سيڪشن؛  ٻارڻو ادب

ڪتاب: رستم

رستم پھلوان جو قصو

صفحو :1

رستم

شمس العلماءُ ميرزا قليچ بيگ

رستم پھلوان جو قصو

 

ايران جي وڏيءَ بادشاھت جي حاڪمن مان سڀ کان ڪراڙو نريمان جو پٽ، رستم جو ڏاڏو سام ھوندو ھو.  ھيءُ زابلستان جو حاڪم ھو، ۽ بھادريءَ، انصاف ۽ نيڪيءَ جي ڪري گھڻو مشھور ھو. ھن کي ”پھلوان“ چوندا ھئا. ھڪڙي ڀيري ايران جي بادشاھھ منوچھر، پنھنجي دشمن، توران جي بادشاھھ سان وڙھڻ لاءِ، ھن کي مدد ڏيڻ واسطي پاڻ وٽ گھرايو. سام پنھنجي بادشاھھ سان گڏجي، گھڻي تجمل سان جنگ تي نڪتو، ۽ ھر قسم جي ڪم ڪرڻ ۾ يا صلاح ڏيڻ ۾ ھن سان شريڪ ھو. سام کي ھڪڙو پٽ زالزر نالي ھو، جو اصلي اڇن وارن سان ڄائو ھو. ھن عجيب اتفاق کي نجومين بڇڙو سڳڻ ڄاتو، تنھن ڪري ويچاري معصوم کي ماءُ جي ھنج مان زوريءَ کسي، شھر کان پري البرز نالي جبل جي چوٽيءَ تي، کڻي وڃي ڦٽو ڪيائون. ھن کي سيمرغ پکيءَ پنھنجي آکيري ۾ ڏينھن جا ڏينھن پئي پاليو. ڪن ورھين کان پوءِ ھڪڙيءَ رات سام خواب لڌو، جنھن مان معلوم ٿيس تھ اھو پٽ، جنھن کي اڇلائي ڇڏيو ھئائين، سو ڪنھن ڏينھن وڏو سردار ٿيندو، ۽ انھيءَ مان ڪو تمام وڏو پھلوان پيدا ٿيندو.

سام، پٽ سان ظلم جي ھلت ڪئي ھئي، تنھن جي ڪري ھو گھڻو پشيمان ٿيو، ۽ ڪيترائي ڏينھن ويھي عبادت ڪيائين، ۽ خاوند جي در اِھا وينتي ڪيائين تھ اِھو پٽ مون کي وري ھٿ اچي. خدا ھن جو سوال ٻڌو، ۽ ٻيو ڀيرو ھن خواب لڌو، جنھن مان ظاھر ٿيس تھ سندس پٽ کي جبل تي ھڪ سيمرغ پيو پالي. سام سنڀري انھيءَ جبل ڏانھن اٿي ھليو. ھڪڙيءَ اڀي ٽڪريءَ جي پاڙ ۾ آيو، جنھن تي انھيءَ سيمرغ جو آکيرو نظر آيس. ھن چڙھڻ لاءِ گھڻا مٿا ھنيا، پر ڪو بھ پيچرو ڪونھ مليس.

ھن لاچار ٿي وري خدا تعاليٰ جي عبادت ڪئي، ۽ پنھنجي ڏوھھ جي معافي گھري. خدا ھن جي توبھھ قبول ڪئي، ۽ سندس حڪم سان سيمرغ زالزر کي پنھنجي پرن تي کڻي ھيٺ لاھي آڻي، سندس پيءُ جي پيرن تي رکيو، ۽ پاڻ وري اڏامڻ لڳو. زالزر ان لاءِ گھڻو رنو ۽ ڇڏيائينس نٿي، پر پڻس سمجھايس تھ اھا خدا تعاليٰ جي مرضي آھي، تنھن ڪري افسوس ڪرڻ اجايو آھي. پر وڃڻ مھل سيمرغ ھن کي ھڪڙو کنڀ پٽي ڏيئي ويو، ۽ چيائينس تھ ”مشڪلات مھل جڏھن ھن کي باھھ ۾ وجھندين، تڏھن آئون پاڻھي تنھنجي مدد لاءِ اچي حاضر ٿيندس.“

سام پنھنجي پٽ کي ھاٿيءَ تي چاڙھي گھر وٺي آيو، ۽ سڀيئي ماڻھو خوشيون ڪرڻ لڳا.

سام پنھنجي پٽ کي جنگ ۽ حڪومت جي ڪمن ھلائڻ جي چڱي طرح تعليم ڏني. انھيءَ ڪري زالزر کي اچي اِھو شوق ٿيو تھ پرانھن پرانھن ملڪن ۾ سفر ڪري عجيب عجيب بندوبست ۽ نوان نوان ڪم سکان، ۽ آڻي زابلستان ۾ انھن جو رواج وجھان. نيٺ ھو ڪي ٿورا سنگتي پاڻ سان وٺي ھندستان ڏانھن روانو ٿيو.

ھو ڪيترن ئي شھرن ۾ ويو، ۽ اتي جا عجائب غرائب ڏٺائين، ۽ پوک جو ڪم گھڻي ڌيان سان چڪاسيائين. جڏھن ڪابل ۾ آيو، تڏھن اتي جي بادشاھھ مھراب نھايت گھڻو سندس آڌر ڀاءُ ڪيو. پر مھراب، ضحاڪ ظالم جي اولاد مان ھو، ۽ ايران جي شاھن جي برخلاف ھو، تنھن ڪري زالزر ھن جي محلات ۾ نھ ٽڪيو، ٻاھر ھڪڙي وڏي شاھي باغ ۾ تنبو ھڻي لھي پيو.

مھراب شاھھ کي گھڻو اولاد ڪونھ ھو. رڳي ھڪڙي ڌيءَ رودابھ نالي ھيس. ھيءَ جوان ۽ حسين ھئي ۽ ملڪ جي رسم موجب پردي جي اندر پلي ھئي. زلزر ھن جي سونھن جي واکاڻ ٻڌي، مٿس عاشق ٿي پيو. شھزادي رودابھ جڏھن پنھنجي پيءُ کان ٻڌو تھ زالزر ڏاڍو بھادر ۽ جنگي مڙس آھي، ۽ جھڙو قد جو ڊگھو آھي، تھڙو شڪل جو سھڻو آھي، تڏھن پاڻ سندس ديدار جي مشتاق ٿي. ھن پنھنجن رازدان ٻانھين کي موڪليو تھ انھيءَ شاھي باغ ۾ وڃي زالزر جي تنبوءَ جي ويجھو گلاب جا گل چونڊيو، ۽ انھيءَ بھاني تي ھن سان واقفيت رکو. زالزر ھنن کي پنھنجي تنبوءَ مان ڏٺو، ۽ تير ڪمان کڻي شڪار جو منھن ڪري نڪتو. ھن ھڪڙي پکيءَ کي ڌڪ ھنيو، جو رودابھ جي ٻانھين جي پيرن وٽ وڃي ڪري پيو. ھن ويجھو وڃي پکي کي کنيو. پوءِ ٿورو ٿورو ڪري ھنن سان ڳالھين ۾ پيو. کانئن شھزاديءَ جو پڇيائين، ۽ مٿس عاشق ٿيڻ جي خبر ھنن کي ڏنائين، ڏانھنس ڪي سون ۽ جواھرن جا زيور سوکڙي ڪري موڪليائين. ٻانھين سڄو حال وڃي رودابھ جي ڪنن تي وڌو. انھيءَ طرح ڪيترن نياپن نڙن کان پوءِ اھو ٺھراءُ ٿيو، تھ اندرئين ٺل جي پاڙ وٽ، زالزر رات جو اچي رودابھ سان ملاقات ڪري. زالزر انھيءَ واعدي ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ خوشيءَ جي گھڻائيءَ کان ھڪ ھڪ ساعت سال ٿيو ٿي لنگھيس. نيٺ جڏھن سج لٿو، رات پئي ۽ قلعي جا دروازا بند ٿيا، تڏھن زالزر انھيءَ ٺل ڏانھن ھلڻ لڳو. رات چانڊوڪي ھئي ۽ رودابھ بھ اڳي ئي بالاخاني تي ھن لاءِ منتظر بيٺي ھئي انھيءَ مھل منھن تان برقعو لاھي ڇڏيائين، ۽ زالزر کي پنھنجي سونھن جو تجلو ڏيکاريائين.

شاعر لکي ٿو تھ ”ھن جو قد ڊگھو سرو جي وڻ جھڙو ھو، ۽ چھري جو رنگ سفيد عاج جھڙو. مٿي تي ڇٽ ھوس، اکيون خماري ۽ آبدار ھئس، ڀرون ڪمان وانگي خمدار ھئس، زلف ڪارا ۽ پيچدار ھئس، ۽ وات ڏک واري ماڻھوءَ جي دل وانگيان ننڍو ۽ تنگ ھئس. ڳل گلاب جي گل وانگي ھئس، سندس ڳاڙھن چپن مان حياتيءَ جي ھواڙ پي آئي.“

انھيءَ مھل زالزر ڪوٽ جي ڪنگرن ۾ ڪمان جو زھھ اٽڪائي چڙھڻ لڳو. بالا خاني تان وري رودابھ پنھنجا ڪارا ڊگھا وار لٽڪائي ڏنس، تھ انھن کي جھلي چڙھي اچي، پوءِ تھ ھڪڙي شاھي سينگاريل صفي ۾ وڃي ويٺا. ھن جاءِ ۾ پھلوانن جون تصويرون ۽ چيني زربفت ٽنگيا پيا ھئا. چوڌاري سون جي باسڻن ۾ کٿوري، شراب ۽ عنبر رکيو ھو. ھڪڙي پاسي گلاب، نرگس ۽ لالھ جا ھار پئي لڙڪيا، ٻي پاسي ياسمين ۽ سوسن جون ٽاريون لڳيون پيون ھيون. اھڙيءَ جاءِ جي وچ ۾ شھزادي سج وانگر پئي چمڪي. جڏھن ھي ٻيئي پاڻ ۾ گڏيا، تڏھن رودابھ جا ڳل حجاب کان ڏاڙھونءَ جي گل وانگي ڳاڙھا ٿي ويا. ھي ٻيئي ھڪڙيءَ زردار مسند تي گڏ ويھي رھيا ۽ ٻانھيون ٻئي پاسي پري ويھي رھيون.

 تڏھن زالزر گھڻيءَ محبت سان رودابھ کي ھيئن چوڻ لڳو تھ ”اي پيارا محبوب، خدا شل توکي سلامت رکي. مون راتين جو ڪيترا ڀيرا اتر واري تاري تي نھاريو ھوندو، ۽ خدا تعاليٰ کي سوال ڪيو ھوندو، تھ مون کي تنھنجو منھن ڏيکاري. مون کي يقين آھي تھ جڏھن منوچھر بادشاھھ اسان جي محبت ۽ ميلاپ جي خبر ٻڌندو، تڏھن مون تي ڏاڍو ڪاوڙبو پر جي منھنجي حياتي وڃي تھ ڀلي وڃي، منھنجو جسم وڃي تھ ڀلي، منھنجو مال متاع سڀ وڃي تھ ڀلي وڃي، پر منھنجي پياري، مون کان تنھنجو عشق نھ وڃي. پاڻ جيڪو انجام اڄ رات ڪريون ٿا، سو ضرور پوءِ ڪنداسين، ۽ خدا شاھد آھي تھ آئون ظاھر ظھور توسان شادي ڪندس.“

رودابھ پڻ قسم کڻي چيو تھ ”آئون توکان سواءِ ٻئي ڪنھين بَني بَشر سان شادي ڪين ڪنديس.“ جڏھن پاسي وارن تنبن مان صبح جي نوبت جو آواز آيو، تڏھن ھنن جون اکيون پاڻيءَ سان ڀرجي آيون، ۽ جدائيءَ جو دل تي ارمان ٿيڻ لڳن، ۽ ٻيئي سج کي ڏوراپا ڏيڻ لڳا تھ ”اسان اڃا ھڪٻئي جي محبت ۽ ميلاپ کان بس ئي نھ ڪئي آھي تھ تون اڀرڻ جي ٿو ڪرين، ڀلائي ڪري ڪو ذرو، ڪو پل ترسجانءِ.“

رودابھ کي پنھنجي عاشق کان جي ھڙون ۽ سوکڙيون مليون ھيون، سي اوچتو ماڻس سيندخت کي ھٿ لڳي ويئون، تنھن وڃي بادشاھھ سان ڳالھھ ڪئي، سو انھيءَ مھل ھو ڪاوڙجي ڌيءَ جي جاءِ ۾ گھڙي آيو، ۽ کيس اچي ڳالھايائين، ۽ گھڻي غصي مان چيائين تھ ”آئون توکي ماري کپائي ڇڏيندس، جو تو اسان کي خوار ڪيو آھي.“ رودابھ ويچاري ماٺ ۾ ڪنڌ ھيٺ ڪيو ويٺي ٻڌو، نيٺ منھن مٿي ڪري گھڻيءَ ھمت سان جواب ڏنائين تھ ”آئون زالزر کان سواءِ ٻئي ڪنھين سان شادي ڪين ڪنديس.“ ٿوري کان پوءِ مھراب بادشاھھ بھ ڪاوڙ ڇنڊي بس ڪئي ۽ دل ۾ آيس تھ زالزر زور آور انسان آھي، متان اھا ڳالھھ ٻڌي مون تي ڪاوڙجي، ۽ مون کي ھلاڪ ڪري، تنھن کان في الحال کڻي چپ ڪيائين، ۽ قسمت تي کڻي ڪم رکيائين.

منوچھر بادشاھھ جو ضحاڪ جي گھراڻي سان گھڻو وير ھو، تنھن جي ڪري ھنن ٻنھي جي شاديءَ ۾ البت رنڊڪ ھئي، ۽ ڏينھون ڏينھن پئي پوئتي پيئي. زالزر ايتري دير سھي نھ سگھيو، نيٺ شادي ڪري پنھنجي ڪنوار کي پنھنجي خاص شھر نيمروز ۾ وٺي آيو.

نون مھينن کان پوءِ رودابھ کي ٻار ڄڻڻ جي مھل ويجھي آئي. ھن کي قھر جا سور اچي ٿيا. سڄو گھر ٿرٿلي ۾ پئجي ويو. لاچار ٿي زالزر نجومين کي سڏائي پڇيو. ھنن ڪتاب نھاري، ورق ورائي، ورندي ڏني تھ ”جستائين پيٽ نھ ڦاڙبو، تيستائين ٻار نھ ڄمندو.“ انھيءَ ڪري زالزر کي پنھنجي پياريءَ زال جي خوفناڪ حالت تي گھڻو افسوس ۽ ارمان ٿيڻ لڳو. اوچتو سيمرغ جي ڳالھھ ياد پيس. انھيءَ ساعت کنڀ کڻي باھھ ۾ وڌائين. طلسم جھڙو ڪم ٿيو، ستت ئي سيمرغ محلات جي مٿان واچوڙي وانگي لھي آيو. ھن زالزر کي تسلي ڏني ۽ ھڪڙي دوا ٺاھي رودابھ کي پياريائين، جنھن ڪري ھوءَ بيھوش ٿي ويئي. انھيءَ بيھوشيءَ جي وقت ۾ رودابھ جو پاسو ڦاڙي ٻار ڪڍيائين، پوءِ ڪا ٻي دوا جوڙي ڏنائين، جا اتي کڻي مکيائون تھ سگھو ئي ڦٽ ڇٽي ويو. جڏھن رودابھ ھوش ۾ آئي، تڏھن پنھنجي ڀر ۾ نھايت سھڻو ۽ طاقتور ٻار ڏسي گھڻي سرھي ٿي.

زالزر کي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ ڏکن کان ڇٽي ويو. انھيءَ ڪري ٻار جو نالو رکيائين رستم (يعني ڇٽس). ھن خدا تعاليٰ جي گھڻي شڪر گذاري ڪئي، ۽ رستم جي زور ۽ سونھن ڪري اھڙو خوش ٿيو جو انھيءَ شڪل جو بت پلٽائي، اچي ھاٿيءَ تي چاڙھي پنھنجي پيءُ سام ڏانھن ڏياري موڪليائين تھ ڀلي ڏاڏس بھ خوش ٿئي. جڏھن سام ھيءُ ڏٺو تھ ڏاڍو سرھو ٿيو ۽ چوڻ لڳو تھ ”مون ڪيترا ڀيرا خالق جي در سوال ڪيو آھي تھ مون کي ايستائين جيار جيستائين پنھنجي اولاد مان ڪو پاڻ جھڙو ڏسان. سو نيٺ خدا منھنجو سوال ٻڌو. ھاڻي شال ھو سلامت رھي، ۽ وڏي ڄمار ھجيس“!

جڏھن رستم وڏو ٿيو، تڏھن ماڻھو سندس تعريف ڪرڻ لڳا، ۽ سندس قد، عقل، زور ۽ سياڻپ ڏسي چيائون تھ ”ھن سام پھلوان مان ذرو بھ ڪين لاٿو آھي.“

ھوڏانھن سام پنھنجي پوٽي جي ڏسڻ لاءِ اٿي ھليو. جڏھن زالزر ٻڌو تھ بابو اجھو اچي ٿو، تڏھن تماشي ڪرڻ جي تياري ڪيائين. عربي گھوڙن جون ھڻڪارون ۽ ھاٿين جون ريھون پنجن ميلن جي پنڌ تي ٻڌڻ ۾ پئي آيون. ھڪڙو جنگي ھاٿي قيمتي سنجن سان سنڀرايائون، ۽ مٿس سونو تخت رکيائون. انھيءَ تي آڻي رستم کي ويھاريائون. ھڪڙو ڇٽ کڻي مٿي تي رکيائونس. چيلھھ تي ڪمر بند ٻڌائونس، ۽ ھٿن ۾ تير ڪمان ڏنائونس. انھيءَ حال ۾ ڏاڏس جو اڳواڻ ڪري وٺي ھليس.

جڏھن سام پنھنجي پوٽي جي حشمت واري شڪل ۽ مضبوط ٻانھن ۽ ٻين عضون ڏي ڏٺو، تڏھن خوشيءَ مان مرڪڻ لڳو ۽ ھي شينھن جو ٻچو ڏسي سندس دل بھار ٿيڻ لڳي. پوءِ ڪيترن ڏينھن تائين اھا خوشي پئي ھلي، ۽ اھو تماشو پئي ٿيو.

نيٺ، جڏھن سام سھي ڪيو تھ منھنجي حياتيءَ جا ڏينھن اچي پورا ٿيا آھن، تڏھن پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽڻ جو ارادو ڪيائين. ھن پنھنجي پوٽي کي پاڻ وٽ گھرائي ھيئن چيو تھ ”اي منھنجا پيارا پٽ! ھميشه خداوند رحيم کي ياد ڪج. مايا کان وڌ عقل ۽ ڏاھپ کي پسند ڪج، سڀني بڇڙن ڪمن کان پاسو ڪج ۽ خدا جي رضا تي ھلت ڪج، ياد ڪجانءِ تھ دنيا ۾ جيڪي آھي، سو سڀ فاني آھي. جي ڀانئين تھ جھان ۾ سک پايان تھ جيڪا نصيحت مون توکي ڏني آھي، تنھن تي عمل ڪج، ۽ سدائين ايماندار رھج.“ ھيئن چئي، ھن پنھنجي پٽ ۽ پوٽي کان گھڻيءَ محبت سان موڪلايو، جي ٻئي ٽئين ڏينھن ساڻس پنڌ ڪري اماڻي آيس.

ھاڻي رستم پنھنجي ھمت ۽ جوان مڙسي ڏيکارڻ لڳو. اڃا ٻار ھو تھ ھڪڙيءَ رات زالزر جي محلات ۾ اچي ھل ۽ گوڙ پيو، اڇو ھاٿي زنجير ڇنائي مست ٿي نڪتو. ڪنھن کي طاقت ڪانھ ٿئي، جو ھن جي ويجھو وڃي. رستم اٿيو ۽ سنڀرڻ کان سواءِ پنھنجي پيءُ جا ھٿيار کڻي ٻاھر نڪتو، ۽ جنھن ماڻھوءَ پئي جھليس، تنھن کي ڌڪي پاسي ڪري، ھاٿيءَ وٽ اچي بيٺو، ۽ شينھن وانگي گجڪار ڪري يڪدم مٿس ڪاھي آيو،۽ مٿي ۾ چتائي اھڙو زور سان ڌڪ ھنيائينس، جو اھو اتي ماندو ٿي ڪري پيو. رستم ماٺ ماٺ ڪري پنھنجي گھر موٽي آيو. جڏھن پڻس کي انھيءَ واقعي جي خبر پيئي، تڏھن اچي پيشانيءَ تي چمي ڏئي چوڻ لڳس تھ ”اي شينھن جا ٻچا، شينھن وارو ڌڪ ھڻي ڏيکاريو اٿيئي. تون اڃا ٻار آھين تھ زور ۾ تنھنجو ثاني ڪونھي. ھاڻي ھيءَ ترار ٻڌ، ۽ پنھنجي پڙ ڏاڏي نريمان جو وير وٺ. جيڪي چوانءِ ٿو، تنھن ڏي ڪن ڏي. سپند جبل تي ھڪڙو اتانھون قلعو آھي، جنھن جي چوٽي ڄڻ تھ آسمان سان پئي گسي، ۽ ڪڪرن سان پئي ڳالھيون ڪري، جتي باز اڏامي وڃي نٿو سگھي. اھو سون ۽ جواھرن سان ڀريو پيو آھي. اتي پھچڻ جو رڳو ھڪڙو رستو آھي، جنھن کي وڏو ڳرو در ڏنو پيو آھي. انھيءَ قلعي کي تنھنجي پڙ ڏاڏي نريمان ھڪڙو سڄو سال گھيرو ڪيو ھو. انھيءَ ۾ ڏاڍا زور وارا چور ٿا رھن، جي سڄي ملڪ کي لٽيندا ڦريندا آھن. شايد گھيرو بھ اڃا وڌيڪ جٽاءُ ڪري ھا، ڇاڪاڻ جو اگرچ اھو شاھي رستو روڪجي پئي ھا تھ بھ اندرئين ماڻھن کي جيڪر ھڪڙي ڪک جي بھ گھرج ڪانھ ٿئي ھا، ايترو سامان اندر موجود پيو ھو. پر ڪنھن ماڻھوءَ جو اڇلايل پھڻ اچي نريمان تي ڪريو، جنھن ڪري ھو ويچارو مري ويو. وڙھڻ وارو مڙس اھو ھو، جو مري ويو. انھيءَ ڏينھن کان وٺي ڪنھن کي طاقت نٿي ٿئي، جو انھيءَ قلعي تي ڪاھھ ڪري. ھاڻي تنھنجي پڙ ڏاڏي جي وير وٺڻ جو وقت آيو آھي، پر ڪا تجويز ڪجي تھ چڱو. توکي اڃا گھڻا ماڻھو سڃاڻن نٿا، تنھن ڪري ڪنھن جت يا اوٺيءَ جو ويس ڪري، ڳچ جيترا اٺ لوڻ سان ڀرائي، پاڻ سان وٺي وڃ، اِھا شيءِ اِتي ڏاڍي قيمتي آھي، ۽ گھڻو مان ڪندي. جڏھن ماڻھو ٻڌندا تھ لوڻ سانگائتو اچي نڪتو آھي، تڏھن پڪ آھي تھ ننڍا وڏا وٺڻ لاءِ نڪري ايندا. پوءِ پنھنجي ھمت ھلائج ۽ زور آزمائج.“

رستم پنھنجي پيءُ جي چوڻ موجب ھلت ڪئي. ھن پاڻ سان سياڻا ۽ ھمت وارا ماڻھو چونڊي کنيا، ۽ اٺن جي ٻوجن ۾ ھٿيار لڪائي ڇڏيائين. پنھنجي پيءُ جو گرز لوڻ جي ٻوري ۾ ھڻي ڇڏيائين، ۽ انھيءَ رٿ تي خوش ٿي، سپند جبل ڏانھن اٿي ھليو.

قلعي جو نگھبان جو در تي بيٺو ھو، تنھن جڏھن پري کان ڏٺو تھ ھڪڙو وڏو قافلو جبل جي پاسي کان آھستو آھستو ھليو اچي، تڏھن ستت ئي ڪنھن ماڻھوءَ جي واتان چوائي موڪليائين تھ اٺن تي ڪھڙي قسم جو بار آھي؟ رستم جواب ڏنو تھ ”سڀيئي ٻورا لوڻ سان ڀريل آھن.“ قلعي جو ڌڻي ھيءُ ٻڌي گھڻو خوش ٿيو، ۽ سڀ دروازا کڻي کولايائين. جڏھن اھو قافلو بازار ۾ گھڙيو، تڏھن سڀ ماڻھو، مڙس توڙي زالون، توڙي ٻار لوڻ وٺڻ لاءِ اٺن کي ڦري آيا. ڪپڙا، گنديون، سون رپو ڏيو، ماڻھن لوڻ پئي ورتو. پر جڏھن رات پئي، ۽ سڄي قلعي ۾ چپ چپات پئجي ويئي، تڏھن رستم ۽ سندس سنگتي جتن جو ويس لاھي، زره ڍڪي، قلعي تي ڪاھي اٿي ھليا. ھٿيارن جي کڙڪي تي حاڪم ننڊ مان جاڳيو ۽ اڃا پاڻ کي بچائڻ جو وجھھ ئي ڪونھ مليو ھئس تھ رستم پنھنجي تکي ترار آڻي سندس ارھھ ۾ ٽنبي. پوءِ گھڻي ضديت ڪانھ ٿي، گھڙي کن خونريزي ٿي، ۽ رت وھڻ لڳو.

رستم کي انھيءَ طرح قلعو ھٿ ۾ آيو، ۽ ھاڻي ھو اندر گھڙڻ لڳو، جي ھڪڙي پھڻ جي جاءِ لوھھ جي دروازي سان جڙيل ھئي. ھن ڌڪ ھڻي در پٽيو ۽ اندر گھڙي ڇا ڏسي تھ سڄي جاءِ دنيا جي خزانن سان ڀري پيئي آھي! ھي ڏسي ھن کي گھڻو تعجب لڳو، ۽ پنھنجي دل ۾ ھيئن چوڻ لڳو تھ ”جھان جي کاڻين ۾ باقي سون ڪونھ رھيو ھوندو، نڪي سمنڊ ۾ موتي باقي بچيا ھوندا، ڇاڪاڻ جو اھي سڀ ھن ھڪڙيءَ جاءِ ۾ اچي گڏ ٿيا آھن.“ رستم پنھنجن سنگتين کي سڏي چيو تھ ”اٺن جا ٻورا ھن لٽ جي مال سان کڻي ڀريو.“ پوءِ سندس پيءُ جي حڪم  موجب، قلعي کي باھھ ڏيئي ساڙي چٽ ڪري نيمروز شھر ڏي موٽي ُٿيا ھليا. شھر جا سڀ ماڻھو دھل دماما، ساز سرود کڻي خوشيءَ سان ھنن کي ملڻ لاءِ نڪتا. رستم تھ پنھنجي ماءُ کي ڏسڻ لاءِ مشتاق ھو، سو ڊوڙي گھر وڃي ماءُ جي پيرن تي پيو، پر رودا بھ ڪنڌ مٿي کڻي پيار مان ڀاڪر پاتس، ۽ چاھھ مان چميون ڏنائينس. انھيءَ خوشيءَ جي خبر پھچائڻ لاءِ سام ڏي قاصد ڊوڙايائون، جو خوشخبري ٻڌي نھايت خوش ۽ سرھو ٿيو.

اتي ايران جو بادشاھھ مري ويو. گھڻا ڏينھن اڳي نجومين کي انھيءَ اتفاق جي خبر پئي ھئي، تن بادشاھھ کي چيو ھو تھ ”سائين، ھاڻي اوھان جو دنيا ڇڏڻ جو وقت ويجھو آيو آھي، ۽ اميد آھي تھ ھن دنيا ۾ اوھان کي وڌيڪ مرتبي واري جاءِ ملندي، تنھن ڪري ھاڻي جيڪي ھيستائين ڪيو –ڪمايو ھجيو، تنھن تي ويچار ڪريو، ۽ سفر جو سانباھو ڪريو.“ ھيءُ ٻڌي بادشاھھ پنھنجي پٽ کي گھرائي ھن طرح جي وصيت ڪئي تھ ”ابا، زور ۽ اختياري رڳو ھوا وانگي آھي، تنھن تي تون گھڻو تعلق نھ رکج. منھنجي عمر سؤ ويھھ ورھيھ ٿيندي، انھيءَ مدت ۾ مون گھڻو پورھيو ڪيو آھي، ۽ گھڻي سختي سٺي آھي، اگرچ اڪثر وقتن تي مون کي خوشي ۽ خورمي بھ حاصل ٿي آھي. مون ڪيترائي شھر آباد ڪيا آھن، ۽ ڪيترائي قلعا جوڙايا آھن، سي سڀ منھنجيءَ دل تان لھي ويا آھن. جيئن ھي تخت مون کي ٻين کان مليو، تيئن آئون وري توکي ڏيو ٿو وڃان.  انھيءَ تخت ڪيترائي بادشاھھ ڏٺا آھن. ابا، جڏھن تون مٿس ويھين تڏھن ياد ڪج تھ ھڪڙي ڏينھن اھو ساڳيو تخت تنھنجن ھٿن مان بھ ويندو، ۽ تون ھيءُ جھان ڇڏي ھن جھان ڏي ويندين. پر تنھنجي ناموس ۽ يادگيري ورھين جا ورھيھ پيئي ھتي ھلندي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو -- ليکڪ طرفان پڌرو هجي
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com