سيڪشن؛  ٻاراڻو ادب

ڪتاب: شخصيتون

 

صفحو : 7

• ڪشنچند ”بيوس“

جهرڪي

 

ڪک پن ڪري گڏ ٿي،       ڪيڏو لَڏو لَڏي ٿي.

عمدو آکيرو آڏي ٿي، حيرت ۾ وجهي ڇڏي ٿي.

تعمير سادگيءَ جي،   تصوير سادگيءَ جي.

ڇت ڀت جو ڪنڊ پاسو،       تنهن ۾ ڪري ٿي باسو.

جيئن ٿئي بچاءُ خاصو،        ويري ڪري نه واسو.

ڪو ڪانءُ باز بحري،  ڪاهي نه نانگ زهري.

قائم رهي ڪکن تي، پهرو ڏيئي ٻچن تي.

آرو ڪري ٿي تن تي، تازن ڄڻين ڪَچن تي.

جيسين پَرين پڪا ٿين،       ٻاهر اندر اڏامن.

جهرڪيءَ جي چهنب تڏڙي، چون چون ڪري ٿي تڪڙي.

قدبت ۾ آهي ننڍڙي، پر عاقبت ۾ وڏڙي.

ڪيڏو ڪٽنب ٿي پالي،       گهر ٿي سڄو سنڀالي.

چُرنديون چچيون جهلي ٿي،   گهر ڏي کڻي هلي ٿي.

سر سر ڪري سلي ٿي،        ڀانئين بلي بلي ٿي.

ٻچڙا ڏسي نچن ٿا.            ڪيڏو نه شور ڪن ٿا.

 

 

 

 

 

• ڪشنچند ”بيوس“

سهائي راتڙي

چهچٽو ڇا ڇا مچائي ٿي سهائي راتڙي،

رنگ طرحين جا رچائي ٿي سهائي راتڙي!

ورق روپا ويا چڙهي، ڪيئن اڻ لکا آڪاش تي،

تن اندر تارا لڪائي ٿي سهائي راتڙي!

آهه چانڊوڪي رتل ڪڪرن اندر ايڏو ڪمال،

برف جا بادل بنائي ٿي سهائي راتڙي!

ڪئي پٽن پوشاڪ چاندي پڙڇ جي چمڪڻ لڳا،

کير ڌرتيءَ تان وهائي ٿي سهائي راتڙي!

ڏس چمن جي چونڪ ۾ چهه چهه چَڪيون لائي چڪيون،

ڀونئر، بلبل کي ڀلائي ٿي سهائي راتڙي!

چنڊ جي صابڻ چڪيءَ سان ٿو ڪري ساگر سنان،

ڍير گِج لهرين تي لائي ٿي سهائي راتڙي!

آهي چهري چنڊ جي تي نت چڪوري چت چريو،

مور ڄاهي کي نچائي ٿي سهائي راتڙي!

صاف دل روشن نظر لئه آهي چمڪو نُور جو،

پر مَنديءَ دل کي منجهائي ٿي سهائي راتڙي!

ٿي ويئي اوندهه اُجڙ ماهه بدر کان دربدر،

جهل ”بيوس“ جو لڄائي ٿي سهائي راتڙي!

 

 

 

 

• حافظ ”احسن“ چنا

 

اُونهاري جي موسم

 

وسن ٿا مينهن ۽ ساوا ٿين ٿا گلزار- سانوڻ ۾،

ندين، واهن ۾ پڻ پاڻي ٿئي ٿو تار- سانوڻ ۾.

 

ڪٿي ٻوڏون ڪٿي موڪون ڪٿي آبادي مينهن تي،

ڪٿي پاڻي ٻنين کي ٿو پياري نارُ-سانوڻ ۾.

تپش سج جي کان گرمي، ٿي ڪن ڪن ته ڀاڱن ۾،

ٿين گرميءَ ۾ ماڻهو بت کان به بيزار- سانون ۾.

مهيني مئي کان سيپٽمبر مهيني تائين اونهارو،

ٿئي ٿاڌل ۽ شربت جي گهڻي درڪار- سانوڻ ۾.

ننڍيون راتيون وڏا ڏينهن ۽ اڪثر پون طوفان،

وڄون وَس وَس جا پائي ويس ڪن چمڪار- سانوڻ ۾.

جوئر ٻاجهر ڪپہ سريون ونگا ميها ٿين ڀاڄيون،

ججهي ميوات ۽ انبن جا به انبار- سانوڻ ۾.

مئو ٿئي مال جو چارو، چَرن ٿا ڇيڪ چوپايا،

مکڻ ڏڌ کير ٿئي ٿو جام، خوش ڌن ڌار- سانوڻ ۾.

نمونو هر ڪنهين موسم جو، واه ”احسن“ نرالو آهه،

عجائب رنگ قدرت جا ٿين اظهار- سانوڻ ۾.

 

• حافظ ”احسن“ چنا

موهن جو دڙو

عجب اسرار موهن جو دڙو، قادر سندي قدرت!

ڏسڻ جي جنهن سان هر انسان کي بلڪل لڳي حيرت.

 

دڙو موهن جو پنهنجي ديس جو آ شان ۽ شوڪت،

ڏسو موهن جي دڙي ۾ سنڌ جي بهتر اڳين حالت.

 

گهٽيون بازاريون ۽ رستا گهر عمدا ٺهيل آهن،

گهرن سڀني ۾ پاڻيءَ جون پڪيون کوهيون کنيل آهن.

 

دٻيل هڪٻئي مٿان ٽي شهر عاليشان ٿا ڏسجن،

مگر پنجاهه سؤ سالن کان ڀي اڳ جا پيا پسجن.

 

صفائي ۽ سٺائي شهر جي واکاڻ سڀ ٿا ڪن،

اڃا سالم پڪيون جايون ۽ پاڻي آهي منجهه کوهن.

 

هئا ڪي شهر بادشاهي، جن جو واهه نظارو آهه،

گهٽين جاين ۽ رستن جو نمونو زيب وارو آهه.

 

لڌا هيرا جواهر هر موتي ۽ ٻيا زيور،

سُئي سوني به هٿ آئي ٺهائي ڪنهن ته ڪاريگر.

 

عجب جايون عجب چشما ۽ عاليشان ٽي مندر،

لڌا ٽي لاش جي ماڻهن اڄوڪن کان ڊگها اڪثر.

 

ڀتيون سيمينٽ سان ڏهه فوٽ ويڪر ۾ ٻڌل آهن،

ڏسڻ سان ڀانئجن گويا اڄوڪيون هي ٺهيل آهن.

 

• لطف الله بدوي

ٻن ٻلين جي ڳالهه

 

اچي وڙهيون پاڻ ۾، ٻليون ٻه هڪ ڏينهن،

ڦنڊيون ۽ ڦوڪيون گهڻيون، وڙهيا ٿي ڄڻ شينهن.

 

سبب تنهن جهيڙي، جو رڳو هيءَ هئو،

ته هڪڙي هئي سکڻي، ٻيءَ کي هو ڪئو.

بيٺيون هيون ڀت تي، انهيءَ مهل اُهي،

”مياؤ! مياؤ!“ اُت ڪري، ڳنڍجي پيون سي.

ترڪيا پير تنهين جا، مٿو وين ڦِري،

مٿان ليٽيون اوچتو پيون هيٺ ڪِري.

آين ڌڪ قهر جو، ڪِريون جيئن مٿان،

ڪئو پڻ نڪري ويو، تنين جي هٿان.

تڏهن شرمنديون ٿيون، ٻليون سي ٻيئي،

وڙهيون ٿي جنهن شيءِ لاءِ، سا هٿان تن ويئي.

ڇڏي سي هڪٻئي کي، هليون ڏيئي پُٺ،

وڙهن جيڪي پاڻ ۾، تن جوڳي اها جُٺ.

 

 

.

 

 

 

• استاد بخاري

 

لفظ ٻڌايان هوش وڌايان

 

لال اوهان کي لفظ ٻڌايان،             لفظ ٻڌائي هوش وڌايان:

لونگي اجرڪ لوئي کيس،             ”جهڙو ديس ته تهڙو ويس.“

بدڪون بلبل ڳيرو ڪانءُ،             هر هڪ وٽ آهه پنهنجو ڏانءُ.

مڇر، ککر، وڇون، نانگ،               ڏنگ هڻڻ ۾ ڪن نه سانگ.

رڍون، ٻڪريون، مينهون، ڳئون،                کير ڪنديون جي هونديون ڍايون،

ملهه، ٻلهاڙو، ڪٻڊي، ڪشتي،                واهه وڌائن چارئي چستي.

ڪوڏر ڪيڻون ڪڙمي ڪاهه،          ڪُهڙ ڪانڊيرا لاهه تباهه.

ٽيڪم، تيشا، ڪِير مزور.             پاهڻ پٿر چڪناچور.

ڏورڻ ڏاجو، سوڀ سهاڳ،              ”جهڙو جاڳو تهڙو ڀاڳ.“

بينون ڀيرُون، دهل ڌمال،               مارن ميلا سال بَسال.

جيئو جيئوڙي شير دلير،               ”جاڏي پير، تاڏي  خير!“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com