جنگ جي وقتن ۾ رستم پھلوان ٻيا جيڪي وڏا ۽ بھادريءَ
جھڙا ڪم ڪيا، تن جو اسين ھتي بيان نٿا ڏيون، انھيءَ
لاءِ تھ سندس تاريخ يا احوال جو جيڪو چڱو اثر وارو
ڀاڱو آھي، تنھن جو ھتي ذڪر ڪريون. فردوسي شاعر
انھيءَ داستان جي منڍ ۾ ھيئن لکي ٿو:
”ھي قصو اھڙو آھي، جنھن جي ٻڌڻ جي ڪري اکين مان
ڳوڙھا وھي اٿي ھلندا. جڏھن پري کان واءُ لڳي ٿو، ۽
ڪچن ميون کي زمين تي ڪيرائي پکيڙي ڇڏي ٿو، تڏھن
انھيءَ کي انصاف چئبو، نھ ڪ ظلم چئبو؟ جيڪڏھن اجل
اڻ گس آھي تھ مارڻ ۾ ڪھڙي بي انصافي آھي؟ ھيءُ
ڳجھھ سمجھڻ جو ناھي ۽ ھن پردي جي اندر انسان جو
خيال وڃي ڪين سگھندو. سڀني کي انھيءَ در مان
لنگھڻو آھي، جو وري موٽڻ لاءِ نٿو پٽجي. پر جي اھا
ڳالھھ سچي آھي تھ مرڻ ڪري ماڻھوءَ کي بھتر جاءِ ٿي
ملي، تھ جوان مردن ۽ بھادرن کي دل سان موت جي حق ۾
دعا ڪرڻ گھرجي. جيڪڏھن باھھ دکڻ کان پوءِ کڻي
ٻرندي تھ انھيءَ ۾ ڪھڙو عجب آھي. موت ساڙيندڙ باھھ
وانگي آھي، ھو نڪي جوان کي ٿو ڇڏي، ۽ نڪي پوڙھي کي،
سڪا آلا ٻيئي ٻاريو ڇڏي. جواني يا پيري، اجل آئي
کان پوءِ ھڪجھڙي آھي. تنھنڪري آخر جي ڏينھن لاءِ
تيار ٿيءُ، ۽ سانباھو ڪر تھ خدا تعاليٰ جي رضا جي
برخلاف ڪم نھ ڪرين.“
ھڪڙي ڏينھن رستم شڪار جي چوس تي ڪنھن دشمن جي ملڪ
۾ گھڙيو، پر سمنگان جي بادشاھھ، ھن ايراني پھلوان
سان وڙھڻ جي خواھش ڪانھ ڪئي، ۽ پاڻ ھن کي دعوت
ڏيئي، پنھنجي محلات ۾ ويھاري گھڻي عزت ۽ آبرو
ڏنائينس. رستم کي بادشاھھ جي ڌيءُ تھمينھ ڏسي، مٿس
عاشق ٿي پيئي. نيٺ ھن سان شادي ڪيائين. پر دشمن
قوم سان مائٽيءَ ڪري ڳالھھ ڳجھي رکيائين، ۽ زال کي
پيڪي گھر ڇڏي، مال متاع ڏيئي، پاڻ اٿي ھليو. ھلڻ
مھل زال کي ھڪڙو تعويذ ڏنائين، ۽ چيائين تھ ”جي ڪو
ٻار ڄميئي، تھ انھيءَ جي ٻانھن م ٻڌي ڇڏجانءِ.“
رستم پنھنجي ملڪ ۾ اچي پھتو، پر زال جي جدائيءَ جو
البت دل ۾ ڏک ھئس. نائين مھيني تھمينھ پٽ ڄڻيو، جو
ملائڪ جھڙو موچارو ھو، ۽ شڪل ۾ بنھھ رستم جھڙو ھو.
ماءٌ سندس نالو ”سھراب“ رکيو. تھمينھ دل ۾ چيو تھ
”جي رستم ٻڌندو تھ مون پٽ ڄڻيو آھي تھ اچي مون کان
ڦري پاڻ سان وٺي ويندو، ۽ آئون وري سڄي عمر سندس
ڏسڻ لاءِ پئي سڪنديس.“ تنھنڪري زابلستان ۾ نياپو
ڏياري موڪليائين تھ ”مون کي ڌيءَ ڄائي آھي.“ رستم
قاصد کي سوکڙيون ڏيئي، زال ڏي روانو ڪيو. جڏھن
ڄاتائين تھ ڌيءَ ڄائي اٿم، تنھنڪري في الحال زال
کي وساري ويھي رھيو. ڌين جي ڄمڻ ڪري اھڙي خوشي نٿي
ٿئي، جھڙي پٽن جي ڄمڻ ڪري.
انھيءَ ڳالھھ کي پندرھن ورھيھ گذري ويا. سھراب
رستم جو پٽ ساماڻو. بدن جي زور ۽ دل جي ھمت ۾
شينھن جھڙو ٿيو، پر انھيءَ کان وڌ خوش مزاج ۽ نرم
طبع جو ٿيو. ھن پنھنجي ماءُ کي چيو تھ ”امان،
منھنجي دل شاھدي ٿي ڏئي تھ آئون سمنگان جي قوم
منجھان ناھيان، ڇاڪاڻ جو مون کي انھن سڀني کان زور
وڌيڪ آھي. مھرباني ڪري مون کي ٻڌاءِ تھ آئون سچي
پچي ڪنھن جو پٽ آھيان؟“ پر پوءِ جڏھن خبر پيس تھ
آئون رستم پھلوان جو پٽ آھيان، تڏھن جنگين ۽ فتحن
جا خيال ڪرڻ لڳو، ۽ ڀانيائين تھ ”جي وس پڄي سگھي
تھ ايران ۽ توران جا ڇٽ رستم ۽ تھمينھ جي مٿن تي
رکان!“ ماڻس کي اچي اھو ڊپ جاڳيو تھ متان ھي وڏائي
ڪري، پنھنجو اصل ظاھر ڪري، ۽ توران جو بادشاھھ
افراسياب وير ڪري مارائي ڇڏيس. پر افراسياب پاڻ
ڀانئيو تھ سھراب منھنجي دوست سمنگان جي بادشاھھ جو
پٽ آھي، تنھنڪري مٿس گھڻو ڀروسو رکيائين ۽ اميد
ڪيائين تھ انھيءَ جوان جي وسيلي ايران کي فتح
ڪريان. تنھن سھراب کي وڏي لشڪر جو وڏو مھندار ڪري،
ايران جي سرحد تي وڙھڻ لاءِ موڪليو. انھيءَ حد تي
ايران جو ھڪڙو قلعو ھو. سھراب قلعي جي حاڪم ھجير
سان وڙھيو، ۽ ھن کي گھوڙي تان ڪيرائي وڌائين. ھجير
جيئندان گھريس، ۽ سھراب جھڙو بھادر ھو تھڙو رحمدل
ھو، تنھن کڻي ڇڏيس.
انھيءَ حاڪم کي گرد آفريد نالي ڌيءَ ھوندي ھئي، جا
بھادر ماڻھن ۾ پلي ھئي، ۽ ھميشه پيءُ سان جنگ جي
ميدان ۾ ويندي ھئي. ھن قلعي جي ڪنگرن تان ھجير کي
سھراب سان وڙھندي ۽ گھوڙي تان ڪرندي ڏٺو. پل بھ نھ
ترسي. انھيءَ دم زرھھ ڍڪي، پنھنجا وڏا وار ٽوپيءَ
۾ لڪائي، جنگي گھوڙي تي چڙھي، اچي سھراب جي اڳيان
بيٺي، ۽ ڪمان ڇڪي ھن تي تيرن جو وسڪارو ڪرڻ لڳي ۽
جڏھن سھراب وڙھڻ لاءِ رڙھي ويجھو ٿيس، تڏھن ھن
نيزو ڪڍي آڻي سامھون ڪيس.
جڏھن سھراب ڏٺو تھ دشمن جھڙو تھڙو ناھي، تڏھن اچي
ڪاوڙيو. ستت ئي نيزو ڪڍي گرد آفريد کي اھڙو چيلھھ
۾ ھنيائين جو زرھھ ئي ڦاٽي پيس. زال وري ترار ڪڍي،
سندس نيزي کي ٻھ ٽڪر ڪري ڇڏيو، ۽ پوءِ گھوڙو
ڦيرائي ڀڄڻ لڳي. سھراب پٺيان پيس، ۽ جھٽ ڏيئي ٽوپي
لاھي وڌائينس تھ سندس وار منھن تي لڙڪي پيا. ھن جي
سونھن ڏسي، سھراب کي ڏاڍي حيرت لڳي.
گرد آفريد کي وجھھ لڳي ويو، تنھن ھينئر ساڻس صلح ۽
دوستيءَ جون ڳالھيون ڪيون. سندس اکيون ھرڻ جي اکين
وانگي تيز ۽ آبدار ھيون، ۽ سندس ڀرن جي ڪمانن ھيٺ
ڄڻ تھ آسمان پئي چمڪيو. جڏھن سھي ڪيائين تھ سھراب
کي سندس سونھن دل ۾ چڀي ويئي آھي، تڏھن چوڻ لڳيس
تھ ”جنھن مھل لشڪر ٻڌندو تھ تو زال سان وڙھڻ ۾
ميدان جي ھيتري مٽي اڏائي آھي، ۽ ھيترو ھلاڪ ٿيو
آھين، تنھن مھل ڏاڍا کلندا، تنھنڪري پاڻ تي ماڻھو
نھ کلاءِ، پاسو ڪري وڃ. قلعو تنھنجي ملڪ آھي، اڄ
سو ڇڏ، باقي سڀاڻي وڃي پنھنجو ھٿ ڪج.“
سھراب تھ ھن جي سونھن تي موھجي ويو ھو، تنھن ھيءُ
شڪار پنھنجي ھٿان ڇڏي ڏنو. گرد آفريد رڙھي قلعي
ڀيڙي ٿي، ۽ در پوري قلعي جي ڀتين تان وري تير ھڻڻ
لڳي. سھراب دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ھو تھ ھن سان شادي
ڪريان، پر ھاڻي جڏھن ھي حال ڏٺائين، ۽ ڄاتائين تھ
ڪالھھ رڳو ٺڳي ڪري مون سان صلح جون ڳالھيون ڪيون
ھئائين، تڏھن اچي تياري ڪرڻ لڳو تھ ٻئي ڏينھن صبح
جو قلعي تي ڪاھھ ڪري وٺان.
پر گرد آفريد پنھنجو مال ۽ جواھر ۽ نوڪر ساڻ کڻي،
راتو واه ڏيئي، ڀتين جي پاڙ مان سرنگھھ جي رستي
نڪري ڀڳي. جڏھن صبح جو سھراب لشڪر وٺي قلعي تي
ڪاھي آيو، تڏھن ڏسي تھ قلعو خالي پيو آھي. جيڪو
سور ھوس سو پِي ويو، ۽ بدلي ۾ اوسي پاسي ڦر مار
ڪرڻ لڳو.
جڏھن ڪائوس ٻڌو تھ افراسياب جو لشڪر ايران تي ڪاھي
آيو آھي، ۽ ھڪڙو جوان پھلوان ان جو سرڪردو آھي،
تڏھن ھڪڙي وڏي امير گيو نالي کي رستم ڏانھن
موڪليائين، جو سندس ناٺي ھو. رستم ھميشه جنگ ڪرڻ ۽
وير وٺڻ جو ڪوڏيو ھوندو ھو، تنھن ھن ڀيري جنگ جي
سڏ تي گھڻو ڌيان ڪونھ ڏنو. دل نھ گھريس تھ انھيءَ
جنگ ۾ ھٿ وجھان. ھن گيو کي نو ڏينھن ترسايو ۽ سندس
مھماني ڪيائين، ۽ جنگ تي وڃڻ لاءِ دل ۾ پئي ٻڏان
چڙھان ڪيائين. نيٺ ھن نمڪ حلالي ڪري، بادشاھھ جي
سڏ تي وڃڻ واجب ڄاتو، ۽ گيو سان گڏجي اٿي ھليو.
ڪائوس سندس لاءِ منتطر ھو، سو ڪاوڙيو ۽ کيس ڍرائي
جا مھڻا ڏنائين، بلڪ مارائڻ جا بھ درڪا ڏنائينس.
درٻار جا امير اچي ڊنا، تن ڪوشش ڪئي تھ رستم کي
ڪنھن طرح بادشاھھ جي منھن تان پاسي ڪجي، پر رستم
پھلوان ڪاوڙجي بادشاھھ کي سندس اجايا ڪم ياد
ڏياري، ۽ چيائينس تھ ”منھنجي واھر ڌاران ڪائوس
جيڪر ھينئر ڪٿي ھجي ھا؟ اھو ڪھڙو مڙس آھي، جو ھيئن
ڳالھائيندو ۽ رستم تي رڳو آڱر الارڻ جو حڪم ڏيندو؟
پوءِ ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙھو ٿي ويو، ۽ انھيءَ دم گھوڙي
تي چڙھي زابلستان ڏي موٽڻ لڳو، ۽ انجام ڪيائين تھ
”آئون وري ڪائوس بادشاھھ جي اڳيان ڪڏھن ڪين
ايندس.“
اميرن پاڻ ۾ رٿ ڪئي تھ ”ڪائوس ڪنھن جي جھليئي نھ
رھندو، رستم دنيا جو پھلوان آھي. اھو ئي مڙس ھو،
جنھن ڪائوس جي حياتي بچائي ھئي. غريبن ويچارن جو
بچائيندڙ رستم کان سواءِ ھتي ٻيو ڪوئي ڪونھي. جڏھن
مازندران جي ديون بادشاھھ ۽ سندس اميرن کي ڳرا
زنجير وجھي قيد ۾ وڌو ھو، تڏھن سندن ڇٽائڻ لاءِ
رستم ڪھڙا نھ جاکوڙا ڪڍيا. ھن ديون جي سردار کي
ماريو، ۽ ڪائوس کي تخت تي ويھاريو، ۽ پاڻ سندس
سلامي ٿي بيھي رھيو. جڏھن ٻيو ڀيرو ڪائوس ھاماوران
۾ قيد ٿيو، تڏھن رستم کيس ڇٽائڻ لاءِ ٽن بادشاھن ۽
ٽن لشڪرن سان وڙھيو، ۽ ڪڏھن بھ بادشاھھ جي دشمنن
کان ڀڳو ڪين. ھن وري بھ ڪائوس کي پنھنجو تخت وٺي
ڏنو، ۽ پاڻ پنھنجي بھادريءَ جو دم بھ ڪونھ
ھنيائين، اٽلندو دل و جان سان اڳيانئس ھٿ ٻڌي بيھي
رھيو. جي انھيءَ جي بدلي ۾ بادشاھھ مارائيندس تھ
پاڻ ھتي ڪين ٽڪنداسين. رستم کان سواءِ اسان جي
سلامتي ڪانھي ڪا. ھاڻي بادشاھھ کي ڪيئن ماٺ ڪرايون
۽ رستم کي موٽايون؟“
انھن اميرن منجھان گودرز پير مرد ۽ سياڻو ھو،
سڀيئي ان کي عزت ڏيندا ھئا. سو ڪائوس جي ڪاوڙ ڀڃڻ
۽ کيس سمجھائڻ ھليو. ڪائوس ڏاڍو شرمندو ٿيو، ۽
گودرز کي منٿ ڪيائين تھ ”مون کي رستم سان وري
پرچاءِ.“ پر رستم ڪيترا ڏينھن تھ مڙيو ئي ڪين، مگر
گودرز چيس تھ ”جي تون ھينئر وڙھڻ کان نٽائيندين تھ
چوندا تھ فلاڻو دشمن جي ننڍي پھلوان کان ڊڄي ٿو.“
ھي ٻڌي رستم ڪاوڙ مان ٽپو ڏيئي اٿيو، ۽ لشڪر سان
وڃڻ قبول ڪيائين. جڏھن ڪائوس بادشاھھ پري کان ڏٺو
تھ رستم اچي ٿو، تڏھن اڳڀرو وڃي مليس، ۽ چيائينس
تھ ”منھنجي طبيعت خراب آھي، پر جڏھن ڏٺم تھ تو دل
۾ ڪيو آھي، تڏھن مون پڇتايو.“ رستم ادب بجا آڻي
چيو تھ ”آئون تنھنجي حڪم تي ھلڻ لاءِ اجھو حاضر
بيٺو آھيان.“
بادشاھھ پنھنجي اميرن ڏي منھن ڦيرائي چيو تھ ”اڄ
اچو تھ مھمانيون ۽ تماشا ڪريون، ۽ سڀاڻي جنگ تي
ھلون.“ ٻئي ڏينھن لشڪر سنڀري ھليو، ۽ جنھن قلعي ۾
ھينئر توراني اچي ويٺا ھئا، تنھن کي ويجھا ٿيا.
سھراب ڪوشش پئي ڪئي تھ رستم کي ڏسان سو ھجير سان
گڏ قلعي جي ڀت تي چڙھي بيٺو، ۽ ھن کي چيائين تھ
”جي مون کي ڏيکاريندين تھ رستم ڪھڙو آھي تھ آئون
توکي قيد مان آزاد ڪندس.“ پر ھجير کي شڪ پيو تھ
سھراب رڳو رستم سان وڙھڻ لاءِ ٿو مٿو ھڻي، پر پوءِ
مون کي ڇڏيندو ڪين. تنھن ٺڳي ڪري چيس تھ ”رستم اڃا
زابلستان مان ڪين آيو آھي.“ سھراب سان جي ٻھ امير
بيٺا ھئا، تن بھ اھا ئي ساڳي ڳالھھ ڪئي. ھنن اميرن
کي بھ افراسياب سيکاري موڪليو ھو تھ رستم ۽ سھراب
کي وڙھڻ کان اڳي پاڻ ۾ ملڻ ۽ ڳالھائڻ نھ ڏين.
ڇاڪاڻ جو ھاڻ اچي شڪ پيو ھئس تھ ھو پيءُ پٽ ٿين، ۽
اھا اميد ھيس تھ جي ھي پاڻ کي نھ سڃاڻندا، تھ وڙھي
ھڪٻئي کي ناس ڪري ڇڏيندا ۽ خلق منجھانئن ڇٽي پوندي.
رستم کي پاڻ ڏاڍو اچرج لڳو تھ ”ھيستائين سڀڪنھن
جنگ ۾ وڙھان وڙھان پئي ڪيم، سو ھن ڀيري وڙھڻ تي دل
ئي نٿي ٿئيم. ھو پھرئين ڏينھن تھ ميدان ۾ ڪين ويو،
ٻيا وڙھيا، پر سھراب ڀانئيو تھ رستم جي اچڻ کان
اڳي پنھنجي بھادري ڏيکاريان، سو ڪائوس سان اڪيلو
وڙھڻ لاءِ اٿيو. ڪائوس تھ ڊڄڻو ھو، تنھن پنھنجي
جان جوکي ۾ وجھڻ جي نھ ڪئي. ھن بھانو ڪري چيو تھ
”مون کي لاسيار ڇوڪر سان وڙھڻ ۾ شرم ٿو اچي.“ رستم
کي سڏائي چيائين تھ ”تون ھن سان وڙھھ.“ رستم
پنھنجي مرضيءَ جي برخلاف نمڪ حلالي ڪري، خدا تي ڪم
رکي، اچي جنگ جي ميدان ۾ بيٺو.
ٻيئي پھلوان اچي سامھون ٿي بيٺا، ۽ ھڪٻئي تي نظر
ڪرڻ لڳا. ھو ٻيئي قد ۾ ھڪجيترا ھئا، ۽ ھمت ۾ بھ
ھڪجھڙا ھئا، پر رستم پڪو ھو، تنھنڪري عمر سارو
سياڻپ ۽ آزمودو گھڻو ھئس. پر سھراب اڃا ننڍو ھو،
تنھنڪري تيزيءَ ۾ ڇوھھ وارو ھو. رستم سھراب کي ڏسي
چيو تھ ”تون اڃا ڪچو ٻار آھين. جنھن ھزارين جنگيون
ڪيون آھن، تنھن سان ڪيئن ٿو وڙھين؟“ سھراب رڳو
پڇيس تھ ”رستم تون آھين ڇا؟“ رستم جواب ڏنو تھ
”آئون تھ رستم جو نوڪر آھيان.“ تنھن تي سھراب پاڻ
کي رستم تي اڇلائي وڌو، ڏاڍي جنگ اچي متي. ھو نيزن
سان، ڪمانن سان، ترارين سان، ۽ گرزن سان وڙھيا. ھو
زور ۾ ھڪجھڙا ھئا، تنھنڪري ھڪڙو ٻئي تي ڪراڙو پئي
نٿي سگھيو. نيٺ رات اچي پئي، ۽ اونداھيءَ ڪري کڻي
بس ڪيائون، پر شرط ڪيائون تھ وري صبح جو جنگ شروع
ڪنداسين.
رستم پنھنجي تنبوءَ ۾ گھڙيو، ڀاءُ کي سڏي چيائين
تھ ”ھي ڇوڪر اھڙو بھادر ۽ زور ڀريو آھي، جھڙو آئون
آھيان، پاڻ مون کان بھ وڌيڪ ھڏ ٿو وريس، ۽ زياده
چست آھي. چئي نٿو سگھان تھ ھن جنگ جي آخر ڪيئن
ٿيندي! توکي خبر آھي تھ مون کي پنھنجي ساھھ جو
گھڻو فڪر ڪونھي، پر آئون اڳواٽ ايترو سو ٻڌايو ٿو
ڇڏيانءِ تھ ھيءُ پھلوان سڄو ايران فتح ڪندو، ۽ ھن
جي بھادريءَ کي ڪو بھ روڪ ڪري ڪونھ سگھندو. جي
متان آئون مارجي وڃان تھ بادشاھھ کي صلاح ڏجو تھ
ھنن سان صلح ڪري تھ من انھيءَ وسيلي سندس ڇٽ قائم
رھي. ھينئن چئي وڃي آرام ڪيائين، جيئن تھ ورندي
صبح جو تازو توانو ٿي اٿان.
ھوڏانھن وري سھراب پنھنجي قلعي ۾ موٽي آيو. ۽
ھومان تورانيءَ کي سڏي چيائين تھ ”مون ائين ڪين
ڄاتو ھو تھ ايرانين جي لشڪر ۾ رستم کان سواءِ اھڙو
ڪو بھادر ھوندو، جو ھيئن مون سان وڙھندو. ھن جي
اڳيان منھنجي دل پيئي لڏي، ڀلائي ڪري سچ چئو، مون
سان ٺڳي نھ ڪر.“ پر ھومان، افراسياب جو حڪم ياد
ڪري چيو تھ ”اھو بھادر رستم ڪين ھو.“
سھراب ڏکارو ٿي وڃي ستو، پر وير وٺڻ لاءِ گھڻو
انتظار ھئس. رات جو جڏھين ايرانين جي لشڪر ۾ ماٺ
ھئي، تڏھن اوچتو وڃي مٿان پين، ۽ گھڻي خونريزي ڪري
وري قلعي ۾ موٽي آيو، ۽ صبح لاءِ منتظر رھيو.
فجر جو جڏھن ٻيئي پھلوان سامھون اچي ٿيا، تڏھن
سھراب جي دل ۾ رستم ڏي گھڻو ميل ۽ رغبت پيدا ٿي، ۽
محبت منجھان چوڻ لڳس تھ اھو گرز ۽ ترار اڇلائي ڇڏ،
اچ تھ پاڻ ۾ صلح ڪريون ۽ وير وساري ڇڏيون، خدا
تعاليٰ کان معافي گھرون. منھنجي دل توڏي گھڻو پيار
ظاھر ڪري ٿي، ۽ منھنجي ڪري تون شرم جا ڳوڙھا
ڳاڙيندين.“ پر رستم ڏک منجھان چيس تھ ”اي جوان،
مون انھيءَ جنگ لاءِ ھيءَ ڪمر ٻڌي آھي، جيڪي پاڻ
کان ٿي سگھندو، اوترو زور لائينداسون، باقي ٻيو
آھي خاوند جي اختيار.“
سھراب چيو تھ منھنجي صلاح تنھنجي دل ۾ اثر ڪونھ ٿي
ڪري. مون ڀانئيو تھ تون اچي پوڙھيو ٿيو آھي، سو
ڀلي کٽولي تي ستي تنھنجي ساھھ وڃي، تھ بسم الله!
اچو تھ ھٿ ڳنڍيون ۽ خدا جي خواھش پوري ڪريون!“
جنگ وري شروع ٿي. گھوڙي تي ھٿيارن سان جيڪو زور
لائڻو ھئن، سو لائي رھيا پوءِ تھ گھوڙن تان لھي
ھٿؤن ھٿ وڙھڻ لڳا. رستم جنگ ۾ گھڻو ڌيان ڪين ٿي
لڳايو، تنھنڪري البت سندس زور گھٽ ھو. سھراب
ڪيرائي وڌس ۽ ترار ڪڍي سسي ٿي ڪپيائينس. پر رستم
رڙ ڪري چيو تھ ”قاعدي موجب اڃا ٻي جنگ بھ ڪنداسين،
پوءِ جي تو مون کي ٻيئي رانديون ماريون تھ توکي
بلاشڪ مارڻ جو حق آھي.“ سھراب ھٿ جھيلو ۽ وري اٿي
وڙھڻ لڳا. انھيءَ پھرين جنگ ھارائڻ ڪري رستم ڏاڍو
ڪاوڙيو. انھيءَ دم سھراب کي دسي وڌائين، ۽ جيئن ھن
ڪيو، تيئن پاڻ بھ ھن کي ھٿ ڏيئي اٿاريائين. ھاڻي
ٽين جيڪا جنگ ٿيڻي ھئي، تنھن ۾ ھڪڙو مڙيو ئي
مارجڻو ھو. ھو ٿورو ساھي کڻي وري اچي ڳنڍيا. رستم
خدا کي سڏيو ۽ پنھنجي ساھھ تان آھو کڻي بيٺو، ۽
جيئن پئي ياد پيس تھ جيتجڻ ڪري ايران وڃي افراسياب
جي ھٿ پوندو، تيئن ئي فتح جي لاءِ انتظار ۽ ڪوشش
ڪيائين.
”ھنن ھڪٻئي تي حملو ڪيو، ۽ ھاڻي سندن ڪمبختيءَ جي
مھل آئي. رستم گھڻي شوق ۽ تازيءَ ھمت جي ڪري ڪراڙو
پئجي آيو، ۽ نصيب چڱو ھئس. ٿوري تائين نھايت سخت
جنگ ٿي، پوءِ تھ رستم، سھراب جي سيني ۾ ترار
لنگھائي ڏني. سھراب دانھن ڪري ڪري پيو. ٿڌو ساھھ
کڻي چوڻ لڳو تھ ”پنھنجي پيءُ جي ملڪ جي برخلاف
وڙھڻ ڪري خدا تعاليٰ مون کي ھيءَ سزا ڏني. افسوس،
ھزار افسوس! آئون ايران ۾ رڳو پنھنجي پيءُ کي ڳولڻ
لاءِ آيو ھئس. اي بھادر مڙس! تون ڪير بھ ھجين تھ
بھ، پڪ ڄاڻج تھ جڏھن رستم پھلوان منھنجي مارجڻ جو
ٻڌندو، تڏھن ضرور اھو وير توکان وٺندو!“ ھيءُ ٻڌي
رستم جو عقل چرخ ٿي ويو، ۽ بيھوش ٿي پنھنجي پٽ جي
پاسي ۾ ڪري پيو.
ايران جي اميرن پري کان بيٺي ھنن پھلوانن جي لڙائي
ڏٺي، سي ھيءُ حال ڏسي ڊوڙي اچي نھارين تھ ٻيئي ڄڻا
ڪريا پيا آھن. ھنن مٿا ھڻي رستم کي ھوش ۾ آندو، ۽
سھراب کيس اشارو ڏنو تھ ”منھنجي بت تان زرھھ لاھي
ڇڏ.“ رستم ائين ڪيو، پر جڏھن سھراب جي ٻانھن ۾
تھمينھ وارو تعويذ ٻڌل سڃاتائين، تڏھن آقي باقي
چريو ٿي پيو، ۽ پڪ ٿيس تھ مون پنھنجي پٽ جو خون
ڪيو آھي. ويچاري سھراب تڏھن سھي ڪيو تھ اھو منھنجو
پيءُ آھي، ۽ ھن کي دلاسو ڏيڻ لڳو، ۽ افسوس ڪري
چيائين تھ ”شايد قسمت ۾ ائين ھو تھ ھيئن اوچتا ملي
وري عمر ڀر جدا ٿيون!“ ھو ڏاڍي ڏک ۾ ھڪ ٻئي کي
ڀاڪر پائي چنبڙي پيا. سھراب، رستم کي چيو تھ ”ھاڻي
ڀلائي ڪري صلح ڪريو، ۽ ڇڏيو تھ توراني وري موٽي
وڃن، ڇاڪاڻ جو مون بيوقوفي ڪري ھنن کي انھيءَ جنگ
لاءِ ساڻ آندو ھو، انھيءَ اميد سان تھ آئون بابي
کي ڳولي لھان. مون پنھنجن ماڻھن کان ورجائي پڇيو
ھو تھ مون کي رستم پھلوان ڏيکاريو. ھنن مون سان
ڊوھھ ڪيو. شايد خدا تعاليٰ جي اھا گھر ھئي. ھاڻ
پاڻ وري آخرت ۾ ملنداسين، جتي اميد آھي تھ ھتي کان
وڌيڪ سکيا گذارينداسين.“ اڃا ھيءَ گفتگو پئي ھلي،
۽ پيءُ پٽ سڏڪا پئي ڀريا تھ گيو بھادر، رستم جو
ناٺي، بادشاھ جي تنبوءَ ۾ ڊوڙي آيو. ڪائوس وٽ ھڪڙو
عجيب مرھم رکيل ھو، اھو جادوگرن جو جڙيل ھو، ۽
ڪھڙي بھ خراب زخم کي انھيءَ دم ڇٽائي ٿي ڇڏيائين.
گيو چيس تھ ”ڀلائي ڪري انھيءَ مان ذرو ڏي تھ سھراب
جو ساھھ بچايون.“ بادشاھھ کي گھڻو افسوس ٿيو ۽ رحم
آيو، پر دل ھڻڻ لڳو تھ ڏيان ڪ نھ. جيڪي امير رستم
جا دشمن ھئا، سي بادشاھھ کي چوڌاري ڦري آيا،
چيائونس تھ ”رستم اڳھين اھڙو زبردست ۽ بيپرواھھ
آھي، پر جي سھراب جھڙو پٽ بھ ساڻس گڏبو تھ پوءِ
ھنن کي الله رسي، بندن جي جاءِ نھ آھي. جي توکان
تخت ڦري وٺن تھ بھ ھنن کان ٿي سگھندو! ”آخر ڪائوس
صاف جواب ڏنو تھ ”اھا مرھم ڪين ڏيندس.“ رستم چرين
وانگي ڪاھي آيو، ڀانئيائين تھ زور زبردستيءَ سان
بادشاھھ کان ڦري وٺان پر انھيءَ ريڙھھ پيڙھھ ۾
ويچاري سھراب جا پساھھ پورا ٿي ويا. |