سيڪشن: ٻاراڻو ادب

ڪتاب: اسان جي ڌرتي

باب:

صفحو:5 

سنڌ جو هيءُ خطو ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ننگر پارڪر تي مشتمل آهي، جيڪو سنڌ جي ڏکڻ اُڀرنديءَ ڪنڊ تي آهي، هڪ روايت موجب پارڪر جي ڀر وارو ڪڇ جو رڻ اڳي سامونڊي کارو هو، جيڪو اچڻ وڃڻ لاءِ ماڻهن کي پار ڪرڻو پوندو هو. تنهنڪري ان کي ”پار اُڪر“ چوندا هئا ۽ پوءِ اهو لفظ ڦري پارڪر بڻيو هتي جي زمين نئين ۽ ڪڪرالي آهي ۽ هتي ٿر وانگر واريءَ جون ڀِٽون ڪين آهن.

پارڪر ٽڪرائتي حصي ۾ ٿر واري حصي کي چئجي ٿو. هي پنج سو چورس ميلن ۾ پکڙيل آهي ۽ اپٻيٽ جي شڪل تي آهي. ٽن پاسن کان ڪڇ جي رِڻ جا سڪل مٽيءَ جا ٻيٽ ۽ لوڻياٺو پاڻي آهي. اُتر ۾ ٿر جون ڀٽون آهن. هونئن ته ڪيئي ٽڪريون آهن، پر ڪارونجهر نما هڪ وڏي ٽڪري آهي. اها پارڪر جي معدني دولت آهي. هتي ويرا واهه آهي، جيڪو ويري نالي هڪ ريٻاڙيءَ آباد ڪيو هو تنهن ڪري ان کي ويرا واهه چيو وڃي ٿو.گوڙ ڌرو ۽ ڀٽياڻي نديون/نئيون ۽ ڪارونجهر مان وهن ٿيون جيڪي پارڪر جي ڪيترن ئي علائقن کي سرسبز ڪندي ڪڇ جي رڻ ۾ وڃي ڇوڙ ڪن ٿيون.

 

پارڪر

 

ٿر گهمو يا پارڪر جو چئو ٻارو اوهان،

جو چئو ٻارو اوهان.

ٿر ۾ آهي ساري واري، پارڪر ٽڪرائتو،

ٻيئي سهڻا ٿا لڳن جيڪو هلي اوهان ڏسو،

مان ٻنهي لئه ٿو چوان،

جو چئو ٻارو اوهان.

لوڻياٺو پاڻي آهي، ۽ مِٽيءَ جا ٻيٽ اٿوَ،

اتڙي ڪارونجهر به آهي، سو به سچ ڏهه ميل اٿوَ،

مان ڏسڻ لئه ٿو سِڪان،

جو چئو ٻارو اوهان.

پارڪر ۾ ڪيتريون ئي ٿو ٻڌان ٻارو ڍنڍون،

هو نه سمجهو ڪي وڏيون ٻارو اهي آهن ننڍيون،

جت گهمو مان ڀي گهمان،

جو چئو ٻارو اوهان.

هڪ وڏي ۾ آ وڏي هت ڍنڍ جا سانگاهه آ،

ان جي ڪپ تي دوستو هڪ ڳوٺ ويرا واهه آ،

گهمڻ سي مان ڀي هلان،

جو چئو ٻارو اوهان.

پارڪر جي ڪجهه حصي جو آ سٺو پاڻي مٺو،

ڪجهه حصي جو آهه کارو مون به وڏڙن کان ٻڌو،

اڄ هلي سو ڀي ڏسان،

جو چئو ٻارو اوهان.

ڍنڍ تي ڏسجو اوهان، لهندو پکين جو آ ولر،

گاهه، گل ڦل جام اُت سهڻو سڀن لڳندو سفر،

مان به ٿو خوش خوش ٿيان،

جو چئو ٻارو اوهان.

معدني دولت سان پُر سڀ پارڪر جا جبل ڀي،

نيڻ ٺاري ٿا ڇڏن ۽ دل کي ملندي آ خوشي،

مان به تڏهين ٿو کلان،

جو چئو ٻارو اوهان.

پارڪر جي سرزمين اڄ ٿا گهمي ’غازي‘ ڏسون،

پوءِ تنهن جي شوق مان نظم ٿا ويهي لکون،

آس ٿو اهڙي رکان،

جو چئو ٻارو اوهان.

 

ساڌ ٻيلو

بکر کان لهواري طرف وڻن سان گهيريل سهڻو ٻيٽ سنڌ جو شايد سڀ کان سهڻو تيرٿ آستان آهي. بابا بکنڊي جڏهن سنڌ ۾ آيو تڏهن سندس عمر 60 سالن جي لڳ ڀڳ هئي. اهو ٽالپرن جو دور هو. چون ٿا ته مير سهراب خان اڪثر هن ساڌوءَ سان ملڻ ايندو هو. ساڌ ٻيلي ۾ بڙن جا ٽي وڻ هنيا ويا جن جا نالا برهما، مهيش ۽ وشنو رکيا ويا ڇاڪاڻ ته بکر ۽ روهڙيءَ جي وڏي آبادي هندن تي ٻڌل هئي ۽ ميرن جا وزير ۽ شهر جا شاهوڪار سيٺيون هندو هئا تنهن ڪري ساڌ ٻيلي ترقي وٺڻ ۾ دير نه ڪئي، خود مير سهراب خان ۽ پوءِ انگريزن هن ٻيٽ کي تيرٿ لاءِ مخصوص ڪري ڇڏيو.

شروع شروع ۾ هي تيرٿ هندو ياترين لاءِ آشرم ۽ اجهي طور ڪتب آندو ويو، پر پوءِ هوريان هوريان پاڻ به تيرٿ ٿي ويو. پنجاهه کن سال اڳ تائين ساڌ ٻيلو وڏي ڳالهه هئي. ان وقت تائين هتي وڏيون پڪيون عمارتون، درٻار، مندر مڙهيون، آشرم، لائبريري، باغيچا ۽ گهاٽ ٺهي چڪا هئا. لئبريري لاءِ جدا عمارت هئي، جيڪا هاڻي کنڊر ٿي چڪي آهي.

ساڌ ٻيلو سنڌ ۾ هندن جي انهن تمام ٿورن تيرٿ آستانن مان هڪ آهي جتي مسلمان نٿا وڃڻ. اڄڪلهه ڪنهن به غير هندوءَ کي ساڌ ٻيلي ڏانهن وڃڻ کان اڳ مقامي انتظاميه ۽ پنچائت کان اجازت نامو وٺڻو پوي ٿو. البته سِک مت وارا سولائيءَ سان وڃڻ ٿا، ڇاڪاڻ ته بابا سريچند جي نالي سان به هتي هڪ مندر آهي.

ٻيٽ جي وڏي حصي کي چوطرف مضبوط ديوار آهي. ٻيٽ جي هرپاسي سونهن وسي ٿي، گرمين ۾ هتي وڻ ٿڌڇڻڪارين ٿا.

(سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو، 1989ع، سنڌيڪا)

 

ساڌ ٻيلو

سکر ساڌ ٻيلو گهمڻ ٿا هلون،

اسين ماڳ اهڙو ڏسڻ ٿا هلون.

سنڌوءَ جي ڪناري تي بيهي اسان،

حسين ماڳ اهڙو پسڻ ٿا هلون.

اچن ٿا گهڻائي گهمڻ لئه اتي،

اسين ڀي اتي ئي ڦِرڻ ٿا هلون.

سنڌوءَ جي پرينءَ ڀر تي آهي اهو،

اُتي دوستن سان ملڻ ٿا هلون.

هتي باغ باغيچا آهن ادا،

اسين سير تن جو ڪرڻ ٿا هلون.

عجيب آهه مندر ۽ درٻار ڀي،

مڙهيون، آشرم سي ڏسڻ ٿا هلون.

ڏسڻ سونهن فطرت جي چاهين ٿو جي،

هلي آءُ ’غازي‘ ڏسڻ ٿا هلون.


 

سنڌالاجي

 

ڪنهن به قوم جي ثقافتي ورثي (Cultural heritage) جهڙوڪ تاريخي جاين قديم آثارن (Archaeological sites) کي ڪلچر جو (Tangible heritage) چيو ويندو آهي. جڏهن ته ٻولي، لوڪ ساهت، سنگيت کي روايتي هنر (Traditional artisan) چيو ويندو آهي. دنيا ۾ انهن قومن کي مڃتا ملي آهي، جن پنهنجو (Tangible) ۽ (Intangible) ورثو سنڀالي رکيو آهي. انهيءَ ورثي کي سنڀالڻ ۽ پنهنجي ايندڙ نسل کي ان کان واقف ڪرڻ لاءِ توڙي دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ موزيم ٺاهيا ويا آهن. اهڙا ميوزيم تاريخي جاين ۾ به قائم ڪيل آهن ته نين بلڊنگس ۾ به ٺاهيل آهن. سنڌ صدين کان ثقافتي ورثي ۾ شاهوڪار ملڪ آهي، جتي دنيا جي هڪ نهايت قديم ۽ شاندار تهذيب (Indus Valley Civilization) جنم ورتو. ڪوٽ ڏجي، آمري ۽ سڀ کان وڌيڪ موهن جو دڙو ان شاندار تهذيب جا شاهد آهن. سنڌ جي تاريخي ورثي ۽ ثقافت جو ذڪر رگ ويد، رامائڻ ۽ مهاڀارت ۾ به ملي ٿو. اسين سنڌي ان شاندار تهذيب جا وارث آهيون، اسان جي سنڌي ڪلچر هميشه ٻاهرين ماڻهن کي (Fascinate) پئي ڪيو آهي. ان ڳالهه جو اندازو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو جي (Visitors Books) مان لڳائي سگهجي ٿو. جڏهن ٻاهريان ماڻهو سنڌالاجي گهمڻ ايندا آهن ته سنڌي ڪلچر جي شاهوڪاري کي دل کولي ساراهيندا آهن. انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو جي ريسرچ لائبريري، مائڪرو فلمنگ سيڪشن، بيورو آف پبليڪيشن، آڊيو وزيوئل سيڪشن جي اهميت پنهنجي جاءِ تي آهي، پر سڀني کان وڌيڪ اهم سنڌائنٽرا پالاجيڪل ريسرچ سينٽر يا ميوزيم آهي، سنڌالاجي جا مکيه مول متا آهن.

 (سنڌالاجي خبر نامو جولاءِ ڊسمبر 2005ع)

 

سنڌالاجي

 

گهمندي ڦرندي پهچي وياسون ٻارو سنڌالاجي،

من موهيندڙ آهي سچ پچ هن جو منظر ساٿي.

هي جو ننڍڙو باغيچو آ، هن ۾ گل ڦل آهن،

ڪيڏي آ سرهاڻ انهن ۾، سي ٿا ساهه کي ساهن.

اولهه ۾ آفيسون آهن، اوڀر ۾ هڪ لائبرري آ،

علم جا پياسا ايندا آهن، اهڙي ڪين ڏٺي ڪاٿي ڪا.

اتر ۾ هڪڙو ميوزيم آهي، تاريخي هت چيزون،

ڏسڻ وٽان سي آهن ساريون، گهمندي ڦرندي ڏسبيون.

تاريخي اهڃاڻ ملن ٿا، هن ميوزيم ۾ سائين،

مَن کي ڪيڏو موهي وجهن ٿا، هن ميوزيم ۾ سائين.

اجرڪ، ٽوپيون، رليون، زيور نيڻن جا سڀ ٺار،

پنهنجي قوم جا آهن سرمد سهڻا سي سينگار.

شيشي اندران رکيل آهن، تاريخي هٿيار،

عجب وچان هو ڪيئن ته ڏسن ٿا تن کي ننڍڙا ٻار.

سنڌ جو نقشو سامهون آهي سهڻن رنگن سان،

منهنجي ڳوٺ جو نالو ”عبدو“ نظري ٿو تنهن مان.

هي ته مجسمه آهن سارا ڪير نٿو هي ڄاڻي،

هر ڪنهن جي آ نظر انهن تي سڀ ڪو تن کي سڃاڻي.

شوڪت شورو، رضيه ٻگهيو، عبدالقادر، ڪاڪا،

بيٺا آهن ملجي تن سان محمد قاسم ماڪا.

چڙيون، چنگ، چڙا، بوڙينڊا، سنڌ جا ساز سمورا،

ڏس ڏس سارنگيون ۽ ٽليون، نفليون دهل دنبورا.

هي جي ڦوٽو ٽنگيل آهن، سياست دانن جا،

ڀاءُ! سماجي ورڪر، شاعر، تاريخ دانن جا.

ڦيٿي جي ايجاد ٿي ”غازي“ سنڌ مان هر ڪو ڄاڻي،

هي ڏس سهڻي ڪاٺ جي گاڏي هن کي لوڪ سڃاڻي.

 

فانوس گهر

 

 

ڪياماڙي کان پنج ڇهه ميل پري سمنڊ ۾ هي هڪ ننڍڙو ٻيٽ آهي جتي نيويءَ جا تعليمي ادارا پڻ آهن. جهازن جي رهنمائي ڪرڻ لاءِ لائيٽ هائوس (فانوس گهر) آهي.

اوهان کي خبر هئڻ گهرجي ته فانوس گهر جنهن کي روشنائيءَ جو مينار چوندا آهن، اهو روشنائيءَ جو مينار پاڻيءَ جي جهازن کي خوف ۽ نقصان کان بچائڻ لاءِ سمنڊ جي ڪناري تي ٺاهيا ويندا آهن ته جيئن جهاز هلائيندڙ سوجهرو ڏسي ٽڪرن کان پاسو ڪن، ۽ جهاز سنڀالي هلائن. ڪراچيءَ ۽ منهوڙي ٻيٽ تي هڪڙو فانوس گهر آهي، جنهن جي روشنائي چوڌار ڦرندي رهي ٿي. هن جي ڊيگهه 120 فوٽ آهي، سندس روشنائي ويهن ميلن کان پري تائين پهچي ٿي. اها روشنائي راهه ڀليل جهازن کي آگاهي ڪري ٿي، ته ڪراچي بندرگاهه ۾ گهڙڻ لاءِ جهاز جو رخ هن طرف موڙيو.

 

فانوس گهر

 

ڏسان ٿو روشنائيءَ جو عجب مينار آ ٻارو،

منهوڙي ٻيٽ تي آهي اهو سهڻو ٺهيل سارو.

 

پڪو پختو بڻايل آ، رهي ڇولين جي ورهل پَل،

ڦري ٿي روشنائي چوطرف تنهن کي ڏسون هل هل.

 

ڊگهو سؤ ويهه فوٽ آهي، اهو فانوس گهر اوچو،

چون ٿا ويهه ميلن کان، ڏسڻ ۾ آه جو ايندو.

 

ٿين طبقا ٿا انهيءَ ۾، مناري جيان پيو نظري،

سدائين ياد رهندي هي، ڀلا ڪيئن ٿو اهو وسري.

 

ٿين اوندهه راتين ۾، وڏا نقصان ها يارو،

هجي ها جي نه بندر سان اهو فانوس گهر ٻارو.

 

هي ٻيٽاري ۽ بندر جي ڪناري تي ٺهيل هوندا،

ادا ’غازي‘ جهازن کي پري کان ئي نظر ايندا.


 

 

معصوم شاهه جو مينار

 

معصوم شاهه جو  منارو سکر جي سڃاڻپ آهي، جيڪو وچ شهر ۾ ٽڪر تي واقع آهي. هي منارو معصوم مغل دور ۾ نواب شاهه بکري پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي يادگار ٺهرائڻ شروع ڪيو، ان جي اڏاوت سن 1593ع کان شروع ٿي. جيڪا چوڏهن سالن ۾ مڪمل ٿي. معصوم شاهه سنڌ جو تاريخ نويس حاڪم هو. سندس لکيل ڪتاب تاريخ معصومي، سنڌ جي تاريخ تي بنيادي ڪتابن مان هڪ آهي. آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا نمبر 2 جي دوران مناري جي ماپ وغيره ڪرائي وئي آهي، ۽ ان رپورٽ مان معلوم ٿئي ٿو ته پيڙهه وٽ مناري جي ويڪر 84 فوٽ آهي. ڦيريدار ڏکڻ کي 84 ڏاڪا آهن ۽ 84 فوٽ ڊگهو آهي. هر ڏاڪو هڪ فوٽ جو آهي. ميناري جي مٿين چوٽيءَ کي به اوچائيءَ ۾ شامل ڪجي ته پوءِ ڪل اوچائي 100 فوٽ ٿيندي. اڳي هتي ڪافي عمارتون هيون، پر هاڻي فقط 3 عمارتون آهن: هڪ منارو، ٻيو هڪ گنبذ وارو ڪمرو، جنهن ۾ پڻ مٿي چڙهڻ لاءِ رستو آهي ۽ ٽيون هڪ ڇپرو آهي جنهن ۾ معصوم شاهه جي قبر سميت ڪجهه ٻيون به پٿر جون گهڙيل قبرون آهن.

اهي عمارتون پڪل ڳاڙهين سرن جون آهن، جن ۾ سرن سان ئي مختلف ڊزائينون ٺاهيون ويون آهن. ڪاشيءَ جي ڪم جون ڀتيون ۽ مٿي اڇي رنگ جو پلاسٽر مناري ۽ گنبذ واري ڪمري جو شان وڌائي ٿو. معصوم شاهه جي مناري تي چڙهڻ لاءِ اندران ئي اندران سوڙهيون ڏاڪڻيون آهن، جن تان هڪ وقت ۾ هڪ ماڻهو لنگهي سگهي ٿو. چوٽيءَ تائين پهچڻ کان اڳ ٻه منزلون آهن، جتي ترسي ساهي کڻي سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته هي منارو هڪ ٽڪريءَ تي آهي تنهن ڪري مناري جي چوٽيءَ تي بيهڻ سان سڄو سکر، بکر ۽ روهڙي اکين آڏو بيهي رهن ٿا ۽ سنڌوءَ جي سائي ماٿري اکين کي جهليو ڇڏي. معصوم شاهه جي مناري تي چڙهڻ لاءِ معمولي ٽڪيٽ رکيل آهي. هتي ڪئميرا کڻي وڃڻ جي اجازت ناهي.

 

معصوم شاهه جو مينار

سکر شهر ۾ ٽڪر تي ٻارو،

آهي معصوم شاهه منارو.

گهنٽا گهر جي ويجهو آهي،

سڀئي ڏسجو ٺاهي ٺاهي.

هن ۾ سوڙهي ڏاڪڻ آهي،

تنهن تي کڻجو وِک وِک ساهي.

هن ۾ سو کن ڏاڪا ناهن،

ڪل چورياسي ڏاڪا آهن.

جڏهن چڙهي چوٽيءَ تان ڏسبو،

سارو شهر نظرپيو ايندو.

چورياسي فوٽ گهيرو هن جو،

چورياسي فوٽ آهي اوچو.

معصوم شاهه بکري جي نالي،

هن کي سڏيو ويندو آهي.

سکر شهر جي آهه سڃاڻپ،

اهڙي آءٌ رکان ٿو ڏاهپ.

چوڏهن سالن جي محنت کان،

پوءِ جُڙي ٿيو راس ٿو ڄاڻان.

هاڻ ته سڀ ڪجهه ياد اچي ٿو،

دور هيو اڪبر بادشاهه جو.

پهچي وياسون جهٽ پٽ ٻارو،

گهمجو ’غازي‘ سان گڏ سارو.

 

تيرٿ ڌارا

لڪيءَ ۾ سيدن جي مقبرن کان ٿورو اڳتي، اڍائي ڪلوميٽرن جي فاصلي تي هڪ ٽاڪرو پيچرو اولهه ۾ جبلن ڏانهن وڌي ٿو. ريل جي پٽڙي ٽپي، پيچرو هڪ لڪ نما ڍوري ڏانهن وڌي ٿو، جتي قديم زماني کان ٻه گرم چشما ڦٽي وهن ٿا. هيءُ ماڳ تيرٿ ڌارا آهي، جتي ٻه شوالا ننڍي حالت ۾ بيٺا آهن. اپ کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ هتي شِوَ راتڙي جو وڏو ميلو لڳندو هو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو. هاڻي هتي اهي ماڻهو اچن ٿا جن کي ڪوڙهه يا چمڙيءَ جي بيماري آهي. مريض هتي گرم پاڻيءَ جي چشمي تي اچي وهنجن ٿا ۽ بيماريءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪن ٿا. ماڻهن جو خيال آهي ته لڪيءَ وارا گرم چشما شاهه صدر جي ڪرامت آهن.

پاڻيءَ ۾ گندرف جي گهڻائي سبب اونهن ڪنڀن ۾ بيٺل پاڻي جو رنگ گهرو نيرو ڏسجي ٿو. تيرٿ چڱيءَ طرح سنڀاليو ويو آهي. هڪ ڊگهي ڏاڪڻ ۽ چشمي مٿان ٺهيل پل ان هنڌ تائين وٺي وڃي ٿي جتان چشمو ڦٽي ٿو. گندرف جي گهڻائيءَ سبب هن چشمي جو پاڻي ٿڌو ٿيڻ کان پوءِ به پيئڻ لائق نه آهي، جنهن ڪري پيئڻ جو پاڻي پري کان آندو وڃي ٿو، جنهن هنڌ چشمو ڦٽي ٿو، ان هنڌ پاڻيءَ جو گرمي پد 102 ڊگري فارن هائيٽ جي وچ ۾ رهي ٿو.

هتي به حضرت علي رضي الله عنھ سان منسوب ٿيل ڪهاڻيون موجود آهن، پر سڀ کان دلچسپ اها غار آهي جتي روايتن موجب درويش شاهه صدر چله ڪشي ڪئي هئي.

سنڌ ۾ پنهنجي نوعيت جي هيءَ جدا غار آهي، صاف طور تي ڏسجي پيو ته انساني هٿن جو ڪمال آهي. غار جو وات ڏهه فوٽ ويڪرو ۽ ڇهه فوٽ اوچو آهي. هن کان اڳ سنڌ ۾ انساني هٿن جون گهڙيل جيڪي به غارون لڌيون ويون آهن اهي جبلن ۾ اندر کوٽيل آهن، پر هن غار جي انفراديت اها آهي ته اها زمين ۾ هيٺ کوٽيل آهي. ڏهه فوٽ ويڪري ڏاڪڻ زمين ۾ ست فوٽ هيٺ هڪ ڪشادي غار ۾ وٺي وڃي ٿي، جيڪا اڳتي هلي 15 فوٽ ويڪري ٿي وڃي ٿي. غار جي ڊيگهه 25 فوٽ آهي. غار جي آخري ڇيڙي تي هڪ ننڍڙي دري آهي، جيڪا اندرين غار ڏانهن وٺي وڃي ٿي، اندر غار جي ڊيگهه ويڪر 25x10 فوٽ (بي ترتيب) آهي.

(سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو، صفحو 395)

 

تيرٿ ڌارا

ماڳ مڪان ته ڪيئي آهن، مون نه ڏٺا هن سارا،

هلندي هلندي پهچي وياسون ٻارو تيرٿ ڌارا.

دور پراڻي کان هت ٻارو وهن ڦٽي ٿا چشما،

آهن گرم ٻئي چشما سچ، ويجهو لڪي شاهه کان.

پاڻيءَ ۾ گندرف جي گهڻائي ڏسجي پيئي يارو،

جنهن جي ڪري رنگ نيرو گهاٽو پاڻيءَ جو آ ٻارو.

ڏسڻ اچن ٿا جيڪي ليکڪ ويهي ليک لکن ٿا،

شوق وڏي مان طالب تن کي ويهي روز پڙهن ٿا.

ماڻهو روز اچن ٿا وهنجڻ، چمڙي جي بيماري وارا،

ڪوڙهه ۾ ورتل ڀي ايندا هِن سچ پچ هتڙي سارا.

پاڻي بيشڪ ٿڌڙو آهي پر هي پيئڻ لائق ناهي،

”غازي“ چيڪ ڪرايو ڀل جان هن ۾ گندرف آهي.

 

مسجد منزل گاهه

 

مسجد منزل گاهه ساڌ ٻيلي جي سامهون پتڻ تي ٺيڪ ان هنڌ واقع آهي جتان ياتري ٻيڙين تي چڙهن ٿا. هيءَ مسجد تاريخي يادگار آهي.

مسجد ۾ هن وقت به هڪ قديم فارسي ڪتبو ۽ بچيل آثار ڏسي سگهجن ٿا. هڪ ڪٿا موجب ڪنهن وقت ساڌٻيلي ۽ مسجد منزل گاهه جي وچ ۾ درياهه هيٺان هڪ سرنگهه هئي پر اها ڪٿا سچي ثابت نه ٿي آهي. ٺيڪ ان جاءِ تي، جنهن پتڻ تان ٻيڙيون ساڌ ٻيلي جا ياتري کڻن ٿيون ڪنڌيءَ تي هڪ چوديواريءَ ۾ ٻه ننڍيون گنبذ دار جايون آهن. ان ماڳ کي مسجد منزل گاهه ٿو چئجي. انگريزن ان کي ڪئمپنگ گرائونڊ ٿي سڏيو. انهن مان هڪ وڏي عمارت ۾ هڪ ڪتبي موجب اها عمارت 1006 هجري ۾ مير معصوم بکريءَ ٺهرائي، عمارت تي اهو فارسي ڪتبو اڃا به لڳل آهي.

خوشا منزل باغ رضوان رقم، ڪه جان را دهد فيض باغ اِرم،

بتاريخ اين جاءِ عشرت سرشت زهي جائي عشرت رقم زد قلم. 1006هه

(سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو، صفحو 295)

 

مسجد منزل گاهه

مسجد منزل گاهه ڙي ٻارو،

مسجد منزل گاهه.

سکر شهر ۾ سنڌوءَ ڪناري،

اوهان کي ٿو پيو هو ساري،

سهڻو نظارو آهه،

مسجد منزل گاهه.

ساڌ ٻيلي جي سامهون ٻارو،

ڏسجو هت آثار به ٻارو،

ساري ٿو تنهن ساهه،

مسجد منزل گاهه.

اوهان ڏسجو فارسي ڪُتبو،

آهه لڳل سو پورو پڙهجو،

پوءِ ڪجو ويساهه،

مسجد منزل گاهه.

انگريزن جي دور جي آهي،

’غازي‘ ڳالهه ٻڌو هي ٺاهي،

هن سان آهي چاهه.

مسجد منزل گاهه.

 

 

مسجد خدا آباد

دادوءَ جي ويجهو خداآباد واري مسجد آهي، وڏي ڪشادي ٿلهي تي ۽ موڪري شاندار مسجد آهي، جيڪا ڪلهوڙن پنهنجي حاڪميت واري دؤر دوران اڏائي هئي. مسجد خداآباد ميان يار محمد ڪلهوڙي ٻڌائي هئي. مسجد جي ٻاهرين ڊيگهه 185 فوٽ ۽ ويڪر 122 فوٽ آهي، جنهن جي آرائش ۽ اڏاوت ٻئي هڪٻئي کان وڌ آهن. وقت جي بي رحم هٿن مسجد جي آرائش کي ڪٿان ڪٿان جهوري وڌو آهي. گلڪاري ۽ چٽسالي جي لحاظ کان مسجد اندران ٻاهران هڪجيتري سهڻي آهي. مسجد کي اندر وڏو هال، ٻاهر وڏو ورانڊو، هڪ وڏو اڱڻ ۽ اندر اچڻ جو هڪ وڏو دروازو آهي. اندر هال ڏانهن وڃڻ لاءِ اڱڻ کان پوءِ ٽي محرابي دروازا آهن. هال کان اڳ هاڻوڪي اڱڻ مٿان ڪنهن وقت ۾ ڇت هئي، جيڪا هن وقت ڊهي چڪي آهي. ٻنهي اڱڻن جي وچ ۾ ويڪرن محرابي دروازن مان اترئين دروازي وٽان اندران ئي اندران مٿي هڪ ڏاڪڻ وڃي ٿي، اها ڏاڪڻ مسجد جي مکيه گنبذن وٽ ديوارن اندر خفيه گهٽين ۽ ڪوٺين ڏانهن وٺي ٿي وئي. انهن خفيه گهٽين جو رستو ڇت تان، مٿان گنبذن وٽان وڃي ٿو، پر اندرئين اڱڻ (ورانڊي) واري ڇت ڊهي پوڻ سبب هاڻي اوستائين نٿو وڃي سگهجي.

اندرين هال جي مٿان ٽي عدد گنبذ آهن. مسجد ۾ ڪاشيءَ جي سرن جي استعمال ڏاڍو شانائتو ۽ دلچسپ آهي. ڪاشيءَ ۾ سائڙو ۽ نيرو رنگ ڏاڍي مهارت سان استعمال ڪيو ويو آهي. مسجد جون ٿلهيون ديوارون عجب جهڙيون آهن، اها اڏاوت جي اضافي خوبي چئجي ته اندريون هال اونهاري ۾ ٿڌو ۽ سياري ۾ گرم رهي ٿو.

هن وقت به مسجد کان وٺي ميان يارمحمد ڪلهوڙي جي مقبري تائين کنڊر پکڙيا پيا آهن، ڪٿي ڪٿي ڪچي ديوار اڃان به قائم آهي. ڪچي ديوار جو هڪ نمونو مسجد وٽ به سلامت آهي، ميان يارمحمد ڪلهوڙي جي حڪومت 1701ع کان 1718ع تائين رهي.

خداآباد مسجد جو مرڪزي هال ٽن حصن ۾ ورهايل آهي ٽنهي حصن مٿان گول گنبذ آهن، جن مان وچون وڌيڪ نمايان آهي. هال جي اتر ۽ ڏکڻ وارا حصا موڪرن ۽ اوچن محرابي دروازن ذريعي وچين حصي سان گڏيل آهن. انهن ٻنهي دروازن مٿان خفيه پر هوادار ڪمرا آهن. ڪمرن کي پٿر جي ڄارين سان لڪايو ويو آهي. اهي ڄاريون پاسن کان محظ آرائشي لڳن ٿيون، پر انهن جو اصل مقصد خفيه ڪوٺين کي هوادار رکڻ آهي. انهن خفيه ڪوٺين تائين پهچڻ جو رستو ديوار اندر ٺهيل گهٽين وارو آهي، جن جو دروازو مرڪزي گنبذ ۽ اتر واري گنبذ جي وچ ۾ ڇت کان آهي. هوريان هوريان اها مسجد ٺهي راس ٿي، اڄ هزارين ماڻهو ان کي ڏسڻ اچن ٿا.

(سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو، صفحو 350)

مسجد خدا آباد

 

هزارين مسجدون ٻارو،

سُٺيون هن کان مگر يارو.

 

خداآباد آ سهڻي،

چون ٿا آه من موهڻي.

 

ڏسڻ ٿا اڄ هلون جيڪا،

اها تاريخي مسجد آ.

 

اڏاوت يا آرائش ۾،

وڻي ٿي پيئي اسان سڀ کي.

 

ڏسون هر هنڌ لڳل ٻارو،

سرون ڪاشيءَ جون يارو.

 

سُٺي چٽسالي ٿيل آهي،

عجب گلڪاري ٿيل آهي.

 

وڏو هڪ هال ٿو نظري،

ورانڊو ڀي پيو نظري.

 

وڏو هت هڪ دڙو آهي،

اڱڻ ٻارو ننڍو ناهي.

 

هيو هي دور ڪلهوڙن جو،

لکيل تاريخ ۾ آ سو.

 

گهميو ”غازي“ به آهي سا،

اوهان ڀي اڄ گهمو واه واه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5  6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org