سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

باب: --

صفحو : 3

 

 

6- کُنڀيون

سٻاجهي سائين جيڪي ڪروڙين اوڀر هن ڌرتيءَ مان اڀاريا آهن، تن ۾ کُنڀي به هڪ انوکو اوڀر آهي. سڀني سَلن ۽ ٻوٽن جو ٻج هوندو ئي هوندو آهي، ٻج کان سواءِ ڪابه شيءِ ڌرتيءَ مان نه ڦٽندي آهي، کڻي ڌرتيءَ تي پاڻيءَ جون نديون ليٽائي وجهو ته ڪوبه ڦُل ڪنڌ نه ڪڍندو. رڳو کُنڀي ئي آهي جنهن جو نڪو ٿئي ٻج نه پاڙ. نڪري به رڳو تڏهن جڏهن مينهن وسن ۽ ٻوٽا ساوا ٿين. وارياسي ۽ مِٺي ڌرتيءَ ۾ ئي کُنڀيون جنم وٺن. رات جو مينهن وسي بس ٿئي ته سج اڀرڻ سان ساجهر سوير کُنڀيون ڪَر کڻي ٻاهر نڪرن، پوٺا ۽ پٽ انهن کنڀين سان کلندا ڏسڻ ۾ اچن. آهن ڀلا اڇيون کير جهڙيون سو جڏهن ڌرتيءَ مان منهن ڪڍن ته اڇن ڏندن وانگر ڌرتيءَ جي وات مان کلنديون نڪري نروار ٿين.

کُنڀيون آهن موسمي ڀاڄي ۽ هنن جي ڄمار به ٿئي هڪ ٻه ڏهاڙا. سَڄر کُنڀي هتان ڪڍي، هُتان کاڌي ته واهه نه ته ٻئي ڏينهن ڌپ ڪري وڃي ۽ کائڻ جهڙي نه رهي. کُنڀين جي ڀاڄيءَ جي مند آهي سانوڻ جي، ڀاڳ سان ملي ۽ کاڌي ته واهه نه ته وري ٻارهن مهينا ماڻهو سِڪيو. کُنڀين جي انهيءِ مند ۾ گهُر به ڏاڍي ٿئي. جهنگن جا جهانگي توڙي شهرن جا سکر ماڻهو به هن جي سڪ ۾ رهندا آهن ته ڪڏهن ٿو سانوڻ وسي ۽ ڪڏهن ٿا کُنڀيون کائون.

ڪن اڀرن سڀرن لاءِ ته پورهيو به نڪري پوي ۽ کُنڀين جي وڪري مان چڱا ڏوڪڙ ڪمائين: ڇا ڪندا آهن جو ڪنهن وڻ جي هڪ سنهي ڏانڊي ڪپي ان ۾ کُنڀيون هار يا سَنَگهر وانگر پوئيندا ويندا آهن ۽ جڏهن لار ٺهي وڃي، تڏهن هٿ ۾ کڻي شهرن ۾ اچن. وڪري مان چڱو ڪجهه پراپت ٿئين ۽ انهن ڏوڪڙن مان ٻيون جياپي جون گهرجون پوريون ڪن. شهر جا ماڻهو ته کُنڀين لاءِ آتا ويٺا هوندا آهن، سي ڪيتري به مُلهه سان هيءَ ٻارهن ماهي سوکڙي ڳنهندا آهن. پوءِ انهن کُنڀين کي شهري توڙي ٻهراڙيءَ جون مايون ڌوئي ڌمالي ڳترا ڳترا ڪري ڏاڍا گيهه جا داڳ ۽ ڀُڃڻيون ڏئي اهڙو ته سوادي ٻوڙ تيار ڪن، جو هٿ ۽ چپ چٽيندا رهجو وڃون. کنڀيون جيڪڏهن ٻين ڀاڄين وانگر ٻج ڇٽڻ سان پوکيون وڃن ته سندن ايڏو مانُ ٿيئي ڪين يا ڪا کُنڀين کي پاڙ هجي ته به جوئر جي کيتن وانگر ڦٽي پون، پر سٻاجهي سائينءَ هنن جو ٻج ئي نه اُپايو آهي ته ڀلي سندس ٻانها انهن جي سڪ ۾ سال گذارين ۽ منهنجا ٿورا ڳائيندا رهن ۽ سوال ڪن ته سائين سانوڻ آڻ.

 

7- ڪِيولِيون يا ماڪوڙيون

ڪِيولِيون ڪنهن نه ڏٺيون هونديون؟ گهٽين ۾ گهرن ۾ جتي ڪٿي سندن واسو آهي، ڌرتيءَ ۾ سنها سنها ٻِر ٺاهي انهن ۾ هزارن لکن جي ڳاڻيٽي ۾ رهن. ماڪوڙيون آهن ته هڪ ننڍڙو جيوُ پر ڪم وڏا ٿيون ڪن. سندن پاڙا به ٽي آهن: هڪڙيون تمام ننڍيون سنهيون ڳاڙهيون ڄئين وانگر، ٻيون وڏيون پيٽ پُٺي ڪاريون ٿين ۽ ٽيون اڇيون. انهن اڇين کي اڏوهي به ڪوٺين؛ انگريزيءَ ۾ کين ”وائيٽ ائنٽس“ چون. پهريون ۽ ٻيو پاڙو هرڪا اها شيءِ، جا ماڻهو کائين، سي سڀ شيون کائين. باقي اڇيون ماڪوڙيون يا اڏوهي ڪاٺ ۽ ڪاڳر کائين. ڪاٺ ۽ ڪاڳر جي دستين سان هاڃا ڪريو ڇڏين. درن دروازن جو ستياناس ڪريو ڇڏين ۽ ڪتاب ٽُڪي ڇيهون ڇيهون ڪريو ڇڏين، اُن ڪري اُنهن جي بچاءَ لاءِ ڪتابن ۾ نم جا پن ۽ تماڪ جا پن وجهبا آهن، درن درين کي ڏامر لڳائبو آهي ۽ دفتر جي ڪاٺ جي گهوڙن جي پيرن هيٺان پاڻيءَ جون ڪونڊيون ڀري رکبيون آهن ته ڌرتيءَ تان مٿي چڙهڻ ته پاڻيءَ جي ڪونڊين ۾ ٻڏي وڃن.

سنهيون ڳاڙهيون ماڪوڙيون ته جنهن شيءِ تي چڙهيون، ان جا ڀاڱا ڪڍيو ڇڏين. کنڊ ۽ ٻين مٺين شين جهڙوڪ ماکيءَ جون ته ويري آهن، ڪنهن جي ڪپڙي يا هنڌ تي ڪا مٺي شيءِ ڪِري ته اتي به چڙهي وينديون۽ ماڻهوءَ کي چڪن سان سُڄائي ڊٻڙ ڊٻڙ ڪريو ڇڏين. وري جڏهن اهي هنڌ يا ڪپڙا اُس ۾ سڪائجن، تڏهن وڃي ڀرم ڀري ٿئي. وڏيون ڪِيوليون وري اناج لاءِ ڪال آهن، سندن ٻِر کوٽي ڏسبا ته اندر ڍڳ اَن جا گڏ ڪري رکنديون آهن. اهو سڀ اَن ڍوئي اچي پنهنجي ٻِرن ۾ ڏکئي ٽاڻي لاءِ گڏ ڪري رکنديون آهن،. جڏهن مينهن جي موسم ۾ يا سياري جي سيءَ ۾ ٻاهر نه نڪرن ته پوءِ پنهنجو گڏ ڪيل اَن ويهي چس سان کائين. هي ماڪوڙيون اورچ به هڪڙيون ئي آهن. اورچائي ته اسان ماڻهن کي به انهن کان سکڻ گهرجي. ڪم ڪرڻ کان بنهه ٿڪجن ئي ڪين. سارو ڏهاڙو توڻي رات پيون اَنُ ڍوئينديون آهن.

اسان پنهنجي سنڌي ڪتاب ۾ هنن ماڪوڙين بابت هڪ بيت پڙهيو آهي، جو هت لکان ٿو:

گُڻ عجب آهي اورچائيءَ سندو،

آدمي جيڪو اورچائي ڪندو.

من گُهريا مطلب انهيءَ ٿيندا نصيب،

هن اورچائيءَ جو ڦل آهي عجيب.

ٿوري ٿوري ڪم منجهان ٿيندو گهڻو،

جيئن ٿو بڻجي ڍڳ، رکي هڪ هڪ ڪڻو.

جيتڙن ۾ پڻ اورچائي ڏسو،

ٿا ذري مان ڪيو وجهن ڪيڏو قصو.

ڏِس اورچائيءَ ۾ ماڪوڙين جو حال،

هڪڙي ماڪوڙي سندو ٻُڌ جو مثال:

هڪڙو واريءَ جو دڙو ڪٿ هو پيو،

تنهن کي ننڍڙي ڪِئُليءَ پئي ڍوئيو.

ڪنهن ماڻهوءَ چيس اي ڪئلي غريب!

ڇو پئي ڪرين تون هي پورهيو عجيب؟

چيائين مون کي دل گهرئي سنگتيءَ چيو،

اُن چوڻ تي هي اٿم پورهيو ڪيو.

تنهن تي ماڻهوءَ کي لڳو ڏاڍو عجب،

چيائين اي ڪئلي، سُڻج تون هي سبب:

وات ۾ تون ٿي کڻين ٿورو ذرو،

ڪيئن کُٽائيندينءَ ڀلا ايڏو دڙو؟

تنهن تي ڪئليءَ چيس هيءَ ڳالهه سُڻ:

مون ۾ ته آهي اورچائيءَ جو گُڻ.

ڪم ڪرڻ کان ٿينديس ڪڪ مُور ڪين،

جي مُيس ته به چوندم آفرين!

هي ماڪوڙيون وري وير_ وٺو به ڏاڍيون ٿينديون آهن. اوهان ٻي هڪ آکاڻي به پڙهي هوندي، جا آهي ”نانگ ۽ ماڪوڙيون.“ هڪ نانگ ڏهاڙي ماڪوڙين جي ٻرن وٽ اچي ماڪوڙيون کائيندو هو. هڪ ڀيري اهو نانگ در مان ٿي لنگهيو ته رهڙجي پيو، کل ڇيلجي پيس ۽ رت وهڻ لڳس. ماڪوڙين کي به سُڌُ پئجي وئي. هنن کي به هئا ساڙ، سي چڙهي ويس ۽ چڪي چڪي ساهه ڪڍي ڇڏيائونس. چوندا آهن ته ”ڪنهن به ساهه واري کي نه ڏکوئجي.“ ڪڏهن انهن جي بُلَ ۾ اچي وڃبو ته اڳيون پويون ڪسرون ڪڍي ڇڏيندا، تنهنڪري ڪنهن کي به نه ڏکوئجي. ڏسو ته ماڪوڙيون ويچاريون ڪيڏيون نه ننڍڙيون آهن ۽ اسان جي پيرن ۾ پيون لتاڙجن. اسان جا ٻار به چِچي، ٽِنڊڻ يا ڏينڀوءَ کان ڊڄندا، پر ويچاري هيڻي ماڪوڙيءَ کي مارڻ ۾ دير ئي نه ڪندا. سچ ته هيڻن تي سڀڪو ايندو ٿو رهي، پر پاڻ کان ڏاڍي سان هٿ ئي نه اٽڪائيندو!

ويچارين ماڪوڙين کي اکيون ٿين ئي ڪونه. سندن سنگهڻ واري اندري ڏاڍي تکي هوندي آهي. هلنديون وينديون ۽ گهر جي ڇت تي به جيڪڏهن ڪا شيءِ سنگهيائون ته هڪٻئي پٺيان ڊهاڙا ڪري ناسون هڻنديون وينديون ۽ اتي وڃي پهچنديون. سنگهر ڪري هلڻ ماڪوڙين کان ته ڪو سکي. ڏسڻ جي سگهه نه اٿن، ته سُنگهڻ جي سگهه خدا ڏاڍي ڏني اٿن. چوندا آهن ته ”نانگ جو پير، ڪيوليءَ جي اک ۽ ملان جي دان پُڃ، ڪنهن به نه ڏٺو آهي!

اسان کي هرهڪ ننڍڙي شيءِ مان ڏاهپ سکڻ کپي. الله سائينءَ ڪابه وٿ بنا ڪم جي پيدا نه ڪئي آهي. ڪيوليءَ جي ڪمن تي ڌيان ڏبو ته اسان کي ڪيتريون ئي ڪمائتيون ڳالهيون ڏسڻ ۾ اينديون.

 

8- ڪوريئڙو

ڌڻيءَ سڳوري هن پرٿويءَ تي جيت ته ڀانت ڀانت جا لکن جا ڳاڻيٽي ۾ اُپايا آهن. هر هڪ جيت جا پنهنجا پنهنجا گُڻ آهن. ڪوريئڙو به انهن مان هڪ آهي. هن کي ڪوريئڙو ان ڪري چون ٿا، جو هو ڄاري اُڻندو آهي ۽ ڪوري ڪپڙو اُڻندو آهي. ڪوريءَ کي ته ڪپڙي اُڻڻ لاءِ سُٽ کپي، هٿڻ کپن ۽ ٻيو سامان کپي، پر هن ويچاري ڪوريئڙي کي سڀ ڪجهه پنهنجي مٿي ڪرڻو ٿو پوي. ڪنهن به شيءِ جي گهرج ٻئي هنڌان پوري ڪرڻ جي ڪاڻ ڪڍڻي ڪانه ٿي پويس. وري جيڪا ڄاري اُڻندو آهي، سا اوهان پنهنجي گهرن ۾ گهڻو ڪري ڏٺي هوندي؟ سوين ڪوري مِڙن ۽ سُٽ جا ڌاڳا ڪٺي ڪن، پر ڪوريئڙي جي ڄار سان ڪٿي ٿا برميچين! ڪوريئڙي جي ڄار جون تندون وارن کان به سنهيون هونديون آهن ۽ پَٽَ کان به ڪونئريون ٿينديون آهن. ڪنهن به ڏورانهين ڏيهه مان اهڙو پَٽ ڪيتري به ملهه تي ملي نه سگهندو_ ته پوءِ ڪوريئڙو اهڙيون تندون ڪٿان ٿو آڻي؟ اوهان کي ٻڌي ڏندين آڱريون اچي وينديون ته ڪوريئڙو اهي تندون پنهنجي گِگَ مان ٺاهي ٿو. پنهنجي اندر مان پَٽ_ ڪينئين وانگر اهي تندون ڪڍي، ۽ پاڻ ئي اُڻي پنهنجي ڄاري ٺاهي ٿو. پاڻ ٽنڊڻي جيڏو، ڊگهين ٽنگن سان پنهنجي ڄاريءَ ۾ تڪڙو تڪڙو هلي، ته به ڄاريءَ کي ڪجهه به جوکو ڪين ٿئي، پر ڪو ماڻهو ڄاريءَ کي هٿ لائي يا ڪک سان ڇُهي ته اک ڇنڀ ۾ ڄاري ويڙهجي سيڙهجي ناس ٿيو وڃي، ۽ هٿن يا ڪک کي چنبڙي پوي. مَکَ يا مَڇَر جون ٽنگون ڪهڙيون سنهيون ۽ هلڪيون آهن، پر ڪوريئڙي جي ڄاريءَ ۾ ويا ته ڦاٿا، ڪوريئڙو ڄار ٺاهيندو ئي آهي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ. جيڪي جيت ڦاٿا، انهن تي وارو ڪري وٺندو ۽ ڳڙڪائيندو ويندن. ڪوريئڙي جي ڄاري، جا هونءَ ته بنهه سنهي آهي، پر ڌڻيءَ جي جوڙ ته ڏسو، جڏهن واچون اينديون آهن، تڏهن پٿر جون سگهاريون جايون ۽ انهن جا منگهه؛ ٿُلها ٿُلها وڻ به پاڙؤن پٽجي ويندا آهن، پر ڪوريئڙي جي ڄار کي ايڏيون وڏيون واچون به ڪو جوکو رسائي نه سگهن. ڪوريئڙي جي ڄار جهڙي سا تهڙي لڏندي پئي، پر پٽجي اُڏامي پَٽ ڪونه پوندي. ڪري ٿي ڪا اتي اسان جي سمجهه ڪم! ته هي سڀ الله سائينءَ جي جوڙ آهي، جنهن تي جيئن ويچار ڪبو، تيئن سمجهه دنگ رهجي ويندي.

اسان جي قرآن سڳوري ۾ به هڪ سورت سڳوري آهي، جنهن جو نالو ”عنڪبوت“ آهي، يعني ”ڪوريئڙو“. ها ها، اهوئي ڪوريئڙو جنهن جي ڳالهه پيا ڪريون. قرآن جهڙي خدا جي ڪلام ۾ ڪوريئڙي جي سورت لکڻ به ڏاهپ کان ٺلهي ته نه هوندي! اسان جو رب سائين به اسان کي ان مان اها ساڃهه ڏسي ٿو ته اي ڪار مٿا، اُڀا ٻه پيرا، ساهه وارا ماڻهو! ڏسو ڏسو، سوچيو ۽ ويچار ڪريو ته مون ڪهڙي نه انوکي جوڙ جوڙي آهي. منهنجي هر هڪ ڪم ۾ اوهانجي ڌيان ڏيڻ لاءِ هڪ وڏي ساڇاهه سمايل آهي. تنهن ڪري منهنجي ساراهه ڪريو ۽ وڏائي ڳايو، مون کي سڀ ويل ساريو ۽ منهنجا ڳڻ ڳايو.

پڙهندڙ ڀائرن رابرٽ بروس راجا جي ڳالهه ته پڙهي هوندي ته هن کي ڪوريئڙي ڪهڙي ساڃهه سيکاري: هڪ ڪوريئڙو هو جنهن هڪ ڀِت تي چڙهڻ جي لاءِ ڇهه ڀيرا ڪاهه ڪئي. ڀيري ڀيري سان ان تان ڪري ٿي پيو ۽ نيٺ ستين ڀيري ڀت جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃي پار پيو. رابرٽ بروس سارو رنگ ويٺي ڏٺو ۽ پاڻ همٿ نه هاريائين ۽ ويرين تي جُلهه ڪري ويو ۽ سوڀ کٽيائين. ان ڳالهه تي هڪ بيت به چيل آهي، جو اوهان پڙهيو هوندو، جنهن جون سِٽون اوهان جي ڄاڻ لاءِ لکان ٿو:

ليٽي لعل پلنگ تي، ڪنهن ملڪ جو شاهه،

اوريو پئي اندر ۾، ڪجي ڪا صلاح،

رعيت پڻ راضي ٿئي، سڀڪو چوي واهه،

ڪانه سجهيس ڪا راهه، تيلهن مڙس موڳو ٿيو.

 

موڳو ٿي هي رهيو، وائي نه آڻي وات،

سج لهي سانجهي ٿي، مٿان پئي رات،

هي پنهنجي اندر سان، اوري اهائي بات،

مٿان ٿي پرڀات، ڄائو سج پڻ ڄام تي.

 

سج ڄائو، ٿيو سوجهرو، پلنگ نه ڇڏيائين،

ڳڻتي انهيءَ ڳالهه جي، پئي پل پل ڪيائين،

ڪرندو ڪنهن مهل ڪوريئڙو، پَٽ تي ڏٺائين،

ڪوريئڙو اُتائين، پوءِ چُري چڙهيو ديوار تي.

 

ڪوريئڙو ڪاهي هليو، چڙهيو مٿي ديوار،

ڪِري پئڙو پٽ تي، موٽي سو تنهن وار،

همٿ نه هاري تنهن ذري،ڪوشش ڪيائين ٻيهار،

البت هٿ ٻه چار، چڙهي سو مٿي ٿيو.

 

چڙهي سو مٿي ٿيو، وري ڪِريو پٽ،

تڏهن انهي شاهه کي، کِل ڇڙي جهٽ پٽ،

چي، ويچاري وڌڻ سان، ڪانه ڪئي ڪا گهٽ،

تڪڙ جنهين وٽ، سو مور نه پهچي ماڳ تي.

 

ڇهه ڀيرا هي ڪِريو، سنڀريو ستينءَ وار،

ڪي ڌيرو ڪي تڪڙو، چڙهي پيو ديوار،

پرو پنڌڙو ناهي ڪي، باقي هٿ ٻه چار،

پهتو جڏهن پار، تڏهن شاهه شرمندو ٿيو.

اهو سو بيت ڪوريئڙي جي اورچائي بابت آهي.

 

 

9- ٻُڙي

ٻڙيءَ کي ڪي صفر چون، ڪي زيرو، ڪي پائنٽ، ڪي ڊيسيمل، ڪي ناٽ ۽ ڪي ڪجهه! پر ٻُڙي چوڻ سڀ کان وڌيڪ وڻندو اٿوَ. هيءَ ٻڙي جنهن کي نه آهي ٿولهه، نه آهي ڊيگهه، نه آهي ويڪر، نه آهي گهاٽائي، نه آهي منجهس ٻيو ڪو گڻ. ان جا ڪم ته ڏسو! ايڪو لکي ان جي کاٻي پاسي ٻڙي ڏيو ته هڪ جو ملهه ڏهه ٿي وڃي، ٻي ٻڙي ڏيو ته سؤ، ٽي ڏيو ته هزار. ائين ڪروڙن تائين وڃيو پهچي. پر وري جي ان کي ايڪي جي ساڄي پاسي رکوس ته سؤ ٻڙيون کڻي ڏيو پر ايڪي جو اگهه اوتري جو اوترو، هڪ تِرُ به نه وڌي. ٻڙيءَ جو اهو جادو منتر به عجيب آهي. جَسُ هجي ان ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ کي، جنهن هيءَ ٻُڙي ڳولي لڌي، ليکي چوکي جي ڪم ۾ سولائي ڪري وڌي ۽ هاڻي ساري جڳ جو ليکو انهيءَ ٻڙيءَ تي آڌار رکي ٿو. ٻڙي نه هجي ته ڏهه ايڪا، سؤ ايڪا ۽ هزار ايڪا ڪڍي، اسان جا هڏ ئي ڳري وڃن ۽ جڏهن انگ پڙهون ته ايڪا ڳڻي ڳڻي اڌمُئا ٿي پئون. ڳڻپ ۾ ڪو ايڪو ڀلجي وڃون ته وري ڳڻيون ۽ ڪم سڄو هيٺ مٿي ٿي پوي. جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو هاج ڪم رُلي ويندو آهي ته سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”بس ٻڙي اچي ويس.“ شاگرد ويچارا ته ٻڙيءَ سان مٿو به گهڻو کپائين، پر ان کان ڀڄن به اهڙو جهڙو ”ڪانءُ ڀڄي کاريءَ کان.“ شل نه ڪنهن کي ڪنهن پيپر ۾ ٻُڙي مارڪون ملن ته سندس ڪارپَت ڌوپي ويندي، ۽ روئي ڏيندو. پاڙهيندڙن جي اک ۾ هڪ پاسي، هڪ جيڏن جي اکين ۾ ٻئي پاسي، مائٽن جا موچڙا مار يا ڇنڀ ٽئي پاسي، ڄمار ئي وِهُه. سچ پچ ته ٻڙي آهي سا ننڍڙي پر آهي وِهُه جي ڳنڍڙي.

ڪنهن به ٻوليءَ جا اکر ۽ ٻول تيستائين سڃاڻي نه سگهبا، جيستائين ٽُٻڪا ڏنل نه هجن. اهي ٽٻڪا وري ڇا آهن، اهي ئي ٻڙيون آهن، جي نه ڏجن ته ٻولي پڙهي نه سگهجي. دمن جون نشانيون به اهي ئي ٻڙيون آهن، سڄو دم رڳو هڪ ٻُڙي، اڌ دم ننڍڙي ابتي واءُ مٿان ٻڙي ۽ ”ٻٽي دم“ ۾ اُڀيون ٻه ٻڙيون. جيستائين اهي اهڃاڻ لکت ۾ نه ڏبا، تيستائين ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي، لکڻ پڙهڻ ۽ پرجهڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي.

مون مٿي چيو آهي ته ٻُڙيءَ کي نه ڪا ڊيگهه نه ڪا ويڪر. ڪنهن به هنڌ جو وچ لهڻو هوندو ته اهائي ٻُڙي ڪم ايندي. ڊرائنگ ڪڍڻ لاءِ ته ليڪون کپن، پر ليڪون به ٺهيل انهن ئي ٻڙين مان آهن. هڪ ٻڙيءَ کي ٻي ٻڙيءَ سان ملائبو ته سڌي ليڪ ٺهي پوندي. ڪنهن شڪل، جهڙڪ ٽڪنڊي چوڪنڊي وغيره جون ڪنڊون ماپڻيون هونديون ته اهائي ٻڙي ڪم ايندي، جنهن تي ڪنڊ ماپ رکي ڪُنڊ جا درجا لهبا. ڇا ٻڙين مان ڪا ڊرائنگ نه نڪرندي؟ ڪير ٿو چوي. ٻڙين جي ميلاپ سان اهي ڊرائنگون نڪرن ٿيون، جي ڏسي کڻي چُپ ڪر.

ڀرت جي ڪم ۽ ڇُرَ جي ڪم ۾ به ٻُڙيون ڪم اچن. پهريائين ٻڙين جي پور سان ڪپڙي تي ڇاپو ڪڍي، پوءِ اچي پَٽ جي ڌاڳي سان انهن مان گل ڦل ۽ ٻيا جيڪي ڀرت جا نمونا ڀرڻا هجن، سي ڀرين.

واهه مائي ٻُڙي، تنهنجون اوجون ويهي لکان ته پوريون نه ٿين. توکي ماڻهو تِڇ سمان ٿا ڀانئن، پر اهي پاڻ ڀُليل آهن. تو جهڙي نه ڪا ٿي، نه ڪا ٿيندي، جنهن جي توسان بان آهي.

 

10- ڪانءُ

مون کي ماڻهن ننديو به چڱيءَ پر آهي. چيو اٿن ته ”اندر ڪارو ڪانءُ، ٻاهر ٻولي هنجهه جي.“ مون کان بُڇان به اچين ٿي. ڪنهن جي گهر جي ڀِت تي ويهي ٻولي ڪريان ته ”ڀڳو ڀڳو، لِڪو لِڪو“ ڪري ڊوڙائي ڪڍندم، چي: نڀاڳي ڪن ئي کائي ڇڏيا آهن، هڪليونس ٿا ته وري وري اچيو ويهي، گليل کڻي پٿر چُٽيوس، کاري هيٺان داڻا وجهي کارو مَنڊي رکو ته ڦاسي مطلب ته مون سان ڀانت ڀانت جون جُٺيون جودڙيون ڪندا ته ڪيئن به ڪري کيس ڀڄايون، جو وري نه اچي،. ڏسو، مون سان ڪهڙو نه بڇڙو سلوڪ ڪيو ٿو وڃي. ڪو سائو چَتون ڀلجي گهر آين ته پيا ٽڙندا ۽ گد گد ٿيندا ۽ چوندا ته مِٺُو پُٽ آيو آهي_ ڀلي ڪري آيو_ ساوا کنڀ، ڳاڙهي چهنب، ڳچيءَ ۾ ڪئنٺي! مئو ڪانگ ڪارو ڪنو، اسان جي ٻارن کان لولا کسي، چور ڦورو، مئو ڪٿي جو! چَتون ڦلواڙين ۾ رهي، مِٺا ڦل کائي ۽ هيءُ ڪارو دانگيءَ جهڙو سارو ڏينهن وتي اسان جي ننڊ ۽ سک ڦٽائيندو. واهه واهه، اوهان کي جس هجي!

اهو ٽاڻو ياد نٿو اچيو، جڏهن ڪنهن جي اچڻ جي يا ڏسڻ جي سڪ هوندي اٿوَ ته پوءِ مون کي ڪيئن ياد ڪندا آهيو! ڌر تتيءَ جو به جڏهن ڪنهن وڻ تي ويهي ٽان ٽان ڪندو آهيان ته ائين ڪونه چوندا آهيو،. ڪوڙ ته ڪونه ٿو ڪريان: ”آءُ کيانتا خير جا، ڏي ٽِپڪي، ڏيانءِ مٺي ٽِڪي، ڪير ٿو اچي، فلاڻو ڪي فلاڻي؟“ پوءِ جي آءٌ اُڏامي ويس ته جنهن جي نالي وٺڻ کان پوءِ اڏاڻس ته اوهان کي پَڪ ٿي ويندي ته هيءُ يا هوءَ پَڪ اچي ٿو سهڙي.

ڪوي پنهنجي ڪوتائن ۾ مونکي پنهنجي پرين ڏي نياپو يا سنيهو ڪونه ڏيندا آهن؟ ۽ چوندا آهن ته:

وڻ چڙهي وائي مِٺي، ڪانگل ڪئي تو ڪالهه جا.

۽ مون کي منٿون ڪندا آهن ته اسان جو نياپو نينهن جو نيئي سڄڻن ڏي ڏيج. ائين به ڪين چوندا آهن ته:

آءُ ڪانگل تو ڏيان، هينئون ساڻ هٿن،

وڃي کاءُ ولات ۾، مهندا محبوبن،

من پرين پاڻ پڇن، ته هيئن قربان ڪير ٿيو!

آءٌ اوهان جا نياپا سنيها سواءِ ڪنهن لالچ جي، وڃي اوهان جي پيارن کي پهچايان، اوهان کي سُک جا سنيها رسايان، اوهان کي آسيسون ڪرايان ته ڌڻي ڦُٽ ڏيوَ، جن جي هٿن مان آ لولا کسيان، ڏينهن تتي نڀاڳي ننڊ ويڙهي وڃيو ته اوهان کي اونگهه ۽ آرس مان جاڳائي، ڌڻي ياد ڏياريان. ڪارو آهيان ته ڇا ٿي پيو؟ اوهين پاڻ ڪونه آکيندا آهيو ته ”ڪارو الله جو پيارو، اڇو ڪڪڙ جو ٻچو.“

ڇا پکين ۾ منهنجي سڃاڻپ جي هاڪَ نه آهي؟ اوهين سنڌيءَ ۾ پهاڪو ڪونه ڏيندا آهيو ته ”هيءُ اهڙو سياڻو، جهڙو ڪانءُ.“ چتون هڪ موڳو پکي، ٻولي اٿس ’ٽيون ٽيون‘. هاري پوک تان هڪلينس يا مالهي ميون تان ڊوڙائي ڪڍنس ته کيس کاناڻي ڦيرائي هڪل ۾ چون ته ”ٻلو، ٻلو“. طوطو پڃرن جو باندي آهي ۽ آءٌ آجو پکيئڙو آهيان. ٻوليءَ جا ڪا ٻول ٻولي ٿو ته ڇا ٿي پيو. مٺايون، چُوريون ۽ ڦل ڦول به ته مِٺُوءَ کي کارايو ٿا، مون کي رڳو گوشت جو هڏو ڀاڳ ۾ آهي، سو به جڏهن اڇليو. اوهين پاڻ ڪونه چوندا آهيو ته ”هي شاگرد سمجهي ڪونه ٿو، رڳو طوطي وانگر ياد ڪريو اچي. هاڻي اهڙي بي سمجهه طوطي جي ٿا مون سان ڀيٽ ڪريو! واهه واهه، مون سان هاڻي نه ڳالهائو ۽ پنهنجا سنيها انهيءَ چتونءَ کي ڏجو ته ڏسان ڪيئن ٿو اوهان جي پرين کي پڄائي_ بس بس!

 

 

11- جُتي

ڇا مان ڌريئون جُتي هيس! نه نه مان هڪ پوتر ساهه وارو هيس، جنهن کي هندو ۽ برهمڻ پوڄيندا هئا. مان سندن ڳئو ماتا هيس. منهنجو امرت جهڙو مٺو کير پيئندا هئا، منهنجي شيوا ڪندا هئا. مون کي ماتا سمجهي، منهنجو وڏو مان رکندا هئا. هزارين ورهيه اڳ ڪرشن ڪنئيو اسان گانين جو گرڌاري هو سندس پوتر گوپيون منهنجي ٽهل ڪنديون هيون. برهمڻ، جي برهما جي مک مان نڪتل آهن، سي اسان جي وڏين ماتائن جا ٽهليا هوندا هئا. منهنجو جنم هڪ ڪلال جي گهر ۾ ٿيو. خبر نه آهي ته ڪنهن جي جوڻ وٺي آيس. ننڍي گابي هيس، مون کي پيار سان پاليو پئي ويو، وڏي ٿيس ته ڏاڍي سهڻي ۽ متاري ٿيس. مون کي سائو گاهه، کَڙ ڪُتر ۽ ڏارو ملندو هو. نيٺ نڌان وڏي ٿيس ۽ پاڻ ماءُ ٿيس ۽ ٻچن کي جنم ڏنم. هرڪو ننڍي مان وڏو ٿئي، ٻلوان مان ٻڍو ٿئي. منهنجو ٻڍاپڻ به اچي سهڙيو، اگهي رهڻ لڳيس. منهنجي مالڪ ڪلال دوا درمل، سُتيون ڦڪيون به گهڻي ئي ڪيون، پر موت اچي ڪنڌ تي ڪڙڪيو، مُئس ته ڪلال ڪاتي وڌي، سندم ڇوڙو لاهي سڪايو ۽ لوڻ ٻُرڪي بانس وڃايائين، پوءِ اڪ جو کير مکي، وار ڌار ڪيائين، پوءِ منهنجي اُجري چمڙيءَ کي اڌوڙ تي چاڙهي روز ڏاڍو ڪُٽيندو هوم. ٻٻرن جي ڇوڏن مان مون تي رنگ چاڙهيائين. رات جي تارن جي مٿم جوت پئي ۽ ڌَپ مان ڦري، مون ۾ سڳنڌ آئي. جڏهن منهنجو چمڙو هرهڪ جي ڇهڻ جهڙو ٿيو، تڏهن مون کي چڱي مُلهه ۾ وڪيائين. پوءِ ته وري اچي ڀاڳ کليو. مون مان مهانگين ۽ مُلهائتيون بيگون ٺهيون، جوتا ٺهيا ۽ ٻيون اهڙيون ڪيئي شيون جڙيون ۽ ٽڪر منهنجو ڪنهن موچيءَ ڳنهي، مون مان سنڌي جُتي ٺاهي، جا هڪ سکر ماڻهوءَ کي وڪيائين. هن پنهنجي جتيءَ تي چانديءَ جي تارن جو ڀرت ڀرايو ۽ هرڪو مون کي هٿ ۾ کڻي، پنهنجي اڳيان چتائي ڏسندو ۽ وهسندو هو. ٿوري به مون ۾ دز پوندي هئي ته يڪدم ڇنڊيندو هو ۽ سٿرو رکندو هو. ڪڏهن ڪا لِڦ منهنجي مالڪ جي پيرن ۾ وڌي هونديم ته مون کي تيل مکيو ويندو هو ۽ ڪونئرو ڪيو ويندو هو. چوري چڪاريءَ جي ڊپ کان منهنجي ڏاڍي سنڀال ڪئي ويندي هئي ۽ سدائين مون کي بيلائتو ڪري رکيو ويندو هو ته متان ڪنهن جي بڇڙي اک نه لڳي ۽ بدسوڻي نه ٿئي. مسجد ۾ نماز لاءِ منهنجو مالڪ ڪڏهن مون کي پير ۾ پائي ويندو هو ته ڪڏهن مون کي لاهي اندر وڃي رکندو هو ته متان جتين جي چور جي ورَ نه چڙهي وڃان. پاڻ ته وڏو جتن رکندو هو، پر ٻين کي به چوندو هو:

پنهنجي جُتين کان رهو سڀئي نمازي هوشيار،

سوي مسجد پيو اچي هڪڙو خضر جي صورت.

ڏسو هن جڳت جا لاڙها چاڙها، هيٺ مٿاهيون. ڪڏهن پوڄا جي شيءِ هيس، ڪڏهن منهنجو کير امرت ڌارا هو_ ڪڏهن ڪلال جي ور چڙهيس، جا منهنجي سِسِي برهمڻ چمندا هئا، ان تي ڪلال جي ڪاتي وهي، هڏ ماس کان منهنجو چمڙو جدا ٿيو_ مون تي لوڻ ٻرڪيو ويو، اڌوڙ تي ڪُٽيس، ڪو ٽڪر ڪيڏانهن ويم ته ڪو ڪيڏانهن. مون مان ڇا ڇا نه ٺهيو، ڪهڙن ڪهڙن جي پيرن جي سوڀيا ٿيس. هاءِ هاءِ، اڄ به اها ساڳي جتي آهيان، جنهن کي ڇنڊيو ڦوڪيو ٿي ويو. جڏهن پراڻي ٿيس ته مون کي منهنجي مالڪ جي نوڪرن پاتو. چَتيون چَتيون ٿي ويس ۽ نيٺ نڪمي ٿي، اچي هن گند جي ڍير تي پئي آهيان. ڪو اک کڻي ڪونه ٿو ڏسي ۽ نه ئي ڪير منهنجي اتاهين تي سوچي ٿو ۽ نه ڪير منهنجي هي دکدائڪ ڪٿا تي ويچار ڪري ٿو. هن پرٿويءَ جو نالو ئي نانهه جو گهر آهي، ان تي بانور ڪهڙو ڪبو!

 

 

12- ڀنڀوري

اجهو هڪ ٻيو جيت، هن جي سونهن ۽ سوڀيا ته ڏسو ۽ پوءِ پنهنجي من ۾ نياءُ ڪري ڏسو ته ڌڻي پاڻ سهڻو آهي ۽ کيس ان ڪري سونهن ڪيترو نه وڻي ٿي. سونهن جي خبر ڀيٽ سان پوندي، ان ڪري ڪيترا گدلا جيت به اُپايا اٿس، جن جي ڏسڻ سان نيچ ۽ اُتم شين جي ٻوجهه پوي ٿي. هونءَ ته ڌڻيءَ جي جوڙ ۾ ڪابه وِڏ ڪانهي ۽ نه ڪا شيءِ بنا ڪم جي ٺهي آهي، پر سونهن ۽ اسونهين وٿن جو ڦير سمجهه ۾ اچيو وڃي.

اي ڀنڀوري، تنهنجي ڪهڙي واکاڻ ڪريان، تنهنجو اُڏامڻ، ڪنهن اُڀي ڪا‎ٺيءَ جي چوٽيءَ تي ويهڻ، لڏڻ لمڻ ڪيڏو نه پيارو آهي! من گهرندو اهي ته توکي اندر ۾ جاءِ ڏيان، اکين تي رکان، سيني سان لايان ۽ تنهنجو سرير چُمان.

ڀنڀوريءَ جا ڪل ٽي قسم ٿين ٿا: هڪڙيون ساديون ڀنڀوريون، جي پيلي رنگ جون ٿين، ٻيون ڳاڙهيون ڀنڀوريون، جن کي لال ڪنوار ڪوٺين ۽ ٽيون نر ڀنڀوريون، جن کي حجامڙا ڪوٺيندا آهيون. سڀني ۾ سهڻي لال ڪنوار ٿئي، ٻار پاڻ کي تسيا ڏيئي لال ڪنوار ڦاسائڻ جي ڳڻَ ڪندا آهن ۽ پير پير ۾ لڪندا ڇپندا لال ڪنوار جي پٺيان اوچتو ئي اوچتو وڃي سندس بول کي پڪڙيندا آهن، ويچاري ڦٿڪندي ۽ پَرَ گهڻائي هڻندي آهي پر ڪٿي ٿا ٻار جند ڇڏينس! ٻارن کي وڻندو آهي سندس اُڏامڻ، سو ڇا ڪن جو سندس چيلهه وٽ ڍيريءَ جو ڌاڳو ٻڌي، ڌاڳي جي ٻئي ڇيڙي کي هٿ ۾ جهلي پوءِ کڻي اُڏائيندا اٿس. هوءَ ويچاري ڀائيندي آهي ته مون کي بند مان ڇوٽڪارو مليو، پر ٻار به هن جي پويان ڌاڳي کان جهلي وٺي ڊوڙندا آهن ۽ وري جڏهن ڪٿي هلي ويئي ته هن جو ڀوڳ ڏسندا آهن.،

حجامڙا ڏاڍا لُچ ٿيندا آهن، انهن کي ٻار پڪڙي هڪ ٻئي سان ويڙهائيندا آهن. ويڙهو ڏاڍا ٿين، هڪ ٻئي جي ڳچيءَ ۾ اهڙو ته چڪ پائيندا آهن، جو ڪڏهن ڪڏهن ڳچي ڪپجيو پوي ۽ ڌڙ کان ڌار ٿي ويندي اٿن. پهريون نمبر ڀنڀوري ويچاري سياڻي ٿيندي آهي، نه ڪنهن سان وڙهي نه وڳي، پنهنجي من مستيءَ ۾ ئي من هوندي. ٻار جڏهن ڀنڀورين راند لاءِ نڪرن ته پوءِ پهرين انهيءَ ڌنڌي ۾ هوندا آهن، ماني ٽڪي به وسري ويندي اٿن، نيٺ جڏهن گهر ورن ته پنج_ چار ڀنڀوريون پاڻ سان ڪنهن نه ڪنهن پر آڻين ئي آڻين.

 

 

13- کُڙکُٻيتو

کُڙکُٻيتي کي ٽانڊاڻو به چوندا آهن، پاڻي وهي ايندا ۽ پوکون سايون ٿي مٿڀريون ٿينديون ته اِجهي کڙکٻيتا آيا. ڌڻيءَ جي جوڙ آهي، الاجي ڪٿان نڪريو نروار ٿين، ساين ٻنين ۽ آسپاس جي پوٺن ۾ رات جي ٽاڻي چمڪاٽ لڳا پيا هوندا. هڪ ڪارو ننڍڙو جيت، سندس پول ۾ مالڪ سائينءَ اهڙي ته جوت رکي آهي جو رات جي انڌيري ۾ اُڏامندا ويندا ته ڄڻ جوت جا ڏيئا جڳ مڳ ڪري رهيا آهن.

اوهان کي سُڌ آهي ته ڪابه جوت جهڙوڪ: باهه، بجلي، گاسليٽ جون بتيون، سئي گئس ۽ ٻيون جلائو شيون گرم هونديون آهن ۽ انهن کي هٿ لائڻ سان هٿ سڙي پوندو آهي، انهن جي جوت جي ڄَر جايون، جڳهيون، لانڍيون ۽ لوڙها ساڙي رک ڪريو ڇڏي، پر هيءَ هڪڙي ئي جوت آهي جا ٿڌي ٿانئري آهي ۽ ان کي هٿ لڳائڻ سان هٿ کي آسيس پئي ايندي.

ننڍڙا ٻار کُڙکُٻيتي تي چريا هوندا آهن، رات جو جڏهن هو چمڪڻ لڳندا آهن ۽ ڪنهن جاءِ تي ويهي ٽم ٽم ڪندا آهن ته ڊوڙي وڃي انهن کي پڪڙيندا آهن ۽ پنهنجن ململ جي چولن ۾ بند ڪري هٿ ۾ اها چولي جي ڳنڍ کڻي سندن چمڪاٽ ڏسي پيا وهسندا آهن. هڪڙي مان ته پيٽ ڪين ڀرجين پر جيترا پهچي سگهن اوترا کڙکُٻيتا ڦاسائي ڪنهن شيشي ۾ بند ڪري کڻي رکن ته جهڙا بلب پيا ٻرن. رات جو اهو چهچٽو ڏسن، پرڀات ٿي ته اها جوت گم ٿي ويندي ۽ کڙکُٻيتن کي ڇوٽڪارو ڏيندا.

ڏسو ته ڌڻي ٻاجهاري ماڻهوءَ لاءِ ڪهڙيون ڪهڙيون نه پيار ڀريون ۽ لاڀ واريون شيون ٺاهيون آهن، جن مان ماڻهو يترائي گهاٽا واڌا وٺي ٿو. اهي ئي کڙکُٻيتا آهن جي جهنگن برن ۾ منجهيل واٽهڙن کي واٽ ڏيکارين؛ هونءَ ته اهو ڪم تارن جو آهي پر کڙکُٻيتن جي مُند ۾ تارن کي ساهه پٽڻ جي گهڙي مليو وڃي ۽ سندن ڪم وڃيو کڙکُٻيتا ڪن.

وڻن ٽڻن تي ويهن، ٻنين ٻارن ۾ ويهن تي سندن جهرمر لڳي وڃي ۽ سوچي نٿو سگهجي ته ڌڻيءَ جا اسان تي ڪيترا بي انت ۽ اپار ٿورا آهن. اي کڙکُٻيتا، آءٌ تنهنجي ڪيتري واکاڻ ڪري ڪيتري ڪريان، تنهنجو ننڍڙو سرير ۽ تنهنجي جوت منهنجو ڌيان ڌڻيءَ ڏي ورائي ٿي، جيڪا کن پل توسان گڏجان ٿو ته پنهنجي تن من، منهن ۽ ڄڀ تي اهو دياوان داتا ئي ياد اچي ٿو. منهنجي مُک مان پرارٿنائون نڪرن ٿيون، جي منهنجو پالڻهار مون کي ياد ڏيارين ٿيون. منهنجي لاءِ کُڙکُٻيتن جي جيوت هڪ وڏي وٿ آهي جنهن تي ڌيان لڳائڻ سان:

نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com