سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

باب: --

صفحو : 1

نياريون وٿون

محمداسماعيل عرساڻي

 

 

آءٌ هيءُ ننڍڙو ڪتاب ”نياريون وٿون“ وڏيءَ سڪ سان سنڌي ٻوليءَ جي سڀني سڄڻن اڳيان جهوليءَ ۾ جهلي آڇيان ٿو، پوءِ کڻي اُهي هن ڌرتي جي ڪهڙي به ڀاڱي ۾ وسندا هجن:

پلئه پايو ڪچ، آڇيندي لڄ مران!

 

 

 

 

نياريون وٿون

 

 

 

 

 

 

 

ڇپائيندڙ پاران

 

 

سڌريل ٻولين جي شاهوڪار ادب ۾ ٻاراڻي ادب جي تحريرن/ لکڻين کي هڪ ڌار ۽ خاص اهميت حاصل آهي. جهڙي طرح ڪنهن به عاليشان عمارت جي تعمير جو خواب تيستائين پورو ٿيڻ ممڪن ناهي. جيستائين پڪي پيڙهه، مضبوط اوسر ۽ ڌيان سان ڀرپور ڪاريگريءَ جو ان ۾ دخل نٿو هجي. ساڳيءَ ريت ڪنهن به خطي جو ادب شاهوڪار علمي ورثو رکندڙ ٻولين سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهي نٿو سگهي. جيستائين منجهس ٻاراڻين تحريرن/ لکڻين جا مڻيادار موتي اسري نٿا اچن.

جيتوڻيڪ سنڌي ادب جي ٻاراڻي ڀاڱي جو ڪم جنهن معيار سان ٿيڻو کپندو هو، اهو ته نه ٿي سگهيو آهي، پر تنهن هوندي به هن سلسلي ۾ جن ليکڪن، قلمڪارن پنهنجون تخليقي صلاحيتن بروءِ ڪار آڻيندي عالمي گهرجن ٽان ٻاراڻو ادب سرجڻ جي ڪوشش ڪئي منهنجي نظر ۾ ان کي يڪسر رد ڪري ڇڏڻ به بيقدريءَ جو مظاهرو ٿيندو.

زير مطالع ڪتاب ”تياريون وٿون“ بابت هاڪاري راءِ ڏيڻ رڳو ”لفظي معيار“ لاهڻ جي برابر ئي ناهي، بلڪ ڪتاب ۾ ليکڪ جنهن شاندار نموني روزمره جي زندگيءَ ۾ وساريل/ غير اهم ڄاڻائي نظرانداز ڪيل شين جي اهميت نصيحت آموز انداز ۾ بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان سان ٻارڙن جي ذهني پرورش ۽ معلوماتي سگهه ۾ اضافو ٿيڻ کان سواءِ وڏڙن جي ذهن ۾ ڪيترن ئي وساريل شين جا عڪس ۽ اهميت اڀري اچڻ جي اميد پڻ آهي. ڪتاب ۾ جيڪا نج، ڏاري ٻوليءَ جي اثرن جي گدلاڻ کان آزاد سنڌي ٻولي ڪتب آندل آهي. سچ ته ان کي ڏسي دل ٺري پوي ٿي.

ڪتاب جي اهيمت جو اندازو ان حقيقت مان به لڳائي سگهجي ٿو ته 1980ع ۾ هن ڪتاب جي پهرين ڇاپي طور ڇپرايل ٽي هزار ڪاپيون ڪجهه وقت اندر ئي هٿوهٿ وڪامي ويون. ڪافي وقت کان ان کي ٻيهر ڇپرائڻ جي رٿا بورڊ انتظاميه جي ويچار هيٺ هئي. آئون پاڻ کي ڀاڳوند ڀانيان ٿو جو ڌڻي تعاليٰ هڪ نيڪ ڪم کي مڪمل ڪرڻ جي سعادت جو شرف بخشيو اٿم.

 

 

ڄام شورو سنڌ                                 انعام الله شيخ

10 جنوري 2005ع                              سيڪريٽري

                                                سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

 

 

 

مهاڳ

 

هيءُ ”نياريون وٿون“ نالي سان ڪتاب جنهن ۾ ڪُل هڪ سؤ هڪ ننڍڙا ليک لکيا اٿم، سو پڙهندڙن جي اڳيان آهي.

سنڌي ساهتيه جي گهڻگهرن کان گهڻو ڪري اهوئي ٻول ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، ته اسان کي پنهنجي لکيتن ۾ نج سنڌيءَ لکڻ گهرجي، پر وري به جڏهن لکندا آهن ته اها ئي ڌارين ٻولين جي اکرن جي ڀرمار هوندي آهي. جي، ان کان سواءِ اسان جا لکيل ٻُسا ٿيو پون. ائين به چوندا آهن ته؛ نج سنڌي لکڻ ۾ اسان کي ڏاڍي اهنجائي ٿئي ٿي ۽ لکت جي ٻولي به سهڻي نٿي ٿئي، ان ڪري لاچار آهيون.

پر مون جيڪي ڪجهه لکيو آهي ان ۾ نج سنڌي ٻوليءَ جو ڌيان رکيو اٿم. رڳو اسم خاص، پهاڪا، چوڻيون يا بيت جيئن آهن تيئن لکيا اٿم، ٻيو سڀ ڪجهه نج سنڌي ٻولي آهي. مون کي ته سلوڻي ڏسڻ ۾ اچي ٿي ۽ نه ٻُسي يا الوڻي. پڙهندڙ هن ڏس ۾ پاڻ پڙهي نياءُ ڪن. ڪي ڪي اکر جهڙوڪ زور (ٻل) خبر (ڪَل)، خير (سک)، شيءِ (وٿ) ۽ اهڙا ٻيا اکر جي سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙا ته گڏ سڏ ٿي ويا آهن، جي نج کان به نج ڏسڻ ۾ اچن ٿا، انهن جي لکڻ کان به نه مڙيو آهيان. ”شيءِ“ اکرن نج عربي آهي، پر اسان جا ننڍا ٻار به شيءِ شيءِ چوندا آهن. پر ”وٿ“ اکر سمجهندا ئي ڪونه. ان طرح ”وقت“ اکر سولائيءَ سان اُچاريندا، پر ”ٽاڻو“ نه سمجهندا ۽ نه چوندا. اهڙا اکر ”نياريون وٿون“ ۾ ڳاڻ ڳڻيا مس لڀندا. جن جا نج سنڌي بدل به آيم ٿي، پر انهن جي لکڻ ۾ ڪوبه ڀولو نه ڄاتم. ان هوندي به منٿ ٿو ڪريان ته جيڪڏهن ڪا ڀل چُوڪ ڏسڻ ۾ اچين ته پنهنجا ڀال ڀَلائي اُها ليکي ۾ نه آڻين. چوندا آهن ته ”ڀُلئي چُڪئي مار ڪانهي!“

هن ڪتاب ۾ جيڪي ليک ڏنا ويا آهن، سي سڀ هڪ يا ٻن نمونن جا مس ٿيندا. انهن ۾ رڳو ٻارن سان ٻه- چار ٻول ڪيا ويا آهن. هي سڄو ڪتاب ٻارن جي ڄاڻ وڌائڻ لاءِ سٽيو ويو آهي، پر آس اٿم ته وڏن کي به ان مان گهڻوئي لاڀ پراپت ٿيندو. مون کي هن ڪتاب لکڻ ۾ڪا گهڻي ويرم ڪانه لڳي آهي، ڏهاڙي پنج- ڇهه ليک لکندو هوس ۽ منهنجو پُٽڙو اعجاز، اهي سٺن اکرن ۾ اتاريندو هو. اهڙيءَ ريت هڪ مهيني ۾ هيءَ سوکڙي لکي وڃي پار پيس.

هن ڪم ۾ منهنجي ڀاڻيجي شمس الدين عرساڻيءَ مون سان ساٿ ڏنو آهي، ان جو ٿورائتو آهيان.

جيڪڏهن منهنجو پورهيو پڙهندڙن کي وڻيو ته ڏاڍي سرهائي ٿيندم ۽ ڌڻي سڳوري جا ٿورا مڃيندس، جنهن هيءَ همٿ ڏني. اڳتي به اُن ننگيءَ تي ننگ آهي!

ننگ ننگيءَ تي ننگيءَ نار.

ڪيئن وساريان سو سردار!

جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ جي پارکن کي منهنجون پچارون وڻيون ته مون لک کٽيا. هن اگهائيءَ جي سَمي ويهي وندر ڪئي اٿم ۽ رنڍا روڙيا اٿم. هاڻي به:

جي اگهي نه ڪائو ڪچ.

نه ته ماڻڪن موٽي ٿئي!

 

محمد اسماعيل عرساڻي

       حيدرآباد سنڌ

     آڪٽوبر 1979ع

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com