• جمعو خان ”غريب“
ڪڙمين جا ڪم
ڦٽائين ننڊ ٿا ڏينهن رات ڪڙمي،
ٿا پوکون ڪن سي پاتون پات ڪڙمي.
ڊڄن سي ڪين ٿا، نانگن سپن کان،
سَلا تاتِين ٿا پنهنجن ٻچن جانُ.
ٿا هيٺائين ۾ ڪن سي جام سريون،
مٿانهين ۾ تر ۽ ٻاجهر جوارِيُونُ.
مڪائي، ونئڻ پوکن ڪرنگهه، سائون،
ڪري ٿو ڪيچ بيحد مڱ ۽ مانهونُ.
ڪَريلا، تُوريون، ڀِينڊيون، پَٽاٽا،
لُلر، لُوڻڪ، مَريڙو ۽ ٽماٽا.
ٿين ميها، وَنگا گِدرا، هَنداڻا،
چِڀڙ، ريڀڙ، سٺا سستا وڪاڻا.
ڪَتل، ڪِشمش، اَنب ۽ آلو ٿين ٿا،
اِنجير، انگور پپنس پَچن ٿا.
”غريبا“ ويو ڏڪر ويا ڏڪاري،
ڪئي ستار سڀني تي ستاري.
• مرزا قليچ بيگ
پنهنجي مدد پاڻ ڪريو
جيڪو پنهنجي مدد ڪري ٿو پاڻ،
ٿو پڻ ڌڻي مدد ڪري ان ساڻ.
ڪو به جڏهن شروع ڪجي ڪم ڪار،
ڪري همت منجهانئس پئجي پار.
سگهه ساري ڏني ڌڻيءَ جيڪا،
ڪم پنهنجي تي لائجي سڀ سا.
شخص سچ پچ اهو ئي آهي سڄاڻ،
جو ڪڍي ڪم ۾ ڪين ڪنهن جي ڪاڻ.
جنهن جي همت سان آهي دل ڀرپور،
ڪم ڪرڻ کان اهو نه هٽندو مور.
پيش جڏهن اچي ڪو مشڪل ڪم،
مڙس ٿي تنهن کي لڳ ادا هڪدم.
ڪم ڪرڻو هجي ته سمورو ڪجي،
مور اڌ ۾ ڇڏي نه ان کي ڏجي.
جو اڌو- گابرو ٿئي ٿو ڪم،
فائدو ان ۾ ناهي ڪو هردم.
جو نه پنهنجي مدد ڪري ٿو پاڻ،
ڪير ڪندو مدد اچي ان ساڻ.
ڏس پنهنجي همت سندا ڪر ڪم ڪار،
ٿي ادا مڙس، پنهنجا ٻوٽو ٻار.
تندرستي
آهي تندرستي نعمت هڪ عجيب،
جهڙي شاهوڪار لئه، تهڙي ڪاڻ غريب.
مال خزانا ڪيترا، ڪنهن وٽ لک هجن،
هيرا، موتي اڻ ميا وٽس پيا رُلن.
پر جي هوندو ڪين ڪي سگهو تنهن جو تن،
ته وڻندو ڪين تنهن کي اُهو سارو ڌن.
آهي تندرستي دولت سچي سا،
”جيءُ خوش جهان خوش“ ائين چون ٿا.
اهڙي املهه شيءِ جي ڳڻتي جڳائي،
ڇڏڻ گهرجي ڪين ڪي تنهن کي ڦٽائي.
گندين عادتن کان پاسو نت ڪجي،
صفائيءَ تي هر طرح سدا ڌيان ڏجي.
محنت ڪر تون!
محنت ڪر تون محنت ٻار،
محنت سان تون ٿيندين هوشيار!
ٻُڌ تون ٻار، هينئين سان لائي،
جو تو کي استاد پڙهائي،
گهر ۾ پڻ تون اُن کي سار-
محنت ڪر تون محنت ٻار.
مائٽ مٽ تو کي ڀائيندا،
سنگتي ساٿي پڻ چاهيندا،
وڌندو تنهنجو ناماچار-
محنت ڪر تون محنت ٻار.
وهنجي سهنجي نيرن کائي،
اجرا ڪپڙا پهري، ڀائي،
مڪتب ڏي ٿي ترت تيار-
محنت ڪر تون محنت ٻار.
لکڻ پڙهڻ ۾ هوندين اڳرو،
ليکي چوکي ۾ پڻ تڪڙو،
نمبر کڻندين تون هر ٻار-
محنت ڪر تون محنت ٻار.
جيڪو محنت خود ڪري ٿو،
پنهنجي ڪم تي ڌيان ڌري ٿو،
تنهن جا ٻيڙا ٿيندا پار-
محنت ڪر تون محنت ٻار.
• ليکراج ”عزيز“
ڏيئو
ڪکائن گهرن کي تون روشن ڪرين ٿو،
غريبن جي چونئرن کي گلشن ڪرين ٿو.
لٿي سج عيان پنهنجو جوڀن ڪرين ٿو،
مزورن ۽ ڪڙمين سان همڪنار آهين،
فقيرن جي مجلس جو سينگار آهين.
سڙي تون ٻين کي ڏئين ٿو سُهائي،
رکيل تو ۾ ڪيڏي نه آهي چڱائي،
پري کان منجهيل جي ڪرين رهنمائي،
ڏيئا تو ۾ آهي سراسر چڱائي.
سچو دوست، دشمن تي دل سوز آهين،
سچائيءَ سان سڀ جو شب افروز آهين.
مدد ڏين ٿو ڪم ڪار ۾ با محبت،
ٻرڻ ساڻ تنهنجي ٿئي دفع ظلمت،
نه پنهنجي پرائي جو ڌارين تفاوت،
رکين قلب ۾ ڪا نه ڪنهن سان ڪدورت.
سعادت جو بيشڪ تون آهين ستارو،
ڏيئا تون ٿو لاهين جهان تان انڌارو.
هوا ساڻ سِرُ لاٽ جو ٿو جُهڪائين،
ٿو نِوڙِتَ ڪري پنهنجي جيوت بچائين،
حياتيءَ جو مقصد سڄو ٿو ٻڌائين،
ٻين لاءِ پنهنجو ٿو من جلائين.
جلي جي ٻين کي سهُائو ڏين ٿا،
لکين گهور تن تان پتنگا ٿين ٿا.
• امداد حسيني
ڪو به نه آهي محڪوم ۽ مجبور
هرڪو هاري ناري سکيو، خوش هرڪو مزدور،
ڪو به نه آهي، ڪو به نه آهي محڪوم ۽ مجبور.
هٿ هٿ ٿيندو، اڏجي ويندو پنهنجو دلبر ديس،
آڏاڻن تي اُڻجي ويندو، سوسي، لونگي، کيس.
ٻانهن جي ٻل سان ئي ٿيندو، دک دلين جو دور؛
ڪو به نه آهي، ڪو به نه آهي، محڪوم ۽ مجبور.
هٿ ڇُهي ته ڦري ٿو ڦيٿو، ڪڏهن نه ٿيندو جام،
خوشحالي آ پنهنجو مقدر، آزادي انعام،
واڍا، رازا، ڪوري، ڪنڀر محنت ۾ مسرور؛
ڪو به نه آهي، ڪو به نه آهي، محڪوم ۽ مجبور.
مير، مهاڻا، سچيت سياڻا، جهاڳي آيا سمنڊ،
ماڻهو مرڪيا، چمڪيو آهي اڱڻ اڱڻ تي چنڊ،
هرڪو جيءَ پيو ٿو جهومي هرڪو چهرو پُر نور؛
ڪو به نه آهي، ڪو به نه آهي، محڪوم ۽ مجبور.
• استاد بخاري
ميلو
ڳوٺ سڄو اڄ ٻهڪي پيو،
هاري ناري ٽهڪي پيو،
سڀڪو ٺهڪي ڦهڪي پيو،
جنهن کي تنهن کي آهي تار-ميلو آهي، ميلو يار!
مان به وڃان ٿو ميلي تي،
بابا کيسي خرچي ڏي،
گهٽ ۾ گهٽ ڏي رپيا ٽي،
ٻاهر ڪوٺن بيٺا يار- ميلو آهي، ميلو يار!
انور اسلم قادر قاسم،
سوڍا حيدر هادي هاشم،
دودا هوشو دائم قائم،
تڪڙا تڪڙا ٿيو تيار- ميلو آهي، ميلو يار!
پيادل ماڻهو، ٽولا ٽوليون،
مَهري گهوڙا ڇڪڙا گاڏيون،
سائيڪل تي ٻيلهون ٽيلهون،
ٽانگا لاريون جيپون ڪار- ميلو آهي، ميلو يار!
• استاد بخاري
ميلي ۾
واپارين جا هوڪا واڪا، هرڪو ڪوٺي هيڏي ”آآ“
ريڊيا گانا بينون باجا، ڇم ڇم ڇرن جا ڇمڪار-
ميلو آهي ميلو يار!
کاڄي نيزي پستي وارا، بوندِي ميسُو حلوي وارا،
صندل هوٽل سِيڌي وارا، سوچي سُرهيا سان مڃار-
ميلو آهي، ميلو يار!
هڪڙي ڳالهه اوهان کي چوندس، ڦرڻيءَ جي گهوڙي تي چڙهندس،
ٺوڪي تنهن کي چهبڪ هڻندس، هلندو تيز تکي رفتار-
ميلو آهي، ميلو يار!
هل ته ٻڌون ڪجهه نڙ جا بيت، ڳائڻ بيهڻ جي ڏس ڀيٽ،
ڏسجي ٿو ڪو سگهڙ سچيت، ياد اٿس ڪي بيت هزار-
ميلو آهي، ميلو يار!
مهري، گهوڙا ٿا ڊوڙن، واهٽي تن جو پنڌ ڏسن،
ماڻهو واهه وا واهه وا ڪن، سَرها مالڪ ۽ سوار-
ميلو آهي، ميلو يار!
• استاد بخاري
اَچوڙي ٻارو راند جو سعيو
اچو اچو گڏ ٿئو آڙو پاڙو،
راند ڪنداسين زور ٻلهاڙو.
ڏاڍا همراهه هاڙهي ٿيندا، باقي ڀيچي ڀڄندا ايندا.
هر هاڙهيءَ جي ٽولي ٺهندي، هڪ جي ڇڙندي ٻئي جي ٻجهندي.
ساٿي پاڻ ته آهيون اندريان، باقي ٻي ڌر وارا ٿيا ٻهريان.
جيڪو ٽولو ٻاهر هوندو، سوئي حملي آور هوندو.
ٻهريان نکڙي بيٺا آهن، بلڪل سنڀري بيٺا آهن.
چوري، زوري لُوهُون ڏيندا، داسا ٿيلها ڊوهون ڏيندا.
اندريان محڪم موڙهي ٺاهيون، گڏجي هڪ ٿي سينو ساهيون.
ميڙ ٻڌل مان جيڪو ڇڄندو، هڪ جهٽ ۾ سو کاپي پوندو.
لُوهه ڏيئي جو تنهن کي پڪڙيو، کسڪي ويندو سوگهو جڪڙيو.
حد جي اندر وٺڻو آهي، حد کان ٻاهر وڃڻو ناهي.
هڪڙو کاپي ٻيو کاپايون، ٽولي جو ٽولو کاپايون.
ٻهريان کاپي ويندا جڏهن، سوڀارا سڏباسين تڏهن.
اچو ته هاڻي راند ڦٽايون، گڏجي گيت جمالو ڳايون.
• هوند راج ”دکايل“
ڪبوتر
واهه واهه تنهنجي ٽور ڪبوتر، مٺڙي مٺڙي اور ڪبوتر!
کيتن ۾ چت چور ڪبوتر، تنهنجي چڳ چڳ زور ڪبوتر.
لڪي لڪي ٿو جهاتيون پائين، چوڳو ٿو چورائي کائين.
ڦر ڦر سان هر دل هر کائين، ’هُو هُو‘ جو آلاپ الائين.
ڦرڻيءَ واريون ڦيريون پائين، جهرڪيءَ واري جهمر لڳائين.
پنهنجن پيارن ساڻ اُڏين ٿو، باد زمان سان راند ڪُڏين ٿو.
پَرپَر ۾ سُر تار سمايو، سُتل سَتا کي جنهن جاڳايو.
’سا ري گامَ پَ ڌني سا، ڳايو، بيحد جو درياءُ وَهايو.
تُڪ تُڪ ۾ ڇا تار هلي ٿو، قدرت جو اسرار سلي ٿو.
سورج جا ڪرڻا ڦاسائي، تن جا خاصا ويس مٽائي.
رنگ برنگي نقش ڪڍائي، بت ساري کي ڏين ٿو ڍڪائي.
پَرپَر تي چِٽ مينا ڪاري، سهڻي سڦري نقش نگاري.
• احمد خان ”آصف“
ڳئون
منهنجي ڳئون پياري، منهنجي ڳئون پياري،
ڪهڙي نه آهي سهڻي، ڪهڙي نه آهه متاري،
ڏس کير، جا ڏئي ٿي ڀري چونئري ڀٽاري؛
منهنجي ڳئون پياري، منهنجي ڳئون پياري.
کائي پلال، ڀوسو، جوئر، چڻا، مٽر ٿي،
ڪڏهن چري جهنگل مان، موٽي اچي پوءِ گهر ٿي،
وسري نه جاءِ هن کان، منهنجي وٿاڻ واري؛
منهنجي ڳئون پياري، منهنجي ڳئون پياري.
جو کير ٿي ڏئي ڪجهه کائون ۽ ڪجهه رکون ٿا،
جيڪي رکون ٿا، ان مان ڏڌ ۽ مکڻ ڪڍون ٿا،
ڀرڻو نٿو پويئون گهه جو ڪو خرچ ڀاري؛
منهنجي ڳئون پياري، منهنجي ڳئون پياري.
ڪڏهن ڄڻي ٿي گابا، ڪڏهن ڄڻي ٿي گابيون،
گابيون ڄڻي ٿي جيڪي، آخر ڳئون ٿين ٿيون،
گابن مان ڏاند ٿيندا، هر ۾ جوٽيندا هاري؛
منهنجي ڳئون پياري، منهنجي ڳئون پياري. |