دادو ضلعي جي تعلقي جوهيءَ ۾ گورک هل واقع آهي،
گورک چوٽي ڪراچيءَ کان 450 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي
۽ دادوءَ جي اولهه ۾ 94 ڪلوميٽرن تي ڪر کنيو بيٺي
آهي چون ٿا ته: کير ٿر جبل جون ٽي چوٽيون آهن،
انهن مان اوچي ۾ اوچي مشهور چوٽي ”گورک“ آهي.
انهيءَ چوٽيءَ تي صدين کان وٺي ماڻهن جي اچ وڃ ۽
وسندي پئي رهي آهي. گورک چوٽي سنياسين، سامين ۽
جوڳين جو تيرٿ آستان آهي.
گورک چوٽي سمنڊ جي مٿاڇري کان 5688 فوٽ اوچي آهي.
انهيءَ چوٽيءَ تي چمور، چنگاڻي، خاشاڻي ۽ گنج مول
نالن سان تلاءُ آهن. ان کان سواءِ هڪ حوض به ٺهيل
آهي، چوٽيءَ جي ڏکڻ- اولهه ۾ مينگڻ نالي واري هڪ
ننڍڙي نئن به وهي ٿي. تلائن ۽ حوضن ۾ مينهن جو
پاڻي گڏ ٿيندو آهي. ماڻهو ۽ چوپايو مال ٻارنهن ئي
مهينا انهيءَ پاڻيءَ تي گذر ڪندا آهن. نئن مينگهڻ
۽ ڪن وڏن تلائن جي پاڻيءَ تي ٿوري گهڻي پوک به
ٿيندي آهي.
گورک چوٽيءَ واري ماٿري ٽن چئن سون ايڪڙن تي پکڙيل
آهي. انهيءَ ماٿريءَ ۾ بادام، انجير، انگور، ڄمون
۽ شاهه بلوط جا وڻ عام جام ڏسڻ ۾ ايندا آهن.
ميويدار وڻ ۽ وليون به ميوو جهلينديون آهن. ميوو
گهٽ به ٿئي، ڇاڪاڻ ته اهي سڀئي وليون ۽ وڻ خودرو
آهن. هتان جي هوا معتدل آهي. هي وادي هڪ خوبصورت
نظارو پيش ڪري ٿي. سنڌ حڪومت ان جي ماپ 1000 ايڪڙ
ڪئي آهي.
گورک چوٽيءَ تي انيڪ ٻوٽيون به اڀرنديون آهن، جن
جي سرهاڻ سڄي وايومنڊل کي واسي ڇڏيندو آهي. گورک
چوٽيءَ جي خاص ٻوٽي ”حسيني“ آهي، جنهن جي سڳنڌ
ڦودني جهڙي ٿيندي آهي. گورک چوٽيءَ جي تلائن، کڏن،
کوٻن ۽ لاهين چاڙهين تي گوڙوليچن چنڀڙ، اڪيهي، کپ،
هارمور، ڪنوس، ڪانڊار، اسپنگ، ٺوٺيو ۽ ڪي ٻيون
وليون به آهن. سياري جي موسم ۾ سج تقريباً 10 ڪلاڪ
50 منٽ ۽ اونهاري ۾ 13 ڪلاڪ 35 منٽ رهي ٿو، گورک
هل تي سالياني برسات 12.5 رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
وسڪاري کان پوءِ هر پاسي ساوڪ ئي ساوڪ نظر ايندي
آهي. هت آلکاڻي، برفت، ڪلوئي ۽ قبيلا رهندا آهن.
گورک ۽ ٻين چوٽين جي آبهوا اونهاري ۾ ٿڌي ۽ وڻندڙ
پر سياري ۾ تمام ٿڌي ٿيندي آهي.
سنڌ ۽ پاڪستان سرڪار پاران گورک چوٽيءَ لاءِ هل
اسٽيشن ٺاهڻ جو پروگرام رٿيو ويو 1998ع کان ڪم جي
شروعات ڪئي ويئي، 2005ع ۾ گورک هل اسٽيشن
ڊيولپمينٽ اٿارٽي ٺاهي ويئي.
(سنڌي لازمي نائين ۽ ڏهين ڪلاس لاءِ صفحو 66)
گورک هل
هَل هل ته هلون ساٿي، گورک کي ڏسڻ تون هل،
هر روز ڏسڻ خاطر، تنهن چاهيندي آ دل.
هڪ حوض ٺهيل آهي اڳ ڪين ڏٺو آهي،
گڏجي ٿا ڏسون اڄ هل، دل منهنجي ٿي چاهي،
هزارين فوٽ، اوچي ٿا چون ٻارو،
سچ گهمڻ ۾ ويندو لڳي، ڏينهن سڄو سارو.
هت ڪيئي تلاءَ آهن، ڏسڻ وٽان آهن،
هر وقت اهي مون کي پاڻ ڏي پيا ساهن.
انجير، انگور، ڄمو، بادام ٿين ٿا پيا،
پڪ آهه سٺا تن ۾، ميوا به ٿين ٿا پيا.
برسات پوي ٿي جڏ، ساوڪ ٿي ڏئي،
من کي ٿي ملي فرحت، منهنجي به وڌي چاهت.
ماڻهو ٿا چون ڏاڍي ٿڌ آه اونهاري ۾،
پوندو ته هوندو پارو گورک تي سياري ۾.
’غازي‘ ٿو چوي هر هر، مونکي به ورتيون هلجو،
گورک نه ڏٺي آ مون، هن کي آ رڳو پڙهيو.
ڪالڪان غار
اروڙ جي ٻهراڙيءَ ۾ هن وقت ڪنهن به مندر جا نشان
ناهن، سواءِ ڪالڪان مندر جي، جيڪو اروڙ وارين
ٽڪرين ۾ هڪ هٿرادو غار ۾ آهي. چچنامي موجب ان غار
۾ پوڄا پاٺ ۽ گوشه نشينيءَ واري حالت هئي.
قديم آثارن جي ماهرن موجب اها غار نيوليٿڪ دور ۾
انسانن جي استعمال ۾ هئي، جيڪا قدرتي ناهي پر قديم
انسانن پنهنجي هٿن سان کوٽي ٺاهي هئي. جيئن ته غار
اروڙ جي وقت کان الڳ به موجود هئي ۽ اڄ تائين ان ۾
هڪ قديم مندر قائم آهي، تنهن ڪري پڪ سان چئي سگهجي
ٿو ته ان ئي غار ۾ رائي گهراڻي جي راڄ وقت به مندر
قائم هو، جنهن ۾ برهمڻ سيلاج ۽ سندس پٽ پوڄا ڪئي.
ڪالڪان ۾ ڪالي مندر آهي، ڪالڪان جي معنيٰ به اها
ئي آهي يعني ڪاليءَ جو هن غار ۾ ٽي وڏا چئمبر آهن،
ٽنهي چئمبرن کي مرڪزي هال واري حيثيت آهي. جڏهن ته
پاسيرا ننڍا چئمبر چله ڪشي يا ايڪانت ۾ تپسيا ڪرڻ
جهڙا آهن. غار جي ڇت ڪٿي انساني قَد کان ٿوري مٿي
ته ڪٿي تمام گهٽ آهي، جو ڪُٻو ٿي هلڻو پوي ٿو.
اڌ گول جهڙي هن غار کي ٻه دروازا آهن جيڪي ٻنهي
ڇيڙن تي واقع آهن. غار جي وچين چيمبر ۾ ڪاليءَ جي
مورتي رکيل آهي. اڄڪلهه بجليءَ جو انتظام هئڻ ڪري
هر ننڍي وڏي چئمبر ۾ روشنيءَ جو انتظام آهي، پر
آڳاٽي وقت ۾ ائين نه هوندو هو. غارن جي درن ۾
دروازا نه هنيان هوندا ۽ روشني ٻنهي لنگهن مان ڇڻي
اندر ايندي هوندي يا وري مشعل جي آڌار تي رسمون يا
پوڄان ٿيندي هوندي. ننڍي ڇت واري هن غار ۾ ڪٿي ڪٿي
اهڙي طرح گول کوٽائي ڪئي وئي آهي جو ماڻهو انهن ۾
بيهي سگهي ٿو. ماهرن موجب اهي جوڳ يوگا يا تپسيا
جي خيال کان ٺاهيا ويا آهن.
غار واري ٽڪريءَ جي چوٽيءَ تي شِو پوڄا لاءِ ٺاهيل
چبوتري ۽ ڪوٺيءَ جا نشان آهن، پر هاڻي اتي ڪجهه به
ڪونهي. اها ڪوٺي ۽ چبوترو ٺيڪ ان جاءِ تي ٺاهيا
ويا هئا، جتي پٿر واري دور جا ماڻهو گڏجي پٿر مان
چاقو تيار ڪندا هئا.
(سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو، صفحو 281)
ڪالڪان غار
روهڙي کان ٿيندي ٻارو اڄ هلون ٿا ڪالڪان،
اڳ نه اهڙي سنڌ ۾ ڪائي ڏٺي آ غار مان.
ڪالڪان ۾ ڪالي مندر آ اڃان ڀي دوستو،
ترگهمي ڏسجو اوهان، ٻيو هت نظر ايندو نه ڪو.
ڊونڊڙا ٿي هلڻو پوندو، غار ۾ ٻارو اتي،
جنهن کي جو ڪجهه پڇڻو آهي ڀل اتي مون کان پڇي.
سچ اها اڌ گول جهڙي غار پسنداسون اسين،
غار کي دروازا هوندا سي به ڏسنداسون اسين.
دروازن مان روشني ٻارو ڇڻي ايندي هوندي،
ڏسڻ وائسڻ ۾ نه ڪا تڪليف ڪنهن ٿيندي هوندي.
غار واري ٽڪري جي چوٽيءَ تي شِوَ پوڄا لئه،
آ نشان ڪوٺيءَ جو ۽ هڪ چبوترو شِوَ پوڄا لئه.
پير الاهي بخش ٽاور
پير الاهي بخش 1939ع ۾ سنڌ جو وزير تعليم هو. هن
صاحب جهالت ٽوڙ تحريڪ شروع ڪئي هئي. وزيرِ تعليم
جي خوشنودي حاصل يا چئون ته سکر جي ويران ٽڪريءَ
جا ڀاڳ کليا جو مسٽر ڪوٺاولا ڪليڪٽر سکر عيدگاهه
جي سامهون واري ٽڪريءَ تي مئي 1939ع ۾ پير صاحب
هٿان ’علمي ٽاور‘ جو سنگ بنياد رکرايو. سيٺن ۽
زميندارن هن ڪار خير ۾ دل کولي چندا ڏنا. سال
1940ع ۾ ٽاور تيار ٿيو جو زمين جي سطح کان 110 فوٽ
اوچو ۽ 66 فوٽ ويڪر ۾ آهي. چوطرف گهڙيال لڳل ۽
ٽڪريءَ تي خوبصورت پارڪ ۽ پاڻيءَ جو حوض به آهي.
پارڪ جي اتر ۾ ريلوي ڪرشاپ جي بالا عملدار پنهنجي
اهليه جي نالي ناز پارڪ ٺهرائي منجهس ٻارن لاءِ
پينگهه ۽ هڪ گسڪڻ تعمير ڪرايا. هر شام جو پوڙها ۽
ٻار گهمڻ ايندا هئا، ڏاڍي مجلس لڳندي هئي. هن وقت
هن کي سهڻي نموني سينگاريو ويو.
(تاريخ سکر، رحيمداد مولائي شيدائي، صفحو 284)
پير الاهي بخش ٽاور
پير الاهي بخش جي نالي سان من مهڻو ٽاور،
سکر شهر ۾ آهي ٻارو، بيشڪ سهڻو ٽاور.
ڏسڻ وٽان آ سندر سارو، ڏسڻ هلو سڀ مون سان،
هڪڙو وڻندڙ باغيچو آ، ڪين آ وسريو مون کان.
علمي ٽاور اهڙو آهي، جهڙو سکر ۾ گهنٽا گهر آ،
هن کي ڏسڻ لئه اوڙو پاڙو ايندو سارو تر آ.
باغيچي ۾ ٻارن جي لئه، آهن جهولا ٻارو،
کل خوشيءَ سان وقت گذارن، باغيچي ۾ سارو.
ٽاور هڪڙي ٽڪريءَ تي آ، سڀ ٿا هن کي سڃاڻن،
چوڌاري گهڙيال لڳل اٿس، ماڻهو ٿا سڀ ڄاڻن.
پاڻيءَ جو هڪ حوض به آهي، سو ٿو اسان کي ساهي،
ناز جي نالي سان سچ ٻارؤ، سهڻو پارڪ آهي.
صبح کان سانجهيءَ تائين ويهي، روح کي ڪن ٿا راضي،
مون به ڏٺو آ تن سان ويٺو هوندو آهي ’غازي‘.
ڪيٽي بندر
ڪيٽي بندر سان به درياهه جوڙي جٺ ڪئي. سڀني کي خبر
آهي ته ڪيٽيون ڪيئن ٺهنديون آهن. هتي سنڌو ندي اچي
ڇوڙ ڪري ٿي. سن 1853ع ۾ سنڌوندي اهڙي زور سان ڇوڙ
ڪيو جو سڄو شهر ڇوڙ جي زور ۾ زبون ٿي ويو، جيڪو
اصل ڪيٽي بندر هو. سو درياهه جي پيٽ ۾ پيو آهي.
ماڻهن پوءِ ڪيٽي بندر ٻَڌو. ڪيٽي بندر جو سڄو شهر
بندر جي اندر آهي. پاڻيءَ جي چاڙهه واري موسم ۾
ڪيٽي بندر ڏي اُٺ ۽ اُٺڙيون رڍون به تريو وڃن. هتي
ماڻهو رڍن، اٺن ۽ مينهن جو کير جام ٿا پيئن. هتي
سوٿڻ نالي گاهه ٿو ٿئي، جيڪو تمام طاقت وارو گاهه
آهي. ڪيٽي بندر کي سمنڊ وارو کارو پاڻي ۽ مٺو
پاڻي، ٻئي نزديڪ آهن. تنهن ڪري سڄي سنڌ ۾ رڳو اهو
گاهه ٿيندو آهي. سنڌ ۾ ناريل جا وڻ رڳو ڪراچي ۽
ڪيٽي بندر وٽ ٿين ٿا ۽ پن به اتي گهڻي ٿئي ٿي. پن
جي ٻور مان ٻوراڻي ٺهندي آهي ۽ ان جي ڪانن مان پکا
ٺهندا آهن.
گهوڙا ٻاري ڳوٺ وٽ درياهه جي هڪ شاخ کي چون حيدري
۽ ٻئي کي چون اوچتو. اوچتو درياهه کي ڪيٽي بندر جي
ويجهو ٽيٽياهه ڪوٺين سمنڊ ۾ جتي اهو درياهه ڇوڙ ٿو
ڪري اتي ان کي حجامڙو ڪوٺين.
(سنڌ جو سيلاني، پيرومل مهرچند، 1923ع، صفحو 48
کان 50)
ڪيٽي بندر
ڪيٽي بندر سان آ ٻارو دريا جُٺ ڪئي،
پهريان واري هن جي سچ پچ، سونهن ختم ٿي وئي.
ڪاڏي ويو اڳ وارو بندر ڪنهن کي ڄاڻ نه ڪا،
زور سان تنهن کي آهه کڻي ويو، درياهه شاهه
بادشاهه.
هاڻ ته ماڻهن ٻيو آ اڏيو ڪيٽي بندر ٻارو،
هونءَ ته لکيل آ تاريخن جي بابن ۾ سچ سارو.
جيئن جيئن پاڻي چڙهي اچي ٿو، رستن تي ٻارو،
اُٺ ۽ اٺڙيون، مينهون رڍون تريو وڃن يارو.
اٺڙين مينهن رڍن، جو هت کير پيئن ٿا ماڻهو،
خوش خوش ٻارو سنڌ وطن ۾ جيئن ٿا ماڻهو.
سمنڊ ۽ دريا جو هت ٻارو پاڻي آ ملندو،
جو به اسان سان هلندو سوئي اکين سان ڏسندو.
جام ٿين ناريل جا وڻ ٿا، مون به ڏٺا آهن،
ٻوراني هت گهڻي ٿئي ٿي، پَنِ مان ماڻهو ٺاهن.
هي به ڪراچي ۾ آ ٻارو، سير ڪنداسون سارو،
’غازي‘ ڀي گڏ گهمڻ جي خاطر چئي پيو ويچارو.
لئنس ڊائون پل
انگريزن ملڪ ۾ ريلوي سرشتو قائم ڪرڻ لاءِ گهڻي
سرگرمي ڏيکاري ريلوي سرشتي لاءِ سڀ کان ڏکيو ڪم
دريائن تي پليون وجهڻ هو. لئنسڊائون پل 1888ع ۾
ٺهي پوري ٿي ۽ ٻئي سال 27 مارچ 1889ع تي اچ وڃ
لاءِ کولي وئي. پل جو نالو تڏهوڪي انگريز وائسراءِ
لارڊ لئنسڊائون جي پويان رکيو ويو ۽ ان جو افتتاح
بمبئي جي گورنر لارڊ ري ڪيو. پل جي اڏاوت ڏهن سالن
جي عرصي ۾ مڪمل ٿي وئي. ان سان گڏ سنڌوءَ جا ٻئي
ڪنارا ڳنڍ جي هڪ ٿي ويا. پل ٺهڻ کان اڳ ريلوي جا
مسافر ۽ گاڏا آگبوٽن جي ذريعي درياهه ٽپندا هئا.
لئنسڊائون پل جي اڏاوت تي تنهن وقت جا 28 لک رپيا
خرچ ٿيا. پل جي اهميت اها آهي ته اها پهرين پل
آهي، جنهن ۾ گهڻي کان گهڻو لوهه استعمال ٿيو. سڄي
ڍانچي جو ڪل وزن اٽڪل 3300 ٽن آهي، پل جا اڪثر حصا
لنڊن ۾ ٺاهي جهازن ذريعي هتي پهچايا ويا. پل جي
اڏاوت جو ڪم سال ڏيڍ بند رهيو، ڇاڪاڻ ته لنڊن کان
ٺهيل حصا پهچڻ ۾ دير پئجي وئي هئي. پل جي ڊزائن سر
اليگزينڊر رئنڊال تيار ڪئي، اها پنهنجي وقت ۾ دنيا
جي وڏي ۾ وڏي ڪئنچيءَ مثل پل هئي، چون ٿا ته هن پل
جي هيٺان درياهه جو حصو/ تَرُ لڳ ڀڳ 300 فوٽ آهي.
لئنس ڊائون پل
آءُ ته ٻالڪ ڏسڻ هلون اڄ سنڌوءَ جي ساحل.
سکر شهر جي ويجهو آهي لئنس ڊائون پل،
ڇڪ ڇڪ ريل ڪندي گذري ٿي تنهن تان،
سچ پچ ماڻهو تنهن کي ڏسن ٿا ٻالڪ حيرت مان.
ڪيئي روپيا خرچ ٿيا ها، مون ڀي پڙهيو آ،
ڪين ڏٺي آ ٻالڪ ڪائي، اهڙي ڪاٿئن پل ڪا.
جي نه هجي ها هي پل ٻارو ڪيئن ڪجي ها پوءِ،
رستو ئي جو ڪين هجي ها ڪيئن وڃي ها ڪو.
پل جي ٺهڻ سان سنڌوءَ ڪنارا ڳنڍجي ويا ٻيئي،
هاڻ ته دنيا جا لک ماڻهو اچن وڃن ٿا ڪيئي.
”غازي“ تن تي شعر لکي ٿو، مون به پڙهيا آهن،
تون به پڙهي ڏس تن کي ڀائو، پاڻ ڏي پيا ٿا ساهن.
ايوب پل
لئنسڊائون پل جهوني ٿي ته هڪ ٻي پل جي ضرورت محسوس
ٿي. نئين پل جو نالو ايوب پل 1962ع ۾ رکيو ويو،
جنهن جي ڊزائن ڊي بي اسٽينمئن نالي هڪ ڪمپنيءَ
ٺاهي. هي ڊزائن بلڪل اهڙي آهي، جهڙي هڪ سو سال اڳ
لئنسڊائون پل ٺاهڻ وقت ويچار هيٺ آئي هئي. تنهن
وقت ۾ اها ڊزائن ان ڪري منظور نه ڪئي وئي جو ان ۾
ٻه طرفي ريلوي اچ وچ جو انتظام هو. جڏهن ته ضرورت
هڪ پٽڙيءَ جي هئي. ايوب پل جو مٿيون حصو ڪمان جهڙو
آهي، جنهن ۾ فولادي رسا آهن، جيڪي پل جو وزن کڻي
بيهن ٿا.
آسٽريليا ۽ متحده آمريڪا جي هڪ ڪمانڊار پلين کان
پوءِ ايوب پل دنيا ۾ پنهنجي قسم جو ٽيون نمبر پل
آهي. هيءَ به لئنسڊائون پل وانگر عجائبات ۾ شمار
ٿئي ٿي. هن پل جو افتتاح فيلڊ مارشل ايوب خان ڪيو
سندس نالي پويان ايوب خان پل ناليو رکيو ويو.
(سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو، 296)
تاريخ سکر ۾ رحيم داد خان مولائي شيدائي لکي ٿو ته
26 نومبر 1959ع ۾ نئين پل جو ڪم شروع ٿيو ۽ پهرين
ڊسمبر 1961ع ۾ ٻن ڪروڙن جي لاڳت سان هيءَ ريلوي پل
تيار ٿي.
ايوب پل
سکر کان هليا سي جو روهڙي گهمڻ لئه،
اشارو ڪيو خادم هو هڪ پل ڏسڻ لئه.
عجب پل اسان کي نظر هيءَ آئي،
اسان اڳ نه اهڙي ڏٺي ڪاٿي ڪائي.
هي پنهنجي قسم جي آ دنيا ۾ ٻارو،
حقيقت اها ٽئين نمبر تي آ يارو.
چئون ڇو نه سچ سونهن آهي سکر جي،
اها ويجهو روهڙي ادا آ بکر جي.
هي ڪمان جيان مون اچي ٿي نظر جا،
سا ايوب پل نالي سڏجي ٿي ڄاڻان.
ڏسي وٺ ڏسي وٺ اڙي ڀاءُ ”غازي“،
پري ڇو بيٺو آن ويجهو آءُ غازي.
شاهه بهارو
لاڙڪاڻي ۾ گهاڙ واهه جي اُترين ڪنڌيءَ تي شاهه
بهاري جو مقبرو آهي. عام ماڻهو هتي دعائون پنڻ وڃن
ٿا. هو اها ڳالهه وساري چڪا آهن ته شاهه بهارو اصل
۾ نور محمد ڪلهوڙي جو وزير ۽ سپهه سالار هو، جنهن
جي ذمي ڏهه هزار ماڻهو هئا. شاهه بهاري 1735ع ۾
وفات ڪئي. گهاڙ ڪئنال جي اتر ۾ هڪ چوڪور قلعو
هوندو هو، جنهن کي چار مورچا هئا. اهي نشان هاڻي
ڊهي چڪا آهن.
سڄي لاڙڪاڻي پرڳڻي جي سنڀال ۽ ترقي سندس ذميواري
هئي. چون ٿا ته هن سڄي عمر ۾ 83 جنگيون وڙهيون ۽
سڀ کٽيائين. سنڌ جو شپهه سالار هو، لاڙڪاڻي ضلعي ۾
ڪجهه قلعه ۽ واهه کوٽائڻ جو ڪم به سندس کاتي ۾
آهي. شاهه بهاري جو مقبرو غلام شاهه ڪلهوڙي 1774ع
۾ ٺهرايو.
شاهه بهاري جو مقبرو پڪسري عاليشان عمارت آهي.
ڊيگهه توڙي ويڪر 39- 39 فوٽ اٿس. مقبرو 76 فوٽ
ڊگهي ۽ 71 فوٽ ويڪري ٿلهي تي ٺهيل آهي.
مقبري جي چوٽيءَ تي سهڻو شمعدان قبي جي سڃاڻپ آهي.
ڇاڪاڻ ته ڪنهن به ٻئي مقبري تي اهڙي بندوبست جو
وجود ناهي. مقبري جي ٻي خاص ڳالهه ڪاٺ جو دروازو
آهي، جنهن تي شاهڪار ڪم ٿيل آهي. اولهه واري ديوار
۾ محراب آهي. مقبري جي اندر هڪ فوٽ اوچي ٿلهي تي
ڇهن قبرن مان هڪ شاهه بهاري جي آهي. مقبري ۾ گلن
چٽن واري چٽسالي آهي ۽ ڪٿي ڪٿي پارسي خطاطي آهي.
مقبري جي ٻاهران چوني جو پلستر ٿيل آهي، جنهن ۾
مستطيل ڊزائن ڏنل آهي.
(سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو، سنڌيڪا)
شاهه بهارو
واهه واه جو آ مقبرو ٻارو،
هن ۾ آهي شاهه بهارو.
نور محمد ڪلهوڙي جو،
هي ته سپهه سالار هو ٻارو.
ڪهڙي ڳالهه ڪجي اڄ ان جي،
هيءُ هميشه ٿيو سوڀارو.
مقبرو شاهه بهاري وارو،
پڪين سرن سا جڙيل سارو.
سهڻو شمعدان لڳل آ،
چوٽيءَ منجهه ڏسو هي ٻارو.
دروازي تي ڪيڏو سهڻو،
آ شهڪار ٿيل ڪم سارو.
مقبري اندر آهن قبرون،
هڪ ۾ آهي شاهه بهارو.
گلن پنن سان آ چٽسالي،
’غازي‘ هر هڪ رنگ نيارو.
|