رستم جي جنگين ۽ بھادريءَ جي ڪمن جي ايران جي شاھن
جي تاريخ سان گھڻي نسبت آھي ۽ انھن جي ذڪر ڪرڻ لاءِ
اسان کي لاچار ٿيندو، جو لکون تھ توران، چين ۽
ھندستان ساڻ جي ويڙھيون شروع ٿيون، ۽ جي رستم جي
مرڻ کان پوءِ بھ پئي ھليون، تن جا ڪھڙا ڪھڙا سبب
ھئا. پر اسين ھتي رڳو پڙھندڙن جي مزي لاءِ ڪي مکيھ
ڳالھيون لکون ٿا.
ھنن ڏينھن ۾ رستم جو ڏوھٽو بيزن بھادريءَ ۽
جوانمرديءَ ڪري مشھور ٿيو. ھيءُ شڪار ڪندي ڪندي
ايران جي سرحد کان نڪري ويو. ھڪڙي ڏينھن اتفاق سان
سندس ٻيا سنگتي کانئس جدا ٿي پيا، رڳو ھڪڙو جنگي
بھادر ساڻس گڏ رھيو، جو کانئس عمر ۾ وڏو ھو، پر
حاسد ۽ دغاباز ماڻھو ھو. ھن ڀانئيو تھ ٺڳي ڪري
بيزن کي ناس ڪريان، ڇاڪاڻ جو ھونئن صفا بازي سونٽي
جي وڙھڻ ۾ ھن ساڻ پوري پئي نٿي سگھيو. دشمن جو ملڪ
ھو، تنھنڪري ڀانيائين تھ ھن کي ڪنھن اھڙي مشڪل ڪم
۾ وجھان، جو دشمن جي چنبي ۾ ڦاسي وڃي. گھڻو پنڌ
ڪري، ھرڻ ۽ سوئر جو شڪار ڪري، ھو اوچتو وڃي ھڪڙيءَ
ساوڪ واريءَ ماٿريءَ مان نڪتا، جتي ندي پئي وھي،
سھڻن سھڻن پکين، وڻن ۾ پئي ٻوليو، ۽ چوڌاري ميون
جا وڻ ترنج، ڏاڙھون، انجير، شفتالو وغيره ھئا، وچ
۾ زربفت جو تنبو کتو پيو ھو، جنھن مان جوان ۽
خوبصورت ڇوڪرين جو لشڪر نڪتو. انھن سڀني گڏجي گلن
جي وڻن ۾ راند پئي ڪئي.
اھو افراسياب جي ڌيءُ منيجه جو تنبو ھو. ھيءَ سھڻي
جوان زال ھئي، ۽ گلن جي عرق ڪڍائڻ لاءِ ھن بھشت جي
ٽڪر ۾ دل پرڀائڻ آئي ھئي. ھو ٻيئي جنگي بھادر پري
کان بيھي خوشيءَ ۽ تعجب سان تماشو ڏسڻ لڳا. اتي جي
رستم موجب بيزن ھنن کي اھل پردي جو ڄاڻي پٺتي
موٽيو. پر زالن ھنن کي اڳيئي ڏسي ورتو. بيزن کي بھ
سندس سنگتيءَ چيو تھ ”ڀڄين ڇو ٿو؟ بخت ٿو ڦٽئي،
وجھھ ھٿئون نھ وڃاءِ.“ ھو سياڻپ ۽ اڳ ڳڻتي ڦٽي ڪري،
ھٿيار ٻڌي، گھوڙي تي چڙھي، ٺاھھ ٺوھھ سان شھزاديءَ
منيجه جي تنبوءَ جي اڳيان آيو. سندس سنگتي بھ پڪو
ھو، سو پري وڃي بيھي رھيو، پر بيزن کي ھينئر ھن جو
سماءُ ئي ڪونھ ھو، ھو پنھنجيءَ ۾ پورو ھو. ايترو
ڪاھي اندر ويو، جو دربان روڪ ڪرڻ لڳس، شھزاديءَ کي
ھن جوان جي ايتريءَ ھمت تي اچرج لڳو، ۽ پڇيائين تھ
”ھن جو نالو ڇاھي، ۽ ھيءُ پاڻ ڪير آھي؟“ انھيءَ
لاءِ ھڪڙي ٻانھي ڏانھس ڏياري موڪليائين.
جڏھن ٻڌايائونس تھ ھي شاھي گھراڻي جو جوان آھي،
تڏھن شھزاديءَ کي ھن جي ڏسڻ جو اشتياق دل ۾ پيدا
ٿيو ۽ ھن جي جواني، سونھن ۽ کڙائي سندس دل ۾ چڀي
ويئي. ھيءُ ڪيترا ڏينھن تنبن ۾ رھيو پيو ھو، نيٺ
ٻنھي پاڻ ۾ شادي ڪئي. جڏھن سندن جدا ٿيڻ جو وقت
آيو، تڏھن منيجه ڏاڍا مٿا ھنيا تھ بيزن ھميشه مون
وٽ رھي، پر ھن رھڻ جي نھ پئي ڪئي. نيٺ رٿ ڪري ھن
کي ڪا ننڊ جي دوا کارايائون، جنھنڪري ھو اصلي سمھي
پيو. پوءِ ھن کي زنانا ڪپڙا ڍڪائي، پنھنجي ڏوليءَ
۾ کڻائي گھر آئي، جتي ھنن ڪيترائي ڏينھن محبت جي
مستيءَ ۾ موجون پئي ماڻيون. پر سگھو ئي بيزن کي
سمجھھ آئي، ۽ ڄاتائين تھ ھن بيوقوفيءَ جي ھلت جي
ضرور آئون سزا پائيندس، تنھن کان ڀڄي نڪرجي، تھ
چڱو. پر ھن جي ڍرائيءَ ٻوٽو ڪونھ ٻاريو. ٻانھين
ڀانئيو تھ اسان کي بادشاھھ وڌيڪ مان ۽ انعام ڏيندو،
تنھنڪري وڃي ٻڌايائونس تھ بيزن اندر محلات ۾ ويٺو
آھي.
افراسياب اچي ڪاوڙيو. بيزن کي زنجير پيرن ۾ وجھي،
۽ لوھھ جو طوق ڳچيءَ م پائي، جبل ۾ ھڪڙو اونھون
کوھھ ھو، تنھن ۾ کڻي قيد ڪيائين ۽ کوھھ جي منھن تي
وڏي ڳري ڇِپ رکائي ڇڏيائين. رڳو ايتري وٿي خالي
ڇڏيائين، جنھن مان ھٿ لنگھائي کاڌو پيتو ڏينس. اھو
ھٿ شھزاديءَ منيجه جو ھوندو ھو. ھن ويچاريءَ جي
شاھي عزت آبرو کسي ورتائون، ۽ فقيرن وانگي ڦاٽا
ٽٽا ڪپڙا وڃي رھيس، جن سان لاچار ٿيس، جو پنھنجي
بکيي پيٽ لاءِ، خواھھ مڙس جي لاءِ ٽڪر پني گڏ ڪري.
بادشاھھ حڪم ڏيئي ڇڏيو ھو تھ ھنن کي جون جي مانيءَ
کان سواءِ ٻيو ڪي ڪين ملي، ڀلي تھ ائين بک جي وگھي
مري وڃن. سڄو ڏينھن منيجه کوھھ جي منھن وٽ ويھندي
ھئي، ۽ پنھنجي ۽ مڙس جي ڪمبختيءَ تي افسوس ڪندي
ھئي، ۽ مٿا ھڻي اونداھيءَ ۾ انھيءَ ٽنگ مان ھن کي
ڏسندي ھئي، پر جڏھن بيزن جي پيءُ گيو بھادر ڏٺو تھ
منھنجو پٽ پنھنجن سنگتين سان گڏ شڪار تان موٽي نھ
آيو تڏھن اچي سک ڦٽس، ۽ ھنن کان پڇيائين تھ بيزن
ڪٿي آھي؟ پر ڪنھن کان پٽ جو پتو ڪونھ پيس. ھن موبد
۽ جادوگر ۽ نجومي آڻي گڏ ڪيا، فالون ۽ ڍارا
وجھارايائين. ھنن مصيبت جي خبر ڏنيس، پر ذري پرزي
جو سماءُ ڏيئي نھ سگھيس. نيٺ ھڪڙو ديو جادوءَ جي
آرسي کڻي اوچتو اتي آيو. انھيءَ آرسيءَ ۾، جنھن کي
ڳولڻو ھجي، انھيءَ جي شڪل ڏسڻ ۾ اچي سگھي ٿي. گيو
سڳڻ ساٺ ڪري آرسيءَ ۾ نھاريو، ۽ بيزن کي پھڻ جي
کوھھ جي تري ۾ ويٺل ڏٺائين. پر انھيءَ کان وڌيڪ
جادوءَ جي وسيلي سان ھن کي سماءُ پئجي ڪونھ سگھيو،
اھا خبر ڪانھ پيس تھ ڪھڙي ملڪ ۾ ھيءُ ھھڙي عذاب ۾
پيو مري.
رستم ۽ گيو گڏجي بيزن کي ڳولڻ ھليا. ھو سڀ شڪار
گاھون گھمندا گھمندا ايران جي سرحد تي آيا. پوءِ
سوداگرن جو ويس ڪري قافلو ٺاھي، شھرن مان واپار
ڪندا، ۽ خبرچار وٺڻ لاءِ بازارون ڏسندا ۽ سرائن ۾
رھندا ويا. پڪ ھين تھ ھھڙي ظلم جي قيد جي خبر ڳجھي
ڪين رھندي. نيٺ گھڻا ڪشالا ڪاٽي، توران جي انھيءَ
شھر ۾ اچتي پھتا، جتي ويچاري منيجه ڏھاڙي ٽڪر پئي
پنيا. رستم ھن جو سڄو ڏک وارو احوال بازار ۾
واپارين کان ٻڌو ھو، ۽ خيرات ڏيڻ جي بھاني ھن جي
ھٿ ۾ کڻي منڊي اڇلايائين، جا يقين ھئس تھ بيزن
سڃاڻندو. پوءِ پاسو ڪري ويو ھليو، تھ متان ڪنھن کي
شڪ پوي.
رات پيئي رستم ۽ گيو ماٺ ڪري شھر جي گھٽين مان
لنگھي انھيءَ کوھھ وٽ آيا پر اتي وري ٻي مشڪلات
درپيش آين. نگھبانن کان ڪھڙيءَ طرح لڪي وڃن؟ ۽
ڪھڙيءَ طرح کوھھ جي منھن تان ھيڏي ساري ڇپ پاسي
ڪن؟ پوءِ ڪنھن اٽڪل سان کوھھ وٽ پھچي، ھي زور
لڳائي بيھي رھيا. پر ان ڇپ کي چوري نھ سگھيا. ڪل
کان سواءِ ھيءَ پربت چرڻ جي نھ ھئي. ھي ڏاڍا
نااميد ٿيا، ڄاتائون تھ جي سپاھين کي کڻڪ پئجي
ويئي، تھ اسان کي جھلي ڏاڍن عذابن جي منھن ۾
ڏيندا. رستم خدا تعاليٰ جي مدد گھري، وري وڃي ڇپ
تي زور لائڻ بيٺو، ۽ خدا جي قدرت سان پھڻ چريو.
بيزن کي بند مان ڪڍي زال سوڌو شھر جي سراءِ ۾ وٺي
ويا. ھي ذرو بھ ڪين ترسيا، راتو واھھ اٿي ھليا، تھ
متان پرھھ ڦٽيءَ جو ڪو ماڻھو ڏسين، پر خدا ھنن جو
پردو رکيو، ۽ اچي سرحد کي پھتا اتي ذرو آرام
ورتائون ۽ خدا جي شڪر گذاري ڪيائون. ھوڏانھن قيدين
جي ڀڄي وڃڻ جي ڳالھھ ڦاٽي. افراسياب ويرم ۾ لشڪر
گڏ ڪري نڪتو. ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ ڏاڍي جنگ لڳي.
رستم ۽ گيو ۽ بيزن ٽيئي ڄڻا افراسياب جي محلات تي
حملو ڪري آيا. افراسياب ڪنھن ڳجھي رستي کان ٻاھر
نڪري ويو، ۽ وري لشڪر سان چڙھي آيو. رستم وري بھ
فتحياب ٿيو، ۽ افراسياب کي تابع ڪري زابلستان ڏي
موٽي آيو.
جڏھن افراسياب ڏٺو تھ آئون زور سان وير وٺي ڪين
سگھندس. تڏھن ٺڳي ڪرڻ جي تجويز ڪيائين، جنھن جي
وسيلي دغا ڪري رستم کي چٽ ڪري ڇڏي. رستم ويچارو تھ
ايماندار ۽ صاف نيت وارو ھو، تنھن کي انھيءَ
منصوبي جو شڪ ئي ڪونھ ھو، تھ جن سندس دوست ٿي
چوايو سي مٺگھرا ٿيندس. پر ھن انھيءَ سچائيءَ ڪري
پنھنجي جان برباد ڪئي.
رستم جي پيءُ زالزر کي ٻانھيءَ مان شغاد نالي ھڪڙو
وڏو پٽ ھو. ٿوري وقت کان پوءِ. ھن جي طبيعت خراب
ٿي ۽ ھن جو رستم سان وير پيو، تنھنڪري پڻس کيس ڪڍي
ڇڏيو ھو. ھن کي ڪابل جي بادشاھھ ڏانھن ڏياري
موڪليائين جنھن ھن کي پٽ ڪري پاليو ھو، ۽ پنھنجي
ڌيءُ پرڻايس. پر جيتوڻيڪ شغاد ڪابل ۾ سکيو پئي
گذاريو، تڏھن بھ دل مان رستم جو وير نھ ويو ھئس.
ڪابل جي بادشاھھ کي دل ۾ ھو تھ سال بسال ايران جي
ڍل پيو ڀريان، تنھن کان ڇٽان، سو پاڻ شغاد جي
منصوبي ۾ شريڪ ٿيو.
پاڻ ۾ رٿون رٿي، شغاد ڍونگ ڪري ڪابل مان ڀڳو، ۽
اچي زالزر کي چيائين تھ ”ڪابل جو بادشاھھ مون کي
ڏجھا ٿو ڏئي، تنھن کان ڀڳو آھيان، تھ اچي تنھنجي
مدد وٺان، آخر آئون تنھنجو پٽ آھيان، تنھن جي ننگ
تي مون کي واھر ڏي.“ ھن ڪوڙ ڪري رستم جي تعريف
ڪئي، ۽ گھڻو پيار ڏيکاريائينس، ۽ مدد لاءِ سنبري
آيو: ھي ٻيئي ڪابل جي بادشاھھ سان جنگ ڪرڻ ھليا ۽
رستم انجام ڪيو تھ ڀاءُ کي ڪابل جي تخت تي
ويھاريندس. پر شغاد کي رستم جي مھربانيءَ جو قدر
ڪونھ ھو، تنھن رستي تي وڏيون کڏون کڻي کوٽايون، ۽
انھن جي پاسن ۽ تري ۾ نيزا ۽ تراريون اڀيون کوڙائي
ڇڏيائين، ۽ متان وري اھي کڏون گاھھ سان ڍڪي لڪائي
ڇڏيائين. جنھن وقت ڪابل جو بادشاھھ لشڪر وٺي اچي
سامھون بيٺو، تنھن وقت شغاد جي چورت تي رستم
پنھنجا سردار پاڻ سان کڻي، ڪاوڙ ۾ اڳتي ڪاھيو، تھ
اوچتو کڏ۾ ڪري پيو. گھوڙن جون ٽنگون ڀڄي پيئون ۽
ھو لڇڻ لڳا، ۽ سوار ھڪٻئي مٿان ڪري پيا، ۽ نيزا
پار لنگھي پين. رستم جوگھوڙو ٽپو ڏيئي پھرينءَ کڏ
جي ڪنڌيءَ تي وڃي بيٺو، پر وري ٻيءَ ۾ ڪري پيو.
انھيءَ طرح ھو سوار سوڌو ست ڀيرا ڪريو، ۽ سڀ ڪنھن
ڀيري نڪري پئي آيو، پر نيٺ زخمي ٿي، رت وھائي مري
ويو. رستم بھ ڦٽن ۾ پئي چڙيو، ۽ منھن مٿي کڻي
ڏٺائين تھ ھيءَ ڪنھن جي ٺڳي آھي. پوءِ ڪمان ڪشي
زور مان ھڪڙو تير ھنيائين، جو شغاد جي ھيانءَ
منجھان لنگھي ويو. شغاد اتي جو اتي مري ويو. ٿوري
دير کان پوءِ رستم خدا کي ياد ڪندي دم ڏنو.
انھيءَ طرح ايران جو وڏو پھلوان پنھنجا ڏينھن
گذاري ويو. ھن جون ڪيتريون ئي عجيب ۽ حيرت جھڙيون
ڳالھيون آھن، جن جو اسان بيان نھ ڏنو آھي.
”شاھنامي.“ جھڙي وڏي ڪتاب جو شاھي مضمون اسين
ڪھڙيءَ طرح مختصر ۽ سادن لفظن ۾ ڏيئي سگھنداسين!
تنھنڪري جيڪي مٿي ڏنو اٿئون، تنھن تي پڙھندڙ راضي
رھندا.
*** |