14- ٽوهه
سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”سهڻا ٽُوهه به پَٽن ۾ پيا
آهن.“ جنهن مان مراد هوندي آهي ته لڇڻ ماڻهوءَ جا
چڱا هوندا ته ٺيڪ، رڳو سونهن ڪهڙي ڪم جي، جيئن
ٽوهه سخت ڪؤڙو هوندو آهي، رڳو گدري، هنداڻي،
ريڀڙيءَ، چڀڙ ۽ ٻين اهڙين شين کان ڏيک ويک ۾ سهڻو
ٿيو ته ڇا ٿي پيو. هڪ ٻيو به پهاڪو ڏيندا آهن ته
”سهڻيءَ صورت کان سهڻي سيرت ڀلي آهي.“ ان مان مراد
به ساڳي آهي ته سکڻي سونهن گهوري، کراڪي لڇڻ چڱا
هجن. اهو به چيو ويندو آهي ته چڱن گُڻن واري
ماڻهوءَ جي هٿان ٽوهه وٺي کائجي ته اهو انهيءَ
مٺائيءَ کان چڱو آهي، جا هڪ ڪلڇڻي جي هٿان وٺي
کائجي. اهو به ٻڌو هوندو ته ”گوشت جي سَڌ ۾ سِڪي
مرجي، اهو ان کان چڱو آهي، جو ڪِنن ڪاساين جي
ڇڪتاڻ ۾ ڦاسي وڃجي.“
ٽُوهه ويچارو به هڪ جهنگ جو اوڀر آهي. مينهن پَوَن
ته ٻوٽن تي ٽوهه وَل وراڪا ڏيئي پٽ ساوا ڪري ڇڏي.
وَل جا پَن، ڇانهينءَ جي پنن وانگر ٿينس، ڦير رڳو
اهو ٿئي جو ڇانهينءَ جي وَل جا پَن وڏا ۽ ويڪرا
ٿين ۽ ٽوهه جي وَل جا سنها ۽ سوڙها ٿين. ٽوهه جڏهن
پچي پيلا ٿين ته جهنگن ۾ جهڳ مڳ لڳيو وڃي، ڏسين ته
دل پيئي ٺرندي، پر هٿ لاءِ ته نه منجهن ڪا سڳنڌ ۽
نه سٺو ساءُ_ ڪڙا جهڙا وهُه- نه ڪَچا کائي سگهجن ۽
نه رڌي، پر منهنجي پياري ڌڻيءَ ڪابه وٿ نڪمي نه
جوڙي آهي، اهڙي نڪمي شيءِ به اگهن جي ڦڪي سُتي آهي
۽ ان مان ڪيتريون ئي دوائون جُڙن. منجهانئس جُلاب
جڙي، جو پيٽان وهاري، جنهن کي پيٽ نه اچي ته ٽوهن
جون ٺهيل گوريون کائي ته پيٽ جي اگهائيءَ کان آجو
ٿي وڃي. ٽوهه جي کُل، گودو ۽ ٻج سڀ ڪم اچن، پر
ٽوهه ان ڪم لاءِ ڪيترا ميڙي ڪيترا ميڙبا. گهرج
سارو ته کڻبا، باقي وري به اُس ۾ سڙي سُڪي، اتي ئي
پيا رهن ۽ ٻيءَ مند ۾ وري انهن جا پٽن ۾ پيل ٻج
ڦٽي پون.
سنڌيءَ ۾ چيو اٿن ته ”واهه غريبي واهه!“ ويچارا
سُڃا ۽ ولها سانگي انهن ٽوهن جا ٻج ڏٿ وانگي ڪم
آڻين. مڻن جي منهن ٻج گڏ ڪري، ڪونارن ۾ پسائي
ڇڏيندا ۽ ست گهمرا پاڻيءَ ۾ مهٽي مهٽي، انهن جي
ڪڙاڻ ۽ کاراڻ ڪڍي ڇڏيندا، جڏهن نه انهن ۾ ٽوهن جي
بانس رهندي ۽ نه کاراڻ، تڏهن انهن کي سُڪائي،
اُکريءَ ۾ مهريءَ سان ڪُٽي، جنڊ ۾ پيهي، انهن جو
اٽو ٻاجهريءَ جي اٽي يا ٻين ڏٿ جي پيٺل داڻن سان
ملائي، ماني پچائي کائي ڇڏين ۽ پنهنجو پيٽ گذر ڪن.
اها ڳالهه اوهان کي وڏي اچرج جي لڳندي، پر ٿر وارن
کان پڇو ۽ پارڪرين کان سُنهن کڻايو ته اوهان کي
ساري سُڌ پئجي ويندي ته آءٌ سچ ٿو چوان يا ڪوڙ ٿو
ڪريان؟ اسان کي کپي ته ڌڻيءَ جي جوڙ مان ڪابه وِڏ
نه ڪڍون. ڌڻيءَ جي جوڙ ۾ ڪا نه ڪا سياڻپ هڪي تڪي
رکيل آهي. اچو ته ان مالڪ کي ساراهيون.
15- بي پاڙي
ڌڻي سڳوري ٻوٽا ۽ وليون ڪيئي اُپايون آهن، پر وَل
وَل کي ڏانڊي ٿئي ۽ پَن ٿين، ڦُٽن به ڌرتيءَ مان ۽
ٻج به ٿئين ئي ٿئين. پر واهه مائي بي پاڙي! توکي
وڻ ويڙهي به چون. توکي ته نه ڪو ٻج، نه ڪا پاڙ ۽
نه ئي تون ڌرتيءَ مان ڦُٽي نڪرين، جتان توکي ڪو
پاڻي ملي، جنهن تي اُپڙين، نه ٿيئي ڪو پَن ۽ ڏانڊي
نه پاڙ. تون ته رڳي ٿُلهن ڌاڳن وانگر ڌاڳا ڌاڳا
هوندي آهين. اُپڙين به وڻن تي. پاڻي به انهن وڻن
جي ساون پنن جو چوسي وٺين ۽ ان تي ڦلجين ڦولجين!
تنهنجو ٻج به تنهنجا ڌاڳا ئي آهن، جن مان اٺ_ ڏهه
ڌاڳا کڻي هڪڙي وڻ تان ٻئي تي اڇلي ڇڏ ته اهو وڻ به
تنهنجي جُٺ ۾ وٺجي ويندو. اهڙيءَ ريت تون اهڙي ته
نڀاڳي آهين، جو ساوا وڻ سڪائي ڇڏين ۽ پاڻ سدائين
سائي رهين، توکي وري کائي ڪو گڏهه به ڪونه. ويجهين
به تڪڙي. ڪن ڪارائتن ٻوٽن يا ولين تي پوين ته
جهڳوئي جهڻ ڪري ڇڏين. ويچارا هاري پيا سورن جي
مُنهن. سڀ ڪم ڪاج ڦٽا ڪري، پهرين توسان جنگ جوٽين،
هٿن سان وٺ وٺان ڪري توکي روڙي، اُنهن تان لاهي
وڃي ساڙي ڇڏين، جي توکي نٿا ساڙين ته پنهنجي پوک
ٿا جلائين، ڪي سو ڪن به ڇا؟ پريان ڏسڻ ۾ ته تون به
ڏاڍي موچاري ٿي لڳين، پر کوءِ پئي تنهنجي اهڙي
سونهن سوڀيا! تنهنجا لڇڻ ڏسي، ماڻهن ويچارن اهو
پهاڪو وٺا هيج ڇڏيو آهي ته ”اڙي فلاڻي کي پاڙپتو
هجي، جو لڄ شرم پويس، هيءُ ته بي پاڙو آهي.“ جنهن
جي پاڙ نه آهي، ان جا پِتا ڪهڙا ٿيندا، جنهن جي
پاڙ ڪؤڙي، تنهنجا پِتا مِٺا ٿيندا ڇا؟ پر مائي بي
پاڙي، توکي ته خدا پاڙئي ڪانه ڏني، تون پرمار
آهين. ڌرتيءَ مان پاڻي ڪونه چوسين، پر ويچارن وڻن
جي پنن تي پلجين ۽ انهن جو پاڻي چوسي، انهن کي
سڪائي ڦٽو ڪرين. ماڻهوءَ کي کپي ته پاڻ پنهنجو
ٻوٽو ٻاري ۽ ٻين جو رت نه چوسي، اڙي بي پاڙي، تون
به ڪنهن نه ڪنهن ڪم ايندي ته هوندينءَ؟ ڪابه وٿ
نڪمي ته اُپايل ڪانهي. تون اهڙي نرڄي آهين، پر
تنهنجي رس مان به ڪي دوائون جڙن ٿيون، جن مان
ماڻهوءَ کي لاڀ پراپت ٿئي ٿو. ان ڪري آءٌ توکي به
ڪُواريندس ڪونه، نڪي گلا ڪندس، پر پاڻ سڌار. وڌيڪ
توکي ڇا چوان!
16- چڀڙ
چڀڙن کي مِتيرا ڪوٺين، ٻهراڙي جا ماڻهو پنهنجن
پُٽن تي چڀڙ خان ۽ متيرو خان نالا به رکن. پر چڀڙ
يا متيرا آهن ڪهڙي بلا؟ آءٌ انهن لاءِ ڇا چوان،
انهن کي ته سڀڪو سڃاڻي، ويچارن جون وليون پوکن ۾
پاڻمرادو اڀرنديون ۽ پوٺن تي مينهن وسڻ کان پوءِ
پکڙي ڌرتي سائي ڪيو ڇڏين. پهريائين اهي وليون ننڍا
ننڍا گل ڪڍن، پوءِ انهن گلن مان چڀڙ ڦٽيو پون.
پهريائين ننڍا ساوا ڪَچا چڀڙ، پوءِ پچي پِيلا ۽
ڳاڙها ٿيو پون؛ پوءِ رسجي مٺا ٿين ۽ ماڻهو انهن کي
وڏي هيج سان کائين. شهرن جي ڀاڄي_ گهرن ۾ وڪامن به
کوڙ. هنن جي پوکڻ تي ڪا ڪنهن جي جاکوڙ ڪرڻي ڪانه
پوي. جنهن ڌرتيءَ تي اُڀرن، سا نه گُهري، ٻج، نه
هر؛ نه سندن پوکڻ ۽ پالڻ ۾ ڪو پورهيو ڪرڻو پوي، نه
سندن سنڀال وٺڻي پوي، بنا پورهئي ڦل مليو پوي.
متيري کي ميوو ته نه ڪوٺبو، پر ڀاڄي ته آهي ئي
آهي. مارو ماڻهو ڪَچا به کائين ته رڌي ڀاڄي ڪري به
چاهه چس سان واپرائين. هنن لاءِ چڀڙن جو ڳنڌڻ،
تورين ۽ ڀينڊين کان گهڻو ڀلو آهي. گوشت جي ٻوڙ،
مڇيءَ جي ٻوڙ ۾ به پون ۽ ڏاڙهون جي داڻن جي کٽاڻ
جو ڪم به ڏين. ڪوڪيون پچائين ته انهن ۾ به
ڏاڙهونءَ جي ڪڻ بدران سُڪل چڀڙ ڪُٽي وجهن ته
ڪوڪيون اهڙيون ته سوادي ٿيو پون، جو ٻوڙ ۽ ماني
ٻنهي جو ڪم ڏين. جڏهن چڀڙن جي مند پوري ٿئي ته مڻن
جي منهن چڀڙ وڍي اڌو اڌ ڪري منجهن لوڻ ٻرڪي اُس تي
سڪائين ته ڪَچريون جڙيو پون. اهي ڪچريون ٻارهن ئي
مهينا گيهه ۾ تري کائين، نه ڪنهن ڳنڌڻ جي گهرج نه
ٻي ڀاڄيءَ جي اون. چڀڙن جون ڪچريون ته سکر ماڻهو
به چاهه سان کائين ۽ انهن جا واپاري وڪري مان چڱو
پئسو ڪمائين. ڪچريون ته بِهن، پٽاٽن، گوار، انبڙين
۽ ٻين ڀاڄين جون به ٺاهيون وينديون آهن. انبڙين جي
ڪچرين کي انب چور به ڪوٺين پر ٻيلي واهه واهه!
چڀڙن جون ڪچريون سڀ کان سلوڻيون ۽ سوادي، ڏندن هيٺ
ڏيڻ سان سندن چرچر ئي بس آهي، سندن چرچر سان دنگ
آهي. سيخ جي ڪوابن جي چرچر به هنن سان نه پُڄي،
ههڙيون خدا جون بي مُلهيون شيون اسان وٽ ڪهڙيون نه
مُلهائتيون ٿيو پون. اسان ۾ رڳي سمجهه جي سمرتي
هجي ته انهن مان ڪهڙيءَ ريت ڪم وٺون. ڌڻي سڳوري ته
اسان لاءِ سڀڪجهه اُپائي ڇڏيو آهي؛ هاڻي اهو ڪم
اسان جو آهي ته پنهنجي سمجهه هلائي انهن مان نرالا
ڪم وٺون ۽ ڌڻيءَ جي ساراهه ڪريون ۽ سندن ڳڻ
ڳائيندا رهون.
17- ڀؤنر
ڀؤنر ڪنهن نه ڏٺو هوندو؟ ڀؤنر ٻن ڀاڱن ۾ ورهايل
آهن: هڪڙا ”بڻائتا ۽ ٻيا گڊا“. بڻائتا ڀؤنر سڄا
ڪارا ڏامر جهڙا، سندن کنڀ چلڪڻا ٿين ۽ ٻيا جن کي
گڊا چئبو آهي تن جي ڪنڌ تي ٻنهي پاسن کان پيلا
چِٽا ٿين. گڊا البت بڻائتن کان ننڍا هوندا آهن ۽
اهڙا زوم مان ڪين اُڏامن جهڙا ڪارا. اهي ڪارا ته
اهڙو زور سان اُڏامندا آهن، جو شل نه ڪنهن کي منهن
۾ لڳن ته ڄڻڪ ڪو ڏنڊو لڳي ويو، ڀلي ته پيو منهن
سيڪي. ٻنهي جو ڪم آهي گلن ڦلن تي ڀيرا ڏيڻ، ڪنهن
سگهڙ چيو آهي ته:
ڀيرا ڏيئي ڀؤنر ڪي، گلن مٿي گُنجار
سٻاجهي ستار، واليءَ وڏو وڙ ڪيو.
ماکيءَ جي مکين وانگي هو گلن مان رس ڪونه چوسين،
پر رڳو انهن جي سڳنڌ جو واس وٺن. چوندا آهن ته
پريتوان ويچارا ڀؤنر وانگيان سهڻن جو درشن ڪري واس
وٺندا آهن. هي جيت به ڏينڀن ۽ چيلاٽن جي ڪٽنب مان
آهي، پر ڏنگ ڪونه هڻي. ڏِنگا ٻار ته هنن مان به
ڪين ٽرن، جي اهي ڏينڀن وانگر ڏنگڻا جيت هجن ته
جيڪر انهن کي ويجهو به ڪين وڃن، انهن کان پري ڀڄن،
پر هي ويچارا ڏکوئن ڪونه، ان ڪري هنن کي به پڪڙي
ڌاڳي سان ٻڌي هنن جي اُڏامڻ ۽ ڀڻڪار جو رونشو ڏسن.
جڏهن اُڃ لڳيس تڏهن ڪنهن ڪٽوري ۾ پاڻي وجهي ان جي
ڪَني تي ويهاريندا اٿس ته اهڙي ڍنگ سان پاڻي
پيئندو آهي جو ڏسي دل پئي گد گد ٿيندي آهي،
ماڻهوءَ کي ڪا ٻي شيءِ ايترو ڪانه وڻي پر ڀؤنر جي
ڪاراڻ ۾ ڪا ايڌي ڇڪ آهي، جو اها اکين کي پئي
سيبندي آهي. جيڪي رنگ ڌڻي اُپايا آهن، سي سڀ هڪ
ٻئي کان سٺا آهن. ڏسو ته اک به ڪاري وڻي، جي ڪاري
نه هجي ته سرمو ۽ ڪجل پائي ڪارو ڪنس ته وڌيڪ وڻي.
تِرُ به اڇي منهن تي ڪارو وڻي. وار به ڀورن کان
وڌيڪ ڪارا وڻن. اهڙيءَ ريت ڀؤنر به ڪارو هئڻ ڪري
ئي وڻي ٿو. ڪي ڀؤنر اڇا به هوندا آهن پر اهي اسان
کي ڏٺي ڪين وڻن. هڪ شيديءَ چيو ته اسان جي ڪاري
رنگ مان رڳو هڪ ٽُٻڪي جيترو ڪارو تِر، اوهان جي
اڇي رنگ تي ڪيتري نه سونهن ٿو ڪري، جنهن کي سگهڙ
ساراهيو وري پيا ساراهين! پر جي اوهان جي اڇي رنگ
سان اسان جي ڪاري چهري تي داغ ٿي پوي ته ان کي
ڪوڙهه جو ٽِڪو سڏين. اڇين اکين واري کي به شيرو
سڏين ۽ ان مان وِڏون ۽ وِڏون ڪڍن، پر ڪارين اکين
کي ڪوي ڪيڏو نه پاڏائين ۽ ساراهين ٿا. اُپائڻهار
جي جوڙ مان ڪڏهن به وڏ نه ڪڍجو!
18- ڄؤرون
ڄؤر به هڪ جيت آهي جو ماڻهوءَ جو رت چوسيندي آهي.
اهي ٻيلن ۾ جتي گپ ۽ پوسل هوندي آهي اتي جنم
وٺنديون آهن. ان ڪري ٻيلن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو پنهنجن
پيرن تي چمڙي جا موزا پائي ڇڏيندا آهن ته ڄؤرن جي
چڪن کان سندن بچاءُ ٿئي. ڄؤرون ڏسبيون ته: بلائن
جهڙيون ڏسڻ ۾ اينديون. بلائون وڏين ٿين ٿيون ۽ هي
ننڍيون. ماڻهن پنهنجي سڌ پڌ هلائي انهن مان به ڪم
ورتو آهي. اسان جي ديس ۾ ’حلال خور‘ (ٻاليشاهي)
انهن کي پالي رکندا آهن. ڄؤرون به نانگ بلا وانگر
مٽي کائين، تنهن ڪري حلال خور انهن کي ٺڪر جي
جمنين ۾ وجهي انهن ۾ مٽي، ميٽ ۽ پسيل اڳڙيون وجهي
ڇڏيندا آهن ته هنن کي کاڌو به ملي ۽ پوسل ۾ به
رهن، جنهن کان سواءِ هو مري وينديون.
جڏهن ماڻهن کي مَلِي ٿي پوي، ڳچي سُڄي پوي يا ڪنن
۾ گند ۽ روڳ ڪٺو ٿئي ۽ ڪنن ۾ سخت سور پوي، يا ڪا
ڦٽ ڦرڙي ناسور ڪري وڃي، لُپرين ۽ مَلمَن سان به نه
ڇُٽي ته پڇاڙيءَ ۾ ان جو درمل ڄؤرون ٿين. حلال خور
کي گهرائبو آهي جي ڪجهه پئسا وٺي، اهي ڄؤرن اگهي
ماڻهوءَ جي ڳچيءَ، ڦٽ واريءَ جاءِ يا ڪنن جي پٺيان
اچي لائين. ڇا ڪندا آهن: جو هڪ ڄؤر کي هٿ ۾ کڻي
پنهنجي آڱوٺي سان انهن کي ٿڌڙا ڪڍندا آهن ۽ انهن
جو منهن ڦٽ جي جاءِ تي رکندا آهن ته هوءَ ماڻهوءَ
کي چنبڙي ويندي آهي ۽ چمڙي ٽُڪي ٽُڪي وڃي رت کي
چوسڻ لڳندي آهي. رت سان گڏ گند به هوندو آهي، تنهن
ڪري اهو به چوسي وٺندي آهي، جڏهن رت چوسي ڀرجهي
پوندي آهي، تڏهن پاڻمرادو ڪِري پوندي آهي. اهڙيءَ
ريت جيترين به ڄؤرن لڳائڻ جي گهرج هوندي آهي
اوتريون لائبيون آهن، پوءِ اُنهن جو چوسيل رت ۽
گند حلال خور ڏُهي ڪڍي ڇڏيندا آهن، متان چوسيل گند
۽ پونءِ جي ڪري مري وڃن. ٻيو ته پيٽ خالي ٿيڻ سان
انهن کي وري به ڪم آڻي سگهجي. ڄؤرون لڳائڻ به هڪ
آپريشن آهي. هونءَ جو ڪَلين يا ڳچيءَ مان گند ٽُڪي
ڏيارڻ سان ڪڍائجي، سو هنن ڄؤرن جي وسيلي روڳ
ڪڍائبو آهي. انهيءَ ريت سؤ سيڪڙو بيمار چڱا ڀلا
ٿي ويندا آهن، جتان جتان چمڙي ٽُڪينديون آهن، اُتي
ڇار ڦلهيار يا ڪو ٻيو پائوڊر رکي، پٽي ٻڌي ڇڏبي
آهي، ۽ ٻن_ ٽن ڏينهن بعد اگهو سگهو ٿي ويندو آهي؛
پر ڄؤرن جي چَڪن وارا نشان سي بيهي رهندا آهن.
جيئن ڊاڪٽر ٽانڪا هڻندا آهن ته نشان بيهي رهندا
آهن.
ڄؤرن ڏسڻ سان بڇان پئي وٺندي آهي، پر اهڙين بڇڙين
شين ۾ به ٻاجهاري ڌڻيءَ ماڻهوءَ لاءِ ڪيتري نه
ڀلائي رکي آهي. سچ آهي ته ڪابه شيءِ بنا ڪنهن ڪارج
جي نه اُپائي اٿس. سچ چيو اٿن ته:
”ڪنهن کي گهٽ نه ڄاڻ، جي ڀانئين ڀلو پانهنجو.“
19- ڏنگ
ماکيءَ جي مک، ڏينڀو، چيلاٽو يا قنڌاري ڏينڀو ۽
وِڇون اهڙا جيو آهن، جن کي پنهنجي پڇڙيءَ ۾ ڏنگ
هوندو آهي، سُئيءَ وانگر هڪ تکو ”نيش“، سندن چُر
ڪئي ويئي ته ٺڪ ڏنگ ڪرائيندا ۽ ماڻهو، جو هونءَ
سڀني ساهه وارن کان ڏاڍو آهي تنهن کي پِنائي رکندا
۽ پيو ڦٿڪندو. پر آءٌ جنهن ڏنگ جي ڳالهه ٿو ڪريان
سو پاڻ هڪ جيت آهي، جنهن جو نالوئي آهي ڏنگ. اهو
جيت به لاڙ ۾ گهڻو ٿيندو آهي. لاڙ جو ڀاڱو ساريال
هئڻ سبب گهڻو پوسل وارو هوندو آهي، تنهنڪري اتي
مڇر، مُنگهڻ، ڪارڙا ۽ ڏنگ جام هوندا آهن. سڀني کان
ڊپ جهڙو ’ڏنگ‘ هوندو آهي، شل نه ڪنهن کي چڪ پائي
ته ڦٿڪائي رکندس ۽ هڪ چڪي کي ڪيترا ڏينهن پيو
سيڪيندو. چڪ وجهي ته بُت جي چمڙي پئي وٺي. ماڻهوءَ
جي چمڙي ته ڪونئري آهي، پر گهوڙن ۽ ٻئي مال کي چڪ
وجهي ته رت جون ٺينديون ڪڍي رکين. ان ڪري ڀاڳيا
ماڻهو ويچارا هن پليت کان ڏاڍو جتن ڪندا آهن. ڏنگ
جا ٻه_ چار چڪ لڳن ته مال کي ڦٽ ڪريو وجهن. سنڌيءَ
۾ پهاڪو آهي: ”هي مڙس ته بنهه ڏنگ آهي.“ جهڙيءَ
ريت وڇونءَ جو ڪنهن سان وير نه هوندو آهي، پر هن
جي بناوٽ ۾ ئي بُڇڙائي ڀريل هوندي آهي ته هلندو
وڃي، ٺِڪر کي ڀِتر کي ۽ جا شيءِ به سامهون اچيس ان
کي ڏنگيندو وڃي. ان وانگي هن بُڇڙي بلا ’ڏنگ‘ جو
به ڪنهن سان وير وروڌ نه هوندو، پر هن کي هروڀرو
به ٻين کي ڏکوئڻو هوندو آهي، سو جنهن جانور تي
اُڏامي اچي ويٺو جي ان کي پڪ نه هڻي ته باقي ڏنگ
نالو ڇو مٿس پيو آهي!
جڏهن ڪنهن کي ڏک ڏجي ته اهو به پنهنجو بچاءُ ڪري
ٿو ۽ ان جي بدلي ۾ چڪ هڻي پنهنجو وير وٺي ٿو، پر
وڇون ۽ ڏنگ بنا ڪنهن ڏوهه جي جيڪو آيو تنهن کي دُک
رسائڻ ۾ دير نه ڪندا. ماڻهوءَ کي گهرجي ته انهن
بڇڙن جيتن وانگر نه ٿئي. ڪرڻ ته بڇڙن سان به ڀلائي
کپي، ڇو ته ان ڪري ڌڻي به ڀلائي ڪندو ۽ ويري به
ڦري سنگتي ٿي پوندا، پر جي ائين ڪرڻ نٿو پڄي سگهيس
ته جيترو ڪو ٻيو ڏکوئي اوترو ئي ڏک بدلي ۾ ڏجيس ته
ڪَل پويس ته ٻئي کي ستائڻ ڪيئن آهي. ڏنگ ۽ وڇونءَ
وانگر بنا ڏوهه جي ڪنهن سان اهنج ڪرڻ ۽ ڪنهن کي
ڏکوئڻ بڇڙا لڇڻ آهي، جن لاءِ اسان کي ڌڻيءَ وٽان
سيکت ملڻ اڻ ٽر آهي. ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته:
ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو ٿيندو،
ڀلائيءَ جا ڀاڙا ڌڻي توکي ڏيندو.
20- ڳاهه
جڏهن سنگ وڍي ٻار ۾ رکبا آهن، تڏهن انهن تي ڍڳن جي
هلر ٻڌي انهن کي ڳاهبو آهي ته اَن تُهن کان جدا ٿي
پوندو آهي. پوءِ ان ڳاهيل اَنّ کي وڏن سُپن يا
گاگڙن ۾ وجهي هوا جي سامهون بيهي وائربو آهي ته
تُهه جدا ۽ ان جدا ٿي پوندو آهي. اهو ڳاهه جو ڪم
الڳ آهي. آءٌ جنهن ڳاهه جي اُپٽار ڪريان ٿو، سو
ڳاهه هڪ ٻيءَ شيءِ آهي. اڳي جڏهن موڪي پوک ڪانه
ٿيندي هئي، تڏهن واهه درياء ۾ چاڙهه جي ٽاڻي تي
وهي ايندا هئا، هاري وڃي هڪ هڪ ڪسي، ڪڙئي ۽ واهه
جي کاٽي کڻندا هئا ته پاڻي بنا روڪ جي وهي، منڍ
کان پوڇڙ تائين هڪ ترڇو وهي، جڏهن پاڻي وهندو هو
ته انهن واهڙن جا ڪپر آلا ٿي ويندا هئا ۽ درياءَ
جون ننڍيون ننڍيون مڇيون به واهه ۾ وهي اينديون
هيون. کاڌو ته ڌڻي ٻاجهارو سڀ ڪنهن ساهه واري کي
رسائي ٿو. انهن مڇين جي کاڌي لاءِ به مالڪ سائين
ڪونه ڪو بلو ڪري ٿو. انهن واهن جي ڪپرن سان هڪڙا
ننڍا مگر موٽا موٽا ڪيڙا (سانپا) جنم وٺندا آهن ۽
ڪونئري آلي مٽيءَ ۾ ٽُنگ ڪري رهندا آهن، مڇين کي
اهي کائڻ ۾ ڏاڍا وڻندا آهن. ماڻهوءَ کي ته ڌڻي پاڪ
ڏاهو بنايو آهي، جو سڀ شيءِ مان ڪونه ڪو ڪم وٺي ئي
وٺي ٿو. ننڍا ڇوڪرا مڇي ڦاسائڻ لاءِ اهي ڪيڙا کوٽي
ڪڍي، هڪ لوهه جي ڪُنڍيءَ ۾ وجهي ان ڪُنڍي کي هڪ
ڏور سان ٻڌي، پاڻيءَ ۾ اُڇليندا آهن ۽ انهيءَ ڏور
جي پوڇڙيءَ کي پنهنجي هٿن ۾ سوگهو ڪري جهلي ويهندا
آهن. پاڻيءَ جي وهڪري سبب ڪُنڍي ڏور سوڌي واهه جي
سِير تائين وڃي پهچندي آهي. اهي ڪيڙا گهڻا ڪُنڍيءَ
۾ وجهي ساري ڪُنڍيءَ جو لوهه ڍڪي ڇڏبو آهي، انهيءَ
کي ’ڳاهه‘ چئبو آهي. ننڍڙيون مڇيون ويچاريون جهڙوڪ
ننڍا ڄرڪا، گندڻ، کڳا ۽ ٻيون ڪُرڙيون پيٽ پالڻ
لاءِ جڏهن اهو ڳاهه ڏسي اچي ڪُنڍيءَ ۾ چڪ وجهنديون
آهن ته ڪُنڍيءَ جي تکي نوڪ سندن ڄاڙين ۾ گهڙي
ويندي آهي ۽ اِهي ڦاسي پوندين آهن ۽ وات ورائي ڪڍي
نه سگهنديون آهن ۽ وٺي ڀڄڻ تي زور رکنديون آهن.
ڇوڪرا تاڙيو ويٺا هوندا آهن ته ڪڏهن ٿي ڏور تڻڪجي
۽ رڙهي، ڇڪ ڏنائين ته سمجهي ويندا ته مڇي ڦاٿي
آهي. پوءِ ته ٻنهي هٿن سان ڏور کي وٺي ڇڪيندا ۽
ريڙهي ريڙهي ڦاٿل مڇيءَ کي آڻي ڪپر تي ڪڍي ٻاهر
ڪندا. مڇي ويچاري پاڻيءَ کان ٻاهر نڪتي ته اُن جو
انت آيو. ڦٿڪندي پئي ته ڇوڪرا پيا ٻهڪندا. اهو آهي
ٺڳيءَ جو ڳاهه جنهن تي موهجي ويچارا پسون اچيو
ساهه ڏين. لالچ ماڻهوءَ کان ڇا نٿي ڪرائي ۽ لالچ
يا لوڀ ۾ اچي ماڻهو ڪيئن نه پنهنجو انت آڻي ٿو.
ڳاهه، ڪُنڍي ۽ مڇيءَ مان ڏاهپ سکو ۽ هن ڏکئي ڏيهه
۾ سنڀالي پير رکو. لالچ ماڻهوءَ کي مارائيندڙ آهي.
وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي کائي پنهنجو پيٽ ڀريندي
آهي. اهڙيون ننڍڙيون ڪرڙيون پاڻيءَ ۾ ئي ڇيهه کان
گهڻيون پيون رهن، جي انهن تي ئي پورت ڪن ته ههڙو
انت نه اچين؛ پر ڳاهه جي موهه ۾ اچي ان جي ڦندي ۾
ڦاسي ٿوري ويرم جي چسڪي لاءِ ڪريو ساهه ڏيو ڇڏين. |