پٽ جي موت کان رستم کي جو ڏک ٿيو، تنھن جو اسين
پورو بيان ڏيئي نھ سگھنداسين. ھن ڪپڙا گنديون ڦاڙي
ڇڏيون، مٿي تي ڌوڙ وسائڻ لڳو. ھو پنھنجي حياتيءَ
مان ڪڪ ٿي پيو، ۽ پاڻ کي مارڻ لاءِ تيار ھو. پوءِ
پنھنجي پٽ جو لاشو زابلستان ۾ کڻي آيو، ۽ وڏي تجمل
سان دفن ڪرايائين، ۽ مٿس وڏو قبو جوڙائي ڇڏيائين،
سڄي ملڪ جا ماڻھو زالزر ۽ رستم سان ھن ماتم ۾ شريڪ
ٿيا. ھي ٻيئي پھلوان ڪيترا ورھيھ جنگ کان بس ڪري
وڃي گوشھ نشين ٿي ويھي رھيا. رستم ماڻھو موڪليا تھ
وڃي تھمينھ کي وٺي اچن تھ پاڻ ۾ گڏجي افسوس ڪريون.
پر ويچاريءَ ماءُ جڏھن ٻڌو تھ منھنجو جوان پٽ مري
ويو، ۽ ڄاتائين تھ اھو منھنجو ڏوھھ ھو، جو رستم کي
سھراب جي ڄمڻ جي پوري خبر نھ ڏنيم، ۽ سھراب سان
گڏجي وڃي پڻس سان ملاقات نھ ڪرايم، تڏھن ڏاڍو ڏک
ٿيس، بيمار ٿي پيئي، آخر انھيءَ سور ۾ چڙي چڙي مري
ويئي.
اتي شاعر لکي ٿو تھ:”اي دوست! مئي جي لاءِ افسوس
نھ ڪر، تون پاڻ ھتان سگھو ئي لڏيندين، تنھن ڪري
سفر لاءِ تيار ٿي ويھھ. خدا تعاليٰ تنھنجي وڃڻ جي
لاءِ ڏينھن مقرر ڪري ڇڏيو آھي. توکي خبر نھ آھي تھ
اھو ڪڏھن پھچندو. انھيءَ رمز جي ڪنھن کي سڌ نھ آھي.
ھن دنيا فانيءَ سان دل نھ لڳاءِ، ڇاڪاڻ جو جنھن
شيءِ کي جٽاءُ ناھي، تنھن مان فائدو بھ ڪونھ ٿيندو.“
رستم جو ھيترا ورھيھ ماٺ ڪيو گھر ويٺو ھو، تنھن
بادشاھھ جي چئي پٺيان شاھزادي کي تعليم پئي ڏني.
ڪائوس کي پٽ ڄائو ھو. حڪيمن ۽ نجومين، ھن جو طالع
ڏسي چيو ھو تھ ھن جي ڄمڻ ڪري خير ڪونھ ٿيندو، ۽ ھن
جي چڱن ڪمن مان توڙي بد ڪمن مان مصيبتون پيدا
ٿينديون. انھيءَ ڳالھھ کان ڊڄي ڪائوس پٽ کي کڻي
رستم جي حوالي ڪيو ھو، جو ھن کي تعليم ڏيڻ لاءِ
زابلستان ۾ وٺي آيو ھو. رستم پنھنجي پٽ سھراب جو
سڄو پيار لاھي ھن شھزادي تي رکيو، جو سگھو ئي
ھوشيار ۽ چالاڪ ٿيو. فردوسي شاعر چوي ٿو تھ: ”رستم
ھن کي چڱي ۽ بڇڙي سڃاڻڻ جي تعليم ڏني، ۽ حڪومت
ھلائڻ جو ڪم، ۽ جنگ ڪرڻ جو ھنر ۽ فصاحت ۽ بلاغت جو
علم سيکاريو، ۽ سڀ ڪنھن نيڪيءَ مان واقف ڪيائينس.
ھيتريءَ محنت کان پوءِ نتيجو چڱو نڪتو.
پندرھن ورھين کان پوءِ رستم انھيءَ سياوش شاھزادي
کي پڻس جي دربار ۾ وٺي آيو. ھي تخت جو وارث ۽
وليعھد ھو. ماڻھو جھڙي رستم جي تعريف ڪندا ھئا،
تھڙي ھينئر شاھزادي جي بھ ڪرڻ لڳا. ھيءُ سفر ڪري
ڏاڍو ھشيار ۽ آزمودگار ٿي پيو ھو، رستم توڙي
زابلستان جي سڀني ماڻھن ھن جي قد ۽ ڪاٺي ڏسي گھڻو
سرھا ٿيا ۽ دعائون ڪرڻ لڳس. بادشاھھ سڄي ملڪ ۾ عام
خوشيون ۽ تماشن ڪرڻ لاءِ حڪم ڏنو، اھي خوشيون ست
ڏينھن برابر پئي ھليون.
سياوش ست ورھيھ پيءُ سان رھيو، ۽ پڻس بھ چڱيءَ طرح
چڪاسي ڏٺس تھ ڏاڍو ھوشيار ۽ ڏاھو ٿيو آھي. اٺين
ورھيھ، بادشاھھ پٽ جي ڪپڙي تي دستاويز لکايو، جنھن
موجب ماوراء النھر جي حڪومت پٽ جي ھٿ ۾ ڏنائين.
ھنن ستن ورھين ۾ سياوش سونھن ۾ گھڻو وڌيو، اگرچ
عمر ۾ ننڍو ٻار ھو، پر قد ۾ توڙي شاھي شوڪت ۾ وڏو
ھو.
ھڪڙي ڏينھن سودابھ راڻيءَ، پيءُ سان گڏ ڏٺس، ۽ ھن
جي سونھن اھڙي دل ۾ چڀي ويس، جو مٿس عاشق ٿي پيئي.
انھيءَ وقت کان وٺي ويجھيءَ ملاقات جو اچي شوق ٿيس،
۽ بادشاھھ کي لالچائي چيائين تھ ”واجب آھي تھ
تنھنجو پٽ حرم ۾ اچي پنھنجي ڀيڻن سان ملاقات ڪري ۽
ڳالھائي ٻولھائي.“ ڪائوس پنھنجي پٽ کي گھرائي ائين
چيو. سياوش کي بادشاھھ جي ڳالھھ نھ وڻي. خيال ڪري
ڀانئيائين تھ بادشاھھ اڃا منھنجو امتحان ٿو وٺي،
تنھنڪري ورندي ڏنائين تھ ”بادشاھھ مھرباني ڪري مون
کي ڇٽ ۽ تخت ۽ حڪم ڏنو آھي تنھن ۾ گھرجي تھ آئون
موبدن ۽ عاقلن ۽ اميرن ۽ آزمودگار ماڻھن جي صحبت ۾
گذاريان. زالن جي صحبت مان مون کي ڇا ھٿ ايندو؟
زالون ڪي مون کي ڏاھپ بھ سيکارينديون ڇا؟ انھيءَ
ھوندي بھ جي بادشاھھ جي مرضي ھجي تھ آئون حاضر
آھيان.“
بادشاھھ اھو جواب باصواب ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، پر
چيائينس تھ ”ٻيو ڪو فڪر نھ ڪر، وڃي پنھنجن ڀيڻن کي
ڏسي اچ.“ اتي ھيربد نالي ھڪڙو لچو ۽ حرڪتي ماڻھو
ھوندو ھو، جو سودابھ جو رازدار ۽ حال ڀائي ھو.
بادشاھھ انھيءَ کي حڪم ڏنو تھ ”وڃي شاھزادي کي حرم
مان گھمائي اچ.“
سياوش ڪنھن بھ شڪ کان سواءِ اندر آيو، پر جڏھن
ھيربد در تان پردو کنيو، تڏھن راڻيءَ جو منھن ڏسي
ھن جو ساھھ ئي سڪي ويو، ڄاتائين تھ ھنن مان خير
ڪونھ ٿيندو، ڇاڪاڻ جو پڪ ھيس تھ سودابھ ديون جي
بادشاھھ، اھريمن جي قوم مان آھي.
اھا جاءِ، جنھن ۾ ھينئر سياوش آيو، سا چڱيءَ طرح
سينگاريل ھئي. منجھس مشڪ ۽ عنبر جي خوشبوءِ پئي
آئي. فرش تي چيني زربفت وڇايو پيو ھو، ۽ مٿس ڪئين
آبدار موتي پکڙيا پيا ھئا. خوبصورت ٻانھين ھن جي
پيرن ۾ سون رپو اڇلايو، ۽ راڳ ۽ سرود جو آواز پئي
آيو. سامھون سودابھ بھ ڳه ڳٺا ڍڪيو، شاھي سوني ۽
جڙائو تخت تي ويٺي ھئي. سندس زلف ڇٽ جي ٻنھي پاسي
پئي لڙڪيا، ۽ تخت جي ٻنھي طرفين ٻانھين جون قطارون
ھيون، جي پنھنجون سونيون ڇٽيون ھٿن ۾ کنيون بيٺيون
ھيون. اڃا پردو کنيو تھ سودابھ ڊوڙ پائي، شھزادي
کي ڀاڪر وجھي، منھن تي ۽ اکين تي چميون ڏيڻ لڳي، ۽
ذرو بھ پنھنجون اکيون کانئس پاسي نٿي ڪيائين.
سياوش ڏٺو تھ ”ھيءَ محبت خدا جي قاعدي جي خلاف
آھي، ۽ شيطاني حرڪت آھي.“ تنھن ڪري سگھو ئي پنھنجن
ڀيڻن ڏي ويو، جن سان ھن ڳچ تائين ويٺي ڳالھيون
ڪيون.
پر سودابھ، ٻيءَ اھڙيءَ ملاقات جو وجھھ پئي ڳوليو.
تنھن بادشاھھ کي چيو تھ ”جي تون منھنجي صلاح وٺين
تھ سياوش کي حرم جي ڪنھن اميرزاديءَ سان کڻي
پرڻاءِ تھ ٻار ڄڻي، ۽ تون بھ پيريءَ ۾ پوٽا ڏسي
خوش ٿين. آئون وڃي پنھنجي جاءِ ۾ شاھي گھراڻي جون
ڇوڪريون گڏ ٿي ڪريان، پوءِ ھو پاڻ اچي چونڊي،
ھڪڙيءَ سان پنھنجي شادي ڪري.“ ڪائوس تھ ھميشه
سودابھ جي مت تي ھلندو ھو، تنھن چيو تھ ”چڱو“. ۽
پاڻ پٽ کي سڏي انھيءَ باري ۾ سمجھايائين. شھزادي
چيو تھ .سائين، جيڪا ٻانھن اوھان کي وڻي، سا چونڊي
مون کي پرڻايو. آئون قبولدار آھيان. زنانخاني ۾
وڃڻ منھنجي دل نٿي چئي.“ بادشاھھ ھن جواب جو ڳجھو
مطلب ڪين سمجھيو، تنھن ڪري مرڪي چيائين تھ ”وڃ
بابا، وڃ، وڃي پنھنجي زال چونڊي ڪڍ. سودابھ پاڻھي
انھيءَ تي نظر ڪندي.“ سياوش لاچار ٿي ھيربد سان گڏ
وري سودابھ وٽ آيو، جنھن خوشيءَ مان تخت تان لھي،
سياوش کي کڻي مٿي ويھاريو، ۽ پاڻ ٻانھون ٻڌي ھيٺ
ويھي رھي. پوءِ ٻارھن سھڻيون ڇوڪريون اڳيانئس
گھرايائين. شاھزادي حجاب کان منھن مٿي بھ نھ ڪيو،
نڪي ڇوڪريون ھمت جھلي ڏانھس نھاري ٿي سگھيون. پوءِ
سڀني کي موڪل ڏيئي ھلائي، سودابھ پاڻ اڪيلي سياوش
وٽ ويھي رھي. ۽ پڇيائينس تھ ”ھنن ڇوڪرين مان ڪا
پسند آيئي؟“ ۽ ھڪڙيءَ ھڪڙيءَ جو نالو وٺي ھڪڙو نھ
ٻيو اھڙو عيب ٿي ٻڌايائين جنھن جي ڪري سياوش جي دل
کٽي ٿئي، ۽ انھن ڏي رغبت نھ ڪري. پر شاھزادي ٻڙڪ
بھ ٻاھر نٿي ڪڍي، ماٺ ڪيو ويٺو ھو. نيٺ سودابھ
منھن تان نقاب پاسي ڪري، اڳيانئس بيھي چوڻ لڳي تھ
”برابر انھيءَ ۾ عجب ڪونھي، جو تون سج پنھنجي
اڳيان ڏسي، چنڊ کي ڌڪارين. جنھن مو کي ھڪڙو ڀيرو
ڏٺو آھي، تنھن کي ڪنھن بھ ٻئي جي سونھن تي اک ئي
نٿي ٻڏي. پر جيڪڏھن مون سان دوستي رکڻ جي ڪندين تھ
آئون تنھنجي شادي پنھنجيءَ ڌيءَ سان ڪنديس. جيسين
ھوءَ پوريءَ عمر جي ٿيندي، تيسين تو وٽ ٻانھيءَ
وانگي رھندي، پوءِ ڀلي ان سان شادي ڪج، مگر انھيءَ
وچ ۾ مون سان دوستي رکندين؟ آئون ڏاڍو خوش
ٿينديس، جو تون مون کي ساھھ وانگيان ڀائيندين، ۽
جيڪي تون مون کان گھرندين، سو آئون توکي ڏينيس.“
ھينئن چئي ھوءَ بيحجاب ٿي اچي ڀاڪر وجھڻ ۽ چميون
ڏيڻ لڳيس. سياوش جو منھن چڙ کان ٽامي وانگي ڳاڙھو
ٿي ويو، ۽ شرم کان اکين مان ڳوڙھا وھي آيس. دل ۾
چيائين تھ ”جي آئون ھن زال کي ڪو شوخ جواب ڏيندس
تھ وڃي بابي کي ڪوڙ ڪري دانھن ڏيندي، تنھن ڪري
بھتر ائين آھي تھ في الحال ڍونگ ڪري مٺيون ڳالھيون
ڪريان.“ پوءِ چيائين تھ ”آئون تنھنجي ڌيءَ سان
شادي ڪرڻ لاءِ راضي آھيان.“ ۽ سنديس محبت جو اشارو
ڏيئي چيائين تھ ”ڀلائي ڪري اھا ڳالھھ ڳجھي رکج،
ڇاڪاڻ جو آئون توکي پنھنجيءَ ماءُ وانگي ٿو
ڀانئيان.“
انھيءَ طرح ھن کي شڪ ۾ ڇڏي سياوش ٻاھر ھليو. پر
سودابھ دل ۾ چيو تھ سو ”جيئن آئون چوان ٿي، تيئن
جيڪڏھن ھي نھ ڪندو تھ مون کي ظاھري توڙي باطني،
جيڪي مٿا ھڻڻا ھوندا، سي ھڻي ھن کي ريجھائينديس، ۽
اٽلندو مون کي ڌڪاريندو، تھ آئون بادشاھھ وٽ وڃي
فرياد ڪنديس.“ ڪائوس ڪيترو ئي خزانو سودابھ کي
ڌيڻس جي ڏاج لاءِ ڏنو. سودابھ ڀانئيو تھ اھو سياوش
کي ڏيان، ۽ پنھنجي لاءِ پاڻ وٽ گھرايائينس، ھن
ڀيري راڻيءَ لڪايو ڪين، پنھنجي عشق جو سڄو حال
ٻڌايائين ۽ سمجھايائينس، تھ ”جيڪڏھن تون مون کي
ڌڪاريندين تھ آئون توکان ھيءَ بادشاھي تھ ڦري
وٺنديس، پر منھنجي رٿ سان تون سج ۽ چنڊ جي روشنائي
بھ وري ڪانھ ڏسندين. سياوش ڪاوڙ ۾ تپي باھھ ٿي ويو،
۽ ڍونگ ڦٽو ڪري چيائينس تھ آئون ڪھڙيءَ طرح نيڪيءَ
جو رستو ڇڏي، پنھنجي پيءُ ڏي نمڪ حرام ٿيان، تون
ڇو اھڙي بڇڙي ۽ بيشرم ٿي آھين؟ ھيئن چئي چڙ ۾ ڀرجي
ٻاھر نڪري ويو.
سودابھ تڏھن اھڙيءَ طرح دانھون ڪري گھوڙا گھوڙا
ڪرڻ ۽ ڪپڙا ڦاڙڻ ۽ ڳلن تي رھنڊا وجھڻ لڳي، جو سندس
دانھون شھر جي گھٽين ۾ پئي ٻڌيون. ڪائوس تخت ڇڏي
حرم ۾ ڀڳو. سودابھ رڙيون ڪري چيس تھ ”تنھنجي پٽ
مون سان زور ۽ زبردستي ٿي ڪئي.“ بادشاھھ ڪاوڙجي
سياوش کي گھرايو، ۽ چيائينس تھ ”اھا مون کان ٿي،
جو ھن کي زور ڪري اندر موڪليم، پر جي ڏوھي ھوندو
تھ انھيءَ دم مارائي وجھندوسانس.“ سياوش گھڻائي
عذر ڏنا. سودابھ اڃا بھ تھمت مٿس پئي رکي. سندس
پيار ڦري ھينئر ڌڪار ٿي پيو، ۽ سندس محبت مٽجي
ھينئر عداوت ٿي پيئي. معاملي جو فيصلو ڪرڻ لاءِ
منصف ويھاريائون، جن شاھزادي جي فائدي ۾ فيصلو
ڪيو.
سودابھ ڦڪي بھ ٿي ۽ ڪاوڙ بھ وڌيس. تنھن ھينئن وري
ھڪڙو موتمار منصوبو رٿيو: ڪوڙ ڪري چيائين تھ
”سياوش جي زوري ھلت ڪري منھنجو ڪچو ٻار ڪري پيو
آھي.“ موبدن ۽ حڪيمن چيو تھ ”اھو ٻار شاھي گھراڻي
جو نھ آھي. پر بادشاھھ جي ڪاوڙ جھل ئي نٿي ڏني.
نيٺ مقرر ٿيو تھ تھمتيءَ جي سيل ۽ سچائيءَ سان
چڪاسڻ لاءِ ھن کي باھھ مان لنگھائجي. سودابھ ناڪار
ڪئي، پر سياوش چيو تھ ”جيڪڏھن باھھ جو جبل بھ
ھوندو تھ آئون ھيٺ لتاڙي ويندوسانس، شرم ۾ گذارڻ
کان مرڻ ڀلو آھي.“
بادشاھھ جي فرمان موجب مضبوط اٺن جا سؤ قافلا
ھزارين لڏون ڪاٺين جون ڀرائي آيا، جي ٻن جبلن
وانگي کڻي ڍڳ ڪرايائون، جن جي وچ ۾ تمام سوڙھي وٿي
ھڪڙي ماڻھوءَ جي مس لنگھڻ جيتري کڻي ڇڏيائون. پوءِ
ڪاٺين کي شورو ۽ گوگر ۽ نفت بھ مکيائون تھ ڀلي جلد
ٻرن. ھي ڪاٺين جا جبل ٻن ميلن جي پنڌ تي نظر پئي
آيا. جڏھن باھھ ٻري، تڏھن ماڻھو گرميءَ کان ڀڄي
پري ٿيا، سياوش جي حال تي پئي افسوس ڪيائون. سياوش
ڪفن وانگي اڇا ڪپڙا ڍڪي، نڀور ڪاري گھوڙي تي چڙھي
آيو. نڪي ڪڇيائين، نڪي پڇيائين ۽ مرڪندو اڳتي
ھليو، ۽ پيءُ کي ويجھو ٿي چيائين تھ ”سائين“ ڊڄو
متان، اھا خدا جي مرضي ھئي، منھنجي مٿي تي خواريءَ
۽ بدناميءَ جو بار آھي. جيڪڏھن بيگناھھ ھوندس تھ
آئون ان مان ڇٽي پوندس، ۽ جي ڏوھي ھوندس تھ پاڻھي
خدا مون کي خراب ڪندو. پر آئون سندس شڪر ٿو ڪريان،
جو ھن مون کي ھيتري ھمت ڏني آھي، جو آئون ھيڏيءَ
باھھ کان بھ ڊڄان نٿو.“ ھيئن چئي مچ کي ويجھو آيو،
۽ ھٿ مٿي کڻي چوڻ لڳو ”اي خاوند! تون سڀني جي مٿان
آھين، مون کي ھمت ڏي، تھ آئون ھن باھھ مان لنگھي
وڃان، مون کي ھن شرم ۽ خواريءَ کان ڇڏاءِ!“ پوءِ
پنھنجو ڪارو گھوڙو مچ ۾ اڇلائي وڌائين. اتي شھر
مان ۽ ميدان مان رڙ نڪتي، ۽ ماڻھو افسوس ڪرڻ لڳا.
سڀني جي نظر ڪائوس ڏي ھئي، ھنن جون اکيون ڪاوڙ ۾
ڀرجي آئيون، ۽ وات گارين ۽ پاراتن سان پئي چريو.
سياوش پنھنجو گھوڙو باھھ منجھان لنگھائي وڃي پار
چڙھيو، ۽ چپ مکڙيءَ وانگي پئي مرڪيس ۽ ڳل گل جي
پنن وانگي تازا ھئس. گھوڙو توڙي سوار اڇن ڪپڙن
سوڌو سلامتيءَ سان نڪري آيو، ۽ وار کي بھ جوکو
ڪونھ پھتو. ماڻھن کان دانھن نڪري ويئي تھ ”شاھزادو
باھھ منجھان لنگھي ويو! ھي ڏاڍي خوشيءَ جي ڳالھھ
آھي!“
ايراني پنھنجي بادشاھھ کي ڦري آيا، ۽ چيائونس تھ
”پنھنجيءَ راڻيءَ سودابھ کي مارائي ڇڏ.“ بادشاھھ
کي اگرچ ڏک بھ ٿيو، تڏھن بھ اھڙو انجام ڪيائين،
پوءِ تھ سگھوئي مٿس ڪاوڙيو. پر سياوش سمجھيو تھ
بادشاھھ ھينئر چڙ جي گرميءَ ۾ راڻيءَ کي مارائي سو
ٿو، باقي سگھو ئي پشيمان ٿيندو، سو وچ ۾ پيو.
ڪائوس کي تھ رڳو بھانو گھربو ھو، تنھن انھيءَ دم
کڻي معاف ڪيس. سودابھ وري محلات ۾ زور وٺي ويئي، ۽
بادشاھھ اڳي کان بھ وڌيڪ مٿس مفتون ٿي رھيو. ڏاھن
جو چوڻ آھي تھ ”جا محبت اسين پنھنجي رت کي ٿا
ڏيون، تنھن جھڙي وڏي ٻي ڪائي ڪانھي. تنھن لاءِ
جڏھن توکي خدا ڪو لائق پٽ ڏئي، تڏھن پنھنجي دل زال
تان کڻي ڇڏ.“ سياوش سگھو ئي سھي ڪيو تھ سودابھ
بادشاھھ کي چوري منھنجي برخلاف ڪيو آھي، تنھن ڪري
ارادو ڪيائين تھ شھر مان نڪري وڃان. پوءِ پيءُ کان
موڪل وٺي رستم ۽ ٻارھن ھزار جنگي جوان پاڻ سان
وٺي، وڏي لشڪر جو مھندار ٿي افراسياب سان وڙھڻ
لاءِ اٿي ھليو.
سياوش ۽ رستم، افراسياب تي فتح کٽي، ۽ تورانين جي
بادشاھھ صلح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ سؤ توراني وڏا
سردار عيوض ڏيئي، لشڪر موٽائي وٺي ويا. سياوش صلح
جا شرط قبول ڪيا، ۽ ڪاغذ تي صحيح ڏنائين. رستم اچي
بادشاھھ کي صلح جي خبر ٻڌائي ويو. جاھليءَ جي ڪري
ڪائوس جو خيال ڦريل ھو، تنھن پنھنجي پٽ جي ھلت
پسند نھ ڪئي، ۽ رستم کي انھيءَ مت ڏيڻ لاءِ ڏوھھ
ڏنائين، ۽ ڪاوڙ مان پٽ ڏي خط لکيائين تھ ”صلح جا
شرط ڀڃي، توراني سردارن کي مون ڏي ڏياري موڪل، نھ
تھ انھيءَ عھدي کي ڇڏي ڏي.“
رستم جي صلاح بنان سياوش جي دل اچي موڙھي. چيائين
تھ ”جي شرط مون ھڪڙي ڀيري جائز ڪيا آھن، سي ڪيئن
ڀڃان؟ ۽ جي بادشاھھ جو حڪم مڃي، ھنن ويچارن
بيگناھھ اميرن کي کڻي کڏ ۾ وجھان، تھ ڪھڙي طرح
آئون خدا جي اڳيان جوابدار ٿيان؟ ۽ جي جائز ڏني
کان پوءِ وري نئين سنئين اجائي جنگ ڪريان تھ ضرور
خدا تعاليٰ مون کي سزا ڏيندو. ۽ جي عھدو ڇڏي، وري
درٻار ۾ ھلي رھندس، تھ سودابھ پيئي عذاب ڏيندي.
ھاڻي ڪيئن ڪريان؟ چوڌاري مشڪلات ۽ مصيبت ڦري آئي
آھي. ڪائوس جي دل تازي وڻ وانگي پنن ۽ ميون ڀريل
ھوندي ھئي، پر سودابھ جي چرچ ۽ حرڪت ڪري ميوو زھر
ٿي پيو آھي، پنن مان موت پيو ڇڻي. افسوس! ناحق مون
کي منھنجي ماءُ ٿي ڄڻيو، جيڪڏھن مون کي اجل ھتان
وٺي وڃي ھا، تھ جيڪر ھنن ڏکن کان ڇٽي پوان ھا.
ھاڻي ڪنھن اھڙي پرڏيھھ ۾ ڀڄي وڃي لڪندس، جتي ڪائوس
کي منھنجو پرو ئي ڪونھ پوندو. آئون خدا تي ڀاڙي
ويھي رھندس. جيڪو ھن جي خواھش جي برخلاف ھلت ڪندو،
سو پاڻيھي سزا پائيندو. آئون دشمن سان ھي صلح جا
شرط ڪڏھين ڪين ڀڃندس. منھنجي اختياري ۽ منھنجي
حڪومت وڃي، تھ ڀلي وڃي. مون خدا تعاليٰ جي پناھھ
ورتي آھي، زمين منھنجو تخت آھي، ۽ آسمان منھنجو ڇٽ
آھي، ٻيو مون کي ڪي ڪين ٿو گھرجي.“
جڏھين سج لھي اونداھي ٿي، تڏھن سياوش سؤ جنگي
بھادر چونڊي پاڻ سان کنيا، ۽ درد مان ھنجون ھاري
اٿي ھليو.
دشمن سان وري تازي جنگ ٿي، جنھن ۾ رستم کي وري
وڙھڻو پيو. ھن افراسياب جي پٽ کي ماريو ۽ افراسياب
پاڻ چين ملڪ ڏي ڀڄي ويو. ھن بخت ٿي ڳوليو، پر
ڪمبختي حاصل ٿيس. ھن زماني کان ماکي ٿي گھري، تنھن
زھر ڏنس.
رستم چوڌاري فتحون ڪري سڄو توران پنھنجي ھٿ آندو ۽
ست ورھيھ عدل ۽ انصاف سان حڪومت ڪيائين. پر خدا دل
۾ وڌس تھ وڃي پنھنجي وطن مان گھمي اچ. شاعر چوي ٿو
تھ ”جي ماڻھو عزت ۽ حڪومت جي طمع تي ھن دنيا جون
ھلاڪتون کڻن ٿا، تن کي رڳو ڌوڙ ۽ ڇائي حاصل ٿي
ٿئي. ھيءَ دنيا اھڙو زھر ڏئي ٿي جنھن جي لاءِ ڪو
ترياق ملي نٿو سگھي. ڇٽ جي ملڻ لاءِ گھڻو مٿو نھ
ھڻ، ڇاڪاڻ جو توکي وري ساڻ قبر ۾ کڻي وڃڻو نھ
ٿيندو. تون ھتي ھڄين ٿو ۽ پوک ڪرين ٿو، پر لڻندا
وچؤن وري ٻيا. ائين ڄاڻ تھ تنھنجي حياتي پوري ٿي
پئي آھي، تنھن ۾ خدا تعاليٰ جي عبادت ڪري وٺ. جھان
۾ ڪيترو بھ گذارين، تھ بھ نيٺ انھيءَ رستي تان
وڃڻو اٿئي، جتان وري ڪو بھ اچي ڪين سگھندو.
تنھنڪري نيڪي ڪر، ۽ ڪنھن کي نھ ڏکوءِ، خدا تعاليٰ
جي رضا ۽ خواھش بھ اھا ئي آھي.“
رستم تورانين جي حڪومت کڻي ڇڏي، ۽ گھڻن ڏينھن جي
غير حاضريءَ کان پوءِ پنھنجي ڏيھھ زابلستان ۾ آيو.
سندس وڃڻ کان پوءِ سگھو ئي افراسياب لشڪر وٺي، چين
جي خاقان جي واھر سان پنھنجو ملڪ وري ھٿ ۾ آندو، ۽
ايران تي ڪاھيائين. پڪ ھيس تھ ڪائوس مان ٿيڻو نھ
آھي. رستم کي جو بادشاھھ ھيترا ڏک ڏنا ھئا، سو
ھينئر سندس پاران وڙھڻ لاءِ نھ آيو.
سياوش ويچاري کي افراسياب ڪنھن تجويز سان ھٿ آڻي،
مارائي ڇڏيو ھو، تنھن کي ھڪڙو پٽ ڪيخسرو نالي ھو.
ھن کي ماءُ افراسياب جي ڊپ کان کڻي موبدن ۽ فقيرن
جي حوالي ڪيو ھو، تھ جبلن ۾ لڪائي وڃي پالينس.
ڪيخسرو بھ پنھنجي پيءُ سياوش وانگر ڏاڍا جاکوڙا
ڪڍيا، جن جو ھتي سربستو بيان ڏيڻ اجايو آھي.
تواريخ تمام وڏي ٿي پوندي. ايترو چوڻ بس آھي تھ
رستم پنھنجي ٻئي پٽ فراموز سان گڏجي ھمت ۽
بھادريءَ جا ڪم ڪري، ڪيخسرو کي وري ايران جي تخت
تي ويھاريو. ڇاڪاڻ جو ڪائوس پاڻ کي پوڙھو ۽ ضعيف
ڄاڻي خوشيءَ سان تخت پوٽي کي ڏئي پاڻ گوشھ نشين ٿي
ويٺو ھو. |