سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

باب: --

صفحو : 11

 

 

67- چانهه

مٿي چانهه جو اکر پڙهي اوهان جو وات پاڻي ٿيو هوندو ته ڪو چانهه جي ڪوپ جي ڳالهه هوندي ۽ چانهه پيئڻ جي ڳالهه ٻولهه هوندي، پر ائين نه آهي. چانهه هڪ سهڻو پکيڙو اٿوَ. ڪٻر کان ٿورو ننڍو ۽ ٽيٽهار کان ڪجهه وڏو پکي. سندس کنڀ آسماني رنگ جا ۽ مٿن نيري گهاٽي رنگ جا چٽا چٽا هوندا آهن. سهڻا پکي ته طوطو، مور، ڪاٺ_ ڪُٺو ۽ بلبل به آهي، پر هن جي سونهن به ڪا گهٽتائي ڪانهي. ٻولي به مٺي اٿس. لڳ ڀڳ مينا جهڙي. ڪوئل ۽ ٽيٽهار ته راڳيندڙ پکين جي ڪٽنب ۾ ڳڻجن ٿا، پر چانهه ائين نه اهي. ٻولي وڻندر اٿس ته به راڳيندڙ پکي ڪين سڏينس. سندس کنڀ يا پَر ته ڀانئجي ته ويٺا ڏسجن. هٿ اچي ته هٿ لائي ڏسبس ته کنڀ نرم جهڙا ريشم يا پَٽ. دل ئي نه چوندي ته ڪو هٿ مٿان لاهجيس. اهوئي هڪ پکي آهي، جنهن جو نالو پيئڻ واريءَ چانهه جهڙو ساڳيو آهي. هن جو کاڌو پيتو به ميوو آهي. بک ۾ اَن جا داڻا ڪڻا به کائي، چانهه پکي گهڻو ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڏسبوآهي. ٻين پکين جهڙوڪ ڪانو، جهرڪين ۽ ٻوڙيءَ کان گهٽ ٿئي. جهرڪيون ۽ ڪانوَ ته گهرو پکي ڪوٺجن ته به ٿي سگهي ٿو،پر چانهه ويچاري گهرن ۾ پير ڪونه رکي. ماڻهن کان ڏاڍو ڊڄي، ان ڪري وڻن جي گهاٽن جهڳٽن ۾ ويهي، جتي هوءَ پنهنجو بچاءَ سمجهي، جڏهن اسان کي پيئڻ واري چانهه ڏاڍو وڻندو آهي ته پوءِ هيءَ ان جي نالي ڀاياڻي ڇو نه وڻندي. اوهين جڏهن ڪنهن چڙيا_ گهر ۾ گهمڻ وڃو ته اُتي هيءُ پکي ڏسي سگهندا، اتي هِري مِري ويا آهن. چانهه جا ٻچا ڏسندؤ ته هيڪاري مٿن وڌيڪ پيار ايندوَ. بس الله جي جوڙ آهي.ويچار ڪري ڏسبو ته سندس جوڙ ڏاڍي سهڻي ۽ سٺي آهي. پاڻ ڌڻي سڳورو سهڻو آهي ته سندس جوڙ وري ڪا ڪوجهي هوندي به ڇا؟ نه نه!

 

 

 

 

68- پُسي، ڏونرا ۽ پَڪا

ڪِرڙن جا وڻ ته اوهان ڏٺا هوندا، اهي اهڙا وڏا ڪين ٿين، جهڙيون نمون، سرهيل، ٻٻر يا انب. هي وڻ ننڍا ٿين ۽ جهنگن ۾ پاڻ مرادو اُڀرن. جڏهن ٻُورجن تڏهن پهريائين منجهن ڦُلڙيون ڦٽن، جي پهرين سايون ۽ پوءِ گلابي رنگ جون ٿينديون آهن. اسين انهن کي پُسي ڪوٺيون. پُسيءَ جي هڪ لُڙي پَٽي وات ۾ وجهي ڏند ڏينس ته مِٺي رس جو سواد ايندو، پر پُسي ڪچي ڪين کائبي آهي. اها پُسي گڏ ڪري کڻي اچجي گهر، ڪُني ۾ وجهي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ اُٻارجي ته رنگ ليمائي ٿي ويندس. رڌجي وڃڻ کان پوءِ گرم پاڻي هاري، پُسي ڪڍي ڪري، ڪنهن ٿالهيءَ ۾ رکبي آهي، پوءِ لوڻ مرچ ٻُرڪي کائي ته هن جي مزي جي ڪهڙي ڳالهه ڪريان! اڳي مَهتا هوندا هئا سي پُسي رڌي ڪُني ۾ وجهي، وڪڻڻ لاءِ هوڪا ڏيندا وتندا هئا ته ”رڌي پُسي مٺي“ ۽ ٻار پئسي_ ٽَڪي جي وٺي ڏاڍي چاهه مان کائيندا هئا. هاڻي اهڙا هوڪا ڪين ٻڌجن؛ پر ٻهراڙين ۾ اڃا به ماڻهو مند جو ميوو سمجهي رڌي کائيندا اٿس.

پُسي آهي ڄڻ ڪرِڙ جو گل، انهن مان پيدا ٿين ڏؤنرا. اڄ ننڍا سڀاڻي وڏا، جڏهن ٻيرن جيڏا ٿين ته اهي به پَٽجڻ لڳن. ماڻهو ڪٿي ٿا ڏؤنرن کي ڇڏين. شهرن جي مارڪيٽ ۾ ڀاڄيءَ وانگيان وڪامڻ به اچن. ڏؤنرا به پُسيءَ وانگر ٽهڪائي لوڻ مرچ وجهي کائجن ته ڏاڍا وڻن. ڏؤنرن جو اچار به ٺاهيو ويندو آهي. جي ليمن ۽ انبڙين جي اچار ۾ وجهي ڇڏبا ته به سَنڌ جو هڪ سٺو سانڌاڻو ٿي پوندو نه ته رڳي ڏؤنرا آچار ڪبا ته بس. پوءِ ته ڏؤنرن جون ڏويون ڀري پيو سنگت ساٿ ۽ مٽن مائٽن ۾ ورهائي به ۽ پاڻ به کائي جشن ڪر.

اهي ڏؤنرا جيڪڏهن ڪچيءَ ۾ نه پَٽبا ته پوءِ سائي مان ڦري ڳاڙها ٿيڻ لڳندا ۽ مٺيءَ رس سان ٽمٽار ٿي ويندا، پوءِ ته جهڙو ميوو. پڪو پٽيندو وڃ ۽ چوسي کائيندو وڃ ٻج ۽ کل اُڇلي ڇڏ، باقي رس ۽ ڳڀ اهڙو ته سوادي ٿيندو آهي، جو چڇِڪو ڇا جا ۽ زردالو ڇا جا. پکين کي ته پَڪا اهڙا وڻن، جو ماڻهو نه پهچي ته پکي ئي کائي پورا ڪري ڇڏين. بلبلين کي جيترو مڪ ۽ پيرون“ جي ڄارين ۽ کٻڙن ۾ ٿيندا آهن وڻن، ان کان به وڌيڪ پڪا وڻن. پاليل بلبلن لاءِ ماڻهو ڳولي ڳولي پڪا هٿ ڪندا آهن. شهرن ۾ وڪامندا به آهن، پر پکين کان بچن ته ماڻهوکائين. ڳاڙها ڳاڙها جهڙيون لعلون، آهن پڪا به گولاڙي جي جنس پر ٻيا ميوا پچڻ شروع ڪن منهن کان ۽ گولاڙو پچي بول کان. ان ڪري سنڌيءَ ۾ پهاڪو ڏيندا آهن ته ”گولاڙو پچي بول کان.“ ان جو ارٿ اهو هوندوآهي ته گولاڙا ماڻهو، جي پئسي وارا ٿيا ۽ ٿوري هُشي ملي وين ته گولاڙي (جهنگلي ڦر) وانگر بول کان پچندا. يعني وڏائو ڪندا.

جيڪڏهن ڌڻيءَ سڳوري جهنگ جا اناج اُپايا آهن جن کي ڏٿ چوندا آهيون ته جهنگ جون ڀاڄيون به اُپايون اٿس. وري جي جهنگ جون ڀاڄيون پيدا ڪيون اٿس ته جهنگلي ميوا به ٺاهيا اٿس. شهرن وارن ماڻهن لاءِ باغن جا ميوا، نهرن جون ڀاڄيون ۽ واهن جا اناج جهجها ڪري ڏنا اٿس ته مارو ماڻهن کي وري جهنگ جو ڏٿ، ميوا ۽ ڀاڄيون جام ميسر ڪري ڏنيون اٿس. خدا جي ڀلاين کان وانجهيل اُهي به ناهن. ڌڻي سڳوري جا ڀال سڀني تي هڪ جيترا آهن. وڏا ماڻهو نرم هنڌن تي سمهن ته به پاسا پيا اُٿلائيندا ۽ ننڊ ئي ڪانه ايندي، ٿوري کڙڪي تي ڇرڪ پيا ڀريندا، پر ٻهراڙيءَ جا سانگي ڪنڊن مٿان سمهي پوندا ته به کونگهرا پيا هڻندا. شاهوڪارن کي مال مليدا کائڻ ڪري بک ٿوري لڳي، ان ڪري کاڌي مان سواد ڪونه اچين. ڇو ته پورهيو ڪن ئي ڪونه، پوءِ بک چڱي ڇو لڳين جتي ۽ جيڪو انهن کي رکي سُڪيءَ مانيءَ مان ساءُ اچي، سو سُکين ستابن کي سيرن، حلون، مالپڙن، پراٺن ۽ ٻوڙن پُلائن مان به ڪين اچي. غريبن لاءِ سنڌڙي، بيگڻ ڦلي، آپوسي ۽ ٻين انبن جي جنسن کان اهي پڪا ۽ پيروُن، ليار ۽ گولاڙا، ليسوڙا ۽ گيدوڙا ميوا آهن، پوءِ ڇو نه چئو الله اڪبر! ته الله سائين وڏو آهي.

 

 

69- ڳجهه

ڳجهه اوهان ڏٺي ته هوندي، پر جي ڪنهن نه ڏٺي آهي ته ٻڌو سُڌ سماچار: ڳجهه هڪ پکي آهي. سرڻ کان چـؤڻي، بت ۾ ڳـؤري هوندي آهي. اُڏامڻ جي ڪري ته مس مس پَٽ تان پاڻ کڻي سگهي ۽ پَرَ هڻي هڻي ڏاڍو ڏکيائيءَ سان مٿي ٿئي. ڳچي ذري گهٽ فوٽ کن ٿئيس. اهڙو بڇڙو ۽ بڇان ڏياريندڙ پکي ٻيو ڌڻيءَ سڳوري اُپايو ئي ڪونه هوندو! ڳجهون رڳوا ُتي ڏسبيون، جتي ڍونڍ پيل هوندو. ڪو گڏهه، گهوڙو، ڍور ڍڳو، ٻڪري ٺڪري مئي ۽ ائين ئي ڪنهن ڍير تي پيل ڏٺائون ته اجهي ڳجهون آيون. سُڌ به الاجي ڪيئن ٿي پوين. سونگهڻ جي سگهه به ڪا تکي ڏاڍي ٿي ٿئين. ڪوهن تان ڪَل پوندين ته هن ڏس ته مئل ڍونڍ آهي. اکيون به اهڙيون تکيون اٿن، جو اُڏامندي اُڏامندي، مٿان ئي ڏسي وٺنديون ته اِجهو هُو ڍونڍ. پاڻ ۾ ٻڌي به ڏاڍي اٿن. ويرم ۾ ولر ڳجهن جا اچي مڙندا. ماڻهو هڪٻئي کي ڪڏهن ڪڏهن چوندا آهن ته ”تون به ڪو ڳجهه آهين، ڍونڍ ۽ ڪِنَ تي  آيو ٿو رهين!“ بس ڳجهون ڍونڍ تي لٿيون نه آهن ته پنهنجي ڊگهي ڳچيءَ ۽ وڏين چهنبن سان اچي ڍونڍ کي وٺنديون. ان جي پيٽ ۾ ڳچي اندر وجهي، چهنبن سان چڪ چڪان ۽ پَٽ پٽان لائي ڏينديون. سمورو ماس کل سوڌو پٽي کائي ڇڏينديون. هڏن تان به ماس ڪوري ڇڏيندس. ڳجهون اينديون آهن ته چُهڙا سرها پيا ڏسبا آهن، ڇو ته هنن جو ڪم آهي هڏا ميڙي کڻي وڃڻ. ويچارا هڏا وڃي وڪڻندا آهن، جن مان چڱو اپراسو ٿئين. هڏن مان وري ڏاڍيون ملهائتن شيون ٺهن، هڏن کي ڪَلن ۾ اڇو اُجرو ڪري، انهن مان ڦڻيون، چاڪن ۽ ڪاتين جا ڳن، بٽڻ ۽ ٻيو به الاجي ڇا ڇا ٺاهين.

سچ پچ ڳجهه آهي سا ڏاڍي ڪني، پر نه هجي ته ڍونڍ ڪيترا ڏينهن پيو رهي ان مان جيوڙا نڪرن، جي ماڻهن جي چڱڀلائيءَ کي جوکو رسائين. ماڻهو اتان نڪ جهلي لنگهن ۽ آسپاس جا گهر ساهه به سولو کڻي نه سگهن. ڳجهن اهو اهنج دور ڪريو ڇڏين.

ڇوڪرن کي به لڳي مزو سو سروٽا، ڏنڊا، پٿر، ڀتر جيڪي هٿ آين، سو ڳجهن ويچارين کي هڻڻ جي وارو وار لائي ڏيندا، پر انهن جو ڪوبه ڳجهن کي ڊپ ڪونه ٿئي. سروٽو لڳن ته ڄڻ ”سانَ تي ٻگهي ويٺي.“ هو پنهنجي ڇڪ ڇڪان ۾ پوريون هونديون آهن، جڏهن ڍونڍ کائي ڍؤ ڪن، تڏهن پاڻهي اُڏامي ٻيو ڪو هنڌ تاڙين، جتي ڍونڍ هجي. هيءَ سڀ ڌڻيءَ سڳوري جي سياڻپ ۽ ڏاهپ آهي. ماڻهوءَ جي بچاءِ لاءِ هي هڙ شيون اُپايون اٿس، ان ڪري ماڻهوءَ کي سندس ٿورا ڳائڻ کپن!

 

 

70- سانباهو

سانباهو به ذري گهٽ ڳجهه جهڙو ڪِنو پکي آهي. سانباهي کي ”گونهه خور“ به ڪوٺين. ڪي گونهه خور اڇا ڪي ڀورا ۽ ڪي ڪارا به ٿين. سندن چهنب ڊگهي ۽ وريل ٿئي. هنن جو ڪم ٻالي شاهين جهڙو آهي، ٻاليشاهي يا ڀنگي ويچارا ماڻهن جا ڪاڪوس ميڙي سڀ ميلو ۽ گونهه وڃي ڍير تي ڦٽو ڪن، جتي سُڪي ڀاڻ ٿي پوي. ماڻهوءَ جو ميلو چوندا آهن ته ڀلي ۾ ڀلو ڀاڻ هوندو آهي. اهو وري ٻنين ۾ پوي، ٻنيون ڀليون ٿي اسان کي اناج ڀاڄيون ۽ ميوا ڏين. اهو نار وارو ڦيرو لڳو پيو آهي. سڀ شيءِ مٽي مان اپائجي ۽ مٽيءَ ۾ ئي موٽي وڃي.

گونهه خور يا سانباهي کي به پريان ئي بانس ايندي آهي. اهي به ٿورا ڪي گهڻا انهن ڪِنن ڍيرن تي ڏسبا آهن ته پنهنجي چهنبن سان گونهه ڦولهري پيا کائيندا آهن. بس هنن جو کاڌو ڌڻيءَ اهو اپايو آهي. آهي ته سانباهو به هڪ پکي، پر ڪي پکي اَنُ کائين، ڪي ڦل ڦول ته ڪي ڪن ڪچرو. ماڻهو هن پکيءَ کي ڏسي، ڪنهن ڪن ڪچري جهڙيون شيون کائيندڙ ٻئي ماڻهوءَ کي چوندا آهن ته ”تون به ڪِنَ سِنَ تي ائين ٿو اچين، جيئن سانباهو اچي گونهه تي.“

ٻهراڙين ۾ جتي ميلي ميڙڻ لاءِ ڀنگي ڪونه هوندا آهن اتي گونهه خور ڀنگيءَ وارو ڪم ڪن ٿا ۽ ڀنگين جي ڪسر ڪڍيو ڇڏين. اوهان کي ته گونهه خور جو نالو وٺندي ئي بڇان ايند،ي پر ڏسو ته اهو پکي به ڪم جو آهي يا ڪونهي؟ مون ته اڳيئي اوهان کي ٻڌايو آهي ته ڪابه شيءِ، الله سائينءَ نڪمي نه اپائي آهي. سڀ ڪنهن کي ڪم ورهائي ڏنو اٿس ۽ سڀ پکي پکڻ، مرون مانگر، جيت سُرڻا ۽ بلائون ماڻهوءَ جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪن ٿا. اها ماڻهن تي ڌڻيءَ سڳوري جي هڪ وڏي ٻاجهه آهي. بس اسان جو سائين ٻاجهارو آهي، سو اسان جي ڍڪ ڍڪيو ويٺو آهي، نه ته اسان جي الائي ڪهڙي گت ٿئي!

 

 

71- سُرو يا گهُڻو

جوئر، ٻاجهري، چانور، دالين ۽ ٻين سڀني اناجن جي پٺيان به ڌڻيءَ سڳوري بلائون بڇي ڇڏيون آهن، انهن اناجن کي، جن گدامن ۾ بند ڪري رکيو ويو ۽ هوا نه لڳي ۽ گهُٽ ٿي ته سُرو اچي لڳندن، جو اندران ئي اندران اناجن جو ڳڀ پيو کائيندو. ڪل تڏهن پوندي، جڏهن داڻا اندران کوکا ٿي ويندا، رڳي کل وڃي بچندي ۽ اناج کائڻ کان رد ٿي ويندو.

سُرا ڳاڙهي رنگ جا ماڪوڙين جيڏا جيت هوندا آهن، جي اُڏامندا به آهن. ڪنهن ان جي گدام ڀرسان ڪنهن جو گهر هوندو ته ان گهر لاءِ جنسي ويل مچي ويندو. ماڻهن کي به چڪ هڻندا، کاڌي پيتي ۽ پاڻيءَ ۾ به پئجي ويندا، جيڪڏهن ويسلو ٿي انهن کي ڍڪي نه رکبو. گهُڻو ان ڪري چوندا اٿس جو گهُڻ وانگيان اَن کائي، باقي کل وڃي ڇڏيندو. واپاري اهو رنگ ڏسي، اَن جون ڳوڻيون کولي اُس تي سڪائيندا آهن ۽ پوءِ ڇنڊڪو ڏيئي توريندا آهن ته مڻ جي بدران ڏهه سير به سڄا داڻا ڪونه بچندا اٿن ۽ وڏي پيهي ۾ پئجي ويندا آهن. پر ڏک جي ڳالهه اها آهي، جو انهيءَ سڙيل ۽ کاڌل اَن کي، جو ماڻهن جي کاڌي جوڳو نه رهندو آهي،سو هو چڪين ۾ پيهائي اٽو ڪري وڪڻي، ٻين ويچارن ماڻهن کي کارائي ڇڏين ۽ پنهنجا ڏوڪڙ جوڙين. اهو ماڻهو ڪهڙو نه دل جو ڪُڌو چئبو، جو پنهنجي ٿوري لاڀ لاءِ ڪري ماڻهن جي چڱڀلائيءَ سان کيل ٿو کيلي. ڀل ته اهڙن ڪٺور دل ماڻهن جا گدام سُرا کائين ۽ ڀلي ته انهن کي ڇيهو پوي. ٻڌي ڇڏيو ته جيڪو ڌڻيءَ جو ڊپ هڪ پاسي نه ڪندو ۽ پنهنجي ڀائرن تي ترس ٻئي پاسي نه ايندس ته انهيءَ کي هن جڳ ۾ ته ڇيهو پوندو، پر اڳئين جهان ۾ به ان جو ڪيتو لوڙيندو.

 

 

72- نور

نور ۽ نانگ جي آکاڻي ته اوهان پڙهي هوندي؛ هڪڙي مائيءَ نور ڌاريو هو، جو گهر جي ڀاتين سان هري مري ويو هو. هڪ ڀيري مائي پنهنجي ننڍڙي ٻار کي پينگهي ۾ سمهاري، پاڻ گهاگهر مٿي تي کڻي، ويئي کوهه تان پاڻي ڀرڻ. موٽي اچي ڇا ڏسي ته نور در جي ڇانئٺ وٽ ويٺو آهي، سندس ٻوٿي ۽ چنبا رت سان ڀريا پيا آهن. مائيءَ کي پسڻ پيا ته نور منهنجي ٻار کي هڻي ماري وڌو آهي، سو ٺڙٺپ گهاگهر ٽامي جي، جا مٿي تي ڀريل هيس، کڻي نور تي اڇلايائين ۽ هڻي نور کي ماري وڌائين. اڃا اندر وڃي ڏسي ته ٻار پينگهي ۾ ستو پيو آهي ۽ ڀرسان هڪ نانگ رتورت ٿيو مئو پيو آهي. پڪ ٿيس ته نور نانگ سان وڙهي ٻار کي بچايو آهي، مون ڇو تڪڙ ڪري نور کي ماريو! چوندا آهن ته ”تڪڙ ڪم شيطان جو.“

هن آکاڻيءَ مان اوهانکي پتو پيو هوندو ته نور نانگ جو ويري آهي ۽ نانگ کي چنبا هڻي ماري وجهندو آهي. سندس ٻوٿي ڳاڙهي ٿيندي آهي. قد ۾ ڏيڍ_ ٻه فوٽ ڊگهو هوندو آهي. نانگن کي ته پير ٿين ئي ڪونه، پر نور جا چنبا سگهارا هوندا آهن. ننڍن جانورن ۾ نور پنهنجي ڪڙم ڀاين نورن سان ڏاڍو پيار رکندو آهي. اوهان ڪڏهن اهڙو رنگ نه ڏٺو وندو. ڪڏهن ڪو نور مري ويندو ته ٻيا نور اچي ڪٺا ٿي ۽ چنبن سان مٽي مٿي اڇليندا ۽ ماتم ڪندا ويندا آهن، جنهن جي ڏسڻ سان پڪ ٿي ويندي ته هو ڏک ڪري رهيا آهن.

نور پنهنجي رهڻ لاءِ جڏهن ٻر کوٽيندو آهي، تڏهن به سندس رؤنشو ڏسڻ وٽان هوندو آهي. چنبن سان ڌرتي کوٽيندو، مٽي پري اڇلائيندو ويندو آهي ۽ ٻوٿيءَ سان اندر گهڙندو ويندو آهي، ٿوري ئي مهل ۾ ڏر کوٽي وٺندو آهي.

هو ڀڄڻ جو ڏاڍو ڇوهو هوندو آهي، ماڻهوءَ کي وٺ ئي ڪونه ڏيندو آهي. نور جي مادي جڏهن ٻچا ڄڻيندي آهي، تڏهن اهي ڏاڍا پيارا هوندا آهن. ماڻهو انهن کي جهلي پاليندا آهن ۽ اهي وڏا ٿيڻ تي پاليندڙ سان ڏاڍا سچا رهندا آهن.

نور ڪو ڀُڻڪو بڌندو آهي ته پنهنجي بُت جواڌ کن حصو اُڀو ڪري، اکيون ڦاڙي هيڏي هوڏي ڏسندو آهي ته ڪو ويري ته ڪونه ٿو اچي. اکيون ڏاڍيون تکيون هونديون اٿس، ان ڪري سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”ميان، تنهنجون اکيون ته نور جهڙين آهن.“ هريل نور ٻارن سان رانديون به ڪندو آهي.

نور به خدا جو اُپايل ساهه وارو آهي. ان کي ڪڏهن به نه ڏکوئجي، ڇو ته هو ماڻهوءَ جو ويري نه هوندو آهي ۽ نه انهن کي ڏکوئيندو آهي.

 

 

73- سانڊو، گِلوئي ۽ ڳوهه

گِلوئي ۽ ڳوهه هڪڙي ئي ڪٽنب جا ڀاتي آهن. سانڊو البت الڳ آهي ۽ هو پنهنجا رنگ مٽائيندو رهندو آهي. وڻن تي به چڙهي سگهندو آهي. هڪ ڳالهه هوندي اٿس؛ سا اٿس؛ ڦرڻيءَ گهرڻيءَ جي هير. سنڌيءَ ۾ چئبو آهي ته ”ميان، تنهنجي هڪڙي ڳالهه ته ڪانهي، سانڊي وانگي رنگ پيو بدلائين.“ ڪن ڪن سانڊن کي ڳاڙهي چوٽي به ٿيندي آهي. ماڻهو سانڊن ۽ گِلوين جو تيل وڪڻندا آهن. گينڊين ۾ تيل وجهي ان ۾ مئل گِلويون وجهي ڇڏيندا آهن، چون ٿا ته اهو تيل گهڻن اگهاين ۽ ٻين ڪمن ۾ ڪتب اچي ٿو.

ڳوهه جو ديل ڊول بلڪل گِلوئيءَ جهڙو آهي، پر گلوئي ننڍي ٿئي، ڳوهه وڏي ٿئي ۽ ڏاڍي ڊپ جهڙي هوندي آهي. ڀڄڻ جي ڇوهي، چنبا ڀاري پر ڍُڪي ٿئي ته ڏاڍو ڏکيائيءَ سان رڙهي سگهي. سنڌيءَ ۾ پهاڪو آهي ته ”ڳوهه کي کڻي کُٽي ته ڳولي شڪارين جا گهر.“ ڳوهه جا مارا يا شڪاري گهڻو ڪري ڪولهي ڪڙم جا ماڻهو هوندا آهن، جي پنهنجي ڪاتري سان ڳوهن جوشڪار ڪري ڳوهون کائيندا آهن. مسلمانن ۾ هڪڙو اهڙو ٽولو آهي جو گِلوين ۽ڳوهن کي حلال سمجهي ۽ کائي، پرگهڻا مسلمان ان کي نحس سمجهن ۽ ڪين کائن. مان هر هڪ وٿ جي ڳالهه لکندي، خدا جي جوڙ کي نه وساريو آهي. ڏسو ته ڪهڙيون ڪهڙيون بلائون اُپايون اٿس، پر هر هڪ شيءِ ۾ ڪونه ڪو لاڀ آهي ئي آهي. قرآن شريف ۾ آهي ته ”ربنا ماخلقت هــٰــذا باطلا.“ ته اي اسان جا رب تو ڪابه شيءِ اجائي نه جوڙي آهي. اسان کي کپي ته هر ويلي انهيءَ ٻاجهاري ڌڻيءَ جي ساراهه ڪريون ۽ ان کي ساريون سنڀاريون.

 

 

74- چِٻرو

چِٻرو به هڪ اچرج جهڙو پکي آهي. هن کي الو به چون. ماڻهو ڪڏهن ٻئي گهٽ سمجهه واري ماڻهوءَ کي چوندا آهن ته ”اڙي تون ته ڪو الو آهين.“ سو هن ڪري جو هيءُ پکي سمجهه ۾ گهٽ ۽ ڍٻر ٿيندو آهي. ڪنهن وڻ تي ويٺو هوندو، جي هيٺان ڪو شڪاري تير ڪمان کڻي ايندس ته به هيڏي هوڏي پيو نهاريندو پر ڀڄندو ڪونه، جيئن ڪانءُ ڪمان کان ونئن ويندو آهي. چٻري جو مهانڊو به ٻين پکين کان اڍنگو ٿئي. منهن چپٿرو، نڪ منو، وات ويڪرو، ڪن پيٺل چئي کڻي بس ڪر، ڏاڍو بڇڙو! سندس ماديءَ کي چئجي چِٻَ. ڪو ماڻهو مهانڊي جو اڻوڻندڙ هوندو آهي ته چوندا آهن ته ”هل ڙي چٻ ڀَٽاري.“ انهن کي اڪثر بَرپٽن سُڃن ۽ مقامن ۾ ڏسبو آهي، ڪڏهن ڪڏهن شهرن يا وڻڪارن ۾ به ڏسجي، ڏينهن تتي جو جڏهن رگهه ڏاڍي هوندي آهي ۽ جهولا پيا لڳندا آهن ته هيءُ چٻرو مزي سان چُپڙي ڪريو وڻ تي ويٺو هوندو آهي. ٻولي اهڙي ته کُهري ۽ ڪوڙي اٿس، جو ڪنهن کي به ڪين سيبائي. وري ويچاري چٻري کي اهو به ويڻ ڏين ته هو نڀاڳو پکي آهي، جنهن جُوءِ ۾ ويهي ان کي سُڃو ڪريو وڃي، ڇو ته هيءُ پکي سُڃ جو پکي سمجهيو ويندو آهي. ڏينهن جو نظر گهٽ پويس پر رات جو چٽو ڏسي. سندس ٻولي بي سُري سمجهي ويندي آهي. سڀن پارين هن کي نڀاڳ جي پُهائي سمجهيو ويندو آهي، پر منهنجي ڌيان ۾ اهي ڀِرمي ماڻهو سوڻ ڳنڍيندا آهن. شل نه ڪنهن جي گهر جي ڀت يا ڇت تي ويهي، پوءِ ته باسون باسيندا ۽ پليتا لکائيندا ته نڀاڳ شل ٽري وڃي.

آهي ته ويچارو اُلو به الله سائينءَ جو اُپايل، پر نالو جو وڄي ويو اٿس، سو نڪو کيس ڪو پڪڙي نڪو پالي. اهو ڀِرم ان ڪري پيو آهي، جو گهڻو ڪري مقامن ۾ سُڃنپٽن ۾ ٺڪاڻو هوندو اٿس. ماڻهو ڏاها به ڏاڍا آهن، پر جڏهن ڏاهپ موڪلائي وڃين ته ڀرمن جي پويان لڳي، بڇڙا به ڏاڍا ٿيندا آهن. وڃي ڀوپن ۽ ٺڳن جي پڙ پون، جي کين ڏٽا ڏيئي ڦُري ڪن ڀينگ.

اسان پڙهيل ڳڙهيلن کي کپي ته ڀرمن ۽ سنسن کي ڇڏي ڏيون. ڀروسو رڳو خدا جي ڪرم ۾ رکون، ڪنهن به شيءِ کان ڊڄ نه ڪريون ۽ نه ان جو سراپ وٺون. نه ته اهڙي گت ٿيندي، جو چوندا آهن ته ”سَپُ نه ماري سَپَ جو سراپ ماري.“

 

 

75- لڌڙو

سُرڻا ۽ جيت ڌرتيءَ ۾ اندر آهن، پکي هوا ۾ اڏامن، ٻيا لکين ساهه وارا، مڇيون ۽ ٻيا جَرَ جا جانور پاڻيءَ ۾ گذارين. مڇين جو ته ڪو ڇيهه ئي ڪونهي. پر وڏيون وڏيون بلائون جهڙوڪ سيسار، مانگر مڇ، واڳون، ٻُلهڻيون ۽ ٻيون آفتون پاڻيءَ جا پاتشاهه آهن. لُڌڙو ويچارو انهن جي ڀيٽ ۾ پاڻيءَ جو هڪ ننڍو جناور آهي، جو ڏاڍو وڻندڙ ۽ سهڻو هوندو آهي. هن جو پاڻيءَ ۾ لسوئي لسو ترڻ ڏاڍو پيارو لڳندو آهي. هن جي کل ڏاڍي مُلهائتي ٿيندي آهي. هندن جا رِشي، مُني ۽ ڀڳت پنهنجي تپشائن لاءِ هن جي کل ڪم آڻين ۽ ان تي ويهي جوڳ پچائين.

اوهان لُڌڙو نه ڏٺو هجي ته چڙيا_ گهرن ۾ وڃو ۽ ڪن چشمن تي ويهي ڏسو، جن ۾ لڌڙا هٿرادو آڻي وجهي ڇڏيندا آهن، ته ماڻهو انهن جو درشن ڪن. ماڻهو انهن چشمن تي شيون وٺي ويندا آهن، جيڪي لڌڙن کي اڇلي ڏيندا آهن. بس لڌڙا به ويٺا واجهائيندا آهن. شيءِ پاڻيءَ ۾ ڪِري ته مڙي ويندا ۽ اهي شيون جهٽي، اهڙيءَ ريت کائيندا آهن، جو ڏاڍو مزو پيو ايندو آهي. پاڻيءَ ۾ اهڙيون ته رانديون ڪندا آهن، جو ڇا ڇئجي!

ڇوڪرا جڏهن پاڻيءَ ۾ ترڻ سکندا آهن ۽ تکا تارو ٿيندا آهن ۽ لڌڙن وانگر ٽٻيون هڻي ڏاهيءَ راند ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪندا رهندا آهن ته اسين چوندا آهيون ته ادا، هي ڇوڪرا ته پاڻيءَ جا لڌڙا آهن. لڌڙو نالو ڏيڻ سان ڪنهن کي به چڙ ڪانه وٺي، پاڻ سَرها ٿين.

پاڻيءَ جي جانورن ۾ سچ پچ لڌڙو ئي هڪ ساهه وارو آهي جو ڏاڍو وڻندو آهي. ڀانئبو آهي ته ويٺو ڏسجيس ۽ ڏسي ڏسي، خدا جو نالو پيو ياد ايندو آهي ۽ وات مان سبحان الله جا ٻول پيا نڪرندا آهن. ان ۾ شڪ ئي ڪونهي ته سڀ ساراهه انهيءَ سائينءَ کـــي جڳائي، جنهــن سڀني کي اُپايو ۽ پاليو آهـــي.

 

 

76- پاڻيءَ جا پکي

پاڻيءَ جا پکي گهڻو ڪري ڍنڍن تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن. اهي پاڻيءَ تي ڏاڍا سهڻيءَ ريت ترندا رهندا آهن؛ سندن جياپو ننڍڙين مڇين تي هوندو آهي. هڪڙا پکي ته هوا ۾ اُڏامندا آهن، پر هي پکي پاڻيءَ ۾ رهن ۽ تَرن. هوا وارا پکي پاڻيءَ ۾ تري ڪين سگهن، هيٺ لهن ته ٻڌي پون. ان جو ڪارڻ اهو آهي، جو ڌڻيءَ سڳوري پاڻيءَ جي پکين جي پيرن جون آڱريون پاڻ ۾ چمڙيءَ سان ملائي ڇڏيون آهن. ٻيو ته انهن جي کنڀن ۾ سڻڀ آهي، ان ڪري پاڻي کين پُسائي ڪونه سگهي. سندن کاڌو به پاڻيءَ ۾ ئي مالڪ سائينءَ موجود ڪري ڇڏيو آهي. جيئن هوا جي پکين جا ڪيترائي نمونا آهن، تيئن پاڻيءَ جي پکين جا به ڳچ جيترا بُڻ آهن. هوا جا پکي سڀ حلال نه آهن، پر پاڻيءَ جا پکي سڀ حلال آهن.

هنجهه، آڙيون، بدڪون، نيرڳيون ۽ ٻيا ڀانت ڀانت جا پکي کائڻ جي ڪم اچن ٿا. ڪي ڍنڍن جا وڏا پکي جهڙوڪ پيڻ، ٻگا يا ٻگها ۽ ڪَنگ به آهن، پر اهي ڪير ڪونه کائي. اهي اڇي رنگ جا هوندا آهن، پربدڪون جدا جدا رنگن جون ٿين، آڙيون گهڻو ڪري ڪاريون ۽ نيريون چٽڪمريون هونديون آهن، اهي پکي ڇاڪاڻ ته مڇيون کائين ٿا، ان ڪري سندن گوشت ۾ ڪجهه کِک ٿيندي آهي. سڻڀ به منجهن گهڻو هوندو آهي، جو ڌڻيءَ سڳوري پاڻيءَ کان بچائڻ لاءِ سندن بت تي چرٻي يا وَهُه چارهي ڇڏي آهي، ان ڪري سندن ٻوڙ يا پلاءُ ٺاهبو ته گيهه وجهڻ جي گهرج ڪانه پوندي. بس جو پکي حلال ٿيو ته ان تي ماڻهو آيا رهيا. ڪيترا شڪاري سياري جي مند ۾ جڏهن پرڏيهي پکي به ڍنڍن تي جام اچي گڏ ٿين ته شڪاري ماڻهو، جي گهڻو ڪري وڏا ماڻهو هوندا آهن، سي اجهي ته بندوقون کڻي ڍنڍن تي پهتا. ٻيڙين ۾ چڙهي پوندا، ڍنڍ جي هڪڙي پاسي کان سندن ماڻهو پکين کي ٽاهيندا ته هو ڀڄندا ٻئي پاسي، ته توبچي هنن کي بندوق جي گولين جا وسڪارا لائي ڏيندا. پکي ويچارا ڦٽجي ڪِرندا پاڻيءَ ۾. هي يار ٻيڙيون هاڪاري، جهليندا، سير وجهندا ٻيڙيءَ ۾ هڻندا ويندن. ائين ٻه_ چار ڪلاڪ شڪار ڪري ٻيڙين جون گوديون کڻي ڀريندا ۽ پنهنجي گهرن ڏانهن جيپون ڀري کڻي ايندا. پوءِ يارن ۽ سنگتين کي سوکڙيءَ طور ورهائي ونڊي ڏيندا، ته سندن نالو نڪري. بس چيو اٿن ته ”مروان موت، ملوڪان شڪار!“

ويچارن پارهيڙين مهاڻن جو گذر به انهن پکين تي آهي. اهي وري ڄارين، ڪُڙهين ۽ ٻين اٽڪلن سان اهي پکي جيئرا ڦاسائي، شهرن ۾ وڪڻندا آهن. ماڻهو هيج منجهان اهي ڳنهي پنهنجو ڳنڌڻ ڪندا آهن. ڍنڍ جي پکين، گهڻو ڪري بدڪن ۽ نيرڳن جو پلاءُ کائي ڏسندا ته ڪڪڙ، تتر ۽ تلور به سري ويندو_ گوشت ڳاڙهو ٿئين، پر گهڻي سڻڀ سبب گرهه کڻبو، ته هٿن جون آڱريون گيهه ٿي وينديون. آڙيون اهڙيون مزيدار ڪين ٿين، جهڙيون بدڪون، نيرڳيون ۽ انهن جا ٻيا نمونا.

اوهان کي ڪل آهي، ته جانورن ۾ رڳو هاٿي آهي، جنهن کي وڏي سونڊ ٿيندي آهي. اهڙيءَ ريت ڍنڍ جي پکين ۾ به هڪ پکي آهي، جو ٻگهن جهڙو آهي؛ مگر وڏي ڳاڙهي سونڊ هوندي اٿس، جا وات کان هيٺ لڙڪندي پئي اٿس. جَر مڪا مڇي يا ڪُرڙي ڏٺائين ته سونڊ ۾ کڻي سڄي جي سڄي ڳڙڪائي ويندو. ڏسو ته ڇا ڇا رنگ آهن، ڌڻيءَ سڳوري جا! اڃا به انهيءَ ٻاجهاري سائينءَ کي ياد نه ڪريون ۽ نه ساراهيون ته پوءِ ڪيڏي نه انسان جي اڻ وڙائتي ڳالهه چئبي!

 

 

77- بر جون بلائون

نانگن ۽ بلائن جي ته اوهان کي سُڌ آهي ۽ اوهان اهي جيت ڏٺا به آهن. جوڳي ماڻهو کارين ۾ وجهي، نانگ آڻيندا آهن ۽ مُرلي وڄائي، انهن کي نچائيندا آهن. مُرليءَ تي نانگ ڦڻ ڪڍي اُڀو ٿي ويندو آهي، ۽ لُڏندو لمندو آهي. ان کي ڏسي ڏاڍو مزو پيو ايندو آهي. اوهان کي اها به سُڌ آهي ته هي  بَلائون سڀ زهري آهن ۽ ماڻهوءَ جون ويري آهن. پر ماڻهو پنهنجي سياڻپ سان انهن کي مُرليءَ جي مٺي آواز تي ريجهي ريبي، پنهنجي وس ۾ آڻي ٿو ڇڏي. شل نه ڪو نانگ يا بلا ماڻهوءَ کي چڪ پائي ته پوءِ جيئڻ آهي ڀاڳن تي. ماڻهوءَ کي زهر سببان نڪ ۽ وات مان رت وهڻ لڳندو ۽ ساري بُت جو رت وِهه ٿي ويندس. جيڪڏهن ڪا دوا يا سُتي مهل سر ملي ويئي ۽ ڌڻيءَ پاران ڄمار هونديس ته بچندو، نه ته موت جي پڪ آهي. ٻهراڙين ۾ جتي اهڙيون دوائون ڪونه آهن، اتي وري ڪي مانڊا يا جهاڙا جهاڙون پڙهندا آهن ۽ جهاڙ پوري لڳي ته بچاءُ ٿي ويندو آهي. ٿر ۾ جتي بلائن جي جُوءِ آهي، اتي ته ويچارا ماڻهو زهر وڃائڻ لاء، نانگ بلا جي کاڌل کي مال جو، جهڙوڪ مينهن جو پيشاب هڪيو تڪيو ملي ويو ته پياري ڇڏيندا آهن ۽ ان ڪري زهر، ڪَکيل کي گهڻو نه وٺندو آهي ۽ چڱو بچاءُ ٿيندو اٿس.

نانگن ۽ بلائن جا به ڪيترائي بُڻ آهن. نانگ ۾ هڪڙا ڪارا اصيل نانگ، ٻيا گڊا نانگ، ٽيان کپر نانگ ۽ بلائن ۾ وڏي ۾ وڏي بلا ڪوراڙ ٿيندي آهي، جا ڦوڪ ڏيندي آهي ته سارو جهنگ ٻُري ويندو آهي. ٻي هڪ بلا آهي، جنهن کي گهوڙيل بلا چوندا آهن جا گهوڙي سوار کي ٽپ ڏيئي ڌڪ هڻي ڪڍندي آهي. هڪ بلا لُنڊي، جا ننڍي ٿئي ۽ پڇ ڪونه ٿئيس. اها ڏاڍي ڊپ واري بلا آهي ۽ زهر به تکو اٿس. شل نه ڪنهن کي کائي ته بچڻ الاهي. ماڻهو ڪنهن کي پاراتو ڏيندا آهن ته چوندا آهن ”شل ڪو لُنڊيءَ تي پير پوئي!“ ٻيون به ڪيتريون ئي بلائون آهن، پر سڀني ۾ هاڪاري پيئڻ يا ڦوڪئي بلا ٿَرَ جي آهي. هيءَ بلا ٻر کان ٻاهر ڪانه نڪري. رڳو جڏهن سخت گرميون ٿين ۽ اندر واريءَ جي گرمي لڳيس، تڏهن ڇتي ٿي پوندي آهي، پوءِ وٺي ٻِر کان ٻاهر نڪري ۽ تکي ڊوڙي. ڪوهن جا ڪوهه پنڌ ڪري ويندي. هيءَ بلا ٻين بلائن وانگر چڪ ڪانه پائي، پر سڄو سال زهر پنهنجي مهارن يا ڪلين ۾ گڏ ڪري سانڍي رکي. جيڪڏهن ڪو سانگي ماڻهو زمين تي ستو پيو هوندو ۽ کونگهرا هڻندو هوندو، ته ان تي ڪاهو ڪاهه ڪري ويندي. کونگهرن واري ماڻهوءَ جو وات پٽيل هوندو آهي، ان ڪري هيءَ پيڻ بلا هوريان هوريان ڪري، ان جي ڇاتيءَ تي چڙهي ويهندي ۽ پنهنجو وات ماڻهوءَ جي وات ويجهو جهلي، پنهنجو زهر هن جي وات ۾ هاريندي، جو کونگهرن ڪري هوا سان نڙيءَ اندر هليو ويندو. پوءِ هن بلا جي اها هير آهي، جو ڪم پورو ڪري، وڃڻ مهل سُتل کي پنهنجي پڇ جي ڇمڪ هڻڻ سان جاڳائي ويندي. پڇ اهڙو هڻندي جهڙوڪ چهٻڪ، پاڻ ڀڄي ويندي. ماڻهو اُٿي ساهه کڻندو ۽ ڳيت ڏيندو ته نڙگهٽ وٺجي ويندس. سڀڪا شيءِ ڄڀ کي مٺي لڳنديس. هن جي دوا آهي ڦٽڪي، جي اها مهل سر ملي ويس ته ائين چٻاڙي کارائيندس جيئن مصري کائجي ۽ اها پيڻ جي ڦوڪيل کي ساهه ۽ سواد ۾ مٺي مصريءَ جهڙي لڳندي آهي؛ نه ته اوهان کي خبر آهي ته ڦٽڪي ڪهڙي نه ڪساري آهي، پر هن کي مٺي پيئي لڳندي.

هن نڀاڳيءَ ڦوڪڻيءَ جو اهو هڪڙو ئي درمل آهي، جي مهل سر پاءُ کن ڦٽڪي کائي ويو ته ڪجهه بچاءُ ٿيندس ۽ جي ڄمار هونديس ته چُڙي چُڙي اُٿي پوندو، نه ته ٻن_ چئن ڪلاڪن ۾ آواز به بند ٿي ويندس۽ سدائين لاءِ اکيون پورجي ويندس. ڌڻيءَ در وينتي ٿي ڪجي ته ماڻهوءَ کي هنن بر جي بلائن کان بچائي! ٿر ۾ ويچارا ماڻهو پيڻ جو ٻڌندا آهن، ته ڪنبي ويندا آهن. رات جو ڏيئو ٻاري ڇڏين ۽ پنهنجي آسپاس بصر وڍي رکي ڇڏين. ڇو ته هيءَ بلا سوجهري ۾ انڌي هوندي آهي ۽ اونداهيءَ ۾ ڏسندي آهي؛ ۽ ٻيو ته بصر جي بانس تي ويجهي نه ايندي آهي. ماڻهو ويچارو پنهنجي بچاءَ لاءِ وسان ڪين ٿو گهٽائي، پر جن جي پُڄي ٿي اچي، سي ڪٿي ٿا اجل کان بچي سگهن! ڌڻيءَ سڳوري کي ياد ڪريون ۽ سڀني آفتن ۽ بلائن کان بچاءُ گهرون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com