ڇڙو ئي ڇڙو ڪائوس بادشاھھ کي مانزدران جي قيد مان
ڇڏائڻ لاءِ اٿي ھليو. راتو ڏينھن پئي پنڌ ڪيائين،
۽ جيڪو ويجھو رستو ٿي ڏٺائين سو ٿي ورتائين. ھو
ھڪڙي ويءَ ۾ آيو، جتي گورخر پئي چريا. ڏاڍي بک ھيس،
تنھن ڪري ھڪڙو ماري باھھ تي پچائي کاڌائين، ۽ رخش
تان زين لاھي، ڪک وڇائي، فرحت سان سمھي پيو. اڌ
رات جو ھڪڙو جھنگلي شينھن اتي اچي ڏسي تھ ماڻھو
ستو پيو آھي، ۽ گھوڙو آسپاس ڇڙيو گھمندو وتي. ڪوشش
ڪيائين تھ ٽپو ڏيئي گھوڙي کي کان، پر رخش باھھ
وانگر مٿس چڙھي آيو، ۽ اڳيان پير کڻي آڻي شينھن جي
مٿي ۾ ھنيائين، ۽ وات وجھي کڻي نرگھٽ جھليائينس.
ڏاڍي لڙائي ٿي، پر نيٺ رخش شينھن کي ماريو. رستم
گوڙ تي جاڳيو، ۽ اچي گھوڙي جي پٺي ٺپريائين ۽
چيائينس تھ ”اي بي عقل جانور، جي توکي شينھن ڦاڙي
ڇڏي ھا تھ آئون جيڪر ڪھڙيءَ طرح پنھنجي مطلب کي
رسان ھا، ۽ جنھن ڪم تي نڪتو آھيان، سو جيڪر آئون
ڪيئن پورو ڪريان ھا؟ پوءِ خدا تعاليٰ جو شڪرانو
ڪيائين، جنھن مٿس ھيتري مھرباني ڪئي.
رستم کي ڏاڍو مشڪل رستو درپيش ھو، ۽ اھو بيابان
مان ٿي ويو، جتي ڪو بھ کوھھ پاڻي پيئڻ لاءِ ڪونھ
ھو، ھوا اھڙي گرم ھئي، جو پکي بھ ٻرندڙ واريءَ تي
سڙيو کاميو ڪريو ٿي پيا. ڀانئجي تھ ڌرتيءَ تي باھھ
پکڙي پئي آھي. گھوڙو ۽ سوار ٻيئي ڄڻا ٿڪل ھئا.
رستم اڃ ۽ گرمي سھي نھ سگھيو. گھوڙي تان لھي زمين
تي ڪري پيو، ۽ اکيون آسمان ڏي کڻي وڏي سڏ چوڻ لڳو
تھ ”اي خاوند منھنجا! جيڪڏھن تنھنجي اھا مرضي آھي
تھ آئون ڏک ڏسان ۽ سور سھان تھ آئون خوشيءَ سان
جھان ڇڏڻ تي راضي آھيان، پر مون کي اھا اميد آھي
تھ تو قادر جي قدرت سان آئون ڪائوس بادشاھھ کي بند
مان ڪڍندس، تنھن ڪري اڃا بھ پنھنجي جان بچائڻ لاءِ
ڪوشش ڪندس.“
ھيءُ اڃا ڳالھائڻ ۾ ھو تھ اتان ھڪڙي ٻڪري اچي
لنگھي، رستم خيال ڪيو تھ ھيءُ حيوان ڪٿان تھ پاڻي
پيئندو ھوندو، يقين آھي تھ خدا تعاليٰ منھنجو سوال
ٻڌو آھي.“ ٻڪريءَ ڏي نھاري نيٺ سھي ڪيائين تھ
ويجھيءَ ڇڪ ۾ پاڻيءَ جو ڪو چشمو آھي. پوءِ تھ
ڳولي وڃي چشمي کي ھٿ ڪيائين ۽ پاڻي پي خدا تعاليٰ
جو شڪر ڪري پوءِ گھوڙي تان زين لاھي ان کي
وھنجاريائين، ۽ پاڻ بھ وھنجي سمھي رھيو.
ھن جي ستي کان پوءِ ھڪڙو چيتو ميدان مان نڪتو. رخش
پنھنجي ڌڻيءَ ڏانھن ڀڳو، ۽ زمين تي دڙھا ھڻڻ ۽
ھڻڪارون ڪرڻ لڳو. رستم اک پٽي ھيڏانھن ھوڏانھن
نھاريو، پر چيتو نظر کان نڪري ويو. رخش تي ڪاوڙ
ڪري وري سمھي پيو. چيتو وري غار مان نڪتو، ۽ رخش
اڳئين وانگي وري کڻي ھنبس مچايو. رستم وري اکيون
پٽي گھڻيءَ ڪاوڙ مان گھوڙي کي اجايو سجايو ڳالھايو
پر اونداھيءَ رات جو ٻيو ڪي ڪين ڏسڻ ۾ آيس، ۽ ماٺ
ڪري وري سمھي پيو. چيتي وري بھ منھن ڪڍيو. رخش
ھاڻي جھڙو چيتي کان ٿي ڊنو، تھڙو رستم جي ڪاوڙ
کان، سو اٿي ڀڳو. پر پنھنجي ڌڻيءَ سان اھڙو پيار
ھئس، جو سگھو ئي ٽاٻڙ ٽاٻڙ ڪري وري اتي آيو. چيتي
ھينئر رستم تي ڪاھيو. جڏھن رخش ھي حال ڏٺو، تڏھن
پٺيان اچي چڪ وجھي، چيتي کي زمين تي ڪيرائي
وڌائين، چيتو وري مٿس الر ڪري آيو. رستم کي وجھھ
لڳي ويو، تنھن ترار ڪڍي، ھڪڙي ئي ڌڪ سان سسي ڌڙ
کان جدا ڪري ڇڏيس.
ٻئي ڏينھن رستم جادوگرن جي ملڪ ۾ گھڙيو، اڳڀرو ڏسي
تھ وڻڻ جي ھيٺان چشمي جي ڪپ تي طعام جڙيو جڪيو
رکيو آھي ۽ پٽ تي وڄائڻ جو ساز پيو آھي. ھي حيرت ۾
پئجي ساز کڻي وڄائڻ لڳو. اھو آواز ڪنھن جوان
جادوگر زال جي ڪن تي پيو، سا ٻڌڻ سان اچي رستم جي
ڀر ۾ ويھي رھي. رستم دل ۾ چيو تھ ”ھاڻي ڪيئن
ڪريان؟“ خدا کي ياد ڪري شراب جو پيالو ڀري ھن زال
کي ڏنائين، پر زال جو خدا جو نالو ٻڌو، سان ھڪدم
چھرو بدلائي ٻيلي ۾ گم ٿي ويئي. ھيءُ ذري گھٽ بلا
جي ور ٿي چڙھيو، تنھن ڪري خدا تعاليٰ جو شڪرانو
ڪيائين، ۽ اٿي پنڌ پيو. رات ڏينھن پئي ھليو.
نيٺ ھڪڙي مزي جھڙي ملڪ ۾ آيو، جتي رڳو ساوڪ ۽
گلڪاري ھئي. ارادو ڪيائين تھ ھتي ٿورو آرام وٺان.
پوک جي واھين، رخش کي ڇيڪ چرندو ڏسي، واڳ کان وٺڻ
جي ڪوشش ڪئي، پر رخش ڀڄي، پنھنجي ڌڻيءَ ڏي آيو،
جنھن تي ھو جاڳيو ۽ ماڻھن کي گھڻي ڀاڱي ڇينڀ
ڪيائين. واھين ڊوڙي وڃي ملڪ جي حاڪم کي ٻڌايو تھ
”ھڪڙي ماڻھوءَ اچي اسان جي ٻني زيان ڪئي آھي، ۽
نوڪرن کي گاريون ڏنيون آھن.“ حاڪم جو نالو اولاد
ھو. ھو ٻھ- چار بھادر مڙس پاڻ سان وٺي آيو، ۽ اچي
رستم تي ھلان ڪيائين، پر ھو اڳيئي گھوڙي تي چڙھي
ترار ڪڍي بيھي رھيو. پوءِ اڳڀرو ھلي، جن پھريائين
رستو ٿي روڪيس، تن مان ڪن جون سسيون ترار سان
لاٿائين تھ ٻيا اٿي ڀڳا. رستم پنھنجي ڪمند کي
ٻانھن جي چوڌاري سٺ ويڙھا ڏيئي، اولاد حاڪم جي
مٿان اڇلايو تھ ڦندو وڃي ھن جي ڳچيءَ ۾ پيو. رستم
ڇڪي گھوڙي تان لاٿس، ۽ پٽ تي ڪيرايائينس، پر مارڻ
جي نھ ڪيائينس، ڀانئيائين تھ کانئس ملڪ جو سما چار
لھان. چوڻ لڳس تھ ”جي ايمانداريءَ سان منھنجو
رھنما ٿيندين تھ آئون مازندران جو ڇٽ تنھنجي مٿي
تي رکندس، پر جي ڪا نامرادي يا دغابازي ڏيکاريئھ
تھ ھيءَ ترار سيني ۾ لنگھائي ڏيندوسانءِ.“
اولاد حاڪم کي جيئدان مليو، ۽ رستم جي جا دھشت
ڏٺائين ۽ سندس ھمت جاچيائين، تنھن ڪري خوشيءَ سان
انجام ڪيائين تھ ”جنھن قيدخاني ۾ سفيد ديو ايران
جي بادشاھھ ڪائوس ۽ اميرن کي بند ڪيو آھي، سو ھلي
ڏيکاريندس.“ پر ايترو سو ٻڌايائينس تھ ”ھي ھي خوف
درپيش آھن.“ پر رستم بي فڪرو اڳتي ھلڻ لاءِ منتظر
ھو. اولاد جي ڳچيءَ مان ڪمند ڪڍي ورتائين، ۽ ھن کي
چيائين تھ ”تون گھوڙي تي چڙھي اڳيان ھليو ھل تھ
آءٌ تنھنجي پٺيان ھلان.“ انھيءَ طرح رات ڏينھن جبل
بيابان جھاڳيندا ھليا ويا.
ڳچ سفر کان پوءِ نغارن ۽ دھلن جو آواز ھن جي ڪنن
تي پيو، ۽ رات جو ھزارين باھيون ۽ روشنايون ڏسڻ ۾
آيس.ڄاتائين تھ مازندارن ۾ پھتا آھيون. جادوگرن
ديوارن تي نگھبان بيھاري، پاڻ ۾ اھا رات عيش عشرت
۾ ٿي گذاري. رستم اوچتو وڃي نگھبانن جي مٿان پيو،
۽ دربانن کي ماري، گھڙي اندر شھر ۾ ٿيو، رخش
اھڙيون ھڻڪاريون ڪيون جو قيدخاني ۾ ڪائوس بادشاھھ
جي ڪنن تي پيون، جنھن دانھن ڪري چيو تھ ”ھاڻي
منھنجي ڪمبختي پوري ٿي، اھا ھڻڪار رستم جي گھوڙي
کان سواءِ ٻيو ڪوئي ڪونھ ڪندو.“ جي امير ساڻس گڏ
قيد ھئا، تن کلي چيو تھ ”بادشاھھ جو عقل جاءِ نھ
آھي، ويچارو ڏکن ۾ چريو ٿي پيو آھي.“پر انھيءَ دم
رستم، اولاد جي واھر لاءِ قيدخاني ۾ گھڙي آيو.
ڪائوس اٿي کڻي ڀاڪر وڌس، ۽ سڀني ھٿ ٻڌي خدا تعاليٰ
جا شڪرانا ڪيا، جنھن سندن واسطي ھيءُ ڇٽائڻ وارو
موڪليو ھو.
پر رستم کي خبر ھئي تھ منھنجو ڪم پورو نھ ٿيو آھي،
ڇاڪاڻ جو جيستائين ديون جو سردار جيئرو ھوندو،
تيستائين قيدين کي بند مان ڪڍڻ ۽ وطن تي وارڻ مشڪل
آھي. ھو پل بھ ڪين ترسيو، ھنن کي سمجھائي ۽ صلاح
ڏئي پاڻ ديو جي جبل ڏانھن ھليو. جڏھن اتي پري کان
سفيد ديو جو غار ڏٺائين، جتي سنڀال لاءِ وڏو ڪٽڪ
بيٺو ھو، تڏھن بيھي اولاد سان صلاح ڪيائين. ھيءُ
ويچارو اچي اھڙو ڊنو، جو ڳالھھ ڪرڻ کان ٻاھر! چوي
تھ ”جي آئون سڄو لوھھ جو ٿي پوان، تھ بھ ھنن کي
سامھون ٿي نھ سگھان!“ پر رستم ڊڄڻو ڪين ھو، تنھن
چيس تھ ”آئون رڳو تو کان ايترو ٿو پڇان تھ ھن تي
ڪاھھ ڪرڻ لاءِ ڪھڙو وقت برابر ۽ واجب آھي؟“ اولاد
ورندي ڏني تھ ”ٻنپھرن جو، جڏھن سج ڪاپار تي ٿو
اچي، تڏھن ديو غار جي پٺيان وڃي ٿو سمھي، ۽ سندس
پھريدار غار جي منھن وٽ آرام وٺن ٿا. انھيءَ وقت
خدا تعاليٰ پنھنجيءَ قدرت سان توکي ايتري سگھھ
ڏئي، تھ ان جي مارڻ جي ڪوشش ڪر.“
رستم ھيءَ صلاح خوشيءَ سان ورتي، ۽ زرھھ لاھي ڦٽي
ڪيائين، انھيءَ لاءِ تھ جيسين اھو وقت اچي، تيسين
سکيو ٿي ويھان. جڏھن اھو وقت آيو، تڏھن رستم اٿي
ٽوپي مٿي ۾ وڌي، ۽ سپر ٻڌي، ترار ھٿ ۾ ڪئي. پوءِ
اولاد کي وڻ جي ٿڙ سان ٻڌي پاڻ ڇڙو ئي ڇڙو غار
ڏانھن ھليو. جڏھن غار جي منھن وٽ آيو، تڏھن اوچتو
وٺي گوڙ ڪيائين، ۽ ستلن سپاھين جون سسيون ڌڪ ھڻي
ڪپي ڇڏيائين ۽ باقي جيڪي بچيا، سي اٿي ڀڳا. رستم
غار ۾ گھڙيو، پر اھڙي اونداھي ھئي، جو پري تائين
تھ خبر ئي ڪانھ ٿي پيس تھ الائجي اتي ڇا آھي؟ پر
جڏھن اکيون جاءِ آيس، تڏھن ڏسي تھ اڳيانئس ٽڪريءَ
وانگي ھڪڙو وڏو ڍڳ پيو آھي. سڄي جاءِ ھن جي بت سان
ڀري پئي ھئي. پوءِ تھ اچي لڙائي لڳي. رستم ڪڏھن
پنھنجي حياتيءَ ۾ اھڙي خوف ۾ ڪونھ پيو ھو، ۽ ديو
پاڻ بھ اھڙي زوراوردشمن سان اڳي ڪڏھن ڪونھ اٽڪيو
ھو. ديو، جبل جو ھڪڙو ٽڪر ھٿ ۾ کڻي مٿس اڇلايو، پر
رستم تجويز سان ڌڪ گسايو ۽ بدلي ۾ پنھنجي ترار سان
اھڙو زور ڀريو ڌڪ ھنيائينس، جو ديو جي ھڪڙي ٽنگ
ڪپجي پئي. ھيءَ لڙائي ڪيتري ئي وقت تائين پئي ھلي.
ڌرتي رت سان ڀرجي ويئي، پر خدا رستم کي بھادري ۽
ھمت ڏني، جنھن ڪري ھن دشمن کي جيتيو، ۽ کيس ماري،
پاسو ڦاڙي، پيٽ مان سندس دل ڪڍي ورتائين. ڇاڪاڻ جو
خبر ھيس تھ رت جا ٻھ- ٽي ڦڙا، جي ڪائوس بادشاھھ ۽
سندس قيدي ۽ سندن اميرن جي اکين ۾ وجھبا، تھ
سوجھرو پيدا ٿيندن ۽ انڌائيءَ جي عذاب کان ڇٽندا.
جڏھن ديون جي لشڪر ڏٺو تھ اسان جو سردار مارجي
ويو، تڏھن اھي اٿي ڀڳا. رستم اولاد کي ڇوڙيو، ۽
پاڻ ڪائوس ڏي موٽيو تھ وڃي ويچارن کي قيد مان
ڪڍان. پھريائين ھنن جون اکيون روشن ڪيائين، پوءِ
ڪائوس کي شاھي پوشاڪ ڍڪايائين تھ جيئن پنھنجي ملڪ
۾ بادشاھھ وانگي اچي، نھ تازي ڇٽل قيديءَ وانگي.
ڪائوس، مازندارن جي بادشاھھ ڏي نرميءَ سان ھڪڙو خط
لکيو، جنھن ۾ چيائينس تھ ”تون اچي اسان جي تابع
ٿيءُ، اسان جي مرضي آھي تھ اِھي جادوگر، جن جو خدا
۾ اعتبار ڪونھي، تن کي ماري چٽ ڪريون. جڏھن ايلچي
بادشاھھ وٽ آيو، تڏھن بادشاھھ خط کي عطر عنبير
لائي، واس ڌوپ ڏيئي ڪنھن ڏاھي کي چيو تھ ”ھي پڙھي
سندس مضمون مون کي ٻڌاءِ.“ پر ھن بادشاھھ کي ڪائوس
سان ڏاڍو وير ھو، ترسيو بھ ڪين، ستت ئي جواب
ڏنائين تھ ”مون وٽ ڏھھ لک جنگي بھادر، ٻارھن سؤ
ھاٿي ھڪيا بيٺا آھن، جي تو خواب ۾ بھ نھ ڏٺا
ھوندا، آئون اھي توتي چاڙھي ايندس، ۽ تنھنجو سڄو
ملڪ ناس ڪري ڇڏيندس.“
جڏھن اھو ايلچي وري ڪائوس وٽ آيو، ۽ اھو شوخ جواب
آڻي ڏنائين، تڏھن رستم بادشاھھ کي چيو تھ ”ٻيو
پيغام آئون پاڻ نيندس.“ منشيءَ انھيءَ ساعت قلم
گھڙي تير جي منھن وانگي تکو ڪيو، ۽ بادشاھھ جي چئي
موجب ھيئن لکڻ لڳو تھ ”جيڪي تو مون ڏي لکيو آھي،
سو سڀ اجايو آھي، ۽ سياڻو ماڻھو جيڪر ائين ڪين
لکي. مٿي ۾ جيڪو واءُ اٿيئي سو ڪڍي ڇڏ، ۽ اچي
منھنجو فرمانبردار ٿيءُ، نھ تھ آئون سڄي زمين
پنھنجي لشڪر سان ڀري ڇڏيندس، ۽ تون رڳو ڳجھن جو
قوت ٿيندين!“ بادشاھھ خط تي مھر ھڻي رستم کي ڏنو،
جو سادو اميري ويس ڪري اٿي ھليو.
جڏھن مازندان جي لشڪر جي اڳيان آيو، تڏھن
ڀانئيائين تھ قاصد ٿي ڪنھن کي جوکو بھ نھ رسايان،
۽ ماڻھن کي پنھنجي ھمٿ ۽ جوانمردي بھ ڏيکاريان.
رستي ۾ ھڪڙو وڏو گھاٽو وڻ بيٺو ھو، تنھن ۾ ھٿ وجھي
ھن ڇڪي پاڙؤن پٽي ورتو، ۽ نيزي وانگي کڻي مٿي
ڪيائينس. ھيءُ حال ڏسي، دشمن جي لشڪر ۽ سردارن کي
ڏاڍي حيرت لڳي. پوءِ اھو وڻ پري اڇلائي کڻي
ڇڏيائين. وڻ ڪرڻ سان ڪيترن ئي گھوڙن کي زمين تي
ڪيرائي وڌو. مازندران جي اميرن مان ھڪڙو اڳڀرو ھلي
اچي ظاھري دوستيءَ جي رستي، رستم جو ھٿ وٺڻ لڳو،
پر حقيقت ۾ ڀانئيائين تھ ھن کي پنھنجو زور
ڏيکاريان. رستم کلي پنھنجي واري تي ھن جي ھٿ کي
اھڙو زور ڏنو، جو ھن جو چھرو بدلجي ويو، ۽ بيھوش
ٿي گھوڙي تان ڪري پيو. جڏھن بادشاھھ کي ھيءَ خبر
وڃي ٻڌايائون، تڏھن ڏاڍو عجب لڳس، ۽ ھن کي پاڻ وٽ
گھرائي وڏا وڏا انعام ڏيڻ لڳو، پر رستم وٺڻ جي نھ
ڪئي. ۽ جڏھن ڏٺائين تھ خط پڙھي بادشاھھ ڏاڍو
ڪاوڙيو آھي، ۽ صلح ڪرڻ جي ڪانھيس، تڏھن وير وٺڻ
لاءِ ڪائوس ڏي موٽيو.
ٻنھي لشڪرن جي وچ ۾ ست ڏينھن برابر ڏاڍي جنگ ھلي.
نيٺ رستم فتحياب ٿيو. مازندارن جو بادشاھھ ماريو
ويو، ۽ سندس خزانو جبل وانگي ڍڳ ڪري ڪائوس وٽ کڻي
آيا، جنھن مان سپاھين کي سندن قدر موجب انعام
مليو. پوءِ بادشاھھ حڪم ڏنو تھ ”ستن ڏينھن تائين
سڀ ماڻھو شڪراني جي عبادت ڪن.“
اٺين ڏينھن سڀ غريب غربا گڏ ڪري خيرات ڪرڻ لڳو، ۽
رستم جي واعدي پوري ڪرڻ لاءِ اولاد کي مازندران جي
تخت تي ويھاريائين، ۽ پاڻ لشڪر وٺي پنھنجي گاديءَ
جي ھنڌ ڏانھن موٽيو.
ڪائوس رستم جي لاءِ انعام مقرر ڪيو. فيروزن ۽ سون
سان سينگاريل تخت، جواھرن سان جڙيل شاھي ڇٽ،
ڪيمخاب جو تڪيو، ھڪڙو ڪنگڻ، ھڪڙي سوني زنجيري، سؤ
ٻانھيون اچن ڪپڙن سان پھريل، سو ھٿيارن وارا
سپاھي، سؤ گھوڙا سونن ۽ روپن سنجن سان، سؤ ڪارا
خچر، سؤ مھرن جون ڳوٿريون، لعل فيروزيءَ جا باسڻ
سرھاڻ سان ڀريل، ۽ نيمروز ۽ ٻيا ڏکڻ وارا ضلعا،
رستم ھيءُ انعام وٺي عزت پائي، پنھنجي پيءُ زالزر
ڏي ھليو ويو.
ڪائوس کي جا بڇڙي عادت ھئي، تنھن ڪري سک ڪين آيس.
ھاماوران جي بادشاھھ سان ويڙھھ ڪيائين. پھريائين
فتحياب ٿيو، پر پوءِ ھن سندس واسطي دام پکيڙيو. ھن
کي پنھنجي ڌيءَ سودابھ تي لالچايائين. اگرچھ ڪائوس
کي وڏيءَ راڻي مان سيائوش نالي پٽ بھ ھو، جنھن کي
رستم پاڻ سنڀاليندو ھو، تڏھن بھ ھن جي اھا مرضي ٿي
تھ سودابھ سان شادي ڪري، ھن کي پنھنجين سڀني راڻين
کان وڏو درجو ڏيان.
جڏھن ھاماوران جي بادشاھھ ڪائوس کي بھادرن سوڌو
لالچائي پنھنجي محلات ۾ آندو، تڏھن يڪدم ھنن کي
قيدي ڪري، ھڪڙي قلعي ۾ کڻي بند ڪيائين. ايرانين
ھميشه وانگي وري زالزر ۽ رستم کي مدد لاءِ عرض
ڪيو. رستم جي دل وڙھڻ لاءِ گھڻو خواھشمند ھئي.سو
ايراني لشڪر پاڻ سان وٺي ڪائوس بادشاھھ کي ٻيو
ڀيرو قيد مان ڪڍڻ لاءِ نڪتو. ۽ سڪيءَ کان پنڌ تمام
پري ھو، تنھنڪري پاڻيءَ جي رستي ھاماوران ۾ وڃي
پھتو.
جڏھن سندس ڪٽڪ وڃي لٿو، تڏھن جبل ۽ ميدان نظر ۾ ئي
نٿي آيا. سڄي زمين زرھن سان ڍڪجي ويئي ۽ آسمان جي
تارن کي ڄڻ تھ نيزن جي ڦرن جي چمڪاٽ کان روشنائي
ٿي پھتي. ايترا چمڪندڙ ھول ۽ ٻرندڙ سپرون ۽ جلوي
واريون ڪھاڙيون ھيون، جو ڌرتي پلٽيل سون جي تلاء
وانگي پئي ڏٺي.
شرنائن ۽ توتاڙين جي آواز کان جبل ڏريو ٿي پيا، ۽
گھوڙن جي سنبن جي دڙھن کان زمين پئي ڌٻي. نغارن،
دھلن ۽ گھڙيالن جو آواز ھڪڙي پاسي کان ٻئي پاسي
پئي ويو. پھلوان صفون ڇڏي وڙھڻ ٿي نڪتا، ۽ گھوڙن
جا لغام سندن گردنن تي رکي، نيزن جا ڦر زھر سان
ڀري، مٿا زين تي نائي، جنگ جا نعرا پئي ھنيائون.
جنگ اھڙي سخت ٿي، جو گويا ڪاري ڌرتيءَ تي ڳاڙھو
مينھن پئي وٺو. ھيڏو ڪٽڪ ڏسي تورانين جي دل سست ٿي
ويئي، ۽ رستم جو قد ۽ زور ڏسي عقل ئي خطا ٿي وين.
ھنن پنھنجي مدد لاءِ مصري ۽ بربري بھادر گھرايا
ھئا، تنھنڪري رستم کي ھڪڙي ھنڌ ٽن لشڪرن سان وڙھڻو
پيو. پر انھيءَ ھوندي بھ ھن فتح ڪئي. غنيم جو لشڪر
ڦري ايران جي پاسي ٿيو. ڪائوس قيد کان نڪتو، ۽
سودابھ سان گڏجي پنھنجي ملڪ ڏانھن موٽيو.
ھاڻي وري سانت ۽ صلح ٿيو. ڪائوس بادشاھھ وجھھ ڏسي
تجمل جھڙا ڪم ڪيا، ۽ البرز جبل تي عاليشان عمارتون
جوڙايائين تھ ڀلي مٿن اتي جا ديو ڪمائين، تھ وري
منجھائن ڪو خوف نھ ٿئي. ڪائوس ھنن کي حڪم ڏنو تھ
”بلور جي محلات جوڙيو، ۽ مٿس زمرد جڙيو، ۽ اھڙو
سھڻو ڪم ڪريو، جو آئون پاڻ ان ۾ ويھي عيش عشرت جون
مجلسون ڪريان.“ گھوڙن جي لاءِ جبل کي ٽاڪي ڪڙھيون
ٺھرايائين، جن کي پھڻ ۽ رڪ جا ٿنڀا وجھارايائين، ۽
ھڪڙي وڏي عمدي عمارت گنبذ ۽ مناري سان ٺھرايائين،
۽ منجھس ڪو ھوشيار مجوسي ويھاري ڇڏيائين، تھ وڏن
علمن جي استعمالي پيو ڪري، ۽ پنھنجي رھڻ لاءِ سون
۽ رپي جي محلات جوڙايائين، جنھن تي وري فيروزا ۽
ياقوت کڻي جڙايائين، جو سڄو سال گلاب پئي ٽڙيا ۽
بھار پئي وسي.
پر ديون جي سردار ابليس يا اھريمن کي دل ۾ آيو تھ
”ڪائوس کي ناس ڪري، سندس رعيت کي ظلم کان ڇٽايان.“
ڪيترين ئي شڪلين ۽ ويسن ۾ ھن بادشاھھ کي لالچايو،
۽ سندس مغز ۾ اجايا خيال وڌائين، ۽ چيائينس تھ ”جي
ڀانئين تھ سڀ کان وڏو بادشاھھ ٿيان تھ آسمان ۾
چڙھڻ جو بندوبست ڪر، ۽ جتي وڻئي اتي جھان جي مٿان
ھوا ۾ پيو اڏام!“ ڪائوس کي جو ھيءُ خيال مٿي ۾
ويھي ويو، سو نڪي رات، نڪي ڏينھن سک ٿي سمجھيو.
شاعر لکي ٿو تھ ”ڀلا کنڀن کان سواءِ ڪيئن اڏامي
سگھبو؟ اھا خبر ڪين ھيس تھ انسان ڇا آسمان کي
پھچندو؟ خدا تعاليٰ کي دنيا جي اپائڻ جو ڪو بھ کپ
ڪونھي، قادر مطلق آھي، ۽ سڀني مخلوقن کي گھرجي تھ
سندس رضا تي راضي رھن. اي بندا، زمين ۽ آسمان
تنھنجي ڪم لاءِ خلقيل آھن، پر آسمان تنھنجي پھچڻ
جو ناھي!“
ڪائوس بي عقلي ڪري جادوگر آڻي گڏ ڪيا. ھنن ھڪڙي رٿ
رٿي، جنھن وسيلي ھو ھوا ۾ اڏامي سگھي. اھا ھيءَ
ھئي تھ چئن ننڍن بازن کي اونداھيءَ ۾ پالي، پوءِ
انھن کي جنھن تخت تي بادشاھھ ويٺو ھو، انھيءَ جي
پاون سان کڻي ٻڌائون. بازن جا روشنائي ڏٺي، سي اٿي
اڏاڻا. گھڙيءَ ۾ وڏن جبلن جي چوٽين کان بھ مٿي
چڙھي ويا، پر سگھو ئي ٿڪجي پيا ۽ بار جي ڳرائيءَ
کان ھلاڪ ٿي، ھڪڙيءَ ٽڪريءَ تي ڪري پيا، ۽ ڪائوس
ڌڪو کائي ماندو ٿي ڪري پيو.
رستم ۽ ٻيا امير، بادشاھھ جي ڳولا ۾ نڪتا. گھڻيءَ
محنت کان پوءِ وڃي ڏسن تھ زمين تي ٿڪو ٽٽو پيو
آھي. ھنن گھڻا طعنا ھنيس، ۽ گذريل خرابيون ياد
ڏياريائونس، خصوصا ھيءَ تازي حرڪت، جا خود خدا جي
حڪم جي برخلاف ھئي، ۽ جنھن جي ڪري اھا جوڳي سزا
ڀوڳيائين.
ڪائوس ڏاڍو شرمندو ٿيو، ۽ جيڪي ڪيو ھئائين، تنھن
جي لاءِ گھڻو پڇتايائين. جڏھن پنھنجي محلات ۾ موٽي
آيو، تڏھن چاليھھ ڏينھن برابر خدا تعاليٰ کي سجدو
پئي ڪيائين، ۽ پنھنجي گناھن جي معافي پئي
گھريائين. |