روپا ماڙي
بدين جي ويجهو ڏکڻ طرف سمنڊ تائين
ٻارنهن بلاڪن ۾ ورهايل کنڊرات نظر اچن ٿا، جن کي
روپاماڙي چيو وڃي ٿو، روپاماڙي تاريخي ماڳ مڪان
آهي، اڳ اها پڪين سرن سان ٺهيل هئي. ڀونگر بادشاهه
پنهنجي دورِ حڪومت ۾ روپا کي ٺهرائي ڏني هئي، جيڪا
ريڻ درياهه جي ڪپ تي هئي، هن ماڳ تي دودي سومري جي
قبر مٿان مقبرو ٺهيل آهي ۽ ان جي پرڀرو چنيسر جي
قبر آهي. اڄ به روپاماڙيءَ جا آثار چِٽا ڏسڻ ۾ اچن
ٿا.
روپا ماڙي
بابا بدين ويجهو کنڊرات ڪي ٻڌون
ٿا،
پنهنجي اکين سان تن کي ويجهو هلي
ڏسون ٿا.
عالم اديب سارا چوندا وتن ٿا تنهن
کي،
روپا جي آهي ماڙي، مٽيو آ وقت جنهن
کي.
هن جا بلاڪ ٻارنهن ڏسجن ٿا سمنڊ
تائين،
آهي بدين ويجهو هي ڏکڻ طرف سائين.
روپا جي ذات گُجري سڏجي ٿي هوءَ
لوهارڻ،
ڀونگر جي دل کي موهيئن ٿيندو نه
تنهن وسارڻ.
ڀونگر هيو بهادر آيو درياهه ڪناري،
بدلائي ويس پنهنجو ڇڏيائين شينهن
ماري.
ڀونگر ڏني جوڙائي روپا کي جيڪا
ماڙي،
درياهه ريڻ تي سا سڀ کي وڻي آ
ماڙي.
’غازي‘ به ٿو چوي پيو تنهن کي
وتيون هلون ٿا،
کنڊرات سي اکين سان بابا هلي ڏسون
ٿا.
ڀنڀور
ڀنڀور، گهارو کاريءَ تي آهي. گهارو
کاري اصل ۾ ڦٽي ڪريڪ جو اوڀر وارو حصو آهي. شهر جا
کنڊر کاريءَ جي اتر ۾ آهن، تنهن ڪري بندرگاهه وارو
حصو ڏکڻ ۾ اٿس. بندرگاهه وٽان هڪ ڏاڪڻ شهر ڏانهن
لهي ٿي شهر جي اتر اوڀر ۾ وڏي ڍنڍ جا نشان باقي
آهن. قلعي کان ٻاهر اتر ۽ اوڀر طرف شهر جي پکيڙ
نظر اچي ٿي.
ڀنڀور جي اتر واري ديوار ۾ 12 برج
آهن. اوڀر طرف 4- 5 اولهه ۾ مورچن جو اندازو ڏهن
کان مٿي ناهي. جڏهن ته ڏکڻ واري ور وڪڙ ديوار ۾ 15
کان 20 مورچا آهن. شهر واضح طور تي ٻن حصن ۾
ورهايل آهي. هڪ مضبوط ديوار اتر کان ڏکڻ طرف تعمير
ٿيل آهي جنهن ۾ 10- 11 مورچا آهن. اهڙي طرح قلعو
اوڀر ۽ اولهه ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو آهي. اوڀر واري
حصي جي اهم دريافت ڪوفي طرز جي مسجد آهي. جڏهن ته
الهندي حصي مان سِوَ مندر لڌو ويو آهي. فقط انهن
ٻن عبادت گهرن جي بنياد تي ماهرن خيال ڏيکاريو آهي
ته ڀنڀور ۾ آباديءَ کي هندو مسلم بنياد تي جدا جدا
رکيو ويو هو، پر اها راءِ ڏيڻ کان اڳ ۾ اهو ضروري
هو ته گهٽ ۾ گهٽ قلعي جي اندروني کنڊرن جي مڪمل
کوٽائي ڪئي وڃي ها. کوٽائيءَ جي معاملي ۾ ماهرن تي
وڏي تنقيد جي گنجائش آهي. کنڊرن جي کوٽائي 10
سيڪڙو به نه ٿي آهي. قائم ٿيل ريسٽ هائوس ۽ عجائب
گهر ان هنڌ قائم ٿيل آهي، جيڪو ماهرن جي راءِ ۾
صنعتي علائقو آهي.
سياح اڻ کوٽيل صنعتي علائقي مان
ٺاهيل پيچري تان ئي قلعو ڏسڻ وڃڻ ٿا. هِتان لڌل
هڏين جا ڍانچا ڪهڙي وقت ۾ محفوظ ڪيا ويا هئا، پر
هاڻ انهن جو ڪوبه اتو پتو ناهي کوٽائي جي معاملي ۾
ا يڏي ڍر ۽ ڀنڀور کي ديبل قرار ڏيڻ ۾ ايڏي تڪڙ.
ڀنڀور
هي آهي ڀنڀور ڙي ٻارو،
هي آهي ڀنڀور.
ڌاٻيجي اسٽيشن ويجهو،
سارو شهر ڦٽل ڏسجي ٿو،
اوهان ڪيو سڀ غور،
هي آهي ڀنڀور.
هاڻ ته خاموشيءَ ۾ آهي،
سوچڻ خاطر ٿو هي ساهي،
ڪڏهن ته هوندس شور،
هي آهي ڀنڀور.
هن جي کوٽائيءَ سان سچ پچ،
ٿانءَ ٿپا هت مليا ها ڳچ،
ٽڪرا ها، ڪي ڀور،
هي آهي ڀنڀور.
هن ۾ هُيڙا مسجد، مندر،
۽ هو هِنَ ۾ سهڻو هر گهر،
هڪڙو ٻي کان اور،
هي آهي ڀنڀور.
هندو، مسلم گڏ رهندا ها،
کل خوشيءَ سان پيا ملندا ها،
ڪوبه نه ڪنهن کان زور،
هي آهي ڀنڀور.
صاف پئي تاريخ ٻُڌائي،
ذري برابر ڪين لڪائي،
دلو راجا جو دور،
هي آهي ڀنڀور.
گهارو کاريءَ تي هي آهي،
دل ڀنڀور ڏسڻ ٿي چاهي،
آهي ڄڻ هي مور،
هي آهي ڀنڀور.
سسئي پنهون جو آهي قصو،
تنهن کي ٻارو آ مون پڙهيو،
ڇو نه وڃان مان گهور
هي آهي ڀنڀور.
هن جهڙو ڪٿ ڪين اڏيو ويو،
هي پٿرن سان آ ٺاهيو ويو،
’غازي‘ ڪر تون غور،
هي آهي ڀنڀور.
رني ڪوٽ
رني ڪوٽ هن مهل دنيا ۾ بيٺل قلعن ۾
وڏي ۾ وڏو قلعو آهي. ان جي ماپ ويهه ميل ٻه هزار
فرلانگ ۽ ڪجهه فوٽ آهي. قلعي ۾ انساني هٿ جي ديوار
پنج ميل آهي، باقي حصو جبل جون اُڀڪپريون آهن، جن
کي ڏاڍي مهارت سان فوجي حڪمت عملي ۾ ڪتب آندو ويو
آهي. انساني هٿ جي ديوار پڪي ناهي پر انهن جاين تي
ٽُڪرن، ٽُڪرن جي صورت ۾ ٻَڌي وئي آهي، جتان ماڻهو
لنگهي سگهندا هجن.
رني ڪوٽ ۾ ٻه ننڍا قلعا ميري ۽ شير
ڳڙهه آهن. ٻه ننڍا ڪوٽ آهن، جن مان هڪ جو نالو
موهن ڪوٽ آهي ۽ ٻيو اوڀر واري ديوار جي ڏاکڻئين
حصي تي آهي، جنهن کي ٽالپرن جي دور ۾ مسجد ۾ تبديل
ڪيو ويو. رني ڪوٽ ۾ ڪل سٺ بُرج ۽ چار پُليون هيون.
جڏهن ته نئن جي ڪنڌيءَ تي يا ڀرپاسي ۾ چئن پنجن
هنڌن تي انساني آبادين جا نشان آهن. سڀ کان قديم
آبادي پٿر جي دور جي ٿي سگهي ٿي جڏهن ته پڇاڙڪا
آثار ٽالپرن جا آهن. اڄڪلهه گبولن جو هڪ ڳوٺ رني
ڪوٽ ۾ آباد آهي ۽ چشمي جي پاڻيءَ تي سنهي ٿلهي پوک
ڪري ٿو. رني ڪوٽ ۾ اندر چار قبرستان آهن، جن مان
هڪ ٽيهارو کن فوٽن جي ڊگهي قبر ڪنهن گمنام
اصحابيءَ جي ٻُڌائي وڃي ٿي. جيئن ته قلعي مان لڌل
آثارن مان ڪوبه رانديڪو، چوٽي يا عورتن جا زيور يا
اهڙو ئي ڪو ٻيو ٺڪراٽو نٿو ملي، تنهن ڪري ان شڪ کي
هٿي ملي ٿي ته قلعي ۾ ڪا وڏي آبادي نه هئي. منهنجي
راءِ آهي ته رني ڪوٽ بنيادي طرح هڪ اهڙي فوجي
ڇانوڻي ٿي سگهي ٿي جيڪا ايراني شهنشاهه دارا اول
لڳ ڀڳ پنج سؤ سال قبل مسيح ۾ ٺهرائي هوندي. پر
پوءِ وارن وقتن يعني عربن، مغلن، ٽالپرن جي دور ۾
وري وري مرمت ۾ اضافو ۽ ڦير ڦار ڪئي وئي آهي. رني
ڪوٽ جي ديوار، ديوارِ چين جهڙي آهي پر ان کان ان
معاملي ۾ مختلف آهي ته رني ڪوٽ کي فقط هڪ پاسي کان
ديوار آهي جڏهن ته ديوار چين کي ٻنهي پاسن کان
ديوار آهي، رني ڪوٽ وارين ٻن ديوارن جي وچ ۾
حفاظتي ديوارن جي حفاظتي وڌ اوچائي، 30 فوٽ ۽ گهٽ
۾ گهٽ 12- 15 فوٽ آهي. اڪثر ديوارون 18-20 فوٽ
اوچيون آهن. سڄي رني ڪوٽ ۾ ڪٿي به ڳاڙهي يا ڪچي سر
استعمال نه ٿي آهي، نه قلعي جي ديوارن ۾ ئي نه وري
آبادين جي کنڊرن ۾، هر اڏاوت گهڙيل يا اڻ گهڙيل
پٿرن جي بلاڪن سان ڪئي وئي آهي.
(سنڌوءَ جو سفر 1989، بدر ابڙو،
سنڌيڪا)
رني ڪوٽ
هلي ڇو نه اهڙو گهمي ڏسجي ٻارو،
رني ڪوٽ آهي، سڀن کان نرالو،
وڏي ۾ وڏو ڪوٽ آهي اهوئي،
نه دنيا ۾ ٻُڌجي ٿو هن جهڙو ڪوئي.
رني ڪوٽ اندر به ٻيا ڪوٽ آهن،
ڏسو ڪيئن پري کان اسان کي ٿا ساهن.
هتي چار پليون ۽ سٺ برج هيڙا،
ڏٺا ڪين ڪا ٿئن مون ٻارو ڪي اهڙا.
ڪا ننڍڙي ڪا وڏڙي آ ديوار ٻارو،
ڪا ٻارنهن، ڪا سچ ٽيهه فوٽ آهه
يارو.
چون ٿا ته دادو ضلعي ۾ هي آهي،
ڏسڻ لئه انهيءَ کي هي دلڙي ٿي
چاهي.
ڪچي يا پڪي سِر لڳل ناهي هن ۾،
پٿر جي بلاڪن جي ڀت آهه هِن ۾.
رني ڪوٽ جنهن جنهن به گهميو آ
ٻارو،
نه وسريو ڪڏهن تنهن کان ان جو
نظارو.
اوهان سان جو گڏ گڏ، گهمي ٿو هي
’غازي‘،
قصو ان جو لکندو نظم ۾ ئي ’غازي‘.
آدم شاهه جي ٽڪري
سکر جي اولهه واري حصي ۾ آدم شاهه
جي ٽڪريءَ تي آدم شام ڪلهوڙي جو مقبرو آهي، جيڪو
سنڌ جي ڪلهوڙا حاڪمن جو ڏاڏو آهي. ملتان جي حاڪمن
سان جنگ ۾ شهيد ٿيو هو. سندس وصيت موجب لاش ملتان
مان کڻائي هتي دفن ڪيو ويو. آدم شاهه جي ٽڪريءَ تي
اڇي رنگ جا ٽي چار مقبرا آهن، انهن مان سڀ کان
اوچو ۽ نمايان اَٺ ڪُنڊو مقبرو آدم شاهه جو آهي.
آدم شاهه جي ٽڪري
سکر شهر ۾ آهي هڪڙي آدم شاهه جي
ٽڪري،
تاريخي آ ماڳ اسان جو هيءَ نه
سگهندي وِسري.
آدم شاهه ڪلهوڙي جو آ، هن تي مقبرو
ٻارو،
ڳالهه سچي ٿو آءٌ سڻايان سهڻو آهي
سارو.
ماڻهو روز اچن ٿا هتڙي عبرت حاصل
ڪن ٿا،
قل پڙهي ٽي چار ادا پوءِ ويهي دعا
گهرن ٿا.
آدم شاهه بن ميان گجن شاهه حاڪم هو
هاڪارو،
ملتان شهر ۾ شهيد ٿيڙو دفن ٿيو هت
ٻارو.
رنگ اڇي جا مقبرا آهن ٽڪريءَ تي ٽي
چار،
آدم شاهه جو سڀ کان اوچو مقبرو آ
ويچار.
اَٺ ڪُنڊن وارو هي آهي ڏسجو ٺاهي
ٺاهي،
ڪيئن ته ڪاريگر آ جوڙيو ڏور کان هو
ٿو ساهي.
سوچي سمجهي گهمجو ٻارو ياد ڪجو سڀ
ڳالهيون،
گهر ۾ ويهي لکجو يادون ڏينهن هجن
يا راتيون.
’غازيءَ‘ جو ڪنهن ڪنڊ پاسي سان
لکجو نالو ٻارو،
ڇو ته اوهان سان ساڻ گهميو آ سچ پچ
هي ويچارو.
ڪارونجهر
ٿر جي پارڪر واري ڀاڱي ۾ ننگر
پارڪر شهر ڏانهن ويندي، ڪنهن خوبصورت وال پوسٽر
جهڙي نظر ايندڙ هيءَ چاڪليٽي ٽڪري ”ڪارونجهر“ سڏبي
آهي. اٽڪل 26 ڪلوميٽرن ۾ هيءَ ٽڪري ڄڻ سنڌ جو نشان
لڳندي آهي، هن کي ڏسڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو ايندا
رهندا آهن.
ڪارونجهر ٽڪريءَ جي اُتاهين ۾
اُتاهين چوٽي 1500 فوٽ مٿي چئي وڃي ٿي، تنهن کي
”صاحب چڱو“ چوندا آهن. صاحب چڱي تي چڙهڻ ۾ ڪلاڪ
سوا لڳندو آهي، هن ۾ ڏيڍ ٻن ڪلاڪن کان به وڌيڪ وقت
لڳيو وڃي.
ڪارونجهر جبل جو پٿر جنهن کي ست
رنگ سنگمرمر يا گرينائيٽ چئبو آهي، سو عام طور تي
ڪاري رنگ جو آهي. ڪارونجهر ۾ موجود گرينائيٽ جا
رنگ ڳاڙهسرا، ڪارسرا، سرمائي، اڇڙا، ڀورڙا، نيرڙا،
سائيرڙا ۽ گلابي آهن.
ڪارونجهر جي هنج ۾ ڪل 8 حسين
ماٿريون آهن، جيڪي آسپاس جي ڳوٺن ڀوڏيسر، ڪاسبو،
آڌيگام، گهرٽياري، موندرو، کارڙيون ۽ مِڻو جي نالن
سان سڃاتيون وڃن ٿيون. ڪارونجهر جي جبل مان ڪل پنج
نئيون، يعني برساتي پاڻيءَ ۾ وهندڙ نديون نڪرن
ٿيون، جيڪي سڌو ڪڇ جي رڻ ۾ پون ٿيون. انهن ندين جا
نالا گورڌرو، ڀٽياڻي، گهرٽياري، موندرو، ۽ صابوسڻ
آهن.
ڪارونجهر جبل ۾ هندن جا ڪيترائي
مذهبي آستان آهن، جن ۾ سار ڌرو، انچلي سر، گئو
مکي، ڀوڏيسر، ڀيم ڪن، جهرڻو، ٻاويجا، ٻيسڻو، چندن
گيو وغيره شامل آهن. ڪارونجهر جبل ۾ جهنگلي جانور
جهڙوڪ: هرڻ، گدڙ، چراخ، بگهڙ، روجهه ۽ مور وغيره
وڏي تعداد ۾ ملن ٿا.
هتي اڀرندڙ ٻوٽن مان گگلاڻ مان گگر
۽ ڪونڀٽن مان کونئر گهڻو پيدا ٿئي ٿو. ڪيترن ئي
قسمن جا ٻوٽا ٿين ٿا. مينهوڳيءَ جي مند ۾ ڪارونجهر
جو علائقو ويتر سرسبز ۽ سهڻو ٿي پوندو آهي.
(سنڌي ڇهون ڪتاب، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ
بورڊ، ڄامشورو، صفحو 54)
ڪارونجهر
آءُ ته ٻالڪ آئون ٻڌايان،
ڪارونجهر جي ڳالهه سُڻايان.
هيءَ به هڪڙي ٽڪري آهي،
جيڪا ٿرپارڪر ۾ آهي.
ڳاڙهو پٿر ٿو هت ڏسجي،
جنهن کي گرينائيٽ ٿو سڏجي.
ميل ڊگها ڏهه ٿيندي ٽڪري،
ڏيک وڏو آ ڏيندي ٽڪري.
ويڪر ۾ پنج ميل هي ٿيندي،
اهڙي ڪاتين نظر نه ايندي.
نيڻ تنهين ۾ اُلجهڻ چاهن،
ڪارونجهر کي پرکڻ چاهن.
ڪارونجهر جو سير سُٺو آ،
’غازي‘ اهڙو سير نه ڪيو آ.
گنجو ٽڪر
گنجو ٽڪر حيدرآباد شهر جي ڏکڻ کان
شروع ٿئي ٿو ۽ ڪيترن ميلن ۾ هليو وڃي ٿو. هتي
ڪيتريون ئي زيارتون آهن، جبل جي دامن ۾ عبدالرحمان
سرهنديءَ جي درگاهه آهي، جيڪو پنهنجي دور جو ولي
الله هو. ان کان علاوه نهال شاهه نوري ۽ درويش
شاهه ڇَتي جي به تُربت آهي.
سچ ته هتي برسات پوڻ کان پوءِ جبل
تي جنسار ايندو آهي، سڄو ڪنوار وانگر سينگارجي
ويندو آهي، قسمين قسمين گل، گاهه مَن کي موهي
وجهندا آهن. پَلُر جي پاڻي لئه تلاءَ ٺهيل آهن،
ميهار، ڳنوار خوشيءَ مان سورٺ، سارنگ ۽ لاڙائوءَ
جي لات ڪندا آهن.
شاهه لطيف، گنجي ٽڪر کي ڳاتو آهي،
گنجو ڏونگر اصل ۾ اڄوڪو هل پارڪ آهي، جتي ڪالي ۽
شِوَ جا مندر آهن. قديم وقتن ۾ هنگلاج توڙي دوارڪا
وارا قافلا هن تيرٿ کان ويندا هئا.
ڪالي مندر ويجهو هڪ قديم غار پٿر
جي دور جي آهي، جنهن کي پوءِ تپسيا لاءِ جوڳين ۽
سنياسين استعمال ڪيو. هتي اهڙيون چار غارون هيون،
جن مان هن وقت باقي ٻه بچيون آهن. هڪ غار صنعتي
ترقيءَ جي نذر ٿي وئي، جيڪا هل پارڪ جي اڏاوت وقت
هٿرادو بند ڪئي وئي ۽ ٽين هاڻوڪي ڪسٽم آفيس روڊ تي
قائم صنعتي علائقي ۾ ڪارخانن جي پٺيان الهندي
ڪنڌيءَ تي آهي. ان غار کي ٻه دروازا آهن. هڪ قديم
ڏاڪڻ ان جي ڀر ۾ آهي، جنهن تان لهي غار تائين پهچي
سگهجي ٿو. هتان لڌل قديم شيون هاڻي پرنس آف ويلز
ميوزيم بمبئي ۾ رکيل آهن.
گنجي ٽڪر تي سنياسين ۽ درويشن جو
وڏو ميڙ ٿيندو هو. شايد ان ڪري چوندا آهن گنجو
پيرن جو خنجو“ هڪ روايت موجب ڪالي مندر غار ۾
ڀٽائيءَ به چله ڪشي ڪئي
آهي.
(سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو،
سنڌيڪا)
گنجو ٽڪر
ڏٺم ٺوڙهي ٽڪر تي اڄ عجب عالم نظر
آيو،
خدا جيئري ئي جنت جو سٺو جلوو آ
ڏيکاريو.
وٺي برسات آ ٺوڙهي مٿان آئي بهاري
جو،
ٿيو گلزار آ گنجو جبل جنسار ۾
سهڻو.
ڏسان ٿو چوطرف ساوڪ ئي ساوڪ ٿي پئي
نظري،
وري رنگين گلڙن جي نٿي جهڳ مڳ مون
کان وسري.
قسم ڪيئي گلن جا هن ڳڻي ڳڻجن ڀلا
ڪهڙا،
لُلُر ۽ لُنب زمين تي مُوٺَ ۽
مَکڻين مَنگها مِيها.
وڄائي بانسري آ، ڪنهن وري ڪنهن نڙ
وڄايو آ،
ڪو سورٺ کي پيو ڳائي ۽ ڪنهن سارنگ
ڳايو آ.
هي حيدرآباد جي ويجهو شروع ٿئي ٿو
ٻُڌو ٻارو،
وڃي ميلن ۾ پهتو آ، عجب هن جو قصو
ٻارو.
ڀٽائي ڀي گهميو آهي، ٽڪر اهڙو پڇو
مون کان،
ملي ٿي شاهدي اهڙي ڀٽائيءَ جي
رسالي مان.
ولي، الله جا ’غازي‘ گنجي جي ڏس ته
دامن ۾،
سُتا پيا هن اهي ٻارو گنجي جي ڪيئن
ته گلشن ۾.
ڪوٽ ڏجي
اشتياق انصاري ڪتاب ”سنڌ جا ڪوٽ ۽
قلعا“ ۾ لکي ٿو ته: سنڌ جي ٻين ڪوٽن وانگر، ڏجيءَ
جو ڪوٽ به ٽالپرن جي دور ۾ ٺاهيو ويو. اعجازالحق
قدوسي تاريخ سنڌ ۾ لکي ٿو ته: مير سهراب خان جيئن
ته نهايت ئي دورانديش ۽ بيدار مغز، فرمانروا هو،
هن ٻاهرين دشمن کان حفاظت ۽ بچاءَ لاءِ خيرپور کان
پندرهن ميلن جي مفاصلي تي احمد آباد واهڻ وٽ جيڪو
اڄڪلهه ڪوٽ ڏجي ڪوٺجي ٿو، اتي ٽڪريءَ جي مٿان هڪ
مضبوط قلعو ٺهرايو، چوڌاري فصيل پهاڙن جي مٿان
مورچا ٺاهيا ويا. هي قلعو قومي شاهراهه تي هڪ
ننڍڙي ٽڪري تي آهي. ڪوٽ ڏجي جو قلعو 1797ع ۾ مير
سهراب خان جي تعميرات جي وزير سرائي محمد صالح
زهري بلوچ جي نگراني هيٺ جڙي راس ٿيو. مٿس نالو
قلعو احمد آباد رکيو ويو. قلعي جي شاهي دروازي جي
پيشانيءَ تي مهر هنئي وئي.
قلع احمد آباد برسنگ است، دل
دشمنان ازو تنگ است
هي سڄو ڪوٽ پڪين سرن جو جڙيل آهي.
ڪجهه پنڌ تي پاسي جي پهاڙن جا پٿر به استعمال ڪيا
ويا آهن. قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ صرف هڪ ئي رستو
آهي. اصل قلعو ٽئين دروازي کان پوءِ شروع ٿئي ٿو.
هي ڪوٽ خالص فوجي، دفاعي ۽ انتظامي ڳالهين کان
سواءِ سپاهين جي رهائش طور به مخصوص هو. قلعي جي
ٻاهران هڪ باغ، فيض باغ نالي رکايو ويو هو. ٻاهران
آيل مهمانن کي قلعي جي اندر رهائڻ بجاءِ کين فيض
باغ ۾ رهايو ويندو هو. هي تاريخي ڪوٽ ڏسڻ وٽان
آهي، جنهن کي ڏسڻ لاءِ پري پري کان ڪيترائي ماڻهو
ايندا آهن.
ڪوٽ ڏجي
ڪوٽ ڏجيءَ جو قلعو گهمڻ لئه چئي
پيو استاد،
ڳالهه ٻُڌي سي جنهن دم اهڙي دلڙي
ٿي وئي شاد.
ٽالپرن جي دور جو آهي گهميو آهيان
آءٌ،
اوهان ڀي اڄ گهمجو سارو سچ پچ
چاهيان آءٌ.
ڪوٽ ڏجي کي هڪ ٽڪري تي ٺاهيو ويو
آهي،
جنگي حڪمت عملي تي هي ٺاهيو ويو
آهي.
احمد آباد جي نالي سان ڀي سڏيو
ويندو آهي،
هن کي ڏسڻ لئه ٻار ٻُڍن جي دلڙي ٿي
پئي چاهي.
ڪوٽ شروع ٿئي ٿو هي ٻارو ٽئين
دروازي کان،
هن کي ڏسڻ لئه رستو هڪڙو آهي ڏٺو
سچ مان.
تون به اسان سان هلجانءِ ’غازي‘،
سير ڪجان هن جو،
تون نه اگر هي ڏسي سگهين جي، هٿڙا
هڻندين پوءِ.
سکر بئراج
سکر بئراج جيڪو پاڪستان ٺهڻ کان
اول لائيڊر بئراج هو. ايشيا جو وڏي ۾ وڏو نهري
نظام آهي. سکر بئراج رٿا شروع ۾ 54 لک ايڪڙ زمين
آباد ڪرڻ جي مقصد سان تيار ڪئي وئي هئي، پر هاڻي
ان تي اٽڪل 80 لک ايڪڙ زمين آباد ٿي رهي آهي. سچ
پچ ته هن بئراج سنڌ ۾ زرعي انقلاب آڻي ڇڏيو آهي.
بئراج جي ڊيگهه 4925 فوٽ آهي. بئراج ۾ 66 دروازا
آهن، هر دروازي جي ڊيگهه 60 فوٽ آهي. بئراج جي
کاٻي پاسي کان چار واهه ايسٽرن نارا ڪئنال، خيرپور
فيڊر ايسٽ، روهڙي ڪئنال ۽ خيرپور ڪئنال ويسٽ نڪرن
ٿا. جڏهن ته سڄي پاسي کان نارٿ ويسٽرن ڪئنال،
رائيس ڪئنال ۽ دادو ڪئنال نڪرن ٿا. بئراج جي
دروازن مٿان پنج فوٽ ويڪري هڪ پٽڙي وڇائي وئي آهي،
جنهن تي هڪ ٽرالي ۽ ڪرين هلنديون آهن، جن جو مقصد
بئراج جي سنڀال ۽ معائنو ڪرڻ آهي.
پهرين جولاءِ 1923ع تي هن بئراج جو
ڪم شروع ڪيو ويو. واهن جي تعمير جنوري 1925ع کان
شروع ٿي. هيڊروڪس جو آغاز 1929ع کان ٿيو. ڊسمبر
1931 تي رٿا مڪمل ٿي ۽ 13 جنوري 1932ع تي سنڌو
درياهه جي هن پهرين بئراج جو افتتاح اُن وقت جي
وائسراءِ هند، لارڊ ايريل آف ولنگٽن ڪيو. بئراج جي
ڊزائن ۽ رٿابنديءَ جو سهرو انجنيئر ارنلڊ مسٽو تي
آهي. سنڌي ماڻهن تي هن جو وڏو احسان آهي، جنهن سنڌ
کي سچ پچ هڪ وڏي زرعي ملڪ جي حيثيت ڏياري ڇڏي.
افسوس جو عام سنڌين کي نالي بابت ڪا به خبر ناهي،.
سنڌي قوم پنهنجن محسنن کي وساريندي ته ناهي. مسٽر
مسٽو جي حوصلي جي ڳالهه آهي جنهن سنڌوءَ جهڙي آزاد
شينهن کي اٽڪل سان لوهه ڪري ڇڏيو. خاص ڪري 1929ع
واري وڏي ٻوڏ ۾ جڏهن ڪم هلندڙ هو. ڪجهه انگن اکرن
موجب سنڌ سڄي ملڪ جي چانورن جو 47 سيڪڙو، ڪپهه جو
34 سيڪڙو، (ڪمند) کنڊ جو 21 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جو 18
سيڪڙو اپائي ٿي جڏهن ته سکر بئراج سنڌ جي اُپت ۾
33 سيڪڙو چانور، 35 سيڪڙو ڪپهه، 55 سيڪڙو ڪمند 85
سيڪڙو ڪڻڪ ڏي ٿو.
(سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو، صفحو
298)
سکر بئراج
بابا سکر گهمڻ ٿو چاهيان،
۽ بئراج ڏسڻ ٿو چاهيان.
سنڌوءَ تي سا ٺاهي وئي آ،
شايد هن جهڙي نه ٿي ٻي ڪا.
واهه وڏا ست هن مان نڪرن،
روهڙي دادو کان ٿا گذرن.
پاسن کان ڦُٽ پاٿ به آهي،
گهمجي تن تي دل ٿي چاهي.
ڇاهٺ دروازا اٿس هن کي،
مون کي وٺي هلجان تون تن تي.
اڻويهه سو ٽيويهن ۾ هي،
پڙهيو آهي، ٺهڻ شروع ٿي.
ڪيڏي عجب بئراج آ بابا،
ڏسڻ اچن ٿا هن کي ڪاڪا.
لائڊ بئراج به هن جو نالو.
اوهان به پڙهيو هوندو ٻارو.
جي نه هجي بئراج ها بابا،
هيڏي ڪيئن خوشحالي اچي ها.
سنڌ ۾ سهڻا فصل ٿين ٿا،
هاري ناري خوشيون ڪن ٿا.
سنڌ کي جيڪا شاد ڪري ٿي،
ساوڪ سان آباد ڪري ٿي.
”غازي“ هن جا ڳڻ ڳائيندس،
روز دُعا مهراڻ کي ڏيندس. |