سنڌ ۾ ڪيتريون ئي وڏيون ڍنڍون آهن، اُنهن مان
ڪينجهر ڍنڍ به هڪ آهي، هيءَ ڍنڍ ٺٽي ۽ جهرڪن جي
ويجهو هيلايا ٽڪريءَ جي هيٺان حيدرآباد ڪراچي قومي
شاهراهه سان لڳ آهي. قديم زماني کان هيءَ ڍنڍ
تفريح گاهه رهي آهي. سمن جي دور ۾ ڄام تماچي سنڌ
جو هڪ حاڪم هو. هو تفريح ۽ شڪار لاءِ ڪينجهر تي
ايندو هو، پنهنجي رهائش لاءِ هيلايا ٽڪريءَ هيٺان
هڪ عاليشان ماڙي اڏائي هئائين. ٻين لوڪ داستانن
جيان هن ڍنڍ سان به هڪ داستان مشهور آهي. اهو
داستان نوري ڄام تماچي سان منسوب ٿيل آهي. ڪينجهر
جي ويجهو جهمپير ۽ امير پير جون درگاهون آهن، جتي
سَوَن جي تعداد ۾ ماڻهو ايندا آهن. ڪينجهر تي به
روزانو ميلو لڳل هوندو آهي، کوڙ سارا ماڻهو تفريح
لاءِ ايندا آهن. هتي بِهه، ڪُم، لوڙهه ۽ ٻوراني
جام ٿيندي آهي. مڇي به جهجهي انداز ۾ مرندي آهي.
ڪينجهر ڍنڍ جي وچ ۾ گول ٽڪري آهي جنهن تي پير
هوندل شاهه جي مزار آهي. جنهن جي ڀر ۾ نوريءَ جي
مزار آهي. چون ٿا ته ڪينجهر هڪ مُهاڻو هو ۽ سونهري
سندس زال جو نالو هو، انهن جي نالن پٺيان ڪينجهر ۽
سونهري ٻه جدا جدا ڍنڍون هيون. ڪينجهر جي ڊيگهه 38
ميل ۽ گهرائي لڳ ڀڳ 50 فوٽ آهي. ڪينجهر جي ڪپر سان
ڪيئي قديمي آثار آهن. هي ٻئي ڍنڍون قدرتي آهن، جن
کي هاڻي بئراج واري پاڻيءَ سان ڀري هڪ ڪيو ويو
آهي. ڪينجهر کي ڪلري بگهاڙ واهه ذريعي پاڻي ڏنو
وڃي ٿو. ڪينجهر جي ڪنڌين تي ڪيئي قديم آثار پکڙيل
آهن. ڍنڍ جي سطح هٿرادو وڌائي وئي آهي، ڪيئي آثار
پاڻيءَ هيٺ اچي چڪا آهن. تماچيءَ جي ماڙيءَ لڳ بند
جي اندرين پاسي چوکنڊين جهڙيون ڪي قبرون سانگين
جون ٻُڌايون وڃن ٿيون، جن تي شينهن ڇپيل هئا. هاڻي
به جڏهن ڪينجهر ۾ پاڻي بنهه گهٽجي ويندو آهي ته
اهي قبرون ظاهر ٿينديون آهن. اڄ ڪينجهر جي ٻنهي
پاسن کوڙ سارا نظارا نظر ايندا. ڪينجهر ۾ هڪ ٻيٽ
آهي، جنهن تي ٻيڙين ذريعي وڃي سگهجي ٿو. ڪينجهر
ڍنڍ ڪراچيءَ کان 125 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي.
هوڏانهن هاليجي ڍنڍ کان اٽڪل ٽيتاليهه ڪلوميٽر جي
مفاصلي تي آهي. ڪينجهر ڍنڍ جي ڪناري سان ملاحن جا
بتيلا تيار بيٺا هوندا آهن. ڪينجهر جو منظر به ڏسڻ
وٽان آهي.
ڪينجهر
ڏسي ڍنڍ ڪينجهر کي خوشيون ڪجن،
هتي روز سهڻا ٿا ميلا مچن.
هي تحفو ڏنو آه قدرت ڀلو،
سوين رنگ ڪينجهر جا ٻارو پسو.
لکين ماڻهو تفريح لئه ٿا اچن،
اچي سهڻا سندر هي رنگ ٿا ڏسن.
ٺٽي جي ۽ جهرڪن جي وچ تي اها،
آ ”هيلايا“ هيٺان رهي ٿي اها.
اها ميل اٺٽيهه آهي ڊگهي،
نٿا نيڻ ٿڪجن انهيءَ کي ڏسي.
ٿو ڪلريءَ مان ڪينجهر ۾ پاڻي اچي،
سنڌوءَ مان به هن ۾ ٿو پاڻي وهي.
جڏهن ڪلري ڪينجهر ملي هڪ ٿيون،
تڏهن ئي ته ڪينجهر وسيع ٿا ڏسون.
حسين سج جا ڪِرڻا جو پاڻيءَ پون،
تَري ۾ نظر ذرڙا واريءَ اچن.
ڏٺوسي صَفا صَافُ پاڻي هتي،
نه آيو نظر آهي اهڙو ڪٿي.
ڪپر سان قديمي ڪي آثار هن،
اکيون تن کي ٻارو ڏسڻ ٿيون گهرن.
مچن موجون تن سان ٿيون ٻيڙيون ترن،
ٿڌيريون وري ٿيون هوائن گُهلن.
پکي ڀي اڏامي لهن ٿا هتي،
خوشيءَ مان ڪپر تي اچن ٿا هتي.
گهڻي کان گهڻي هت مڇي ٿي مري،
اندر ۾ اها ڳالهه پيئي هُري.
ڏسو جام ڪُم، بِهه ٿين لوڙهه ٿا،
ٻورانيءَ جا ٻورا ٿا ڀرجن پيا.
هتي ناز نوريءَ سندا ها قصا،
وڏن جي ڪچهري ۾ آهن ٻُڌا.
سمون ڄام بيشڪ هو ايندو هتي،
ڪري سير خوش خوش هو ٿيندو هو هتي
’هيلايا‘ جي هيٺان رهڻ لئه سدا،
عاليشان ماڙي جوڙائي ادا،
ڏِٺُوَ هن قصي جي ٿي جهٽ ۾ پُڄاڻي،
هئي هيءَ ڪينجهر جي ٻارو ڪهاڻي.
اچي ڀاءُ ’غازي‘ ته گڏجي هلون،
پَرينءَ ڀر به ڪينجهر جا منظر ڏسون.
منڇر
سنڌ ديس ۾ جيتريون به ڍنڍون آهن، انهن مان سڀ کان
وڏي ڍنڍ منڇر آهي. اها ڍنڍ دادو ضلعي ۾ دادو شهر
کان 35 ڪلوميٽر پري واقعي آهي. برساتن جي موسم ۾
اها 20 ميلن تائين ويڪري ٿيو وڃي ۽ سندس ايراضي
180 چورس ميل ٿيو وڃي بيهي. مٺي پاڻيءَ جي لحاظ
کان منڇر ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ آهي. اها قدرتي
ڍنڍ آهي. اها ڍنڍ صرف ڍنڍ نه پر هڪ تهذيب آهي.
منڇر ڍنڍ سنڌ جي سڀيتا ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي.
هن ڍنڍ جو بوبڪ شهر جي ڀرسان بند آهي. بند تان هيٺ
لهي بتيلي ۾ چڙهي ڍنڍ جو سير ڪبو آهي. دانستر واهه
سنڌو درياهه جي پاڻيءَ سان منڇر کي ڀريندو آهي.
منڇر جي ڀر ۾ بند تي بيهي ڏسبو ته ڇَر ئي ڇَر نظر
ايندي، اک جي نظر کٽي وڃي پاڻي نٿو کٽي! ڍنڍ جا
ڪنارا ساوڪ سان سينگاريل آهن. گاهه به گهڻن قسمن
جا آهن ۽ اڇا اڇا ڪنول جا گل به، ڏوراهن ملڪن کان
پکي اڏامي هتي اچن ٿا. انهن ۾ آڙي، نيرڳي، ڪهنگ ۽
ڪانيرو مشهور آهن. ڍنڍ ۾ مڇيءَ جا به ڪيترائي قسم
آهن. ڪرڙا، موراکا، ڄرڪا، ڏنڀرا، گندڻ عام آهن.
منڇر ڍنڍ
هلو اڄ هلي ڍنڍ منڇر گهمون ٿا،
حسين هن جا جلوه ۽ جوهر ڏسون ٿا.
هوائون گهگُهن ٿيون ۽ لهرون اُٿن ٿيون،
ڇُلن ڇوليون هن ۾ ۽ ٻيڙيون ترن ٿيون،
الائي ته ڪاٿئون کان ڪاٿئون ورن ٿيون،
عجب تن جا سهڻا ڪي منظر ڏسون ٿا،
هلو اڄ هلي ڍنڍ منڇر ڏسون ٿا.
حسين هن جا جلوه ۽ جوهر ڏسون ٿا.
ڀريون پاڻي منڇر ۾ ٿا کيرٿر مان،
سنڌوءَ مان، ڍنڍ مان ۽ ايندو آ جر مان،
اوهان ڀل ڪيو جاچ ساري ئي تَر مان،
پتو پئجي ويندو ڪي گوهر ڏسون ٿا،
هلو اڄ هلي ڍنڍ منڇر ڏسون ٿا،
حسين هن جا جلوه ۽ جوهر ڏسون ٿا.
اوهان کي ٿو ٻارو قصو مان ٻڌايان،
گذارو مهاڻن جو ٿئي ٿو مڇيءَ مان،
ڏسو ڄار سُندر اوهان ڀي اکين سان،
ڪناري تي تن جا ٺهيل گهر ڏسون ٿا،
هلو اڄ هلي ڍنڍ منڇر ڏسون ٿا،
حسين هن جا جلوه ۽ جوهر ڏسون ٿا.
هاليجي ڍنڍ
هي ڍنڍ سنڌ جي هڪ خوبصورت ڍنڍ آهي. ڪراچيءَ کان هن
جو مفاصلو 88 ڪلوميٽر ۽ ٺٽي کان صرف 12 ڪلوميٽر
پري آهي. هتي ماڻهو پڪنڪ ملهائڻ ايندا آهن ۽ هزارن
جي تعداد ۾ مختلف قسمن جا پکي ايندا آهن. هي ڍنڍ
قومي شاهراهه جي ويجهو آهي، جا 1154 ايڪڙن تي
مشتمل آهي. 1930ع ۾ هن کي پاڻيءَ جي وڏي ذخيري جي
شڪل ڏني وئي. اهڙيءَ طرح هن مان پاڻي ڪراچي شهر کي
ڏنو وڃي ٿو. هيءَ ڍنڍ ٽن جزيرن جي بدولت نمايان
اهميت جي حاصل آهي. انهن جزيرن جا نالا هي آهن:
پيليڪن آئي لينڊ، مورنٽ ڪروڪو، ڊائلا آئي لينڊ.
ڪروڪو آئي لينڊ جتي مانگرمڇ ملن ٿا، هيءَ ڍنڍ به
گهمڻ وٽان آهي. ڪيترائي سياح سير تفريح لاءِ ايندا
رهندا آهن.
هاليجي ڍنڍ
هوءَ جا هاليجي ڍنڍ آهي،
آءُ ڏسون سا دل ٿي چاهي.
ڀائو ايڏي ڏور ته ناهي،
هي مڪلي جي ويجهو آهي.
هاليجي تي ٻوليون ٻولي،
لهن پکي ٿا ٽوليون جوڙي.
هاليجي ڍنڍ سُندر ساري،
سنڌ ۾ آهي سڀ کي پياري.
يارنهن سو چوونجاهه ايڪڙ،
ايراضي ۾ ٿيندي هي ير.
شهر ڪراچي کي سچ ٻارو،
ملندو آهي پاڻي سارو.
ٽن جزيرن جي هي بدولت،
رکندي آهي وڏي هي اهميت.
ماڻهو گهمڻ اچن ٿا ٻارو،
جام مانگرمڇ ڏسن ٿا ٻارو.
ڪُونجون، بَدڪون، ٽٻڙيون، ڪَنگ،
آءُ ڏسون اڄ تن جا رنگ.
پِڪنڪ خوب ملهايون ٻارو،
پنهنجي دل بهلايون ٻارو.
هيڪر هيڏي آءُ ته ’غازي‘،
گهمندي ڦرندي دل ڪيون راضي.
ڪوٽڙي بئراج
اسان جي صوبي سنڌ ۾ زراعت جو گهڻو دارومدار
سنڌونديءَ ۽ ان مان نڪرندڙ واهن تي آهي. 47- 1946ع
۾ هڪ رٿ رٿي وئي ته ڄام شوري وٽ سنڌونديءَ تي هڪ
بئراج ٺاهيو وڃي جنهن جي ذريعي دائمي واهه وهائي،
لاڙ واري غير آباد زمين آباد ڪئي وڃي. ان بعد
شروعاتي ٽن سالن ۾، گهربل اوزار ۽ مشينري حاصل ڪئي
وئي، هڪ بجلي گهر ۽ ورڪشاپ تعمير ڪرايو ويو،
ڪاريگر ۽ مزورن لاءِ ڪالوني اڏي وئي ساڳي وقت
بئراج جي ڊزائن ۽ اڏاوت جو نقشو به تيار ڪيو ويو.
ابتدائي تيارين بعد تاريخ 12 فيبروري 1950ع تي ان
وقت جي گورنر جنرل خواجه ناظم الدين هن بئراج جي
پيڙهه جو پٿر رکيو. هيءَ عظيم رٿا پنجن سالن جي
لڳاتار محنت بعد تڪميل کي پهتي. سيپٽمبر 1954ع ۾
درياءَ جو پاڻي هن بئراج مان وهايو ويو ۽ 15 مارچ
1954ع تي ان جو افتتاح ٿيو. جيئن ته هيءَ ڪوٽڙيءَ
کي ويجهو آهي، انهيءَ ڪري هن کي ”ڪوٽڙي بئراج“
نالو ڏنو ويو.
هن بئراج جي تعمير تي ڪل 5 ڪروڙ 75 لک روپيا خرچ
ٿيا. هن بئراج جي ڊيگهه اٽڪل هڪ هزار ميٽر آهي. هن
۾ 44 چوئيتاليهه دروازا آهن، جن مان هر هڪ اٽڪل 18
ميٽر ويڪرو ۽ ست ميٽر اوچو آهي. هن مان وڌ ۾ وڌ
پوڻا 9 (نوَ) لک ڪيوسڪ پاڻي گذري سگهي ٿو. هن ۾
ٻيڙين جي لنگهه لاءِ انتظام ڪيل آهي. پل تان
آمدرفت لاءِ اٽڪل 8 ميٽر ويڪرو رستو آهي، جنهن جي
ٻنهي پاسي اٽڪل هڪ ميٽر ويڪرا فوٽ پاٿ آهن.
بئراج جي ساڄي پاسي ڪلري بگهاڙ نالي هڪ دائمي
وهندڙ واهه آهي، جنهن جو پاڻي ڪينجهر ڍنڍ ۾ پوي ٿو
۽ ان مان هاليجي ڍنڍ کي به بگ پاڻي پهچايو وڃي ٿو،
جتان ڪراچي شهر کي پيئڻ لاءِ پاڻي ملي ٿو.
(درسي ڪتاب ڪلاس ستون، سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ڄام
شورو)
ڪوٽڙي بئراج
آءُ ڀائو ڏس ته تون ڀي،
ڪوٽڙي بئراج آ.
ڪوٽڙيءَ جي ويجهو آهي،
ڏسڻ لئه دلڙي ٿي چاهي،
سچ ته ڪٿ اهڙي نه ڪا،
ڪوٽڙي بئراج آ.
ٽيهه يا ڪي ويهه ناهن،
چار ۽ چاليهه آهن،
هن کي دروازا ادا،
ڪوٽڙي بئراج آ.
ڏس ته تون ٻار! هن کي،
ويڪري فٽ پاٿ هن تي،
گهمن ٿا ماڻهو سدا،
ڪوٽڙي بئراج آ.
واهه وهندا ٿا رهن پيا،
گاهه ڦٽندا ٿا رهن پيا،
دل خوشيءَ مان شاد آ،
ڪوٽڙي بئراج آ.
سڀ اِها ڪن ڳالهه ٿا،
هيءَ جُڙي مهراڻ تي آ،
هن تي ڪروڙ ٿيا خرچ ها،
ڪوٽڙي بئراج آ.
منگهوپير
سنڌ ۾ ٽي چشما آهن جت غسل صحت لاءِ پري پري کان
ماڻهو اچن ٿا. (1) منگهوپير، (2) جهمپير ۽ (3)
لڪي. انهن مان منگهوپير ڪراچي جي اتر طرف سمنڊ جي
سطح کان 800 فوٽ جي اوچائي تي 10 ميلن جي منزل
ڪاٽڻ کان پوءِ ”منگهي پير“ جو مشهور ۽ تاريخي هنڌ
واقع آهي. هن آستاني کي قديم زماني ۾ ”گرم پاڻيءَ
جو مکاني“ ڪري ڪوٺيو ويندو هو. هتي هڪ گرم ڪشتي ۽
ٻي سرد ڪشتي آهي. گرم ڪشتيءَ تي اٽڪل پنج گرم
پاڻيءَ جا چشما آهن، جن مان ماما باٿ، مارٽن باٿ،
ليپر باٿ مشهور حوض آهن. ماما باٿ حبشي کي چوڌاري
بند ڪري مٿس هڪ گول حوض ٺهرايو ويو آهي، جتي ماڻهو
وهنجن ٿا، هتي هڪ اسپتال ٺهيل آهي. سرد چشمي جي
عين مٿان، بزرگ حاجي منگهي سلطان جو قبو آهي. گرم
پاڻي گندرف جي تهه مان اچي رهيو آهي. هتان جا
واڳون خاص طرح ڏسڻ وٽان آهن. هي جو درگاهه کان ڏکڻ
طرف واڳن جو خاص تلاءُ آهي واڳون اپريل جي شروع
کان مٿين مهيني جي پڇاڙيءَ تائين آنا لاهيندا آهن.
هر ڪا مادي ٽيهن کان چاليهن تائين آنا لاهيندي آهي
۽ آگسٽ ۾ آنا ڦوڙيندي آهي. آنن مان لوهڙيون ڦٽي
پاڻي ۾ تڙڳي اڻ ڳڻيا وڃي واڳون ٿيندا آهن. سڀني
کان وڏي واڳونءَ کي ”مور“ ڪري چوندا آهن ۽ وڏي
ماديءَ کي جهاٽڻ سڏيندا آهن. درگاهه تي هر سال ٻه
ميلا لڳندا آهن.
درگاهه جو عرس هر سال ذوالحج جي 8 تاريخ تي لڳندو
آهي، ٻيو شيدين جو ميلو. جولاءِ کان سيپٽمبر تائين
منگهوپير گهمڻ وٽان هوندو آهي. گرم چشمي ۾ پاڻيءَ
جو گرمي پد 133 ڊگريون فارنهائيٽ آهي. درگاهه ۽
ڪرسي پانيءَ جي ڪشتين وچ ۾ ميل کن پنڌ آهي.
منگهو پير
اسين ٻار گڏجي ڪراچي شهر ۾،
منگهي پير جو ٿا ڪيون سير ساٿي.
اسين گهمندي گهمندي ئي پهچي وياسون،
ٻڌايو ڪا پهچڻ ۾ ٿي دير ساٿي.
ڏسو سمنڊ کان هي اوچائيءَ تي آهي،
متان ڪوئي هن ۾ رکي مير ساٿي.
وڏو وات ڦاڙي گهمن ٿا جو واڳون،
انهن لاءِ ڪونهي ڪو گهٽ گهير ساٿي.
رهي چشمي هن ۾ سدا گرم پاڻي،
انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو نه ڦند ڦير ساٿي.
ٿڌو پاڻي آ ٻي ۾ هرڪو ٿو ڄاڻي،
خدا جڳ ۾ سڀ جو ڪندو خير ساٿي.
چون ٿا ته جيڪو ڪندو تڙ انهيءَ ۾،
بيماري جو رهندو نه ڪو ڀير ساٿي.
هتي سال ۾ سچ ٻه ميلا لڳن ٿا،
نچي لوڪ ڇمڪي پئي ڇير ساٿي.
اچن ٿا پري کان ڏسڻ لاءِ ماڻهو،
ڀلو آهي بيشڪ ڀلو پير ساٿي.
اجايو ويو ڄڻ ڪراچي شهر ۾،
گهميو جو ”غازي“ منگهو پير ساٿي.
ڪياماڙي
ڪراچيءَ جي سٽي اسٽيشن کان آءِ.آءِ چندريگر روڊ
(اڳيون ميڪلوڊ روڊ) ڏئي ۽ صدر کان جناح روڊ (بندر
روڊ) وٺي اڳتي هلڻ تي ميري ويدر ٽاور تي پهچجي ٿو.
ان کان پوءِ جناح پل ٽپي چار پنج ميل هلڻ بعد
ڪياماڙي اچي ٿي، ڪياماڙي ڪراچي بلڪ پاڪستان جي
سرزمين جو دنگ آهي، ان بعد سمنڊ ئي سمنڊ آهي اتي
ڌارين ملڪن کان آيل يا ٻاهرين ملڪن ڏي وڃڻ لاءِ
تيار جهاز ۽ مڇيون مارڻ ۽ مسافرن کي کڻڻ جون ٻيڙا
نظر ايندا، مسافر کڻڻ وارا ٻيڙا (جيڪي اڄڪلهه انجڻ
تي هلڻ ڪري
Motor Boats
لانچون سڏجن ٿيون.) اتي پنجاب
يا سنڌ جي ضلعن مان ڪراچي گهمڻ لاءِ آيل ماڻهو يا
ڪراچي جي اسڪولن يا ڪاليجن کان ٽوئر تي آيل ٻارن
جي ڌُم متل هوندي آهي. اهي سڀ هڪ ئي وقت ٽن شين
مان لطف وٺن ٿا. (1) سمنڊ جو نظارو، (2) ٻيڙيءَ جو
سير، (3) منهوڙي ٻيٽ تي گهمڻ ڦرڻ.
ڪياماڙي بندر
هلو سهڻا منظر ڏسڻ ٿا هلون،
ڪياماڙي بندر گهمڻ ٿا هلون.
ڪيو سير اهڙو نه هوندو اوهان،
نظارو ڏٺو ڪين هوندو توهان.
ڏسو جلدي پهچي وياسون اسان،
ڪياماڙي گهم، ٿو هر هر چوان.
وڻي ويندو سڀ کي ڪياماڙي بندر،
نه ماپي سگهيو ڪوئي هن جو آ اندر.
هو پاڻيءَ تي اڏيل اچي ٿي نظر جا،
سچو سو جهاز آ نه محلات آ.
نه طوفان جهازن کي روڪي سگهن ٿا،
اهي سمنڊ جو سينو چيري هلن ٿا.
اوهان کي اچن ٿيون ڏندين آڱريون،
ڪيو آهه محسوس ٻارو هي مون.
ڪيا ماڙي بندر ڪراچي ۾ آهي،
اهو سمنڊ ڀر ۾ ڏسڻ دل ٿي چاهي.
وتيون ساڻ ”سومر“ کي هلجو اوهان،
وساري نه ”غازي“ به ڇڏجو اوهان.
مڪلي
ٺٽي شهر جي پرينءَ ڀر جنهن ٽڪريءَ تي چڙهبو سا
مڪلي آهي، جنهن بابت مسلمانن جو رايو آهي ته اهو
قبرستان مائي مڪليءَ جي نالي پٺيان سڏجي ٿو. هندو
چون ٿا ته اها ڪالي ديويءَ جي نالي سان سڏجي ٿي.
بهرحال هن وقت سڄي دنيا ۾ مڪليءَ جي سڃاڻپ سمن،
ارغونن ۽ ترخان بادشاهن جي شاندار مقبرن سبب آهي.
مڪليءَ کي عالمي ورثو تسليم ڪيو ويو آهي. مڪليءَ
وارو شاهي قبرستان فقط اهو ناهي جيڪو شاهراهه جي
اتر طرف نظر اچي ٿو، پر اهو سلسلو ڏکڻ ۾ به ڪافي
اڳتي تائين وڃي ٿو. فرق فقط اهو آهي ته ان پاسي
شاهي مقبرا ناهن. مڪلي قبرستان کي سولائيءَ سان ٻن
حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو. هڪ حصي ۾ سمن سلطانن جون
قبرون ۽ مقبرا آهن ۽ ٻئي حصي ۾ ارغونن ۽ ترخانن
جون قبرون آهن.
جاني بيگ ترخان جو مقبرو، ازبيڪ جو مقبرو، عيسيٰ
خان ترخان (ننڍي) جو مقبرو، سلطان ابراهيم جو
مقبرو، اهنسا ٻائي، باقي بيگ ترخان، عيسيٰ خان
ترخان (وڏو) جا مقبرا، ترخان حاڪمن جا مقبرا،
مبارڪ خان، دولهه دريا خان، ڄام نظام الدين (ننڍي)
جو مقبرو، ڄام تماچي سندس زال ۽ هڪ ٻار جون قبرون،
اتر ۾ ملان لُٽر جي درگاهه، ستين جون قبرون، سچ پچ
ته مڪليءَ واري ٽڪريءَ تي هر سوچ جي ماڻهوءَ لاءِ
دلچسپي آهي. آرڪيالاجي ۽ تاريخ سان دلچسپي رکندڙن
لاءِ ته سڄي مڪلي هڪ ڪتاب آهي. قومي شاهراهه کان
ڏکڻ واري پاسي مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي مزار، پير
حسام الدين شاهه راشديءَ جي قبر، شيخ عبدالمجيد
سنڌيءَ جي قبر، سومار فقير جنن واري جي قبر ۽ ٻيون
قبرون به آهن.
مڪليءَ تي ڪالي مندر ۾ رکيل مورتي کي هنگلاج سڏيو
وڃي ٿو. ڀر ۾ هڪ کوهه ۾ سمي ايندڙ پاڻيءَ کي هنگول
نديءَ جو پاڻي سڏيو وڃي ٿو. ڪالي مندر ۾ ٻيا به
ننڍا وڏا مندر آهن، جن ۾ گڻيش، هنومان ۽ شِوَ جون
مورتيون آهن. هڪ ڌرم شالا به آهي. هڪ قديم غار به
آهي، هتي هڪ ريسٽ هائوس آهي.
(سنڌوءَ جو سفر، بدر ابڙو، صفحو 448)
مڪلي
ٺٽي شهر ويجهو جا ٽڪري ڏسون ٿا،
اها آهه مڪلي پڇو جنهن جي لئه پيا.
نهاريو ته هن ڏي اوهان ٺاهي ٺاهي،
پري ناهه ايڏي اها ويجهي آهي.
هي تاريخي جايون ڳجهيون ڪنهن کان ناهن،
اسان سنڌ وارن جو ورثو هي آهن.
هي پنجويهه ڪلوميٽرن ۾ ڊگهي آ،
وڃي مون اکين سان هي مڪلي ڏٺي آ.
لکين ماڻهو مڪلي ڏسڻ لئه اچن ٿا،
ڏسي ماڳ اهڙو پوءِ واپس ورن ٿا.
هتي مقبرن ۽ مزارن جو ڪاٿو،
اندازن هي ڏهه لک ويو آ لڳايو.
هتي آهي دولهه دريا خان ٻارو،
هتي ڄام نندو تماچي ڀلارو.
ستل ڊوهي ۽ سورما گڏ ڏسون ٿا،
قصا تن جا تاريخ ۾ ئي پڙهون ٿا.
مفڪر ڪي شاعر ۽ عالم هتي ئي،
ڪي درويش دفنايا ويا ها اتي ئي.
پيو ڌرم شالا ۽ مندر به ڏسجي،
پراڻي وڏي غار تنهن کي به پسجي.
هتي ٻارو مخدوم ٺارو به آهي،
ڏسون ان جي تربت هي دلڙي ٿي چاهي.
هو ارغون ترخان ٻارو هليا ويا،
ويا مٽجي ظالم سڀيئي فنا ٿيا.
ڪيو ياد ’غازي‘ هي مڪليءَ ڪهاڻي،
وساري نه ڇڏجو هي سمجهي پراڻي.
ٿــــر
سنسڪرت ۾ ’سٿل‘ معنيٰ بيٺل يا نه وهندڙ يعني خشڪ
انهيءَ سٿل لفظ جو اُچار اول ڦري ٿيو ٿل، ٿل جو
آواز ڦري ٿيو ٿَرُ ٿَرُ، ٿر هڪ وڏو لئنڊ اسڪيپ
رکندڙ خطو آهي، جنهن جي هڪڙي سرحد انڊيا سان ملي
ته ٻيو ڇڙو چولستان (ڏکڻي پنجاب) تائين دنگ ڪري
ٿو. ٿرپارڪر ضلعي جا ڀاڱا آهن. هڪڙو ”ڍٽ“ يعني ”ٿر
يا وارياسو ڀاڱو ۽ ٻيو ٻيٽ يعني سخت زمين وارو
ڀاڱو هي شروع ئي مٺي کان ٿئي ٿو، پهاڙ جيڏيون ڀٽون
انهن جو اڻ کُٽ سلسلو ڄڻ ڪي وڏا پهاڙ صدين کان
ڀُري واريءَ جي صورت ۾ آيا هجن. ٿر واسين کي اهي
ڀٽون، ايڏيون ته پياريون آهن جو انهن هر ڀٽ تي
نالو رکي ڇڏيو آهي. هتي اسان کي ڪي قدرتي نظارا
ڏسڻ ۾ ايندا، ڪارونجهر جبل، ڀوڏيسر جي مسجد،
تلاءُ، جين ڌرم وارن جا، هتي ڇا ڏسي ڇا ڏسجي.
مارئيءَ جو ڳوٺ ڀالوا به هتي ئي آهي. هن کي
مارئيءَ جو ملير سڏجي ٿو. ڀٽائي صاحب مارئيءَ جي
داستان ۾ وطن جي حب، لوئيءَ جي لڄ، ويڙهيچن سان
ڪيل وچن ۽ عورت جي آزاديءَ لئه آواز بلند ڪرڻ جو
ذڪر ڪيو آهي.
ٿـــر
آءُ ته ساٿي سير ڪيون ڪو،
سڀ کان سير سُٺو آ ٿر جو.
ٿر جا ماڻهو مٺڙا آهن،
ٻاجهه ڀريو ٿا پيا ڳالهائن.
ٿر جي اندر ٿاڪ ڏسون ٿا،
ماروئڙن جا ماڳ ڏسون ٿا.
تاريخي هت جايون آهن،
اهڙيون شايد ٻئي هنڌ ناهن.
ٿر ۾ ڪيئي مور وڪامن،
۽ ٿا روز تلور وڪامن.
ٿر ۾ بادل برسيا آهن،
ماڻهو ٿا پيا جهمريون پائن.
ڳم، ڳنڍير ڦٽو آ هاڻي،
کپ، ڪنڊير ڦٽو آ هاڻي.
ٿر ۾ جام پٿر آ نڪتو،
خوش ٿينداسون هرڪو ڏسندو.
سائي ٿي پوندي هي ڌرتي،
خالق کي هيءَ آهي پرتي.
ٻوٽا ٻهڪي پوندا هاڻي،
سرهايون ٿينديون رب ڄاڻي.
جوئر ٻاجهر جام ٿي پوندي،
خلقت کائي پيٽ ڀريندي.
گوار ۽ پپيون پوکن ماڻهو،
شوق وڏي سان کائن ماڻهو.
ڏوٿيئڙن جو ڏٿ تي ٻارو،
گذر سفر ٿي جيون سارو.
ڏونرا چونڊي آڻي چاڙهن،
يا ته پٽي پيرون ٿا کائن.
ليسوڙا، گولاڙا، سڱريون،
کائن ويٺا گدريون، گگريون.
ماريءَ جا هت ماڳ به آهن،
سي به اسان کي پاڻ ڏي ساهن.
ٿر ۾ ڪوئلو نڪتو آهي،
هاڻي ڇو ڪوئي دل لاهي.
ساڻ اوهان سان آهي ’غازي‘،
هاڻ ته هلندو ٿيندو راضي. |