سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: نياريون وٿون

باب: --

صفحو : 2

 

 

-1ڪک

 

ڪنهن ڪويءَ جو ٻول آهي ته:

فريدا ڪک به نه نِندجي، ڪک به وڏي وٿ،

اُڏي پيو جي اک ۾ ته ڏئي گهڻو ڏک.

 

ڪيڏو نه سچ چيو اٿس؛ ڪک ڪهڄر کان اسين ته بروبر ڦون ڦون ۽ ڇون ڇون پيا ڪندا آهيون، پر اُن جي ڪارائتي هئڻ جو ڀلجي به ويهي وستار نه ڪيو اٿئون ته اهو ڪک ڪو ڪارائتو آهي.

اوهان اهو ٻڌو هوندوته ”ادا، ڪک هيٺان لک لڪل آهي.“ انهيءَ پهاڪي تي ڪڏهن سمجهه ويڙهائي ويچار ڪيو ٿاَ ته ان جو ارٿ ڇا آهي؟ ڏٺو ويندو ته اسين پنهنجي گهر مان ڪک پن ميڙي سيري ڪڍندا آهيون ته گهر سٿرو رهي، پر ڪک پن ميڙيندا ڇا سان آهيون؟ اوهين چوندا ته ٻهاري سان. ڀلا ٻهاري ڪکن جي جڙيل نه آهي ته ڇا جي ٺهيل آهي؟

بُهه ڇا آهي، ڊَڀ ڇا آهن، انهن جا ڪک ئي ته آهن جي مٽيءَ کي پڪي ڪرڻ لاءِ گڏبا آهن، نه ته لنب ۾ سيرون ۽ ڦوٽون پئجي ڪين وڃن! گارو ڀلا ڪکن کان سواءِ به ڪڏهن ٺهيو آهي؟ پيش ۽ مُڃ جا پن جيستائين سٽي ڪٽي ڪک نه ڪجن؛ تيستائين انهن مان ڪوڙو ۽ سچو واڻ ڪيئن ٺهي ۽ اسان جون کٽون کٽولا ڪيئن مڙهجن. جن تي اسين سمهي سک ڪريون. نوڙيون ۽ رسا به ته انهن ئي ڪکن جي سوکڙي آهن.

هي ڀانت ڀانت جا وڃڻا، پرنڊيون يا دٻڪيون، ٽٻڻيون ڇٻا ڇٻيون، سُپ يا ڇڄ ۽ ٻيون سوين هٿ جي هنرن جون شيون، جن کي ڏسي وات ڦاٽي ٿو وڃي، اهي سڀ نيٺ ته انهن ڪکن مان جڙيل آهن. ماڻهو جو هٿ ڇا ڇا نٿو ڪري- آهن ته ڪڻڪ جون تيليون ۽ سَرن جا تيلا به ڪک، هڻي انهن ڪکن جو مُلهه ڪَٿي ڏسو.

سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”ٻڏندو ماڻهو ڪکن جو سهارو ڳولهي.“ هن پهاڪي جي ڀڃ گهڙ ڪبي ته سجهه ۾ اهائي ڳالهه ايندي ته ماڻهوءَ کي ڪڏهن ڪڏهن ڪک به سهارو ڏئي ٿو. اهو به ٻڌو هوندوته سياڻن چيو آهي ته، ”جو ڪک جو چور سو لک جو چور.“

هن جي مراد به اها ئي ٿيندي ته جيڪو ڪک جهڙي بروبر ملهه واري شيءِ چوري ڪندو، سو لک جي چوري ڪندي به نه گُسندو. جيترو لک جو چور ڪپتيو سڏبو، ڪک جو چور به اوترو ئي ويساهه کان ڪِريل هوندو. ڪک جي اکر کي ڏاهن ڪيترو نه پهاڪن ۾ آندو آهي ۽ ان مان ڪيترا نه ڳڻ ڳولي ڪڍيا اٿن.

ماڻهو ته پنهنجي جاءِ تي، پر پکي پکڻ به ڪکن سان ئي پنهنجا آکيرا ٿا جوڙين. جهرڪين جا آکيرا ڏسو ۽ رنگارنگي ننڍڙن چيهن جي گهرن تي نرت وجهو، اهي ڪهڙا نه سهڻا ۽ سوڀياوان هوندا آهن. وڻن ۾ لڙڪندا پيا آهن ته اهي ڪيئن نه پيا من کي موهيندا ۽ سيبائيندا آهن. اهي ويچارا نه ته سرون گڏ ڪن ٿا نه لوهه جون سيخون_ اهي ڪک ئي ته آهن جي انهن جي مانجهاندي جو ماڳ آهن_ پکي پکڻ جڏهن آنا لاهين ته انهن کي ڦوڙڻ تائين انهن ڪکن جي وڇاڻي تي ئي رکندا آهن. سکين ستابن جا هند وهاڻا برابر ملهائتا آهن پر هي ڪک ڇا ۾ گهٽ آهن.

هيءَ پرٿوي رڳو سوچڻ جي جاءِ آهي_ اهي شيون جن کي اسين ڪي ڪين ٿا سمجهون، انهن تي ويچار ڪرڻ سان اسان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته خدا هر هڪ شيءِ کي ماڻهو ۽ ٻين ساهه وارن لاءِ هڪ جهڙو املهه ڪري جوڙيو آهي_ پوءِ اسان کي مُورهين نٿو جڳائي ته ڪک کي لک کان ۽ هيڻي کي ڏاڍي کان گهٽ سمجهون. خدا جي جوڙيل شين کي هڪ ٻئي کان گهٽ وڌ ڇو ڄاڻجي؛ ڇو ته سڀني شين کي هڪجهڙو مانائتو سمجهون ۽ خدا جي هنن سڀني شين جا هڪجهڙا ٿورا ڳايون.

ڌڻي جا اسيـــن گيت ڳايــــون ســـدا،

اڳيان تنهن جي سر پڻ نمايون سدا.

ٿر جا اٻوجهه ماڻهو ويچارا ته مال جي گاهه کي، جڏهن اهو وسڪاري  ڦٽي نروار ٿئي ته چون ئي ائين ته ”ادا، هن ڀيري ڪک جام ٿيو آهي.“ اسان جي ٿر لاءِ ڪک ئي ته جياپو آهي، ڪک آهي ته_ ڏُڌ، لسي، گيهه، مکڻ، مَئُو آهي نه ته اسين مارو ماڻهو نه مُئن گڏ نه جيئرن ڀيڙا. ڀلائي ڪري ڪک کي ڪڏهن به نڪمي شيءِ نه سمجهندا ڪريو. ائين ڪرڻ سان ڌڻيءَ جو ڏمر پراپت ٿيندو، جنهن کان بچندا رهو. منهنجي اها وياکياڻ اٿوَ جنهن کي سدائين چت تي رکو ۽ وساريو نه.

”اها سگهڙ سُمَتء، چوکي رک تون چت ۾!“

 

 

 

2- مٽي

واءُ لڳي ٿو، مٽي اُڏامي ٿي، اسان جو ڏِيل يا بُت مٽيءَ سان ڀرجي وڃي ٿو، هنڌ ٽپڙ، ڪپڙا لٽا، گهرگهاٽ ڌوڙ ٿيو وڃي. اسين پنهنجو پاڻ کي پيا ڇنڊيون ڦوڪيون، ٽپڙ ٽاڙي ڇنڊيون ۽ گهر کي ٻهاري ڏيئي اڇو اجرو ڪريون، وهنجي سهنجي پاڻ کي اُجرو ڪريون. ڳالهه جو وٺ ڳاٽو ته مٽيءَ کان پاڻ کي بچائڻ لاءِ سڀئي جتن ڪريون. سائينءَ کي ٻاڏايون ته اي ڌڻي، مٽيءَ کان ڇوٽڪارو ڏي، مٽيءَ ڏاڍو ڏکيو ڪيو آهي. ڏسوته مٽيءَ کان ڪيتري نه بُڇان ٿي اچي! پر اڙي آدم جا پُٽڙا، ڪڏهن ان ڳالهه تي به سوچيو اٿئي ته مٽي ڪهڙي نه مُلهائتي وٿ آهي، جنهن کي تون هڪ نڪمي شيءِ سمجهين ٿو اها ڪيتري نه ڪمائتي آهي. هن ڳالهه تي سوچ ويچار ڪر ته ڏندين آڱريون اچي ويندءِ ۽ اهو چوڻو پوندو ته هاءِ آءٌ ڪيترو نه ڀليل آهيان.

اها جانچ ڪئي اٿئي ته تون ٺهيل ڇا مان آهين! مٽيءَ جو پتلو نه آهين؟ قرآن پٽي پڙهي ڏس، سياڻن ۽ ڏاهن کان پڇا ڪر ته پڪ ٿيئي، آخوند محمد قاسم ڪين چيو آهي ته:

ڪين آهين، نيٺ ٿيندين ڪين، ڪو ڪارج ڪماءِ،

جو اچيئي ڪم سڀان، ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.

اوهان ٻڌو هوندو ته مٽيءَ کي خاڪ به چوندا آهن ۽ ماڻهوءَ کي خاڪي يا خاڪ جو پتلو به، انهيءَ ڪري ئي سڏيندا آهن. اها ڳالهه ته توکي مڃڻي ئي پوندي ته ٺهيو به مٽيءَ مان آهين ۽ مرڻ کان پوءِ به مٽيءَ يا ڌوڙ ۾ ئي لَٽيو ويندين. مان سمورو مٽيءَ کي مليل آهي. نه کَل ۽ هڏن کي. اِهي ته سڙي وري به مٽي ٿي ويندا. مٽيءَ ۾ ڪجهه ته آهي جو مري ويلن جي بُٺيءَ تي سڀڪو اچيوسلامي ٿئي. لطيف سائين ڪين چيو آهي ته:

ساري رات سبحان، جاڳي جن ياد ڪيو

ان جي عبداللطيف چئي، مٽيءَ لڌو مان،

ڪوڙين ڪن سلام، اچي آسڻ ان جي.

لطيف سائين به مٽيءَ کي مان ڏنو آهي، نه چم هڏن يا ساهه کي. ڪن الله وارن به چيو آهي ته ابا پٿر نه ٿيو پر مٽي ٿي رهو، ڇو ته اها مٽي ئي آهي جنهن مان گل ڦل ڦٽن ٿا، پٿر تي ڀلي ته ڪيترائي ڪڪر وسن پر ان مان ڪجهه به ڪين اڀرندو. مٽيءَ واري ڌرتيءَ تي سڀ ڪو اوڀر: اناج، ميوا ۽ وڻ ٽڻ اُسرن ٿا، جنهن مان ڏسبو ته مٽي ڪيتري نه لاڀ واري آهي.

اڻ هوند وارن جا اَجها به مٽيءَ مان ته ٺهندا آهن. گنب جي مٽيءَ جون ڀتيون يا ڪچين سرن جي اوساري به مٽيءَ جي ئي ڀلائي آهي. لنب ڇنڀ به مٽيءَ مان ئي ٿئي، مٽيءَ جا ٺهيل ٿانو وري آويءَ يا نهائينءَ ۾ کڻي پچايو ته اهڙا سهڻا ٿيو پون جو ڏٺي اکيون پين ٺرن: ڪُنا، دانگيون، پاٽيون، پاٽوڙا، ڦيلهيون، جمنيون، ڪونڊا، ٽڀا، دکيون، دلا، مٽ، گگهيون، جنڊڙيون ۽ ٻيا ڀانت ڀانت جا رانديڪا. اسان کي اهي مٽيءَ جي مهر سان ئي ملن ٿا. مٽي ڌرتي آهي ۽ ڌرتيءَ کي ماتا يا ماءُ سڏيو ويو آهي. موٽي ان جي پيٽ ۾ ئي وڃڻو آهي. هن مٽيءَ مان الائي ڪيترا ساهه وارا بنيا ۽ موٽي ان ۾ ويا، پر اُن اُمڙ جو پيٽ اڃا نه ڀريو آهي، ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته:

وئي خاڪ کائي گهڻن جو مٿو،

اڃا خاڪ جو پيٽ ڀرجي نٿو!

مٽي ماتا، نه رڳو ماڻهن کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وٺي ٿي، پر سڀ ساهه وارا مرون، ڪيڙا، ماڪوڙا، منجهس ڏرون کوٽي پنهنجي لاءِ اجهو ٺاهين ٿا ۽ مرڻ کان پوءِ به مٽيءَ سان مٽي ٿي ملي وڃن ٿا. پاڻيءَ جا درياءَ ۽ ٻيا واهڙ به انهيءَ مٽيءَ مان ئي پنهنجون واٽون گهڙي وهن ٿا ۽ سڄيءَ ڌرتيءَ  کي ڦلواڙي بنايو ڇڏين. انهن ندين ۽ واهن جي پوتر پاڻيءَ سان جو وري مٽي گڏجي ٿي سا پوکن لاءِ ڏاڍي ملهائتي آهي. مٽي نه هجي ته ماڻهو ۽ ٻيا ساهه وارا نه هجن، اهي نه هجن ته سارو آڪاس مندل جو منديو ويو آهي سو نه هجي.

هرڪنهن وٿ جو ٻج به ته مٽيءَ ۾ ئي ڇٽجي ٿو. ٻيا سمورا ڌاتو به ته مٽيءَ مان ئي کوٽي ڪڍجن ٿا.  باهه به ته انهن ڪاٺين مان ملي ٿي. سئو ورهيه لڳن يا هزار ورهيه لڳن، نيٺ ڪاٺيون، پن، ٻوٽا ۽ ڌاتو ڪنهن نه ڪنهن صورت جو روپ وٺي وري به نيٺ وڃيو مٽي ٿين. جڏهن ائين آهي ته پوءِ مٽيءَ کان ڪهڙو مهڻو آهي، مٽيءَ جا به مالڪ سائين ڪيترا الڳ الڳ ڪڙم بنايا آهن؛ ڪاري مٽي، جنهن کي ڪلر ٿا ڪوٺيون، چيڪي مٽي، جنهن مان سرون، ڪاشيءَ جا ٿانوَ ٿپا ۽ ٻيو سامان ٿو ٺهي، ڳاڙهي مٽي، جنهن کي ريج واري مٽي يا لَٽُ ٿا چئون. اڇي مٽي، جنهن کي واري ٿا سڏيون، بس هرهڪ نمونو جدا جدا ڪم ڏئي ٿو. ڪڻڪ جي پوک ڪلر ۾ ڇٽ ڪبي آهي ته ڀلي ٿئي. ان مان کارو لوڻ ملي، منجهن لاڻا ٿين جن مان ڪپڙن ڌوئڻ جي کار جُڙي. اوٺو مال هيءُ چهرو ٻوٽو کائي ڍؤ ڪري. واري پوسل وارن هنڌن تي ڇٽي آلاڻ سڪائجي، منجهس ٻاجهريءَ جي باراني پوک ٿئي ۽ ٿر ۾ ان کي ڇيڻي سان گڏي اوٽو ڏين ۽ ٻين ڪيترن ڪمن ۾ اچي. ڇا اهڙي ڪا شيءِ آهي به ڇا، جا سواءِ ڪم جي ڌڻيءَ اپائي هجي. مصحف شريف ۾ آهي ته ’ماخلقت هــٰــذا باطلا‘. ڌڻي سائين ڪابه وٿ اجائي نه بنائي آهي. جڏهن مٽيءَ تي مينهن پون ته سوڪ کائڻ کان پوءِ جيڪو تهه ٻَڌي ويندي آهي، ان مان سرهاڻ اچڻ لڳندي آهي، ان ڪري ماڻهوءَ پنهنجي سمجهه هلائي ان مان مٽيءَ جو عطر به ٺاهيو آهي. هونءَ به مٽيءَ ۾ هرڪا سڙيل ۽ ڳريل شيءِ جيترو پراڻي ئي اوترو سٺي ڀاڻ جو ڪم ڏئي ۽ پوکون ڀليون ٿين. ڏسو ته سهي سڀ ڪا شيءِ مٽيءَ مان اُڀري اُسري ۽ وري موٽي مٽيءَ ۾ وڃي. سبحان الله! سڀڪا واکاڻ ڌڻي سڳوري کي آهي. اڳياڙيءَ ۾ به مٽي ۽ پڇاڙيءَ ۾ به مٽي. جڏهن اڳ به اها مٽي ۽ پوءِ به اها مٽي ته پوءِ ان کان ڪهڙو اَهم ٿو لڳيو جو ڇرڪ ٿا ڀريو؟

 

3- ڇيڻو

ننڍا هوندا هئاسين ته شهر جي گهٽين ۾ سوير ئي مايون ڪاڇاڻيون هوڪا ڏينديون ڦرنديون هيون ته ”مائي ڇيڻا ڀتر وٺو.“ کارو مٿي تي هڪ پاسي کان ڀتر ۽ هڪ پاسي کان ڇيڻو. هڪ_ ٻه گهٽيون ڦري آيون ته سمورو مال کتو.

ان سمي هندو هوندا هئا، جي اهو وکر وهائيندا هئا. مون کي ماٺ اچي ويندي هئي ته نيٺ هي واڻيا ڇيڻا ۽ ڀتر ڏهاڙي ڇو ٿيون وٺن! گهران امڙ کان پڇندو هئس ته چوندي هئي ته ابا ڳئون هندن جي ماتا آهي، ان جو ڇيڻو هو پوتر ڀائين ٿا ۽ گهر کي ڏهاڙي ڇيڻي ۽ ڀتر جو راڳو ڏيڻ هو پوترتائي سمجهن ٿا.

وڏو ٿيس ۽ ٿر ۾ نوڪريءَ سانگي ويس، اتي ڏٺم ته برهمڻ ۽ ڪراڙ پنهنجي رڌڻن کي ڇيڻي مٽيءَ جي راڳي ڏيڻ کان سواءِ رڌ پچاءُ ئي نه ڪندا هئا. جڻيون پائي، چاکڙيون لاهي، پوءِ رڌڻي جي پوٿي تي پير رکندا هئا ۽ روٽي به انهيءَ راڳي تي ويهي ٿالهيءَ ۾ رکي کائيندا هئا.

ڏياريءَ جي ڏڻ تي خرارن جا منهن اهو ڇيڻو کپندو هٿو. خرچ به ڪو نالي ماتر ٿيندو هو. هتي اسان جي سنڌ ۾ هندو مايون ته ڇڏيو پر مسلمان زالن به ڇيڻي يا لِڏ مٽيءَ سان گهرن جو پٽ لنبنديون هيون. رڳي مٽي ڪم نه ڏيندي هئي. ڇيڻي يا لِڏ سان مٽي پڪي ٿيندي هئي ۽ سڄو سال گهر جو پٽ ڏنل ليپي سان لوهه ٿي ويندو هو. ٿر ۾ مٽي ملڻ ڏکي هئي، ان ڪري واري ڇيڻي ۾ ملائي مايون گهر جي پٽ کي اوٽو ڏيئي ڇڏينديون هيون. سندن لانڍيون، چؤنرا ۽ چونڪيون سڀ انهيءَ اوٽن سان سهڻا ۽ سٿرا پيا لڳندا هئا.

ٿر ۾ ته ڪاٺيون به ڏکيون هٿ اينديون هيون. ڦوڳن ۽ ٻائريءَ جي سنهين ڪاٺين کان سواءِ ٻيو سک. ان ڪري رڌپچاءَ لاءِ به ڇيڻن جا مُٺيا ۽ ٿاڦون ٺاهي سڪائي رکبا هئا، جي رڌڻي جي چُلهه جي سونهن بنبا هئا، نه خرچ نه کاٻار، ڪاٺي مفت، ٻارڻ مفت، پاڻي مفت ڪهڙي ڳالهه ڪجي.

حيدرآباد جهڙن شهرن ۾ اڄ به ڏسبو ته پورهيت مايون مينهن ۽ گائين جي پٺيان ٿالهه مٿي تي رکي، لڳيون اينديون. گُوهَرَ ۾ وڃڻ وقت اهي گهٽين ۽ رستن ۾ بوسا لاهينديون وينديون هيون ۽ هي مايون ميڙينديون وينديون، جتي گوهر گڏ ٿيندي، اتي ته ساجهر سوير اهي مايون لوهي ٿالهه کڻيو هڪيون تڪيون بيٺل ڏسڻ ۾ اينديون آهن. اهڙيءَ پر ڇيڻو گڏ ڪري ان جا لولا ٺاهي ڌرتي تي ٿڦينديون وينديون ۽ ڪجهه ڏينهن سڪائڻ کان پوءِ ان جو وڪرو ڪندي گهڻا ڪجهه ڏوڪڙ ڪمائينديون آهن. هن وقت جڏهن ڪوئلا چاليهه رپيا مڻ ۽ ڪاٺيون ويهه رپيا مڻ ملن ٿيون ته ڇيڻا ماڻهن کي رڌپچاءُ لاءِ گهڻي اوڄ ڏين ٿا ۽ سهانگي ۾ سهانگو ٻارڻ اهوئي آهي.

اها ته ٿي پڪن ڳوٺن جي پَرِ، پر ٻهراڙيءَ ۾ جتي مال مئو ٿئي ٿو ۽ ڇيڻو گهرو گهرجن کان گهڻو وڌيڪ ٿئي ٿو، اتي ته وٿاڻن ميڙڻ کان پوءِ ان جا ڍڳ لڳائي ڇڏيندا آهن، جو نيٺ سڪي سڙي ڀلو ڀاڻ ٿي پوي ٿو، جو پاڻ به ٻنين کي ڏين ۽ ٻين کي به وڪڻن ۽ چڱي اُپت ٿئين.

ڇيڻي کان سکر ماڻهن کي بُڇان ٿي اچي. نه رڳو ان جي ڪم آڻڻ کان، پر ڏسڻ کان به. پر ڪڏهن گهرو ۽ اونهو ويچار ڪري ڏٺو اٿو ته اها شيءِ، جنهن کان بُڇان ٿي اچيوَ، اهو ڪيترو نه ڪارائتو آهي، سون کان به وڌيڪ ملهائتو آهي، سوچڻ ۽ لوچڻ وارن لاءِ هن شيءِ ۾ سُڌٻُڌ جا انبار ڀريا پيا آهن.

اُپائڻهار جيڪي بنايو ۽ اُپايو آهي، سا هر ڪا شيءِ لاڀ کان پالهي نه آهي. ماڻهوءَ لاءِ اهڙيون شيون به پنهنجي اندر ۾ گهڻو ئي سمو سانڍين ٿيون. مالڪ سائينءَ ڪابه اهڙي شيءِ نه اُپائي آهي، جا ماڻهوءَ لاءِ ڪمائتي نه هجي، ان ڪري ڪنهن به وٿ کي تڇ نه ڀانئجي.

ڇيڻي مان جيڪا گئس نڪري ٿي، جنهن لاءِ سائنس جي ڄاڻن هاڻي هڪ وڏو ڳجهه ڳولي ڪڍيو آهي. اُهو ته اسان جون اکيون کولي ڇڏي ٿو ته جنهن شيءِ کان اسان کي بڇان اچي ٿي، سا ڪهڙي نه ڪمائتي ۽ ملهائتي آهي. اسان کي خدا جي اُپايل هر هڪ شيءِ مان سکيا وٺڻ گهرجي. ڪنهن ڪويءَ چيو آهي ته:

ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ، جي ڀانئين ڀلو پانهنجو.

 

 

4- ڏهيون، کُونڌا ۽ ناوا

اهو پهاڪو ته پڙهندڙن ٻڌو هوندو ته ”ڪوري ڏهي ڇڏي، پر هن اها به ڪانه ڇڏي.“ ڪوري ويچارا هٿ جي اَڏاڻن تي سوسيون، گربيون، لونگيون ۽ ٻيو ڪپڙو، جهڙوڪ ڪپڙ جو ٿلهو ڪپڙو اُڻندا آهن. آڏاڻن تي پَلؤ چاڙهڻ کان اڳ ڪيترائي ڪم ڪرڻا پوندا آهن. سُٽ جا جوٽا ڳنهي ايندا، جي مايون ڦوريون ۽ ڦورا ڪري، اوبرن تي چاڙهينديون آهن ۽ هڪ ڪاٺ جي اڏي، جا نجو ان ڪم لاءِ هوندي آهي، ان تي تاڃيون ڪڍنديون آهن. جڏهن ڪم پورو ٿيندو آهي، تڏهن اهي اوبيل تاڃيون پيڻ ۾ پسائي، تندن کي ڪَلف ڏيئي، انهنکي پڪو ۽ کهرو ڪندا آهن، پوءِ اهي تاڃيون جُتَن تي چاڙهي، پيڻ جي وَڪ ۾ ڳنڍجي ويل تندون سوئي جدا جدا ڪندا آهن ۽ ائين ڪندي، تندون اَلاڻ ڇڏي سڪي وينديون آهن. جڏهن تند تند کان جدا ٿي ويندي ۽ کهري ٿي ڇڄڻ کان پڪي ٿي ويندي، تڏهن ان کي آڏاڻن تي چاڙهي، اُڻن جهڙو بنائيندا آهن. آڏاڻي تي تاڃي چاڙهڻ کان اڳ ان جي ڳنڍڻي ٿيندي آهي، جنهن ۾ اوزار سان جدا جدا رنگن جا پٽا پٽا ٺاهي، اُميرين سان تندون ڳنڍيندا آهن. اها ته ٿي تاڃي، هاڻي پيٽي جو وارو ايندو، جنهن لاءِ نڙا کپن. اهي نڙا به مايون ارٽ تي ويهي نڙانڊين تي ڀرينديون آهن. ٽَڪُ ۾ نڙانڊي وجهي ارٽ ڦيرائڻ سان پاسي ۾ رکيل اوبري مان تند نڙي تي ويڙهبي ويندي ۽ سوين نڙا ڀري وڃي پار پونديون آهن. اهي نڙا ڪوري کڻي ويندو. پهريائين انهن کي ڀر ۾ رکيل ڪونڊي ۾ پُسائي ڇڏيندو ۽ پوءِ هڪ هڪ ڪري ڪم آڻيندو. هڪ پيٽيءَ تي چڙهي ويندو ۽ ان کي هٿئي سان ٺوڪ ڏيئي ٻيو نڙو کڻندو. هڪ پَهروُ پورو ٿيو ته اهو ٺوڪ ڏيئي تُرائي سان ڦيرو ڏئي تُرُ تي چاڙهيندو، پر ان کان اڳ ۾ ان کي کنؤنر جي پوٿي سان پسائيندو آهي ته ڪپڙو سپڪ رهي. اهڙيءَ پَرِ جڏهن تاڪيو، جو گهڻو ڪري ٽيهن هٿن جيترو هوندو آهي، سو اُڄي تيار ٿيندو ته پڇاڙيءَ ۾ سُٽ جون پوڇڙيون، جن کي ”ڏهيون“ چئبو آهي، سي بچي پونديون آهن، جي وڍي ڦٽيون ڪبيون آهن.

جڏهن سڄو تاڪيو اُڻجي ويندو آهي ته تُرِ کي اُسَ تي سڪائي، پوءِ ڪپڙو تُر تان لاهي، تاڪيي وانگر ويڙهندا آهن ۽ پڇاڙيءَ ۾ باقي نائو بچندو آهي، ان جا ڌاڳا مايون ڪيترن ئي ڪمن ۾ ڪم آڻينديون آهن ۽ ڇوڪرا به انهن مان ڌاڳا ڪڍي، کينهوڙن تي ويڙهي، سٺا کينهوڙا تيار ڪندا آهن ۽ ڏهين جي ڌاڳن سان ئي کينهوڙن کي ڄاري ٻڌندا آهن. ناوا وري چلم جي نڙ ۽ گوءِ تي ويڙهي، انهن کي پسائي، نڙ تازو ڪبوآهي ته چلم جي ڦوڪ ٿڌي نڪري.

باقي رهيا کُونڌا. انهن مان به ڪيترا ڪم ورتا وڃن ٿا. مُنجهيل سُٽ کي کونڌا چئبو آهي. مايون جڏهن نڙا ڀرينديون آهن ته ڪڏهن ڪڏهن سٽ مُنجهي پوندو آهي ته اهو منجهيل سٽ ڇني، اڇلي ڇڏينديون آهن، جن کي کونڌا چئبو آهي. اهي کونڌا ۽ ناوا گڏ ڪري، مايون جنڊن جو تار، پُڙ ۽ ڪلي (ڪِير) وغيره اگهي صفا ڪنديون آهن، کونڌن جو ڳوڙهو ٺاهي، پوءِ انهن جي مٿان گولائيءَ ۾ نڙن جون تندون ويڙهبيون آهن ته کينهورن ٺهڻ ۾ وڏي ڀرتي ڏيندا آهن. هن مان مراد اها نڪتي ته ڪابه شيءِ ڪم کان وانجهي نه آهي، سڀ ڪنهن شيءِ مان ڪارج سري ٿو. شهرن ۾ اسين ڏسون پيا ته ٽين جا پراڻا ٽُڪر، لوهه، جست يا ٻين ڌاتن جون پراڻيون ٽڪريون، پلاسٽڪ يا ڪافور جون ڀڳل ٽٽل ڦڻيون، ٿانوَ، ڀڳل ڪائي جا ٽڪر، رانديڪا ۽ ٻيو ڇا ڇا نٿو وڪامي. اهي شيون گهورڙيا ڳنهي، وري وڃي ڪاٻاڙين کي وڪڻن؛ جي وري پگهاري انهن مان نيون شيون جوڙين. ان ريت نار وارو ڦيرو لڳو پيو آهي. جو ڪنگر يا لوٽو کوهه مان ڀرجي نڪري، سو وري خالي ٿئي ۽ جيڪو خالي ٿئي، سو وري ڀرجي نڪري. هن جڳ جهان جو ڦيرو گهيرو به ائين هلندو ٿو رهي. ڪڏهن ڇٽ ڌڻي ته ڪڏهن پينو. جو ڄائو آهي سو مرندو. جا شيءِ اڄ نئين آهي سا سڀاڻي پراڻي ٿيندي. جي ڪنهن سمي وسندي هئي اتي هاڻي سُڃ آهي ۽ جتي سُڃ هئي، اُتي وسندي آهي. ڪنهن ڪويءَ چيو آهي ته:

ڏسون ٿا چرخ جا ڦيرا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.

مون جيئن مٿي ڪک، ڇيڻي ۽ اڳڙين ٿڳڙين بابت ويهي ٻه_ چار سٽون لکيون آهن، اهڙيءَ ريت هنن کونڌن، ڏهين ۽ ناون، جن کي به هڪ نڪمي شيءِ سمجهيو وڃي ٿو، تن بابت به ٻه_ چار ٻول ٻڌائڻ هڪ وڏي گهرج سمجهيم. جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان.

 

5- اڳڙيون ٿڳڙيون

اڳڙيون ٿڳڙيون به هڪ اهڙوئي وکر آهي جو اسين نڪمو سمجهي، بي ڌيانيءَ سان اڇلي ڦٽو ڪندا آهيون. مگر ۾ اهي ڪنهن ٻار آڻي ڦٽيون ڪيون ته ڪاوڙجي پوندا آهيون ۽ ٻارن کي سٺيندا آهيون ته گهر ۾ ڪن ڪچرو نه ڪريو. اها ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي ٺيڪ آهي، پر اهي اڳڙيون، جيڪي ڪم ڏين ٿيون، انهن تي اسان ڪڏهن به هڪ مَنو ٿي ويهي، ويچار نه ڪيو آهي ته اهي ڪيتريون نه ڪمائتيون آهن.

سگهڙ ماين وٽ انهن اڳڙين مان جيڪي ڪارج سَرَن ٿا، اهي وستار وهيڻا نه آهن. ڪِڪا ڪِڪيون جي اڃا پسونئڙا آهن، تن جي وِهڪ واري جاءِ جهاڙي اُگهڻ لاءِ ۽ انهن جا رلڪا ۽ رلڪيون ٺاهڻ ۾ اهي اڳڙيون ئي ته آهن، جي اسان جي واهر ڪن ٿيون. جيسين ٻارڙا سمجهه ڀريا ٿين، تيسين انهن اڳڙين جا ٿُٻن جا ٿُٻا ٿا کپن، نه هڪ ٻه اڳڙي. ان ڪري ويم کان اڳ مائرون وينديون آهن اڳڙيون گڏ ڪنديون. هينئر ته کڻي سُئانجي ۾ ڪپهه ڪم اچي ٿي، پر بي پهچ ماڻهن لاءِ ايترو خرچ ڪٿان اچي جو ڪپهه جا ٿٻا، جن جو ملهه هينئر اُڀ سان ڳالهيون ٿو ڪري، سي ڳنهي سگهن. سڄو سئانجو اهي اڳڙيون ئي ٻهراڙين جون مايون ۽ داين ڪم آڻين.

ڪپڙو لٽو پراڻو ٿيو ته شهري زالن وانگر نڪي اهو وڪڻي ڇڏين، نڪي ان جي بدلي ٿانوَ ٿپا وٺن، پر اهڙا پُراڻا سُراڻا ڪپڙا وينديون آهن گڏ ڪنديون. گهر جي ڪم ڪاج کان واندڪائي ملين ته انهن اڳڙين مان ڪيئي ڪم وٺن. اوهين رليون جيڪي ڏسو ٿا ۽ سمهڻ مهل مٿان ڍڪيو ٿا، يا هنڌ تي وڇايو ٿا، سي انهن اڳڙين مان ئي ته سگهڙ زالون جوڙينديون آهن. اهي پراڻا ڪپڙا چڱا چڱا ٽڪر ڪتري، انهن کي جدا جدا رنگ ڏيئي، سڪائي، چورس ٽڪر ٺاهي يا انهن مان ٽُڪَ ڪري گل ڦل ڪتري، پوءِ رنگ برنگي چورس ٽڪرن کي سُئي ۽ ڌاڳي سان سبي، جوڙ ڪري رلين لاءِ مٿيون تهه (پُڙ) اهڙو ته ٺاهي وٺن، جو نيڻ پيا ٺرن. رليءَ جو هيٺيون تهه (لِيهه) به ڪن ڦاٽل ٽٽل چادرن يا اجرڪن مان سڄا سڄا ٽڪر ڳنڍي تيار ڪن. نئين ڪپڙي تي پئسو ڪونه وڃائين. رلين جو وچ به ڪپهه سان ڪونه ڀرين، پر اهي ئي اڳڙيون (پُچَ) انهن ۾ سياڻپ سان سَٿي، سئيءَ جو اهڙو ته سيبو ڪن، جو چپ چپن سان ۽ ڏند ڏندن سان لڳيو وڃن.

درزين جي دڪانن تي اها ڪاتر جام هوندي آهي، جا هو پنهنجا دڪان اڇي اجري ڪرڻ لاءِ ميڙي سيڙي کڻي ڦٽي ڪن. اها ڪاتر به مايون منٿون ڪري انهن کان وٺن. درزين کي چون ته ابا ڪاتر ڦٽي نه ڪجو، اسان کي ڏجو ته اسان کي ڪم ايندي. انهيءَ ڪاتر مان وهاڻا ڀرين، جي ڪپهه جي جاءِ وٺن. مايون چونديون آهن ته ”ابا، ڪم سان ڪم، سمهڻ مهل مڙئي مٿو مٿڀرو هجي. اسان کي هي اڳڙين جون رليون ۽ وهاڻا ڄمار گذارڻ لاءِ بس آهن. وڌيڪ اسان کي ڇا گهرجي. شاهوڪار ڀلي ته پَٽَ جي هنڌن تي سمهي کونگهرا هڻن، اسان کي هي پٽ پٽيهرن کان وڌيڪ ڀلا آهن. وڏن ماڻهن کي ته ڪپهه ۽ پَٽ جي هنڌن ۾ به ننڊ نه اچي ۽ پيا پاسا ورائيندا آهن، پر اسان کي ته ڪنڊن تي گَهري ننڊ اچيو وڃي، دهل پيا وڄن ته به سجاڳي نه ٿئي_ شاهوڪارن جي ننڊ جهرڪيءَ جي چون چون به ڦٽايو رکي.“

پِيرن يا خدا وارن جي آسڻن تي به جهنڊون لاهرائي، ماڻهو اڳڙيءَ ۾ مٿن تان ڪوڙيل وار ڳنڍ ڏيئي، ڪنهن وڻ ۾ ٻڌي ڇڏيندا آهن. انهيءَ ڪم لاءِ به ته اڳڙيءَ ٽڪر ئي ڪم اچي. ٻارن کي ٿڌ تپ ٿئي ته ڪاڙهو ڪاڙهي اڳڙي ٽڪر ۾ ئي ته ڇاڻبو آهي. ڪنهن لڱ تي ڌڪ لڳي ۽ رت نڪري پوي يا ڪٿي ڦٽ ڦرڙي ٿي پوي يا ڪنهن کي اک تي پٽي ٻڌڻي هجي ته اڳڙيءَ جي پٽي ئي ته ڪم اچي. ڪا بتي ميري ٿئي يا لالٽين يا چمني ڪاري ٿئي، ڪٿي ڪو ميرو دُٻو ٿي پوي، ڪٿي ڪو سڻڀ يا مس جو چٽو ٿي پوي_ ڪلڪ تان مس اُگهڻي هجي ته بس اها ئي دانهن ڪبي ته ”اري ڪو اڳڙيءَ ٽڪر ڏيو ته اُگهي اجرو ڪريان. اڳڙيون يا ڪاڳر ڳچ ڏينهن پسائي ڀَت ڪري، ڪُٽي سَٽي ڪِرت وارا همراهه انهن مان اهڙا ته رليف مئپ (نقشا) ٺاهي، انهن کي رنگ روپ ڏئي پهاڙن، ڍنڍن، سمنڊن، اپ ٻيٽن، اپ سمنڊن، ندين ۽ نارن، راسين ۽ ٻيلن جا اهڙا ته نشان ٺاهي وٺن، جو واهه واهه! جا آواز چپن تي پهچيو وڃن.

اڙي مايون اڳڙيون، اوهان کي جڏهن ڪو نڪمي وٿ ڪوٺيندو آهي ته مون کي ڏاڍو ڏک ٿيندو آهي. اوهان جي مُلهه جو ڪاٿو لڳائيندو آهيان ته اوهين سون کان سوايون ڏسڻ ۾ اينديون آهيو. اوهان جي هوند سان اڻ هوند وارن جا ڪيترا نه ڪاج ٿا سَرن. ٻارن جي راند روند ۽ وندر جون گڏيون ۽ انهن جا ڪپڙا به ته توهان اڳڙين مــان ئي ٿا ٺاهيو! اڳڙيون بلي بلـــي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com