انھن ڏينھن ۾ ايرانين ۽ تورانين جي وچ ۾ ڏاڍي جنگ
ٿي. ايران جي سردارن گڏجي زابلستان ڏي ماڻھو
موڪليا تھ زالزر کي مدد ڏيڻ لاءِ عرض ڪن. رستم تھ
جنگ ڪرڻ لاءِ ڏاڍو شوقي ھو، تنھن پيءُ کي چيو تھ ”
ان کي ھڪڙو جنگي گھوڙو ۽ ھٿيار ڏي تھ آئون بھ وڙھڻ
وڃان.“ پڻس چيو تھ ”ابا، اڃا تون ھھڙين جنگين ۾
وڙھڻ جيڏو نھ ٿيو آھي. تنھنجي ھينئر خوشين ڪرڻ،
شراب پيئڻ ۽ راڳ ٻڌڻ جي وھي آھي. تو اڃا ھاڻ
پنھنجي ماءُ جي ھنج ڇڏي آھي، سو توکي ڪيئن ھينئر
آئون توران جي زبردست بادشاھھ، افراسياب سان وڙھڻ
لاءِ موڪليان؟ نھ نھ، تون اڃا ٻار آھين، ۽ اھڙن
وڏن پسارن ۾ ھٿ وجھڻ جھڙو نھ ٿيو آھن.“ رستم ورندي
ڏني تھ ”بابا سائين، مون کي مجلس ۽ تماشان مان
ڪائي خوشي حاصل نٿي ٿئي، مون کي وڙھڻ کان سواءِ
آرام نٿو اچي. جي ڪا اھڙي وڏي جنگ درپيش آئي تھ
خدا مون کي ان ۾ مدد ڪندو، ۽ فتح ڏيندو. آئون
پنھنجو گرز ساڻ کڻندس، ۽ ميدان ۾ جنگي گھوڙي تي
باھھ جي شعلي وانگر وڙھندس، ۽ جڏھن پنھنجو نيزو
چمڪائيندس، تڏھن زمين تي دشمنن جي رت جو درياءُ
وھائي ڇڏيندس. پر جنگ جي لاءِ مون کي اھو گھوڙو
گھرجي، جنھن کي رڳو آئون ڪمان جي زھھ سان جھلي
بيھاري سگھان. اھڙو گھوڙو ھجي، جو منھنجي ڳري بدن
کي، منھنجي ڳري گرز کي، منھنجي ڳري دٻدٻي ۽ تجمل
کي کڻي سگھي!“
رستم جون ھي ڳالھيون ٻڌي پڻس ڏاڍو خوش ٿيو ۽
دعائون ڪرڻ لڳس. زالزر حڪم ڏنو تھ سڀ رنگ جا
جھنگلي گھوڙا آڻي سندس اڳيان گڏ ڪريو، پر جنھن
گھوڙي کي رستم ھٿ ٿي وڌو ۽ مٿس چڙھڻ جي ٿي ڪيائين،
سو ويھي ٿي رھيو. نيٺ ھڪڙي نيري رنگ جي شوخ گھوڙي
اڳيانس اچي لنگھي، ۽ ھڪڙو وڏو ۽ ڳرو وڇيرو بھ
پٺيان ھئس. ھن جي پٺي ۽ ڇاتي ماءُ جھڙي مضبوط ھئي،
پڇ مٿي کنيل ھئس، سنب رڪ جھڙا سخت ھئس ۽ بت تي
باھھ جي رنگ جا دٻڪ دٻڪ ھئس، ھي گھوڙو مضبوطيءَ ۾
ھاٿيءَ جھڙو ھو، زور ۾ شينھن جھڙو ھو ۽ قد اٺ جيڏو
ھو. جڏھن رستم جي نظر گھوڙيءَ ۽ سندس وڇيري تي
پئي، تڏھن ڪمان جي زھھ کي ڳنڍ ڏيئي ڀانيائين تھ
وڇيري کي گلي کان ٻاھر ڪڍان، پر گھوڙي واري چيس تھ
”اي بھادر مڙس، انھيءَ گھوڙي کي وٺڻ جي ڪوشش نھ
ڪر، انھيءَ جو رخش نالو آھي. اھو اھڙو تيز آھي
جھڙي باھھ. جي ماڻس اھو زھھ جو ڪمند ڏسندي، تھ
پنھنجي ٻچي کي بچائڻ لاءِ توتي شينھڻ وانگر چڙھي
ايندي، تنھنڪري سياڻو ٿيءُ انھيءَ آفت جي حرڪت نھ
ڪر، نھ تھ چِڙيي کان پوءِ ھوءَ شينھن جي دل ۽ چيتي
جي کل بھ ڦاڙي ڇڏيندي.“
جڏھن رستم ھيءُ دڙڪو ٻڌو، تڏھن زھھ جي سرڪڻ ڦاسي
جوڙي وڇيري جي مٿي ۾ اڇلائي وڌائين. انھيءَ دم
ماڻس مست ھاٿيءَ وانگي مٿس ڪاھي آئي ۽ ڏندن سان
ٻچي جي سسي ڇڏائڻ لڳي. پر رستم شينھن واري گوڙ
ڪئي. گھوڙي سندس آواز کان ڊڄي وڃي پري بيھي رھي.
رستم اتي بيھي، ٻانھن ڊگھي ڪري، وڇيري جي پٺيءَ تي
ھٿ رکي، زور ڏيڻ لڳو. رخش چريو بھ ڪين، ۽ انھيءَ
زور جي لکائي ڪانھ پيس. رستم رڙ ڪري چيو تھ
”منھنجي ويھڻ جي جاءِ اجھا ھيءَ آھي. ھاڻي آئون
پھلوانيءَ جا ڪم ڪري سگھندس.“ ھينئر چئي ھوا وانگي
ٽپو ڏيئي، رخش جي پٺ تي چڙھي ويٺو، ۽ گھوڙي اٿي
کنيس، ھرڻ وانگي ڇالون ڏيندو ويو، وات گجيءَ سان
کڻي ڀريائين. زالزر ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پدري محبت جي
ڪري خزاني جا در کڻي کولايائين ۽ سون رپو خيرات
ڏنائين.
زالزر سڀني اميرن ۽ سردارن کي گڏ ڪري ھينئن چيو تھ
”صاحبو، پاڻ وٽ لشڪر جي ڪمي ڪانھي، مگر بادشاھھ جي
مرڻ کان پوءِ پاڻ سڀ نڌڻڪا ٿي پيا آھيون، ۽ ڪوئي
مھندار ڪونھ اٿئون. اسان کي گھرجي تھ ڪيانين جي
گھراڻي مان ڪنھن ھڪڙي کي چونڊي تخت تي ويھاريون، ۽
سڀئي انھيءَ جي تابعداري ڪريون. مون کي نجومين کان
معلوم ٿيو آھي تھ فريدون جي اولاد مان ھڪڙو شھزادو
ڪيقباد نالي آھي، جو چڱي آداب ۽ اخلاق وارو، گھڻي
عدل ۽ انصاف وارو آھي، ۽ البرز جبل تي گوشھ نشين
ٿي رھي ٿو. آئون رستم کي موڪليندس تھ وڃي انھيءَ
کي ڳولي وٺي اچي تھ سندس مٿي تي ھيءُ فيروزيءَ جو
شاھي ڇٽ رکون.“ پوءِ ھن رستم کي انھيءَ بابت چڱيءَ
طرح سمجھايو. رستم ترسيو بھ ڪين، جھٽ ۾ رخش تي
چڙھي تورانين جي شھر منجھان سفر ڪندو ھليو ويو.
رستي ۾ دشمن سان ڪيتريون ئي جنگيون ڪرڻيون پيس، جن
۾ ھو فتحياب ٿيو. نيٺ البرز جبل کي اچي ويجھو ٿيو.
پري کان وڏي محلات ڏسڻ ۾ آيس، جنھن جي چوڌاري سھڻا
وڻ لڳا پيا ھئا، پاڻيءَ جون نھرون پئي وھيون.
پاڻيءَ جي ويجھو ھڪڙي وڏي مسند وڇائي پئي ھئي.
تنھن تي وڻن جي ڇانو ۾ ھڪڙو سھڻو جوان ويٺو ھو.
اھا جاءِ بھشت جھڙي ڏسڻ ۾ پئي آئي ۽ منجھانئس
خوشبوئن جا ھٻڪار پئي آيا.
انھيءَ شھزادي جي آسپاس وڏا وڏا امير ويٺا ھئا.
انھن جڏھن پري کان رستم کي ڏٺو، تڏھن اڳڀرو وڃي
آڌر ڀاءُ ڪيائون، ۽ کيس مھمانيءَ جي دعوت ڏنائون.
پر رستم چين تھ ”ڀائرو، مون کي ھتي رھڻو نھ آھي،
مون کي وڏو ڪم درپيش آھي، ۽ اڃا ڪيترو پري پنڌ
ڪرڻو پيو اٿم. ايران جون حدون دشمن سان ڀريون پيون
آھن، سڀ ڪنھن گھر ۾ ماتم متو پيو آھي ۽ ايران جو
تخت خالي پيو آھي، جيستائين منھنجو ڪم پورو نھ
ٿيندو، تيستائين مون کي کائڻ پيئڻ حرام آھي.“
اميرن ورندي ڏني تھ ”جيڪي تون البرز جبل کي ڳولين
ٿو، تنھن جو اسان کي پڻ سماءُ ڏي تھ اسين پاڻھي
توکي مطلب جي جاءِ تي وٺي ھلون، ۽ انھيءَ وچ ۾
پنھنجي دوستي ۽ آشنائي بھ وڌندي.“
رستم صاف چئي ٻڌاين تھ ”آئون شھزادي ڪيقباد جي
ڳولا ۾ آيو آھيان.“ اميرن مرڪيو، ۽ انجام ڪيائون
تھ ”اسين سگھو ئي توکي انھيءَ وٽ وٺي ھلنداسون.“
پوءِ ھو سڀئي پاڻيءَ جي ڪناري تي وڻن جي ڇانو ھيٺ
ھلي ويٺا. جيڪو جوان تخت تي ويٺو ھو، تنھن رستم کي
ٻانھن کان وٺي شراب جا جام ڀري پئي ڏنا، پاڻ بھ سڀ
پيئڻ لڳا. جڏھن رستم پنھنجو سڄو مطلب بيان ڪري
ٻڌايو، تڏھن ھن جوان مرڪي چيو تھ ”اي پھلوان، اھو
ڪيقباد آئون آھيان، ۽ پنھنجن بزرگن جي نالن جو خوب
واقف آھيان. مون ھڪڙو خواب لڌو ھو، جنھن ۾ ڏسان ٿو
تھ ”ٻھ سفيد باز ھڪڙو چمڪندڙ ڇٽ پنھنجن چنبن ۾
جھليو مون ڏانھن اڏامندا اچن. سو ھاڻي اھو باز
ھڪڙو تون پاڻ آھين، جو ايران جي تخت جو پيغام وٺي
آيو آھين.“
رستم چيو تھ ”تڏھن ھاڻي ھلو تھ ھلون، ذرو بھ ھتي
نھ ترسون ۽ جي جنگي بھادر اسان لاءِ منتظر ويٺا
آھن، تن کي ھلي ملون.“ انھيءَ ساعت گھوڙن تي ھنا
پيا، سوار ٿيا. اٿي ھليا، ۽ رات ڏينھن پئي پنڌ
ڪيائون. رستي ۾ ڪي توراني ملين، جن کي سندن
بادشاھھ افراسياب ھنن سان روڪ ڪري وڙھڻ لاءِ
موڪليو ھو. ڪيقباد وڙھڻ تي ھو، پر رستم جھليس تھ
”اھڙي جنگ تنھنجي لائق نھ آھي. مون کي رڳو پنھنجي
ھمٿ، ۽ پنھنجو گرز درڪار آھي، ۽ خدا تعاليٰ نگھبان
ھجي تھ پوءِ مون کي ڪنھن جي پرواھھ نھ آھي.“ ھيئن
چئي رخش کي ڪڏائي، سڄي – کٻي اھڙا ڌڪ وڄايائين، جو
جيڪي جنگي بھادر سامھون پئي آيس، تن کي ڊڙيو ٿي
رکيائين. جڏھن غنيم جي لشڪر جي سردار ڏٺو تھ
منھنجا سنگتي سڀئي مارجي ويا، تڏھن صف ڇڏي پاڻ
تنھا وڙھڻ لڳو. رستم ڌڪ ھڻي ھٿ ڪپي وڌس، زين تان
ڪيرائي ڀالو لنگھائي ڏنائينس، جيئن پکيءَ کي سيخ
تي چاڙھبو آھي. جڏھن لشڪر ڏٺو تھ اسان جو سردار
مارجي ويو، تڏھن سڀ اٿي ڀڳا. ھي ايراني سردار نيٺ
ھلي ھلي، زالزر جي منزل تي اچي پھتو. زالزر ھنن جو
گھڻو آدرڀاءُ ڪيو، گھڻو مان ڏنائينس، ۽ فيروزي جو
ڇٽ کڻي ڪيقباد جي مٿي تي رکيائين ۽ اٺ ڏينھن
مھمانيءَ جون مانيون ۽ تماشا ۽ مجلسون پئي ٿيون.
انھيءَ طرح جڏھن ڪيقباد بادشاھھ ٿيو، تڏھن
افراسياب جي لشڪر سان وڙھڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو.
پھريائين پنھنجو لشڪر وڃي چڪاسيائين. رستم زرھھ
ڍڪي، گھوڙي تي چڙھي، ديو وانگي لشڪر جي اڳيان اٿي
ھليو، ۽ پٺيان ٻيا ڪيترائي سردار لڳي ھليا. تن جي
پٺيانس وري ڪيقباد ۽ زالزر پئي آيا. سڀني جي اڳيان
اڳوڻيءَ رسم موجب گاوي لوھار جو جھنڊو کنيو پئي
ويا، جنھن ۾ طرحين طرحين جا جواھر لڳل ھئا، جن جو
ڳاڙھو، پيلو ۽ کھنبو پرتو پئي پيو. گھوڙن جي لتڙ
کان زمين جو اھڙو حال ھو، جھڙو سمنڊ جي لھرين تي
جھاز جو. سپرون سپرن تي رکيون ھيون، جبل ۽ ميدان
ڍڪجي ويا ھئا، ۽ رپي جي يڪيءَ چادر وانگي ڏسڻ ۾
آيا، ۽ تراريون باھھ جي شعلن وانگي پئي چمڪيون. سج
جي روشنائيءَ ڪري آسپاس جو اھڙو ڏيک ھو، جھڙو ڪنھن
سمنڊ تي ھزارين ۽ لکين ڏيا ٻاري کڻي ڇڏجن. جڏھن
ٻيئي فوجون اچي پاڻ ۾ گڏيون، تڏھن خبر ڪانھ ٿي
پيئي تھ لشڪر ڪٿي وڃي بس ٿيو آھي.
رستم وڙھڻ جو گھڻو خواھشمند ھو، تنھنڪري پيءُ کي
چيائين تھ ”مون کي ڏيکار تھ افراسياب بادشاھھ جو
جھنڊو ڪٿي آھي تھ وڃي ساڻس وڙھان. زالزر کي پنھنجي
پٽ جو خوف ٿيو، ۽ چيائينس تھ ”افراسياب ازدھا جھڙو
مڙس آھي، ۽ ڪاوڙ اھڙي اٿس، جھڙي وڄ، جا اوسي پاسي
جا وڻ ٽڻ ساڙي ڇڏي. ھن جو جھنڊو بھ ڪارو آھي، ۽
زرھھ بھ ڪاري آھي. ٽوپي ۽ دستانا لوھھ جا اٿس، ۽
ٽوپيءَ ۾ سون جو گھڻو ڪم آھي، ۽ ڪارن کنڀن جو موڙ
لڳو پيو آھيس.“
رستم ورندي ڏني تھ ”بابا، منھنجو فڪر نھ ڪر، خدا
تعاليٰ منھنجي طرف آھي.“ ائين چئي، پنھنجي گھوڙي
تي ٽپ ڏيئي، چڙھي پيو ۽ ھن کي اھڙو ٽپايائين جو
سنبن جي آوازن جا ڳچ پنڌ تي پڙھاءُ پئي پيا. رستم
جنگ جو نعرو ھڻي، وڃي ڪٽڪ جي اڳيان بيٺو. افراسياب
کي ھن جي جوان شڪل ڏسي گھڻو عجب لڳو، ۽ سندس نالو
پڇيائين. نوڪرن چيس تھ ”ھي زالزر جو پٽ آھي، ۽
بھادريءَ ڪري پنھنجو نالو ڪڍيو اٿس.“ افراسياب
بيفڪرو مٿس ڪاھي ھليو، پر رستم لحظي ۾ پنھنجو گرز
ڪڍي ھٿ ۾ ڪيو، ۽ افراسياب کي ڪمربند ۾ ھٿ وجھي،
زين تان کڻي مٿي ڪيائين، پر ڪمربند مضبوط چم جو نھ
ھو، تنھن ڪري ڇڄي پيو، ۽ افراسياب زمين تي ڪري
پيو. سندس سردار انھيءَ دم چوڌاري ڦري آيا، ھڪڙي
تکي گھوڙي تي کڻي چاڙھيائونس ۽ ھو پنھنجو لشڪر
نڌڻڪو ڇڏي اٿي ڀڳو.
ايراني، سمنڊ وانگي پلٽجي پيا ۽ تورانين کي ڀڄائي
ڪڍيائون. افراسياب شڪست کائي پيءُ وٽ آيو. صلح ڪرڻ
جي صلاح ڏنائينس، ڇاڪاڻ جو رستم سان ڪنھن جي دل
نٿي ڳري. چيائينس تھ ”بابا، اوھان کي خبر آھي تھ
منھنجو ٻانھون سگھھ واريون آھن. منھنجي دل ھمٿ
واري آھي، ۽ آئون پاڻ جنگي بھادر مڙس آھيان، پر ھن
جي ھٿ ۾ آئون مک کان وڌيڪ ڳرو ڪين ھئس. ھو لغام
کنيو گھوڙي جي گردن تي ڇڏي، ٽڪرن ۽ لھرن منجھان
پار لنگھيو وڃي. جبل ۽ نديون تھ ھن کي رستي ۾ ڪنھن
بھ طرح جي روڪ نھ ٿيون ڪن. اوھان کي خبر آھي تھ
مون کي سڄي جھان تي حڪم ھلائڻ جي طمع آھي، پر ھن
جي اڳيان ڪجھھ بھ نھ ھئس. منھنجي صلاح مڃ ۽ صلح جو
ڪو بندوبست ڪر.“ بادشاھھ ڳوڙھا ڳاڙڻ لڳو ۽
افراسياب جي ڳالھين تي گھڻو اچرج لڳس. آخر ھڪڙو
سياڻو ماڻھو چونڊي ڪڍيائين، تنھن کي سون جي اکرن
سان ۽ رنگ برنگن جي گلڪاريءَ سان خط لکائي ڏيئي
ڪيقباد ڏانھن موڪليائين. ڪيقباد رحمدل ۽ انصاف
وارو ھو، تنھن صلح جا شرط قبول ڪيا، پر سندس جنگي
بھادرن کي وڙھڻ جو ڏاڍو خيال ھو ۽ ڀانيائون تھ
اصلي دشمنن جي پاڙ پٽي ڪڍون. ڪيقباد چين تھ ”ھاٿي
مک سان ڪين وڙھندو آھي ھنن سان ھينئر وڙھڻ انصاف
جي رستي کان بعيد آھي، نھ تھ خدا تعاليٰ وري اسان
تي ڪا آفت آڻي وجھندو، تنھن ڪري اھڙو ڪم نھ ڪريون،
جنھن ڪري ھو اسان کي پنھنجي پناھھ مان ڪڍي ڇڏي.“
انھيءَ طرح رستم جي پھلوانيءَ ڪري جنگ پوري ٿي.
بادشاھھ پنھنجي پايھءِ تخت ۾ موٽي آيو، تڏھن زالزر
۽ سندس پٽ کي ڏاڍا انعام اڪرام ڏنائين. پنجن ھاٿين
تي سون ۽ فيروزيءَ سان جڙيل ھودا کڻي رکيائين.
انھن ھودن ۾ جواھرن سان جڙيل ھٿيار وجھارايائين، ۽
ھيئن لکي ھنن ڏي موڪليائين تھ ”جي منھنجي وس ۾ ھجي
تھ ھن کان بھ وڌيڪ انعام اوھان کي ڏيان، پر جي
منھنجيءَ حياتيءَ بقا ڪيو تھ اوھان جا سڀ مطلب ھن
دنيا ۾ پورا ڪندس.“
جڏھن ڪيقباد پنھنجي ملڪ کي صلح ۾ آندو، تڏھن ڏھھ
ورھيھ سڄيءَ بادشاھت ۾ گشت ڪيائين، جتي ڪٿي رحم ۽
انصاف ڏيکاريائين، ۽ اھو اشتھار ڪرايائين تھ ”جي
ڪو غريب ۽ مسڪين ھجي تھ منھنجو مال سندس ملڪيت
آھي، ۽ اھا انھن جي ملڪيت آھي جي منھنجي پناھھ ھيٺ
آھن.“ نيٺ جڏھن ڏٺائين تھ منھنجا ڏينھن اچي پورا
ٿيا آھن، تڏھن پنھنجي پٽ ڪائوس کي پاڻ وٽ ويھاري،
ساڻس انصاف ۽ سخا جون ڳالھيون ڪيائين. چيائين تھ
”جي ماڻھو ھن جھان جي حياتيءَ کي گھڻو گھرن ٿا، سي
بيعقل آھن، آئون بھ ھيءُ تخت تجمل ائين ٿو ڇڏيان،
جيئن پھريائين البرز جبل کان اچي پنھنجي ھٿ ڪيم.
جيڪڏھن تون انصاف وارو ماڻھو آھين، ۽ ارادو صاف
اٿئي، نيت چڱي اٿئي تھ آخرت ۾ بيشڪ ان جو اجر ۽
انعام ملندءِ. پر جي نفس ۽ بد طبيعت کي پاڻ تي
غالب ٿيڻ ڏيندين، ۽ پنھنجي ترار ظلم ڪري کپ ڪان
ڪڍندين تھ توکي حياتي دوزخ جي باھ وانگي تپي
ايندي، ۽ تنھنجي دل پشيمان ۽ ملول ٿيندي.“ سگھو ئي
بادشاھھ محلات ڇڏي وڃي قبر ۾ ستو.
جڏھن ڪائوس پيءُ جي تخت تي ويٺو ۽ قسمين قسمين جا
شاھي خزانا مليس، ۽ سڄو جھان پنھنجي تابع ۽
فرمانبردار ڏٺائين، تڏھن غرور کان انصاف ۽ عقل
ڇڏائي ويس. ھو پنھنجي پيءُ جي پيرن تي نھ ھليو، ۽
شراب پيئڻ ۽ تماشن ڪرڻ ۾ مشغول ٿيو. اڄاڻائيءَ ۽
مغروريءَ جي ڪري اجايون جنگيون ڪرڻ لڳو. نڪي زالزر
جي صلاحن تي ڪن ڏنائين، نڪي رستم جون ڳالھيون
مڃيائين. سندس ظلم ۽ بيوقوفيءَ کان جيڪي خرابيون
پيدا ٿيون، تن کي پھلوان پنھنجي زور سان بھ پاسي
ڪري نھ سگھيا. سڄو ڏينھن ۽ رات ناچ ۽ راڳ جون
لذتون پئي ورتائين. ھڪڙين خوشين کان ٿي کٽو ٿيو تھ
ٻين جي ڳولڻ جي ٿي ڪوشش ڪيائين. ھڪڙي ڏينھن ھينئن
ٿيو، جو اڃا پيالو ڀري شراب ويٺي پيتائين تھ اچي
خبر ڏنائونس تھ ڪنھن ملڪ جو ڳائڻ وارو استاد آيو
آھي ۽ بادشاھھ جي اڳيان ڳائڻ جي رخصت ٿو گھري.
بادشاھھ گھڻي شوق مان چيو تھ ”اندر وٺي اچسو.“ پر
ھيءَ ماڻھو ڳائڻو نھ ھو، مازندران جي بادشاھھ جو
جاسوس ھو، جو ڪائوس کي خوش ڪرڻ ۽ ڌتارڻ آيو ھو. ھو
ڳائڻ جو بلا ھو، سو ھڪڙو راڳ مازندران جي تعريف ۾
ڳايائين، جنھن جو مضمون ھي ھو تھ ”منھنجو ملڪ
مزندران دنيا ۾ مشھور آھي، اتي باغن ۾ سدائين گلاب
پيو ٻوڪجي. جبل لالائن ۽ ناز بوئن سان ڀريا پيا
آھن، ھوا سرھي ۽ وڻندڙ آھي. زمين گلن سان رتي پئي
آھي، نڪا گرمي آھي، نڪا سردي آھي، ٻارھوئي بھار جي
موسم آھي. باغن ۾ بلبل پئي ٻوليون ڪري، ۽ ماٿرين ۾
ھرڻ پيا ڊوڙو پائين. چوڌاري خوشبوءِ ۽ سرھاڻ پکڙي
پئي آھي، ندي جي ڪنارن تي مزي جي ساوڪ آھي.
اونھاري ۾ خواھھ سياري ۾، بھار ۾ خواھھ خزان ۾،
زمين ميون ۽ گلن سان ڇانئي پئي آھي، ۽ باز سدائين
شڪار لاءِ لامارا پيا ڏين. ماڻھن کي زريءَ جا ڪپڙا
پيا آھن، ۽ مٿن سون ۽ جواھر جڙيا پيا آھن. خوبصورت
غلام، سونا ڇٽ مٿن تي پايو وتن. جيڪو ھن ملڪ ۾ نھ
رھيو آھي. تنھن اڃا پنھنجي دل جي خوشي چڱيءَ طرح
نھ ڀوڳي آھي.“
ھي راڳ ۽ ھي مضمون ٻڌي ڪائوس ڳڻتيءَ ۾ پئجي ويو.
ھيستائين سندس خيال ۾ ھو تھ ساري جھان ۾ مون جھڙو
سکي ۽ وڏو بادشاھھ ڪونھ ھوندو، پر ھينئر سندس دل ۾
ريس ۽ ملولائي جاڳي، پڪو ارادو ڪيائين تھ اھو
مازندران جو عجيب ملڪ جيتي، پنھنجي حڪم ھيٺ آڻيان.
جڏھن بادشاھھ جي انھيءَ چريائيءَ واري خيال جي
ايراني اميرن کي چٽيءَ طرح خبر پيئي، ۽ ڄاتائون تھ
ھيءُ ضرور ڪنھن بھ پوري سبب کان سواءِ اھا اجائي
لڙائي ڪندو، تڏھن ستت ئي ھڪڙو قاصد تکي اٺ تي
چاڙھي، زالزر ۽ رستم تي موڪليائون، ڇاڪاڻ جو خبر
ھين تھ انھن کان سواءِ ٻئي ڪنھن جي طاقت ناھي جو
ڪائوس کي انھيءَ رٿ کان پاسي ڪري، پر ڪائوس جھڙو
مغرور ھو، تھڙو ضدي ٿي بيھي رھيو، ۽ ھنن جي صلاح ۽
مصلحت ڏي ڪو بھ ڪن ڪونھ ڏنائين. تنھن ڪري ھو
انھيءَ مھل ڏکاريءَ دل سان وٽانئس اٿي ويا ۽ صاف
سمجھايائون تھ اڳتي ملڪ ۾ گھڻيون خرابيون ڪاھي
پونديون.
مازندران بنھھ ديون جي ملڪ جي وچ ۾ ھو. ھنن جو
سردار سفيد ديو جبلن ۾ رھندو ھو. جڏھن بادشاھھ کي
مدد جو ضرور ٿيندو ھو، رڳو تڏھن ھو لھي ھيٺ ايندو
ھو. ھو قد جو ايڏو ڊگھو ھو، ۽ زور ۾ اھڙو سگھو ھو،
جو دشمنن جو ھيانءُ ٿي ڏڪيو، ۽ مازندران جي سپاھين
جو مٿس پڪو ڀروسو ٿي ويو ھو. ھن ويڙھ ۾ ڪائوس
بادشاھھ ٻھ ڀيرا شڪست کاڌي ۽ پوءِ قيد ٿي پيو.
ساڻس گڏ ڪيترائي امير ۽ سردار وٺجي پيا. انھن سڀني
کي انڌو ڪري کڻي ھڪڙي اونھي غار ۾ قيد ڪيائون.
سفيد ديو، مازندران جي بادشاھھ کي چيو تھ ”منھنجي
مرضي نھ آھي تھ آئون ڪائوس کي ماريان، ڇاڪاڻ جو
ڏکن سھڻ ڪري ھو سياڻو ٿيندو، پاڻ ٻين بادشاھن سان
خبرون ڪندو ۽ جھليندين تھ اڳتي متان ڪو مازندران
تي ڪاھي.“ ڪائوس وجھھ ڏسي زالزر ڏي پيغام ڏياري
موڪليو تھ ”آئون ھھڙن عذابن ۾ پيو مران، اھا مون
پاڻ سان پاڻھي ڪئي آھي، جيڪڏھن تنھنجي صلاح مڃان
ھا تھ ھھڙو ھلاڪ ڪڏھين ڪونھ ٿيان ھا!“
زالزر سياڻپ ڪري ھيءَ بادشاھھ جي شڪست کائڻ ۽ قيد
پوڻ جي خبر ڪنھن سان ڪانھ ڪئي تھ متان پاسي وارن
ضلعن ۾ ڪو فساد ٿئي، ڇاڪاڻ جو سڀ ماڻھو ڪائوس کان
راضي ڪين ھئا. ھن رڳو رستم سان ڳجھھ ڳوھھ ۾ صلاح ۽
مشورت ڪئي، ۽ ھن کي چيائين تھ ”لڪي مازندران ۾ وڃ،
۽ بادشاھھ کي قيد کان آزاد ڪرايو.“ ھن سفر ۾ رستم
۽ سندس گھوڙي وڏا وڏا جوکي جا ڪم ڪيا، جن جي ڪري
اڃا تائين سندس نالو مشھور آھي. |