مسجد جي سونهن اکرن سان نه اک سان
محسوس ڪري سگهبي، مسجد شاهجهان جو نالو ان ڪري پيو
جو اها شاهجهان جي زماني ۾ سن 1644ع کان 1647ع ۾
ٺهي. 58- 1657ع ڌاري وزير مير جلال رضويءَ مسجد ۾
فرش هڻايو.
اهو شاهجهان جي حڪومت جو آخري سال
هو. اورنگزيب 1707ع ۾ هن مسجد ۾ ڪجهه ڦيرڦار ڪئي.
مسجد جي تعمير ۾ تڏهوڪو 9 لک روپيا خرچ ٿيا. مسجد
جا بنياد ۽ ڪرسي پٿر جون آهن، باقي سڄو ڪم ڳاڙهين
سرن ۽ ڪاشيءَ جو آهي. سچ پچ ته سنڌ جي ڪاريگرن پاڻ
ملهايو آهي. چوندا آهن ته مسجد ۾ هڪ سو قبا آهن،
پر ڪو به ماڻهو پورا نٿو ڳڻي سگهي. ڪو 99 ڳڻيندو
ته ڪو هڪ سو هڪ، پر اصل ۾ ڪل 93 ننڍا وڏا گنبذ آهن
جن مان ٽي وڌيڪ اهم آهن، وچين عمارت جي ڊيگهه ويڪر
305 ۽ 170 فوٽ آهي.
مسجد جي اضافي خوبي اها آهي ته
سمورا گنبذ اهڙي حساب سان ٺاهيا ويا آهن جو محراب
مان امام صاحب جو آواز سڄي مسجد ۾ گونجي ٿو. مسجد
۾ استعمال ٿيل نيري ۽ اڇي ڪاشيءَ جوڳاڙهين سرن سان
ميلاپ، باغ ۽ ڦوهارا مغل وارين اڏاوتن ۽ سنڌي فن
جو ٺاهوڪو سنگم
آهن. (سنڌوءَ جو
سفر، بدر ابڙو، سنڌيڪا)
شاهجهان مسجد
ٺٽي شهر ۾ گهمندي گهمندي پهچي
وياسون ٻارو،
شاهجهان جي مسجد جو آ ڪيڏو عجب
نظارو.
ٻارو! ڪيڏو عجب نظارو.
مسجد جو در ٽپندي ئي سچ گلڙا نظر
اچن ٿا،
اوسي پاسي خوشبوءِ آهي، موهي باغ
ٿو سارو.
ٻارو! موهي باغ ٿو سارو.
ڏسڻ اچن ٿا مسجد ماڻهو، پري پري
کان ٻارو،
واهه واهه ڪاريگر ٺاهيو آ هن جو
نقشو پيارو.
ٻارو هن جو نقشو پيارو.
لوڪ چوي ٿو ٻارو هن ۾ هڪ سَو قبا
آهن،
ڪونه ڳڻي سگهيو آ ڪوئي هر هڪ ٿيو
ويچارو.
ٻارو! هر هڪ ٿيو ويچارو
مسجد جي هڪ پاسي کان سڀ گهمندا
ڦرندا هلجو،
ٻي پاسي کان موٽي اچبو ڇِڏ جو ڪڏهن
نه ٻارو.
ٻارو! ڇڏجو ڪڏهن ٻارو.
رنگ سِرن جو نظر اچي ٿو ڳاڙهو
ڳاڙهو، ڳاڙهو،
ڪاشيءَ جو ڀي ڪم نظري ٿو، سمجهو
هيءُ ايشارو.
ٻارو! سمجهو هي ايشارو.
اگر اوهان محراب ۾ بيهي، ٿورو ڀي
آواز ڪندا،
گونجندو رهندو مسجد اندر مون به
ٻڌو آ يارو.
ٻارو! مون به ٻڌو آ سارو.
ڪو جو پڇي اوهان کان ٻارو، ڇاڇا
گهميا آهيو،
هاڻ ٻڌائيندو سچ سارو، ٿيندو ڪونه
مونجهارو.
ٻارو! ٿيندو ڪونه مونجهارو.
هاڻ هلون ٿا واپس گهر ڏي، اوهان
ٿڪيا هوندا،
پڪ سان پنهنجي ذهن ۾ سهڻو، هوندو
رکيو خاڪو سارو،
ٻارو! رکيو خاڪو سارو.
”غازي“، سرمد، سومر سڏ ڪن، ٻڌو ٻڌو
هو ٻارو،
حوض ۾ ڪيڏو سندر آهي، رنگن ڀريو
ڦوهارو،
ٻارو! رنگن ڦوهارو.
ڪلان ڪوٽ
مڪليءَ کان فقط 5- 6 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾
سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم باب کنڊريو پيو آهي.
مڪليءَ کان ٽي ميل پڪو رستو طئي ڪرڻ کان پوءِ کاٻي
پاسي ٻه ڪلوميٽر کن ڊگهو ٽاڪرو پيچرو ڪلان ڪوٽ وٺي
وڃي ٿو.
ڪلان ڪوٽ جي ڀت چئني پاسن کان ڊهي
چڪي آهي، البته ان جو نقشو تيار ڪري سگهجي ٿو.
سرسري جائزي مان لڳي ٿو ته ڪلان ڪوٽ کي گهٽ ۾ گهٽ
ٽي در هئا، ڏکڻ ۾ هڪ خندق هئس، اوڀر ۾ سنڌوءَ جو
وهڪرو ۽ اتر کان اولهه ۾ هڪ سهڻي ڍنڍ اٿس. اتر
واري پاسي هڪ اضافي ديوار آهي، جنهن جا بنياد
اولهه ۾ ڍنڍ واري پاسي وري اچن ٿا.
ڪلان ڪوٽ ۾ هڪ مرڪزي ٽاور به ڏسجي
ٿو، جيڪو اوڀر واري دروازي وٽ هو. گهٽ ۾ گهٽ ڇهن
تلائن يا حوضن جا اهڃاڻ موجود آهن. جن مان ٽي عدد
مُهن جي دڙي واري عظيم تلاءُ جيڏا آهن. مرڪزي
تلاءَ ۾ لهڻ لاءِ ڏاڪڻيون اڃان تائين آهن. قلعي جي
الهندي ديوار وٽ شاندار مسجد آهي، جنهن جي ڇت ڊهي
چڪي آهي. البته بيٺل ديوارون ۽ ان تي ٿيل ڪاشيءَ
جو ڪم شاهڻي شان جي جهلڪ ڏئي ٿو. اڏاوت جي لحاظ
کان گنبذ جا بچيل حصا ماهرن لاءِ دلچسپ ٿي سگهن
ٿا. ڇو ته گنبذ لاءِ رکيل بنياد روايتي بنيادن کان
مختلف محسوس ٿين ٿا. مسجد کي هڪ وڏو محرابي در
اوڀر کان آهي.
قلعي ۾ ٽامي جا سڪا به جام آهن.
ٺڪراٺي ۾ ڪاشيءَ سان گڏوگڏ اوائلي شيشو به ملي ٿو.
قلعي جي اولهه ۾ موجود ڍنڍ جو نالو ڪلان ڪوٽ آهي.
ڪلان ڪوٽ جي ڏاکڻين ڇيڙي تي ڪالي مندر آهي، جيڪو
هندن لاءِ تيرٿ آستان جي حيثيت رکي ٿو. مندر کي
اڇو پلستر ڪيو ويو هو، جنهن تي سهڻي گلڪاري هئي،
اکڙيل پلستر جي باوجود ڦٽل گلڪاريءَ جا اهڃاڻ
موجود آهن.
(سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو، سنڌيڪا
1989ع)
ڪلان ڪوٽ
ڪلان ڪوٽ کي ٿو ڏسڻ آءٌ چاهيان،
ڪهاڻي تنهين تي لکڻ آءٌ چاهيان.
چون ٿا ته مڪلي جي ويجهو هي آهي،
هلي آءٌ ان جي ٿو تصوير ٺاهيان.
ڀُري ڀت پئي آهه هرڪا انهيءَ جي،
هٿن ساڻ ان کي مان ٺاهڻ ٿو چاهيان.
ڪلان ڪوٽ ۾ هڪڙو ٽاور ٿو ڏسجي،
گهمي تنهن تي ان جا ڇو نيشان
ڊاهيان.
تلائن ۽ حوضن جا اهڃاڻ آهن،
سي سنگيتن کي سارا ڏيکائڻ ٿو
چاهيان.
ڪي نيشان مسجد جا آهن اڃا تئين،
مان گنبذ جي ڀت کي هٿڙا ٿو لاهيان.
ڪي بنياد گهرڙن جا آهن قلعي ۾،
انهن کي ڏسڻ لئه ادا آءٌ ڪاهيان.
لڌا لوڪ آهن ڪي ٽامي جا سڪا،
انهن کي به ”غازي“ ڏسڻ آءٌ چاهيان.
ليکڪ جا ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل ڪتاب
ڇپيل
·
ٻار گلن جا هار، 1992ع، سنڌي ادبي سنگت، شاخ عبدو.
·
مرڪندڙ مکڙيون، 1997ع، گلڙا پبليڪيشن، شڪارپور.
·
سائنس بخشي سونهن، 1999ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو.
·
وطن گل آ مون لئه، 2002ع، سنڌي ساهت گهر،
حيدرآباد.
·
سائنس پئي سمجهائي، 2003ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڄام شورو.
·
رانديڪن سان راند، 2003ع، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
ڄام شورو.
·
گيت پنهنجي ديس جا، 2004ع اين اي فائونڊيشن،
حيدرآباد.
·
رنگا رنگي گيت، 2006ع، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
·
ڌرتيءَ تارا 2008ع، (مرتب) سنڌي ادبي بورڊ، ڄام
شورو.
·
ڀنڀوري، 2008ع، اين اي جان فائونڊيشن، حيدرآباد.
·
مرڪون، 2009ع، اين جان فائونڊيشن، حيدرآباد.
·
زنجير ٽٽي پوندا، 2011ع، سچائي اشاعت گهر، دڙو
·
سنڌي گيت، 2014ع، مهراڻ پبليڪيشن، سکر.
·
تند تنوار، 2015ع، سونهن پبليڪيشن، پريالوءِ.
·
محبوبِ خُدا، 2017ع، سونهن پبليڪيشن، پريالوءِ.
(صدارتي ايوارڊ سان نوازيل نومبر
2018ع)
·
گيتن جي مهڪار، 2019ع سنڌ راڻي پبليڪيشن،
حيدرآباد.
اڻ ڇپيل
·
جيون جهوٽو واءُ
·
نيري ساگر ۾
·
جڏهن چمن ۾ بهار ايندو
·
سنڌ جا هيرا (ٻارن لاءِ شاعري)
·
جي چڻنگ دُکي ڪاٿئون
تاريخي ۽ ثقافتي شاعر
اسان جو ٻاراڻو ادب تڏهن ئي سگهارو
ليکيو ويندو، جڏهن ان ۾ لکندڙ علم، ادب ۽ سائنس
بابت نوان خيال ڏيندڙ هوندا، ٻار! انساني سماج جي
اها طاقت آهي، جيڪا انساني نسل جي ارتقا جا مرحلا
طئي ڪري ٿي ۽ ان ارتقائي مرحلن ۾ جيڪڏهن ڪو شاعر
ڪردار ادا ڪري ٿو ته هڪ بهترين معاشرو اڏجي وڃي ٿو
۽ ٻارن جي صحيح تربيت ئي بهتر سماج جوڙي ٿي.
ٻاراڻي ادب ۾ هر شاعر ٻارن کي
نصيحت ۽ ڪردار سازيءَ وارا گيت، نظم ۽ بيت ڏيندو
رهي ٿو، پر غلام محمد غازي سنڌي ٻاراڻي ادب جو هڪ
اهڙو خدمتگار شاعر آهي، جيڪو پنهنجي هر ڪتاب ۾
ڪانه ڪا نواڻ، ڪونه ڪو نئون خيال ڏيندو رهي ٿو.
جيڪو هر ٻارتي اثرانداز ٿئي ٿو.
غلام محمد غازي نصيحت ڀريا پيغام،
ٻارن جي مُرڪڻ راندين ۽ سائنس بابت ٻارن کي
شاعريءَ ۾ معلومات ڏئي چڪو آهي، پر هن ڪتاب ”اسان
جي ڌرتي“ ۾ سنڌ جي ماڳ مڪانن تي نظم لکي ڪارائتي
ڄاڻ ڏني آهي، جنهن سان ٻارن کي پنهنجي ڌرتيءَ جي
قديمي ۽ ثقافتي جاين جي ڄاڻ ملندي، موهن جو دڙو،
ڀنڀور، روپا ماڙي، ڪينجهر، منڇر، ساڌٻيلو، ڪياماڙي
بندر، سنڌالاجي، رني ڪوٽ، مڪلي، ڪوٽڏيجي ۽ معصوم
شاهه جو منارو سميت سنڌ جي قديمي، ثقافتي ۽ تاريخي
هنڌن تي نظم لکي پاڻ کي تاريخي شاعر ثابت ڪيو آهي،
جيڪو سندس ڪارائتو ڪارنامو آهي.
”اسان جي ڌرتي“ ڪتاب ۾ غلام محمد
غازي ٻارن جي آڏو هڪ نئين روپ ۾ ظاهر ٿيو آهي،
جيڪو موضوع ضرور ٻارن جي دلچسپي ۽ ڄاڻ جو سبب
بڻجندو، وڏي ڳالهه ته هن جن به تاريخي، ثقافتي ۽
تفريحي جاين تي شاعري ڪئي آهي. ان ۾ رواني ڪمال جي
آهي. جنهن سان ٻار جو نثر کان وڌيڪ نظم ڏانهن ڌيان
وڃي ٿو ۽ اها رواني ٻار جي دلچسپيءَ جو سبب بڻجي
ٿي. غلام محمد غازي ته ٻارن جي سولائيءَ لاءِ نثر
۽ نظم ٻنهي کي گڏ ڏئي بنهه نئون ڪم ڪيو آهي. جيڪو
اڳ ۾ شايد ٻي ڪنهن ڪتاب ۾ ائين نه ڪيو ويو هجي.
هونئن ته هند ۽ سنڌ جي درسي ڪتابن ۾ غلام محمد
غازي جا ٻارن لاءِ نظم موجود آهن پر هنن تاريخي ۽
ثقافتي ڄاڻ ڏيندڙ نظمن کي وڌيڪ موٽ ملندي.
غلام مصطفيٰ سولنگي
حيدرآباد
2018/09/27 |