هوائون سنڌ مان گهُلنديون،
اچن ٿيون امن جون ٿڌڙيون.
اهو اظهار مدنيءَ جو،
ٻُڌايان روز ٿو ويٺو.
گهميو ململ کي پائي هو،
ڪلهن اجرڪ سجائي هو.
سٺو سينگار مدنيءَ جو،
ٻُڌايان روز ٿو ويٺو.
پڙهان صلّ عليٰ ٿو پيو،
اهو آ قُرب آقا جو،
مٺي منٺار مدنيءَ جو،
ٻُڌايان روز ٿو ويٺو.
رکان ٿو آس هي من ۾،
خدايا پنهنجي جيون ۾،
ڪيان ديدار مدنيءَ جو،
ٻُڌايان روز ٿو ويٺو.
کڻي پيغام مدنيءَ جو،
صحابن سنڌ ۾ آندو.
سچو سنسار مدنيءَ جو،
ٻُڌايان روز ٿو ويٺو.
سدا ”غازي“ محبت ۾،
لکي ٿو روز اُلفت ۾،
مٺو اذڪار مدنيءَ جو.
ٻُڌايان روز ٿو ويٺو.
سنڌ
سنڌ جي سرزمين ”سنڌو“ درياهه شاهه جي نالي سان
سڏجي ٿي جو ان کي سرجيو ئي درياهه شاهه آهي، ان
سموري ڏيهه کي جيڪو ڊيگهه ۾ سوين ميل تائين آهي ۽
ويڪر ۾ سؤ ميلن تائين آهي، هاڻوڪي سنڌ جي ايراضي
45 هزار چورس ميل آهي جڏهن ته انگريزن جي قبضي هيٺ
اچڻ وقت سنڌ جي ايراضي هڪ لک چورس ميل کان مٿي
هئي، برطانوي راڄ هيٺ سنڌ جا ڪيترائي حصا هندستان
سان ملايا ويا، ڪجهه حصا پنجاب سان ملايا ويا ته
ڪجهه حصا وري راجستان سان. سنڌ متعلق رامائڻ ۾ چيل
آهي ته سنڌوديش هڪ سو چوٽين وارو ملڪ آهي. هن وقت
اهي چوٽيون نظر نٿيون اچن شايد اڳ هاڻوڪو بلوچستان
۽ سليمان جبل سنڌ جي حدن ۾ شامل هجن بهرحال اڄوڪي
سنڌ جي حدن ۽ جبلن جون ڪي اوچيون چوٽيون موجود
آهن، جن جي اوچائي ڪوهه مري توڙي ڪوئيٽا کان مٿي
آهي. ڪوهه مري 7000، ڪوئيٽا 5400 فوٽ پر کيرٿر تي
وارهه کان اولهه ۾ ڪتي جي قبر 6872 فوٽ، ميهڙ کان
اتر اولهه ۾ باغ 7850 فوٽ ميهڙ جي وچ مان اولهه
طرف ڀنڊو ۽ سالارني 6775 فوٽ، خيرپور ناٿن شاهه جي
سامهون ڪچرڪ 6000 فوٽ، گورک هل 5889 فوٽ آهي.
سنڌ
سُٺي سُهڻي سُندر اسان جي آ ڌرتي،
عجب ڏيندي منظر اسان جي آ ڌرتي.
ڏٺم چئني پاسن نگاهون ڦيرائي،
سدا سنڌ جا سڀ ڪو ٿو گيت ڳائي.
ڏسي سنڌ ڌرتي کي دلڙي ٺري ٿي،
چُمڻ لاءِ هر هر هي دلڙي گهري ٿي.
صبح شام سانجهيءَ نه سنڌ بن سري ٿي،
نگاهن ۾ تصوير هن جي رهي ٿي.
هو ڪينجهر ۽ منڇر وري ڪيٽي بندر،
حسين آ سڄو سارو تن جو هي منظر.
تَرنِ تِکَ ۾ ٻيڙيون وڻن ٿا ڪنارا،
عجب دل کي موهن سنڌوءَ جا نظارا.
سچل، سامي سهڻا ڀٽائي ڀلارو،
وڻي واهه دل کي سيوهاڻي سونهارو.
پکي پاڻ ۾ ويهي ڪن مٺڙيون ٻوليون،
۽ لامن تي لڏندي ڏين ٿا هو لوليون.
هو هوشو ۽ هيمو، دريا خان اسان جو،
هو ڏاهر، هو دودو سدا شان اسان جو.
اسين پيار ساري دنيا کي ڏيون ٿا،
مگر تنهن کان وڌ پنهنجي ڌرتيءَ سان ڪيون ٿا.
آ جي ايم، بلاول، عنايت اسان جو،
ڪيون پيار سڀ سان وساريون نٿا ڪو.
مٺو پاڻي سنڌو نديءَ جو پيئون ٿا،
تڏهن ئي ته سنڌ ۾ سُکيا سڀ جيئون ٿا.
اسان روز کِلندي جتي کيڏيون رانديون،
سا بهتر آ ڌرتي ڪيون جنهن جون ڳالهيون.
ڀلي ڀاڳ واري آ ڌرتي اسان جي،
وڏي شان واري آ ڌرتي اسان جي.
خدايا سلامت رکين سنڌ ساري،
اسان جنهن تان پل پل آهي جان واري.
لِکي روز ڌرتيءَ لئه گيت ’غازي‘،
پڙهي تن کي پنهنجو ڪيون ياد ماضي.
سنڌو
مهراڻ جو اصل نالو ”سنڌو“ آهي جيڪو سنسڪرت ٻوليءَ
جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي. مها ساگر ”وڏو
سمنڊ“ جنهن جو ڪنارو نظر اچي نه سگهي ۽ اها حقيقت
آهي. ڇو ته اڳ مهراڻ جي آب ڪلياڻي کي روڪڻ لاءِ
بند ڏنل ڪونه هئا، پاڻيءَ جي چاڙهه وقت درياهه وڻن
ٽڻن ڳوٺن ۽ جهنگن کي لوڙهيندو ميلن تائين پکڙجي
ويندو هو ۽ سمنڊ نظر ايندو هو. رگويد ۾ سنڌو جي
تعريف پنجهتر سَلوڪن ۾ ڏنل آهي. سنڌوءَ کان سواءِ
تاريخن ۾ سندس ٻيا نالا به ڏنل آهن. جهڙوڪ: اٽڪ،
نيل آب، پنجاب، چينائن کيس ”سين“ نالو رکيو ۽
مهراڻ مٿس عربن نالو رکيو. رگويد ۾ سنڌ جو ٻيو
نالو ”سوشاما“ به ڄاڻايل آهي. رگويد ۾ چيو ويو ته
سنڌو ان ڪري متبرڪ آهي جو ”ورونا“ ديوتائن جي
وهڪري جو رستو ٺاهيو آهي. انهيءَ طرح مسلمانن ۾
امام سيوطي کان هڪ روايت آهي ته جنت مان چار
درياهه نيل، فرات، جيحون ۽ سيحون نڪرن ٿا جن مان
سيحون ”سنڌو“آهي. مهراڻ هماليه جبل جي مانسرور ڍنڍ
مان نڪري 18 سو ميل وهي، ڪيٽي بندر جي ويجهو عربي
سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو ۽ دنيا جي وڏين ندين مان سترهون
نمبر آهي. (هن کي شينهن دريا به چون ٿا).
(تاريخ سکر، رحيمداد خان مولائي شيدائي، صفحو نمبر
2)
سنڌو
توسان آهــــــــي پيار اســــــان جو،
تــــــوســــــان آهــــــي پيار.
جيون جي ٿــــــو جوت وڌائين،
سونهن سُندرتا ســـــان ٿو سجائين،
تــــــوتــــــان جــــــان نثــــــار،
تــــــوســــــان آهــــــي پــــــيــــــار،
اسان جو توسان آهي پيار.
تنهنجو پاڻي امـــــرت آهـــــي،
هـــــي ڄـــــڻ مٺڙو شربت آهي،
آهــــــي انــــــدر ٺــــــار،
تــــــوســــــان آهــــــي پــــــيــــــار،
اسان جو توسان آهي پيار.
ڪيئن ته اچين ڪيلاش کان وهندو،
شير جيان تون گجندو گجندو،
جـــــڳ ۾ آن نـــــروار،
تــــــوســــــان آهــــــي پــــــيــــــار،
اسان جو توسان آهي پيار.
تـــــو ۾ ٻيڙيون ترنديون آهن،
لهـــــرن ۾ هـــــو لُڏنديون آهن،
پُڄنديـــــون آهـــــن پـــــار،
تــــــوســــــان آهــــــي پــــــيــــــار،
اسان جو توسان آهي پيار.
تنهنجي پاڻيءَ سان باغيچا،
مَنَ کـــــي آهن فرحت ڏيندا،
گُـــــلَ خوشبـــــوءِ گـــــلـــــزار،
تــــــوســــــان آهــــــي پــــــيــــــار،
اسان جو توسان آهي پيار.
ڀرجي واهه وهـــــن چوڌاري،
فصل پوکي ٿا خوش ٿين هاري،
ٿـــــيـــــن ٿـــــا اَن انـــــبـــــار،
تــــــوســــــان آهــــــي پــــــيــــــار،
اسان جو توسان آهي پيار.
روز ازل کان ناتو توسان،
ڇا ٿا پڇن هي ماڻهو مون کان،
روز ڪـــــيـــــان اظـــــهـــــار،
تــــــوســــــان آهــــــي پــــــيــــــار،
اسان جو توسان آهي پيار.
ننڍپڻ کان هي ڄاتو آهي،
توسان نينهن جو ناتو آهي،
ڪـــــيـــــئن ڪـــــيـــــان انـــــڪار،
تــــــوســــــان آهــــــي پــــــيــــــار،
اسان جو توسان آهي پيار.
’غازي‘ توکي دعائون ڏي ٿو،
تنهنجي لئه هي گيت لکي ٿو،
گـــــونـــــجـــــي ٿـــــي گونجـــــار،
تــــــوســــــان آهــــــي پــــــيــــــار،
اسان جو توسان آهي پيار.
موهن جو دڙو
موهن جي دڙي جي کوجنا مطابق پٿر جي دور جي حوالي
سان ان دور ۾ چئن قومن جا نشان ملن ٿا، جيڪي ڪول،
سنٿال، منگول ۽ دراوڙ جهڙن نالن سان سڏبا هئا.
مؤرخن کوجنا پٽاندر ته موهن جي دڙي واري سڀيتا
دراوڙ لوڪن جي آهي، اهي ئي انهيءَ عظيم تاريخ جا
اڏيندڙ آهن. موهن جو دڙو اسان جي عظمت جو نشان،
سنڌو سڀيتا جو جهونو اهڃاڻ، اسان جو شان ۽ مانُ
آهي. جنهن تي اسان سڀني جو ڳاٽ اوچو آهي، اسين
انهيءَ ماٿريءَ جا وارث آهيون، جيڪا متمدن هئي،
مهذب هئي. اها ايتري ته جهوني آهي، جيتري هيءَ
مقدس ڌرتي.
موهن جي دڙي جي آثارن مان جيڪي مُهرون، ٺپا،
ٿانوَ، زيور ۽ ٻارن جا رانديڪا مليا آهن. ان مان
ثابت ٿئي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ اتان جا ماڻهو انهن
ڪمن ۾ ڪيترا نه ترقي يافته ۽ ماهر هئا. 1922ع ۾
موهن جي دڙي جي کوٽائي ٿي هئي، جنهن مان قيمتي
نوادرات مليا آهن، اها کوٽائي سر جان مارشل ڪرائي
هئي. موهن جي دڙي جي جديد تحقيق مطابق 7 هزار سال
قديم تاريخ آهي.
(سنڌي الف جي سٽاءَ جي تاريخ تي هڪ نظر، مقالو:
گوهر سنڌي، ’نئين زندگي‘ جون جولاءِ 2004ع)
موهن جو دڙو
هي موهن جو دڙو آهي، ثقافت سنڌ جي آهي،
دڙو بيشڪ ائين چئجي علامت سنڌ جي آهي.
ڍڳو نچڻي ۽ رانديڪا، رکيا محفوظ اڄ آهن،
رڳو ئي وقت جون ٻارو، نشانيون وڃڻ جون ناهن.
پرائي ديس جا ماڻهو ڏسي سڀ عجب ٿا کائن،
پوءِ پنهنجي ديس ۾ ان جا وڃي ٿا ڳُڻ سوين ڳائن.
ڏسو ٻارو اکيون کولي ته ڪهڙو شهر هو سهڻو،
نظارو آ هتان جو ڇا چوان منَ لاءِ آ موهڻو.
پڪيون جايون پڪيون ناليون ڪُشاديون سڀ گهِٽيون
آهن،
نه اهڙيون ڪنهن ڪٿي ٻارو، اکين سان سڀ ڏٺيون آهن.
امن جو هتڙي عالم هو، ڪهاڙيون، ڪاتيون ڪونهن،
شيون اهڙيون هتان جي رهندڙن ڪي تاتيون ڪونهن.
دڙو هي لاڙڪاڻي جي ضلعي ۾ آهه صدين کان،
پڙهيو تاريخ جي ورقن ۾ مون ٻارو آهه ورهين کان.
لکي تاريخ ويئي آهي هن جي ئي سهاري سان،
نه دنيا ۾ ڪٿي اهڙو لڀي ٿو ڪو چوان ڇا مان.
هي موهن جو دڙو بيشڪ نرالي شان جو آهي،
اسان جي لاءِ ٻيو هن کان زياده ڪوئي ڀي ناهي.
هتان جي قوم جهڙي ڪانه هئي ڪٿ قوم ڪا سڌريل،
اها تاريخ ۾ ٻارو اسان کي آهه سُڌ مليل.
اسان کي ناز آ، هن تي هي موهن جو دڙو آهي،
اسان اهڙي کي ڪيئن ’غازي‘ ڀلا دل تان ڇڏيون لاهي.
ڪاهوءَ جو دڙو
ميرپورخاص کان اُتر طرف ميل کن پنڌ تي هڪ وڏو دڙو
نظر ايندو آهي، جنهن کي عام طرح ڪاهوءَ جو دڙو
سڏيندا آهن. مسٽر ڪرزن جڏهن ٿرپارڪر ضلعي جو
ڪليڪٽر ٿيو تڏهن هُن قديم آثارن جي سروي سپرنٽنڊنٽ
کي لکيو ته اچي هن دڙي جو معائنو ڪري، جڏهن هن اچي
چڪاس ڪئي معلوم ٿيس ته اتي ڪو ٻڌ ڌرم جو جهونو
مندر آهي، جنهن کي اسٽوپا سڏيندا آهن. جلدئي مسٽر
ڪرزن جي سفارش تي 1910ع ۾ هن دڙي جي کوٽائي ڪئي
وئي. هن دڙي مان سون جا ذرا، گوتم ٻڌ جون شڪليون ۽
پتلا هٿ آيا، جيڪي پڪل مٽيءَ جا ٺهيل هئا. هڪ
بلوري شيشي، روپي دٻلي جنهن ۾ اندر سوني دٻلي هئي.
ان ۾ پاڪ مٽي پيل هئي ۽ ٽامي جا سِڪا به لڌا ويا
آهن. ڳاڙهي رنگ جا ٺپا، ڳچيءَ ۾ ڪنٺي، ٽوپي ۽ ڪنن
وارا ڪنڊل به مليا آهن. قديم آثارن جي آرڪالاجي
کاتي وارن جو اندازو آهي ته اهو گهٽ ۾ گهٽ پنجن يا
ڇهن صدين جو جهونو هوندو. ڏيوري جي اوساري پڪين
سرن جي هئي جا ايراضيءَ ۾ 50 فوٽ هم چورس ڏسڻ ۾
آئي. ڀتين تي چوڌاري ڪانس گولا ۽ چٽسالي ظاهر نظر
اچي رهي هئي. مسٽر ڪرزن سمورو سامان پوني (انڊيا)
کڻائي ويو ۽ وڃي بمبئي (ممبئي) جي عجائب خاني ۾
رکرايائين. چون ٿا ته ڪاهوءَ نالي هڪ راجا ٿي
گذريو آهي، جنهن جي نالي سان هي دڙو سڏجي ٿو.
ڪاهوءَ نالي پٺيان ميرپورخاص ۾ هڪ بازار به آهي.
ڏٺو وڃي ته سنڌ ڪيتري نه قديم زماني کان وٺي سڌريل
هوندي هئي ۽ اتي جا رهاڪو ڪهڙا نه تهذيب يافته
هئا.
ڪاهوءَ جو دڙو
سهڻو سهڻو ويس اسان جو،
سُندر آهي ديس اسان جو.
تاريخي تهذيب اسان جي،
هوندي هردم عيد اسان جي.
ٻُڌ ڌرم جي دور جو هڪڙو،
ٻُڌ جي ٿو ڪاهوءَ دڙو.
هن جي کوٽائيءَ مان ڪيئي،
لڌيون ٻارو چيزون ڏيهي.
ڳاڙهي رنگ جا ٺاهيل ٺپا،
تن سان سَوَ پُتلا ها چٽبا.
پاڪ مٽيءَ سان گڏ هٿ آيا،
ٽامي جا ڪي ٻارو سِڪا.
هن ۾ هو اڳ مندر هڪڙو،
جنهن کي اسٽوپا هو سڏبو.
ڪاهوءَ نالي هڪ راجا هو،
جنهن جي پٺيان اچي ٿو سڏبو.
هن مان گوتم ٻڌ جون شڪليون،
کوٽائيءَ مان آهن مليون.
ميرپورخاص ۾ ڪاهوءَ نالي،
سچ پچ ٻارو بازار آهي.
سوچ! ته ’غازي‘ سنڌ وطن جا،
ڪيڏا ماڻهو سڌريل هوندا. |