سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

باب: --

صفحو : 6

 

- رُڃ

رُڃ جو ڏيکاءُ به هڪ ڪوڙو ڏيکا آهي. پر ڏسڻ وارن جون اکيون ويساهه ڪري وينديون آهن، ته اٿاهه پاڻي پيو لهرون هڻي، جنهن ماڻهوءَ کي ڪل ڪانه هوندي ته رُڃ ڇا آهي ۽ ڪڏهن اهڙو رنگ نه ڏٺو هوندائين سو ته ڏسي تپرس ۾ پئجي ويندو ۽ مڃيندو ئي ڪين ته اهو ڪو پاڻي نه آهي، آهي رڃ به سج جي ڪرڻڻ جو جادو. رڻ پٽن ۽ ويڪرن پوٺن ۾ هيءُ ڏيک ڏسي سگهبو آهي، اهو ڏيک گهڻو ڪري ڌرتتيءَ جو ڏسبو آهي، جڏهن سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ تي تکا پوندا آهن، رڻ جي ويجهو ماڻهو پيو لنگهندو ۽ هي رؤنشو ڏسندو ته دانهن ڪندو ته ”يارو پاڻي ڙي پاڻي“، پر پاڻي هوندو ته مورهين ڪونه آهي. ڀلا ڪير نه مڃي، رڳو بيٺل پاڻي هجي ۽ اڇ لڳي پئي هجي ته به ٻي ڳالهه اهي، هن ۾ ته لهرون پيون لڳنديون آهن ۽ سج کان تتل ميدانن تي اهي لهريون ڄڻ ته ناچ پيون ڪنديون آهن. ٻيو ته ڇڏيو پر جي انهن پوٺن ۾ ڪو ننڍو ٻوٽو يا وڻ هوندو آهي ته ان جو پاڇو به چٽو ئي چٽو انهيءَ ڪوڙي پاڻيءَ ۾ پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

رُڃ جو ٻيو ڏيک هي به هوندو آهي ته ان ۾ هرڪا شيءِ وڏي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. پريان پريان رڻ ۾ ڪو ڇيڻو لٿل هوندو آهي ته ائين ڀانئبو آهي ته ڪا ننڍي ٽڪري آهي، ڪو ٻوٽو هوندو آهي ته وڏو وڻ پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪو اُٺ پيو لنگهندو آهي ته ان جون ٽنگون ڊگهيون ڊگهيون ۽ چوٽي ڄڻڪ اُڀ سان پئي لڳندي آهي. اهي شيون ڪوهين پري هونديون پر ڀانئبو ته ويجهڙيون آهن.

ٽيون ڏيک رُڃ جو اهو به هوندو آهي ته جڏهن سج جا ڪرڻا ميدانن تي تکا ۽ آڏا پوندا آهن ته هرڪا شيءِ اُبتي پئي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهو ڪم سڄو سج جي ڪرڻن جو آهي. جڏهن اهي ڌرتيءَ تي آڏا پون ٿا ته ڪرڻن جو جنسار ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

رُڃ هرڻن ويچارن لاءِ ته وڏو آزار آهي. هرڻ پاڻي پيئي ڪڏهن ڪڏهن سو جو هيترو پاڻي ڏسندو آهي ۽ ڪو ماڻهو جنهن جو ڊپ ٿئيس سو به نه ڏسي ته وڏا وڏا ڇال ماريندو پاڻيءَ پٺيان ڊوڙندو آهي، ڀائيندو ته اجهو ٿو پاڻيءَ کي رسان، ڊوڙندو ڊوڙندو ته پاڻي اڃا به اڳڀرو ڏيکائي ڏيندس، وري ڊوڙندو ته اڃا به اڳي. اهڙيءَ ريت ڪڏهن ته ويچارو رُڃ ۾ ڊوڙي ڊوڙي پراڻ ڏيندو آهي، سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”هرڻ وانگيان رُڃ جي ڏيک تي هرکجي نه وڃ ته مرڳو مرين نه!“ ساڳيءَ ريت ڏاهن اسان کي رُڃ مان اها سمجهاڻي ڏني آهي ته هن پرٿويءَ جو ڌن ۽ مايا ميڙڻ ائين آهي، جيئن هرڻ جو رُڃ ۾ پاڻيءَ پٺيان ڊوڙڻ، ان ڪري خدا کي ياد ڪر ۽ ان تي موهت نه ٿي، آخر ڄائو به اگهاڙو آهين ۽ ويندين به اگهاڙو. هتان ڪجهه به پاڻ سان کڻي نه ويندين، تنهنڪري هن ڪوڙيءَ جيوت تي بانور نه ڪر ۽ ڌن ميڙڻ جو لوڀ من مان ڪڍي ڇڏ. تون آهين هڪ مٽيءَ جو پتلو، مٽيءَ مان جڙيو آهين ۽ نيٺ مٽيءَ ۾ ويندين. ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته:

ڪين آهين، ڪين ٿيندين، ڪين ڪو ڪارج ڪماءِ،

جو اچئي ڪم سُڀا، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.

 

 

29- انڊلٺ

ڌڻي جي جوڙن مان انڊلٺ به ماڻهوءَ جون اکيون کولي ٿي ڇڏي. انڊلٺ جڏهن نڪرندي آهي ته ان کي سٺ سنئوڻ سمجهيو ويندو آهي. سڀ هيج مان چوندا آهن ته هن مند ڏيهه ۾ سُڪار ٿيندو ۽ ويچارا اڀرا سڀرا ساهه پٽيندا. انڊلٺ اوهان گهڻو ڪري ڏٺي ته هوندي، اها مينهوڳيءَ جي مند ۾ نڪرندي آهي. جڏهن مينهن وسي بس ٿيندو آهي ۽ سج اک ڪڍندو آهي ته ڪڏهن ڪڏهن انڊلٺ ڏسڻ ۾ ايندي آهي. جي سج هوندو آهي اُڀرندي پاسي ۽ وچ ۾ سنهيون سنهيون بوندون پونديون آهن ته اِنڊلٺ اُلهندي پاسي ڏسڻ ۾ اچي پر جي سج هجي اُلهندي ۽ وچ ۾ بوندون پون ته اِنڊلٺ نڪري اُڀرندي پاسي. هڪ ڀيري ڪنهن ماڻهوءَ کوهه تان پاڻي پئي ڀريو، کوهه پڪين سرن جو ٺهيل هو، هڪ ڏس کان سج جي ڪرڻن ڪري کوهه جي پاسي تي اُس جو اُلو پئي پيو، کوهه جي وچ ۾ جو پاڻيءَ جا ٻوڪا پئي ڀريائين ته ان ۾ ڇنڊون پئي نڪتيون، اهي ڇنڊون سج جي ڪرڻن مان لنگهي هيٺ ٿي ڪريون ته کوهه جي ٻئي پاسي ڀت تي انڊلٺ نڪري آئي، هن اتي بيٺل سڀني کي سڏوسڏ مچائي ڏني. چي، اچي هي رؤنشو ته ڏسو، سڀ ڊوڙندا آيا ۽ ڏسي ڏندين اڱريون اچي وين. هن پاڻي ڀرڻ بند ڪيو ۽ ڇنڊون ڪِريون ته انڊلٺ گم ٿي ويئي_ هن پنهنجي گهر به وڃي اها ڳالهه ٻڌائي ۽ گهر جي وڏي چيس ته ابا بيهه ته مينهن وسن ۽ ڌڻي ڪري ته انڊلٺ نڪري، پوءِ ڏسج ته هن ۾ رنگ ڪيترا آهن_ انڊلٺ ۾ مڙئي ست رنگ هوندا آهن (1) واڱڻائي (2) آسماني (3) بلو (4) سائو (5) پيلو (6) نارنگي (7) ڳاڙهو. ان مان چٽائي سان سمجهي وڃبو ته سج جي ڪرڻن ۾ به اهي ست رنگ آهن. کوهه ۾ ته انڊلٺ جهڙي هڪڙي ننڍڙي ڪمان ڏٺي هونديئي، پر سچي پچي انڊلٺ جا سانوڻ ۾ نڪرندي آهي سا آڪاش جي هڪ ڏس کان ٻئي ڏس تائين هڪ وڏي ڪمان يا وَنگَ وانگر هوندي آهي ۽ ست ئي رنگ سولائيءَ سان ڳڻي سگهبا آهن، جڏهن انڊلٺ نڪرندي آهي ته ننڍو وڏو گهر کان ٻاهر نڪري اچي اهو رؤنشو ڏسندو آهي ۽ ڌڻيءَ جي جوڙ جي ساراهه ۽ واکاڻ ڪندو آهي_ انڊلٺ به ڌڻيءَ جي جوڙن مان هڪ انوکي جوڙ آهي. انگريزيءَ ۾ ان کي ”رين بو“ ”مينهن جي ڪمان“ سڏين ۽ عربيءَ ۾ ان کي ”قوس قزح“ چون_ خدا کان سواءِ ڪنهن کي اهڙي ڏات يا سگهه آهي جو اهڙي وَنگ ٺاهي سگهي؟ انڊلٺ هڪ موري يا وڏيءَ پل وانگر هوندي آهي جنهن جي هيٺان هوند سڄي ڌرتيءَ تي رهندڙ ماڻهو ۽ ٻيا ساهه وارا لنگهي وڃن. انڊلٺ جي بيهڪ به ٿوري ويرم لاءِ هوندي آهي. جيئن سنهيون سنهيون بوندون بس ٿينديون وينديون، تيئن انڊلٺ جا رنگ ۽ اها سڄي پل هوريان هوريان جهڪي ٿيندي ويندي آهي ۽ نيٺ ميٽجي ويندي آهي.

انڊلٺ جو ڏيک ويک به ڪهڙو ته من موهيندڙ آهي. ان کي ڏسندي ڏسندي ماڻهو ڍاپندو ئي نه ۽ ڀانئيندو آهي ته وري وري انڊلٺ نڪري ته ڏسندو رهان. اهي ئي ته الله سائين جا جوڙ ۽ جنسار آهن، جن اسان کي سندس هوند جو مڃيندڙ بنايو آهي. ڪنهن سگهڙ چيو آهي:

اُڀ ڏي ٿوري نظر ڪريو،.

سج چنڊ تي پڻ ڌيان ڌريو،

سهڻي تارن سندي قطار،

جوڙيا سائينءَ سڀ جنسار.

 

 

30- سَن

لوڻ بنا سڀڪو کاڌو ڦڪو_ وات ۾ وجهه ته وڻي ئي نه، سڀڪو دانهن ڪندو ته اڙي ماني ڦڪي، يا ڀَت ڦِڪو يا ڀاڄي ڦِڪي. کاڌي ۾ پوي سا لوڻ جي چپٽي، نه ته ان کانسواءِ پئسا ئي پاڻيءَ ۾. اهڙي ڪمائتي شيءِ پر سستي وري ٻين سڀني شين کان. اهو لوڻ اچي ڪٿان ٿو سا به اوهان کي سڌ هوندي، لوڻ ٽن ڀاڱن ۾ ورهايل آهي: (1) سامونڊي، (2) ڪالرو، (3) سينڌرو. سامونڊي لوڻ ته ڪراچي ڀرسان ماڙي پور ۾ ٺهي ٿو، جنهن لاءِ ٻاريون ٻڌل هونديون آهن ۽ انهن ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي وڌو ويندو آهي، جنهن مان لوڻ ٺاهيندا آهن. ٻيو جيڪي ڪلراٺا پوٺا آهن تن تي مينهن پوي ته انهن پوٺن جي لوڻاٺيل زمين تي اڇو اڇو لوڻ جو ٻورو چڙهي پوي ۽ اهو ميڙي مڻ کڻي گڏ ڪجن، پر اهو لوڻ کاڌي ۾ گهڻو ڪري ڪم نه اچي ۽ نه وڪامي. ٽيون آهي سينڌرو لوڻ، اهو ڏاڍو ڪمائتو آهي ۽ اسين خوشي سان کاڌي ۾ وجهون ٿا.

سينڌرو لوڻ وري سَنُن يا لوڻ جي ڍنڍن ۾ ٺهي_ اسان جي سنڌ ۾ لوڻ جون ٻه ڍنڍون جن کي سنون به چئبو آهي، گهڻو مشهور آهن. هڪ ڏيپلي تعلقي ۾ جنهن کي سارڻ جي ڍنڍ چون ۽ ٻي کپري تعلقي ۾ جنهن کي ڍليار جي ڍنڍ چون. ڏيپلو تعلقو ڪڇ جي رڻ پٽ جي ويجهو آهي، ان ڪري ان ۾ لوڻ جون سنون گهڻيون ئي آهن. پر هڪ ته ننڍڙيون آهن ٻيو ته لوڻ جي ايتري گهرج ڪانهي جو انهن مان لوڻ کي کوٽي ڪڍجي. ان ڪري حڪومت رڳو مٿي ٻڌايل ٻن ڍنڍن تي جهل پل ڪئي آهي ۽ اتي پنهنجا آفيسر رکيا اٿن ۽ اتان لوڻ کڻڻ جي جهل آهي.

سنن جي ڏيک ويک جي سڌ انهن کي هوندي جن اهي وڃي اکين سان ڏٺيون هونديون. ڀٽن جي وچ ۾ ڪٿي ڪٿي رڻ جي ويجهڙائي سبب اهي ڍنڍون ٺهي پيون آهن، جن ۾ پاڻي به اندران ئي اندران سمي نڪري ٿو. مٿين ڍنڍن جي ڳالهه ٻي آهي جن ۾ درياءَ جو مٺو پاڻي هٿرادو وڌو ويندو آهي. هتي ته خدائي جوڙ آهي. سارو ڏينهن ۽ رات هنن سنن جي پاڻيءَ مان ڦوٽن وانگر بڙڪ ڏيئي لوڻ نڪري ۽ پاڻ ۾ اهي بڙڪ گڏجي ٿلها ٿلها تهه ڄمي پون ۽ ڄڻ ته لوڻ جون ڇپون گڏ ٿيو وڃن. هڪڙيون ڇپون ڪڍو ته ٻئي ڏينهن ٻيون تيار_ ڪنهن انت ئي ڪونه لڌو آهي ته ڌرتيءَ ۾ اندر اهو لوڻ ڪٿي ٿو وڃي پورو ٿئي. پر ڌڻيءَ جي جوڙ آهي، اهو لوڻ کڻڻ جو آهي ئي ڪونه. سڄي سن ته پنهنجي ماڳ تي رڳو هڪڙو ڍنڍ جو ٽڪر ئي سڄي ڄمار کوٽيندو رهجي ته ڏينهن کي پالي. ايترو لوڻ ڀلا وڃي به ڪيڏانهن.

هن سينڌرو لوڻ جا چاپوڙا کڻي هڪٻئي مٿان تهه ڪجن ته پاڻ ۾ چنبڙي وڏا وڏا پٿر ٺهيو پون. ۽ وري چنجورن کان سواءِ انهن کي کوٽي ۽ ڀڃي به نه سگهجي. هن کاتي جا ڄاڻو وري به هن لوڻ جي ڇپن کي سائنسي ڀيد سان ڌوئي ڌمالي اُجرو ڪندا آهن ته ماڻهن جي کاڌي جهڙو ٿئي ۽ ڪابه پيٽ جي اگهائي نه نسري.

منهنجا سنگتي! سَنُن جو وڃي ٿر ۾ درشن ڪريو ۽ ڌڻيءَ جي سگهه ڏسي ان جي ساراهه ڪريو ته اوهان جي جياپي لاءِ ڇا ڇا نه ڪيو اٿس!

 

 

31- ڄارو

آءٌ انهيءَ ڄاري جي ڳالهه ڪانه ٿو ڪريان، جيڪو اسين پنهنجن گهرن جي ڇتين ۽ پاسي ڪنڊن ۾ لڳل ڏسندا آهيون. هيءُ ڄارو هڪڙا جيت آهن، جي نِس پس مکين جهڙا آهن، پر آهن اهڙا سنها جو هڪ مک مان اهڙا ڏهه_ ويهه جيت ٺهن. مکين ۾ وڏين مکين کي مکا چئبو آهي. اهي به ساڳئي ڪٽنب جا آهن جهڙيون مکيون ۽ هيءُ ڄارو به ساڳي پريءَ جو آهي، ائين چئجي ته اهي به سنهيون سنهيون مکيون ئي آهن، پر آهن اهڙيون جي هڪ انچ جي ٽڪري ۾ جيڪر هڪ هزار کن ويهي وڃن. هن ڄاري جو اهنج مينهوڳيءَ کان پوءِ ٿيندو آهي ۽ اُٺن ۽ ٻئي مال لاءِ ڏاڍو ويل آهي. مال جي مٿان چمڙيءَ تي ويهي وڃن ۽ جهڳٽا ٺاهي مال جي کَل کي چڪي وڃن. مال ويچارو پنهنجن پڇن ۽ وڏن ڪنن سان ۽ ڪنڌ ۽ بُت ڌوڻڻ سان انهن کي هڪلڻ جا گهڻي ئي ڪي وس هلائيندو آهي، پر نڀاڳو ڄارو اُٿيو نه اُٿئي جهڙو، وري به ويهندو ساڳيءَ ڀيڻيءَ تي.

مال وارا ماڻهو رات جي ٽاڻي سائو جهنگلي گاهه پٽي، مال جي اڳيان پٺيان ڍڳ ڪري، انهن جي دونهي دکائي ڇڏيندا آهن، بس اهو هڪ ئي رستو آهي ڄاري کي ڀڄائڻ جو، ان هوندي به ڄارو سمورو ته ڪونه ڀڄي، پر ڪجهه گهٽتائي ٿئي ۽ مال ويچارو رات سک سان ڪاٽي.

ٿر ۾ ته ڄاري جو ڏاڍو ويل هوندو آهي. مال جا وٿاڻ رات جو ڏسبو ته دونهي جا کورا هوندا آهن ۽ مال جا پُڇ ۽ ڪَن پيا هلندا آهن. ڄارو ڀڄائي ڏسبو آهي ته مال جي کَل تي ڄارو چَڪي چَڪي ڦٽ ڪري ڇڏيندو آهي ۽ ڊپ وٺندو آهي ته ڪٿي مال کي ڪيئان نه پئجي وڃن. ڄاري جا جيت ڏسڻ ۾ ته ننڍڙا ايندا آهن، پر منجهائن ڇيهو وڏو ٿو رسي. بس سارو سانوڻ مال لاءِ ويل هوندو آهي. پٽن تان سائو گاهه سُڪو ۽ مينهن جي الاڻ مان ڇوٽڪارو مليو ته هن ڄاري مان به جند ڇٽي، نه ته هڪلي هڪلي ڪيترو هن نڀاڳي کي هڪلجي. خدا جي جوڙ آهي. ماڻهن جي پٺيان ته انيڪ ڏاکڙا بڇي ڇڏيا اٿس. پر ڇٽل ساهه وارا جانور به ڪين آهن. پر ماڻهو پنهنجي سمجهه هلائي سڀ ڪنهن ڳالهه جو اپاءَ ڪري سگهي ٿو، پر ويچارا ساهوارا ڇا ڪن؟ اهي وري به ماڻهن جي هٿ وس ٿين. ماڻهو انهن مان لاڀ به پرائين ٿا ته سندن سنڀال به ڪن ٿا.

هن مند ۾ ٿر ۾ اُٺن تي چڙهي پنڌ ڪبو وڃبو ته سوار تي به ڄارو ويهي ويندو آهي، پر ماڻهوءَ کي به هٿ آهن، سو ڄاري کي ڀڄائيندو رهندو آهي، ته به ٽوپلو هوندس ته يا خاڪي سوٽ ۽ ڪوٽ هوندس ته ان تي هنگي ڪارا ڪارا سنها چٽ ڪري ڇڏيندو آهي، جن جي ڏسڻ سان بڇان وٺي ويندي آهي.

اوهان کي ڪڏهن وجهه ملي ته اهو ڄارو ڪنهن پر وڃي اکين ڏسو_ ڏسندؤ ته خدا جي جوڙ ۽ سگهه جي پروڙ پونديوَ.

 

 

32- ڏٻند

ننڍڙن ٻارن کي مٺاڻ گهڻو وڻندو آهي. مائٽ ويچارا مٺاڻ کائڻ کان روڪيندا آهن، پر ٻار سو نيٺ ٻار، سمجهه هجيس جو روڪڻ تي روڪجي سگهي. ان ڳالهه جو نيٺ انت اهو ٿيندو آهي، جو ٻارن کي هنگڻ ۾ سيڪيون پئجي وينديون آهن، جي سندن آنڊن مان نڪرنديون آهن. مائٽ ويچارا ڦڪيون سُتيون وجهندا اٿس ته اُهي سيڪيون پيٽ ۾ ئي مري وڃن ته ٻار ۾ لوچ پُوچ نه ٿئي ۽ ننڊ سٺي اچيس. اها ته ٿي ننڍڙن ٻارن جي ڳالهه، پر وڏن سان اڃا ئي هڪ وڏو هاڃو ٿيندو آهي. اهو هاڃو آهي ”ڏٻند“. توبهه گيسي! اهي ڏٻند ته وري پوريون بلائون آهن! ننڍا ڪيڙا هجن ته به ٺهيو. ننڍي ۾ ننڍا ڏٻند ٻه_ ٽي انچ ٿين ۽ وڏا ته فوٽ کن جيڏا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان کان به وڌ ڏٺا ويا آهن، جنهن کي ڏٻند پيٽ ۾ پون، اهو ويچارو ويندو آهي ڳرندو نجهرندو. کاڌو به ڪونه وڻيس ۽ ڪابه شيءِ چس ڪانه ڏئيس. پيٽ ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙو سور پويس جو ويچارو لڇندو رهندو آهي. پتو تڏهن پوندو جڏهن ٽوري ۾ ڪي ٻه_ چار ڏٻند نڪريو اچن. اهو رنگ ڏسي ويچاري اگهي جو ته ساهه ئي سڪي ويندو آهي، جو جيئريون جاڳنديون بلائون ٽوري ۾ پيون ڦٿڪنديون آهن، ويچارو دانهن ڪري اُٿندو آهي ته کيس نه چنبڙي وڃن ۽ اٿي کڙو ٿيندو آهي ۽ ٻاهر نڪري مٽن مائٽن کي ٻڌائيندو آهي، جي پاڻ ڏسڻ سان هراسجي ويندا آهن.

ڪڏهن ڪڏهن ته ائين به ٿيندو آهي ته اگهي جي دل ڪچي ٿيڻ لڳندي آهي ۽ اُلٽي ٿيندي اٿس ته ان ۾ ڏٻند نڪري ايندا آهن، جي اگهو ڏسي دانهن ڪري وٺي ڀڄندو آهي. نيٺ مٽ مائٽ وٺي کيس ڪنهن ويڄ يا ڊاڪٽر وٽ ويندا آهن، جو اگهي کي سخت جلاب ڏيندو آهي. بس پوءِ ته ڌڻيءَ جي جوڙ آهي، سوين ننڍا وڏا ڏٻند دستن ۾ نڪريو اچن ٻاهر. اهڙيءَ ريت ٻه_ چار جلاب ڏيڻ سان ۽ ٻي دوا پيئڻ سان اگهو وڃي مس سگهو ٿيندو آهي ۽ ساهه پٽيندو آهي. بس ٿوريءَ دير ۾ سوين بلائون ڦٿڪنديون ڏسي ماڻهوءَ جو منهن هارجي ويندو آهي ۽ من ڏڪي ويندو آهي، پر ساڳيءَ مهل سرهو به ٿيندو آهي ته آزار لٿو.

ڏٻند به ٺهن سيڪين مان ئي ٿا، ان ڪري جڏهن ڏسجي ته سيڪيون گهڻيون ٿيون اچن ته دوا ڪرڻ ۾ دير نه ڪجي، نه ته ڏٻند هيڻو ڪري ڇڏيندا ۽ ماڻهوءَ جو پيٽ وڌي پوندو ۽ وڌيڪ ڇيهو ٿي وڃڻ جو ڊپ آهي.

ماڻهوءَ جي پويان ڪيتريون نه بلائون لڳيون رهن ٿيون، پر آهي ماڻهو به نِرڄو، ڪريءَ کان پيو نٽائيندو ۽ مِٺيون مِٺيون شيون کائڻ جي پچر ئي ڪين ڇڏيندو. ڌڻي ٻاجهاري کي ساراهڻ کپي جو دُک ڏئي به ٿو لاهي به ٿو، نه ته ماڻهوءَ جي الائجي ڪهڙي گُت ٿئي.

 

 

33- ڀورُو ڪينئون

ڀورو ڪينئون به گاهه جي ڪينئن وانگيان واهن ۽ واهڙن جي ڪکن تي آلي مٽيءَ ۾ ٽُنگ ڪري انهن ۾ پيدا ٿيندو آهي ۽ انهن ۾ رهندو آهي. گاهه جا ڪينئان ننڍا هوندا آهن، پر ڀورا ڪينئان وڏا هوندا آهن. اٽڪل سارو چار پنج انچ هوندا آهن. اُس نڪرندي آهي ته هو به پنهنجي ٻرن مان نڪري ٻاهر ايندا آهن ۽ آلاڻ ڇڏي سوڪ تي رڙهڻ لاءِ ايندا آهن. اهڙا ته ڀيانڪ هوندا آهن جن کي ڏسي ڏرُ وٺي ويندو آهي، پر خدا جي جوڙ جو بت وري اهڙو ته ڪونئرو هوندو اٿن جو ڪنهن شيءِ سان رهڙجن ته اڌ ٿي پون. ڪڏهن ڪڏهن ماڻهوءَ جو مٿن پير اچي وڃي ته ٻه ٽڪر ٿي پون. اوهان تپرس ۾ پئجي ويندا ته جڏهن ان جا ٻه اڌ ٿي پوندا ته ٻئي اڌ وري به ائين هلڻ لڳندا جئين هڪ ڪينئون نه هو، پر هي ڪي ٻه ڪينئان هئا.

اوهان ڏٺو هوندو ته ڪڏهن اسان جي گهرن ۾ ڪا چچي ماربي آهي ۽ ان جو پڇ ٻئي بت کان جدا ٿي ويندو آهي ته چچي ته ڀڄي ويندي پر سندس پڇ ويچارو پيو ڦٿڪندو آهي. جيسين پڇ ۾ ساهه هوندو اٿس، تيسين پڇ ٽپا پيو کائيندو آهي. نيٺ مري پورو ٿي ويندو آهي ۽ ماڪوڙيون چڙهي وينديون اٿس ۽ کائي جشن ڪنديون آهن، پر واهه ڙي ڀورا ڪينئان_ تنهنجا اڌ ٿين، چوٿا ٿين يا ڏوهه ٽڪر ڪجن ته هڪڙو هڪڙو ٽڪر پنهنجي مٿي هڪ ننڍڙو ڪينئون بنجي پوي ۽ سُرندا رهن. ڀلي ته ڪيترا به ڀور ڀور ڪريون، پر تون مرين بنهه ڪين پر ساڳئي رنگ ڍنگ سان سُرندو رهين. ائين ٿو ڀانئجي ته هن ڪينئي ۾ هڪڙو ساهه نه آهي، پر ڪي انيڪ ساهه آهن، جيترا ٻرن ۾ لڪي ويندا.

ڏٺو الله سائينءَ جي جوڙ ۽ سگهه، جيئن گهري تيئن ڪري. ڇا ڇا نه جوڙيو اٿس. تڏهن به ڪي هن مالڪ سائين جي هجڻ ۾ ويساهه نٿا رکن، چون ٿا ته هيءُ جڳ هيءُ سنسار پاڻهي پيو هلي، ان جو جوڙڻ وارو ڪوبه ڪونهي. سڀ پاڻهي ڄمن پاڻهي مرن، پاڻهي کاڌو ملين، ڪوبه کاڌو پهچائڻ وارو ڪونهي. سڀڪجهه پاڻهي پيو ٿئي. اُپائيندڙ ۽ پاليندڙ آهي ئي ڪونه. هي هزارين ساهه وارا پکي پکڻ، مڇيون منگر، ديو ڀوت، ماڻهو جن، جيت جنتر سڀ پاڻهي پيا هلن ۽ رهن. اها ڪهڙي نه انڌائي آهي، جڏهن هڪ ننڍڙي وٿ به ٺاهيندڙ کانس واءِ نٿي ٺهي سگهي ته هيءَ سڄي جوڙ سج چنڊ تارا، هوا باهه پاڻي جو ڪو ٺاهيندڙ ڪونهي!

 

 

34- ڄاهو

الله سائينءَ جي اُپايل ساهه وارن ۾ ڄاهو به هڪ تپرس ۾ وجهندڙ ساهوارو آهي. سندس بت تي کَل ڏسجي ڪانه، نه ڪو وار ئي ٿئيس. سڄو بُت تکن ڪارن ڪنڊن سان ڀريل هوندو اٿس. جي اُڀا ئي اُڀا بيٺل هوندا آهن، ڪير جو هٿ لائي سگهيس ته هٿ ئي ڦٽجي پويس. جهنگن ۾ گهڻو ڏسبو آهي. ڏينهن جو ٿورو نڪري پر رات جو نڪري ٿئي ٻاهر. سهائيءَ رات جو ته ڪوڏيو آهي. چانڊوڪيءَ ۾ ناچ به ڪري، جو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. ڪوئي جهڙي ٻوٿي هوندي اٿس ۽ پير به گهڻو ڪري ان ئي جهڙا مليل اٿس. ٻوٿي ٻاهر ڪڍي، پيرن تي ڏاڍو تکو هلندو ۽ ڊوڙندو آهي. ماڻهوءَ تي اک پيس ته ٻوٿي ۽ پير لڪائي ڇڏيندو ۽ گول ٿي کينهوڙي وانگر ويڙهجي سيڙهجي مڪر ڪري پئجي رهندو ڄڻ ته ساهه ئي ڪونه اٿس، ڀلي ته ڪو اچي هٿ ۾ ڪنهن ڪپڙي يا ٻي شيءِ سان کڻيس، جيئن سندس هٿن ۾ ڪنڊا نه چُڀن.

نانگ جو ته ويري آهي. نانگ بلا ڏٺائين ته ڊوڙي وڃي ان جي پڇڙي پڪڙيندو ۽ اهڙو ته چڪ ۾ وٺندس جو ڇڏائي ڪونه سگهندو، پوءِ پاڻ ٻوٿي لڪائي ڇڏيندو ۽ نانگ کيس پنهنجي ٻوٿيءَ سان ڌڪ هڻندو ته جند ڇڏايان، پر ڪجهه به ڪونه ورندس. مورڳو ڌڪ هڻڻ سبب ڄاهي جي ڪنڊن سان ٻُوٿي ڦٽجي پونديس ۽ رت وهڻ لڳندس، جيئن پوءِ چڙ ۽ خارن ۾ ڌڪ هڻندو تيئن ويندو ڦٽبو، تان جو ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندو، جڏهن چَرڻ پَرڻ بند ٿيندس، تڏهن ڄاهو به سمجهي ويندو ته هاڻي مري ويو آهي يا پويان ساهه اٿس، پوءِ پڇڙيءَ کان ويندس کائيندو ۽ سڄو کائي ڳڙڪائي ويندو.

ڄاهي جي پنهنجي ٻوٿي اهڙي ته نرم ۽ نستي هوندي آهي جو ٻوٿيءَ ۾ ٿورو ئي ڌڪ لڳي ويو ته يڪدم مري پوندو. جهڙي طرح نانگ بلا کي بُت تي ڪيترائي ڌڪ هڻبا، رتورت ٿي ويندو مگر مرندو ڏکيو، پر ٻوٿيءَ تي هڪ ئي ڌڪ کيس پورو ڪري وجهندو. ساڳي گت ڄاهي جي ٿيندي آهي. چوندا آهن ته چورن مٿان مورپيا آهن. بلائن مٿان بلائون ڌڻيءَ اُپايون آهن، جي هڪ ٻئي کي ناس ڪريو ڇڏين نه ته انهن سان ماڻهو ڪٿي ٿو پڄي سگهي. چوندا آهن ته وڏي مڇي ننڍيءَ کي ڳهي ڇڏي. اهڙيءَ طرح پاڻيءَ ۾، هوا ۾ ڌرتيءَ تي ڪي لکين ڪروڙين ننڍا ننڍا جيت پيدا ڪيا اٿس، جن مان هڪڙا ٻين جو کاڄ آهن، ائين نه هجي ته ماڻهوءَ جو هن ڌرتيءَ تي رهڻ ئي ڏکيو ٿي پوي.

ڄاهو جنهن نه ڏٺو هجي سو ڀلائي ڪري ڪنهن به ريت ان جو درشن ڪري، ان کي هٿ لائي ڏسي ۽ ان جو چانڊوڪيءَ ۾ ناچ ڏسي. پڄي سگهيس ته هڪڙو لهر آڻي. ٻلي سمجهي ويندي اٿس ته هيءُ ساهه وارو آهي. ٻوٿي ڪڍندو ته ڀائيندي ته پڪڙي کائي وڃانس، پر هن جي بت تي چنبو هنيو نه اٿس ته ڪنڊن سان چنبو ڦٽجي پوندس ۽ ميائو ميائو ڪري وٺي پري ڀڄندي. ڪوئن لاءِ ٻلي ته ٻليءَ لاءِ ڄاهو، هڻ کڻ لڳي پئي آهي.

هي سڀ ڌڻيءَ جي سگهه جا رنگ روپ آهن، جن جي ڏسڻ سان سندس جوڙ ۽ ڀروسو پڪو ٿئي ٿو ۽ سندس هئڻ جو پرو پوي ٿو. اچو ته انهيءَ سٻاجهي سائينءَ کي وري ساراهيون ۽ ان جا ٿورا مڃيون، جنهن ماڻهوءَ کي ٻين سڀني ساهه وارن تي سگهه ڏني آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com