،
منجهه گلشن کليا هـــزارين گل،

نور نرمل نجــيــب کي آڻـج
خوش الحـــان عجيب کي آڻج
يا خدا تنهن طبيب کي آڻـج
قرب مان ان قريب کي آڻج
زور تر  عندليب  کي  آڻج

ساڻ ’قانع‘ ملجو اچي مروش
اڄ نه رهزن رقيب کـي آڻــج.

 

***

غزل قاضي نورمحمد قريشي

اي صبا ساجهر سپرين ڏي وڃيج،  هي  نياپو  هوت کي ڪوڏا  ڪهيج
تو بنا جاني جيـئڻ جنـجال آهــهِ،   مهر ســان مشتاق تي وهـــــلو وريج
قُل فقد اذهبت عـــن قبــل الـحزن،  قاصــدا هي پــهه قريبن کان پــڇــيج
ڪَـــي تو خواهي بردغم را از دلـم،   دلـــــبرا  دل  جــو  دلاســو  ڪـو ڏئيج
دل همين رنـجــد ز دردت دائـــــــما،  تون اچي اڄ سور سو ڪامل ڪٽيج
دل لڇي دلبر اوهان لئي دم به دم،  آءُ سگهو اڄهين ڪميڻيءَ ڪر لهيج
اشک خوني ازعيـــونـــم مـــــي رود،  آه  هــائــي  آتــشينِ  مــن  سُـــــڻــيج
نـورمحمـد تــــي اچي نــامِ خـــدا،   اي ڪرامت جا ڪڪر قربان وسيج

 

***

غزل آخوند عبدالقادر بيدل

جواب گهرندڙ مفتي خوش محمد کان

آيو اڄ ناز ســـــان نــگار فــگار،
مشڪ ۾ بوءِ زلف جنهن جـي،
جنهن جي زنجير زلف ۾ دليون،
بعد مـدت جــي سنــڌ ۾ ســوئي، 
يار دلدار کي ڏسي خوش ٿيس،
مان ڪــــيو عرض هــي عجــــــيبن کي،
گفـتـمش بي تـو بــود رنــج و الـــم،
از شـــراب دســـــاله يـڪه دوقــــدح،
محب  منٺار کـــان ٿـيـس ممنون،
مان ڪئي يار سان هم آ غوشي،
آهـه هــر روز مــہ ڪــمال وزوال،

جان  جــاني  مـٿان  نثار  نثار
آه  مشهور  منجهه  تتار  تتار
ٿيون مقيد يمــين يـسار يسار
آيــو  پنــهنــجـــي  ديــار  ديــار
چيم  حمد و شڪر هزار هزار
ناز ڪـٺلن کي تون جيار جيار
گفت اڪنون بغم چـڪار چڪار
ساقيا سيگهه  سان پيار پيار
چاه غبغب چميم عذار عذار
دوس دلدار سان دوبار دوبار
ساقي سهڻو سدا  بهار  بهار

 

ورد  بيدل  هميشه  اين  باشد،
ساقيا  جـام    پُر  بــيار  بــيار

 

***

غزل توشيح وارو: سيد فاضل شاهه جو

جواب ۾ محمد قاسم جي

ح:  حال هيڻو ڏسي سندم هوشيار،
ا:    آهيان جنهن عجـيب جو ٻانهو،
ج:   جنهن سندي جــان ۾ لڳي مون جڙ،
ي:   يار جـــــي يــاد شــاد ياري بــس،

ب:   بــوءِ بدنــي ڀــلي ڀــلاري جــي،
چ:   چـال چوکي چڱي چلت چهرو،
ل:   لال لـــب لاڏلــي ســندا لاشـــڪ،
ش:  شادمانــي ڏٺــي ســڄڻ ســرهي،
ا:    آس  اهـــڙي رکي اندر ارداس،
هه:  هي غزل غرض لئي چيو فاضل شاهه،

مان ڪا ماڙ مون ڪري  منٺار
سو  دلاسـو  اچــي  ڏئــي  دلدار
تنهن سندو ساريان  سدا  سيـنگار
واه  اهڙو  نه  ڪو  ٻــيو  واپار
مغز منهنجو  ڪيو  بهار  بهار
جوت  جاني سندي  جدا جـنسار
عاشقن لئي عجب عمل اسرار
نيو اندر جو انهيءَ ڪري آزار
مان محـبوب  مون  ملي  مختار
طرز  توشيح  جي  منــجهس  تڪــرار.

***

غزل محمد قاسم جو جواب گهرندڙ

مون رعونت رقيب جي دشوار،
آه دنيا دني  عروس  عجيب،
مڙس ماري وڃي ڌُڙن ڌاري،
لوچ احسن عمل مٺو مَرهيج،
قرب ڪارڻ قريب ڪر قاسم

ربنا  اجعلہ  حــارقا  فــي  الـنار
ناز  نين  ناز  ناٽ  واري  نار
ڪُڏ ڪري سان ڪنهين نه ڪوڏ ڪنوار
ڪڻڪ جي ڪين آهه جوڙ جوار
دمــبدم  دُر  ڌيـان  دل  ۾  ڌار

 

غزل سيد فاضل شاهه

جواب ۾ محمد قاسم جي

ناز نازڪ نه ڪر  نظر  نه  نهار،  مفت موهيو نه ڪر ڪهڻ جي ڪار
تــير تــيز  کــڻي  تــراريون  تــيز،  محض مشتاق محب مست مَ مار
رمز راسخ  رکي  رقيــبن  ســان،  عاشقن  کي  عجيب  ايئن  نازار
قول ڪامل  قريب  قرب  سـندو،  سـاڻ  پــت  ۽  پريت  پنهنجو  پار
فيض جا تون  فقير  فاضل  کي،  ڏان  ڏاتـــار  ڏات  ڏيـــــــج  ڏيـــــار.

 

***

غزل، آخوند محمد قاسم هالائي

منجهه اندر من اهک ۽ ارمان ڏس،  پڻ هِيون حيرت ڀريل حيران ڏس
ناهه ڪاهن درد جـي  توري  دوا،  هي اسان جو درد بــي در مان ڏس
نوح ثاني جو  چوان طوفان  آهه،  مون اکين جي آب جو طغيان ڏس
وڃ ڪڏهن منجهه مدرسي محبن سندي،  اک پٽي اُت  درد  جـو  ديوان ڏس
جاهلن سان ڪيم اي دل جــنگ جـوٽ،  مَٽُ مَ پئو تن ساڻ پنهنجو مان ڏس
خلق کارڻ لئي سدائين ٿو کجي،  نفــس  نــت  نادان  نافـــرمان  ڏس
مهر ڪيائين مير مرسل موڪـلي،  خلق تي  آگي  سندو  احسان  ڏس
ٿا علي  بعد  النبي  برتر  چون،  شاهه هن جو هي شرف ۽ شان ڏس
يا  الاهـــــي  نـجنا  مِــما  نـخاف،  منجهه شرارت شومتي شيطان ڏس
قرب  ۾ قاسم سنديون ڪوڪون سڻي،  اڄ  سندس  جرئت  ڀريو  جـولان ڏس

 

***

غزل ميان شيرمحمد قريشي

سرشتيدار، سول ڪورٽ سرحد سنڌ

پسي گلرخ ٿيو پاني، ٿي نرگس نظر سان فاني
هلي صورت جو  لاثاني،  جڏهن  بستان ۾ آيو
حسن بي تاب ڪئي تابش، آيا ماڙهو سي منجهه ڪرمش
قمر ۽  شمس  قرباني،  جڏهن  رخشان  ۾ آيو
هڻي ٿو ٻاڻ نيڻن جا، ڦٽي سينا  ٿو  ڪوپن جا
بهادر  جنگ  جو بانـي،  جڏهن  ميدان  ۾  آيو
ڀرون جي سيف سڀ گهايا ڪمند جي زلف جڪڙايا
لڳي حملن جي حيراني، جڏهن جولان  ۾  آيـو
هنيون نيزا نسگ ڀالا، ڪري ٿو پِيَه  پڙ  پالها
سندو سڀ ملڪ ڪيو ڏاني، فتح فرمان ۾ آيو
ڪئي ٿي مرحبا مستن، نوايا سيس دل خستن
مٺو محبوب مون جاني، جڏهن ميـخان ۾  آيو
شير آ شائق انور جو، صاحب لولاڪ سرور جو
جهين لئي ذڪر رحماني، ڏسو  فرقان  ۾ آيو

 

***

غزل ميان يارمحمد تخلص قانع

حال  هيڻو سندم خدا ڄاڻي،  ڪـين  دلدار  بيوفا  ڄـاڻي
هجر جـي گهاو وڌو  گهائي،  دوست هن درد جي دوا ڄـاڻي
سدا سفاڪ کان  ڊڄــو يارو،  خون عاشق سندو حِنا ڄاڻي
گل وگلزار تان کلن  اغـيار،  قدر بلبل جو زاغ ڇا ڄاڻي
خون خسته دلن سندو ساجن،  آب شيرين  ۽  صفا  ڄاڻي
نيم بسمل نمود عشقش او،  قتل عاشق سندو روا ڄـاڻي
موٽ پارس پنهل پياسي جا،  سور سرتي سنديم نه ڪا ڄاڻي
جي ڪڍئي ڏک فراق ۾ قانع،  سي سڀئي محب مہ لقا ڄاڻي

 

***

غزل ميان عبداللطيف جو، جواب طلب

شگوفي مان شگفتو ڏس ٿيو گل،  مٿان تنهن جي ڪري ٿو لوڏ سنبل
ٽـــڙي  لالان  وٺي  هٿ
 ۾  پـيالو،  نهاري نرگس  مخمور  بـي  مُل
هزارو  ياسمين  موتيو  ۽  مگرو،
 گلستان ۾ پيو  هٻڪار جو  هُل
گلن  جو  چهچٽو  آهي  چـمن  ۾،
 ثنا خواني ڪري  قمـري ۽ بلبل
چتون ڳيرا چون  تسبيح  سبحان،
 مدور  چونڪ ۾  چوگرد  غلغل
ڪرڻ گلگشت خوشتر ڪين ڀانيان،
 ڏسڻ گلرو وڻـي ٿو کان گلن ڪل
مشابه گرچه سُنبل زلف سان ڪــن،
 نه خم درخــم ڏٺو تن جعد ڪاڪل
چپن ڳاڙهـن اڳيان  لالان  لڄاري،
 هويدا  داغ  ڪارو  درد  جـو ڦل
ڪٿي نرگس انڌي ۽ چشم پرنور،
 ڪرڻ  تشبيہ  ۾  گهرجي  تامل
خزان  جو خـون  واري  نوبهاري،  مرڪ سان عاشقن  ســــتم تنافل
ڏسي بـيمار  جان  برلـب  مسيحا،  نه  شايان  چاره  سـازي  ۾ تعلل
خمار حـجر کان  سر  درد  حاصل،  سگهو ڪر جاءِ ۾ ساقي تسلسل
صراحي کان تضرع سِک ميان جـي،  رئي ٿي خون لڙهي ســـجدي ۾ قلقل
غمن جي بار کان خم پشت خاطر،  نٿو مون کان ٿئي
 صبر و تحمل
’لطيفا‘ مشـڪل آسان ڇونه ٿـيندو،  خدا تي جي رکين صدقان توڪل.

 

***

غزل ميان محمد يوسف تخلص مسڪين

جواب ۾ خيالي جي

اي  ادا  باد  ســحر،  ڪوڏي نــياپو  يار  جــو
مرحبا  فرخ  سـيرَ،  ڪوڏي  نـــياپو  يار  جو
ياد جن جي ۾ وڄن هر هر رڳون طنبور جان
تن ڪئي ٿي ڪا  پـچر، ڪوڏي نياپو يار جو
عندليبن ڪالـهه خوش الحان  سان  ٿي ٻوليو
سبز ٿيا سڀ دشت ودر، ڪوڏي نياپو يار جو
داودي زنبق ۽ موتـيي باغ ۾  ڪيو  چهچٽو
خوش درختن ڪيا عشر، ڪوڏي نياپو يار جو
دوش در هجران  جانان آه  چون ڪردم زِسوز
خام ٿيا لرزان جگر،  ڪوڏي  نياپو  يار  جو
آئيا ڏينهڙا بهاري،  چو سڄڻ  ايندا  ڪـڏهين
هاڻ مسڪين ڪر خبر، ڪوڏي نياپو يار جو.

 

***

غزل منشي رسول بخش تخلص ”رهي“

ناهه ڪو  ثاني مــٺي  منٺار  جو،  ناهه ڪو همـسفر  سچي سالار جو
خود  خدا  مادح  سندس قرآن ۾،  ڇا ڪندو ڪو وصف تنهن مخــتار جو
راز رب جي کان،  بنا  تو  سيدا،  ناهه ڪو واقف ڳجهي اسرار جو
يوسف مصري باين  حسن  ونوا،  آهـه  ٻانهــون  ســيد  الابرار  جــو
احد ۽ احمد ۾ ناهي فرق ڪجهه،  ميم  هڪ باعث ٿيو جنسار  جو
درد کان دانهون ڪيان ٿو دمبدم،  ڏي  ادا  قاصــد  نــــياپو  يار  جو
جان بلب آهي گناهن کون  رهــي،  ڪر شفاعت لڳ خدا بدڪار جو
شاعرن مان ڪو بي ڏي مونکي  جواب،  آنءُ ٿيندس گولو سندس  گفتار  جو.

 

***

غزل ’فصيح‘ جو

جواب ۾’رهي‘ جي

ڏي  صـــبا  آڻــي  سنيهو  يار  جو،  دوست دلبر دل گهرئي دلــدار  جو
ٿو وجهان فالون نهاريان چوطرف،  ڪو لنوي ڪانگل پرين جي پار جو
روز شب جيئن درد مان دانهون ڪريان،  تيئن مچي ٿو مچ اندر آزار جو
هوت لاءِ هر هر هنجون هاري ڪيُم،  وِرد  تجري  تحتها  الانهار  جــو
ڪا اٿو منهنجي مسيحا جي  خبر،  حال  ڪونهي بره جي بـيمار جو
جي اچي پيرا ڀري  پر تون  پُـڇي،  ٿئي اپر احسان هڪ هڪ وار جو

 

ٿي فنا في الله فرقت ۾ فـصيح
ناه ڪو واقف انهيءَ اسرار جو.

 

***

غزل ميان محمد اسلم علوي

هيڊ ماستر اسڪول بيچانجي

طالبن جـي  تن  جي آهي  تات  تاري  يار  سان
پل نه پاسي ٿيئن  حاضر  پرين جي  پيزار سان
طمع کي ڏي ترڪ دنيا سان نه رک دل جو خيال
سي نه لهندا لعل کي جي دل رکـن  دينـار  سان
غير غيرت ڪڍ ڪدورت صاف سالم ٿي سچو
تڏ ملين محبوب پنهنجي کي انهـيءَ آچـار سان
خوف  خاوند  جـو  رکڻ  سو  شيوهِ  اهل ِ دِلان
ريجهه رانول سان رلـــڻ ٻيو ڪم سندن ڪلتار سان
عاشقان هر لحظه گريند از براي وصـلِ  دوست
بس نه ڪن برسات کون سي چشم خون افشار سان
پڪ پيئڻ لئي اصل عاشق سر کنيو هٿ ۾ گهمن
سر جو سانگو نا رکن ســـي عشق جي اظهار سان
مــــست  مـتوالاٿين  جڏ  پائي  جهاتي  پاڻ  ٿو
جيئن ڪليم  الله بيخود  طور جي ديدار سان
خالقا  بر  درگهــت  اسلم  جـــي سڻ تون مدعا
وقت نزعم  بخش  ايمان را پنهنجي آڌار سان

 

***

آخوند محمد قاسم هالائي جو جواب گهرندڙ

ساهه ۾ سڪ سندي سکي سٽ ســــار،  پڙهه پروڙي وري ڪڏهن مَ وسار
ربــنا  نــــشڪــرڪ  لنـعمائـــڪ،  واٽ پنهنجي اتي وَهـنـيان مون وار
زدنـــي  الـــخير  فـــــــــي  عـــــــــواقـــبنا،  بعـــلــــــــــي  وسبــــطــہ  الاخـــــيار
بگزر از کوئي عفو وعذرم بــين،  هر خطائـي که  کرده  ام  بگذار
تاشــــود  مـــــاحــــــي  گـــــناهـــــــانـــم،  هر  سحر  توبه  بڪُنم  تڪـــــــــرار
همہ چيز اســـت زيــــــر فـــــرمــــانت،  نفـس ناقص هٿان گناهه مَ ڪار
بـــاز توبه اِهين مَ چئو بـــــس ڪــــــر،  تُــب  الــي  الله  عنہُ  بالاسحار
غـــــــــفر  الله  مـــــاجـــري  ذنـــبـــــڪه،  پر به  پــــــازي  ڌيــــــــــان  دل  ۾  ڌار

 

حرص دنيا سندو م ڪر قاسم

لم تکن عند وعِيَها  ڪا الفار

***

غزل سيد فاضل شاهه

جواب ۾ محمد قاسم جي

جو ڪيئي قول سو پيارل پار،  نيڻ نرمل کڻي نجيب نهار
يادگيري ڪنا نـه ڪــريان بـــس،  تاشوم زين شياع برخوردار
مِـن لِـقاءِ الحبيب ڪيف اشبع،  ڪيئن ديدار جي ڇڏيان درڪار
مصطـــفيٰ مجتــبيٰ و محــــمود،  الحـــمد  هُـوَ  وسيد  الابرار
هــــو محـــبوبــنا و محــــبوبــــڪ،  صاحب الحوض صاحب الابثار
خاتم الانبــــياءَ وخـــــيرُ رُســــل،  افـضل  الاولــياءِ  والاخــــيار
صلواتــي  علـيہ  في  الدارين،  منهن مهابي اُنِہ اسان ڏيکار
اذڪرونــي  بِذڪرڪ  الوافي،  في المسا والصباح والابڪار
آه مـــــون يـــادگار يــــــاري يـــار،  مهل ڪنهن وقت محب مون مَ وسار
حاجتي  فــي  لقائڪـــم  ابــدا،  لابمــثــــــقال  مال  والديـــنار

 

فرض فاضل مٿي سدا شب روز

اِســـتـــزار  الحبــيب   بالابصــار

***

غزل آخوند محمد قاسم هالائي جو جواب گهرندڙ

يا الاهي عـجيب  منهنجو آڻ،  ته ڪري  رات ڏينـهن روح رهاڻ
اِيئن نه آئين  عشق جـي آهي،  دوست ڌاران رکڻ ڪنهين جي ڪاڻ
حسن تنهنجي ڪيا همہ حيران،  محب مشفق مٺيون مرادون ماڻ
اي معلم مَ وڙهه کُٿابن سان،  تند ٿي تون ڳڀــور  طفل  مَ تاڻ
شد مد جزم پــيش  زير  زبر،  هينئن هنن کي هــجي رَو ڏُسِ هاڻ
جيڪڏهن نت جفا سوا جس ناهي،  ڳالهه ڳوڙهي چيم ڇنڊي ســا ڇاڻ
قرب سان هر ڪـــنــــهـــين ڪري قاسم،  ريجهه راحت رکـي مَ  رنج  رساڻ

 

***

غزل آخوند محمد قاسم هالائي جو، جواب گهرندڙ

محب، مشتاق کي وَسان مَ وِسار،  دوستي آن سندي اٿم درڪـار
يار جــي ياد کان ڪــيم توبـهه،  زين سخن باز گفتہ شد زنهار
مِن  ان  المـــستشار  مــوتمن،  په پهي پاڻ پُر پريان  جي  پار
مـــــڪي   مـــدني   حـــــجازي،  من لہ  الاسم  احـمد  المختار
من  يهاجر  اليٰ  سبــيل  الله،  نال حوزا خشي عن  الاحصار
والــي  الله  والــرسـول  مــعا،  ســـارعــوا  شاغـــلا  باستــغـفار
انا  ارجوڪ  يا  رسول  الله،  ڪڍ ٻڏل ٻاجهه سان منجهان تـک تار
ول  وجهڪ الي واشـفع  لي،  ليس  غيرڪ  لــنا  باستـــظهار
هيڪڙائي هوس رکـي  يارو،  منجهه ٻيائي مَ منهن وجهو ٻي پار
حيث تڪويٰ بها جباهُ اـلناس،  لَم  تڪونوا  مد  خر  الديــنار
قرب جي ڪرت ڪم ڪري قاسم،  فاعــرفـــوه  بــــــــذالـــڪ  الاثار.

 

***

غزل ميان محمد اسلم جو

جواب ۾ غزل قاضي قادر بخش جي

اي صبا ساري سڻائج تون  سنيهو کي پرين
عشق ۾ جن کي اڙايئي سور ويٺا سي سـهن
در الم عشقت دلم از هجر و دوري ســوخته
ازخدا خواهم کــه اکنون وصل جون واڳون ورن
مرسلن ۾ مرڪندڙ ۽  مشـتهر  موليٰ  ڪيو
اسم پاڪيزو پرين جو پرت مان احمد پـڙهن
از حلاوت هر دوگون اسمش بشيريني تراست
پر نينہ جو نالو وٺڻ ڪوڙين ڪچايون ٿيون لهن
مهر محبت مان مڪو مولـيٰ محمد کــي امين
جن هدايت آ الهه جي  محب کي ٿا سي مڃن
شيخ  شائـق  ۽  مشائخ   پير  ڪامل  ڪيترا
سڀ پيغمبر بادشاهه سي  پيروي پر جي هلن
خاتم الشعراء قادر بخش آهي  منجهه   جهان
غزل مان غلطين ڪڍڻ ۾ آفرين ان  کي ڏين
هـرک  عـقلش  در  زبان  پارسـي  نايد  مفيد
گو بفهم خودکشد جيڪي اتي سهوون هجن
اي ادا ڇڏ تون درازي قلم جي خامـوش  باش
سرت مان سوغات قادربخش ڏي مُنج از وطن
ماڙ مون مسڪين تي يا مصطفي ڪن از ڪرم
آه جو ٻانهو اوهان جو اسم اسلم تنهن  چون

***

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org