• حڪيم فتح محمد سيوهاڻي
سنڌ اسان جي ساوڪ واري
سنڌ اسان جي ساوڪ واري،
جنهن ۾ آهي دريا جاري.
ميوا، گل ڦل، ڀاڄيون، ٻوٽيون، پوکِن تنهن ۾ هاري ناري.
جنسون جام ۽ طرحين طرحين، ڪڻڪ ۽ ٻاجهر، جو ۽ جواري.
ونئڻ، مٽر، تِر، ڄانڀو، آهر، چوکا چڻا ۽ سرنهه ۽ ساري.
باغن ۾ ميوات عجائب، سونهين جن جي ٽاري ٽاري.
ليمان، ڏاڙهون، صوف، سنگتڙا، ڊاک کجور مٺي موچاري.
تازا صوف ۽ انب، انجير به، جن جي باغن ۾ جنساري
سرها گل ڦل، سهڻا گل ڦل،
جن جي هوا پڻ خوشبوءِ واري.
موتيو، ڪَرنو، تُڪمو، گونٽو، واهه گلاب چنبيل چؤڌاري.
واهه سوادي ڀاڄي هر هڪ، کائڻ جن جو مزيداري.
گجرون موريون، گوبي هُرٻو، واڱڻ، لوڻڪ، پالڪ پياري.
هيءَ سڀ ٿئي ٿي سنڌ ۾ ساوڪ،
واهه اسان جي سنڌ سونهاري.
• محمد صديق مسافر
نصيحت
ڪرڻ آهي بهتر سڀن سان ڀلائي،
چڱي ڳالهه اهڙي نه ٻي آهي ڪائي.
سڀني مال دنيا جا هت تون ڇڏيندين،
ادا جڳ مان نيڪي رڳو ساڻ نيندين.
مٽي مائٽي تو کي جت ڪم نه ايندي،
ڀلائي اُتي تنهنجو آڌار ٿيندي.
بڇاڙي چڱي جي ٿيڻ پنهنجي چاهين،
ته ڪر بيٺلائيءَ ۾ نيڪي سدائين.
دل ۽ جان سان ڪر ادا تون ڀلائي،
ته تحقيق ٿئي عمر تنهنجي سجائي.
ڏني مهر سان جي ڌڻيءَ تو کي مايا،
ته ڪر تون غريبن يتيمن تي ڇايا،
بکين جون بکون لاهه، ڌؤ ڏيار تون تن،
ڍڪائج اُگهاڙا ته تو کي دعا ڪن.
ڏسين تون کڻي واٽ تي جي انڌو ڪو،
ادا تون وڃي ان کي ڏيکار رستو.
جڏهن ڪو به توتي ڀلائي ڪري ٿو،
تڏهن تو کي آرام ڪيڏو اچي ٿو.
تڏهن پڻ ٻين کي خوشي ڇو نه ٿيندي،
ڀلائي جي ساڻن ڪرڻ ۾ ڪا ايندي.
گهرين جيئن ٿو تو سان ڪري ڪو ڀلائي،
ڪرڻ گهرجي تيئن تو کي ٻين سان چڱائي.
ڀلائي ڪندين تان ڀلو تنهنجو ٿيندو،
ڀلائيءَ جا ڀاڙا ڌڻي تو کي ڏيندو.
• محمد صديق مسافر
وڻ
ڏسو ته وڻ ڪيئن ڪري ٿو ڀلائي،
اُن مان سڀ کي رسي ٿي چڱائي.
سڙي اُسن ۾ پاڻ جو سدائي،
ڇانو ڏيڻ کان رهي نه جائي.
ٽاريون ان جون سدا نِمَنِ ٿيون،
هَٺُ وڏائي ڪين رکن ٿيون.
ڌڪ هڻڻ سان ٻور ڏئي ٿو،
پٽ تي ميوو ڪري پوي ٿو.
ڪرڻ نه گهرجي ڪنهن کي وڏائي،
ڪجي بُرن سان پاڻ ڀلائي.
•امداد حسيني
قدم وڌائي اڳتي هل
سستيءَ مان ڇا هڙ حاصل، قدم وڌائي اڳتي هَل.
چنڊ تي پهتو آ انسان، محنت جو سڀ آهي ڦَل.
ڪنهن جو تون محتاج نه ٿي، ڪنهن جي آڏو جهول نه جهَل.
همت وارن جي آڏو، جُهڪي پوي ٿو نيٺ جَبل.
گرمي سردي سِر تي سهي، گل جهلي ٿي تڏهن وَل.
گذري جيڪو وقت ويو، هاڻي انهيءَ تي هٿ نه مَل.
ڏونگر پاڻ ڏري پوندا، اگر ارادو آهي اَٽل.
علم ته آهي سچ جي واٽ، واٽ انهيءَ تي هلندو هل.
پهاڙ پرزا ٿي پوندا، ٻانهُنِ ۾ جي آهي ٻَل.
وقت وڃِائي، مفت متان،
قيمت لهڻي هرڪو پلَ.
• سليم هالاڻي
اَچو ته پنهنجا ڳوٺ سڌاريون
ٻنيون، ٻارا، باغ سنواريون،
پنهنجا گهر ۽ گهاٽ اجاريون،
روشن مستقبل ڏانهن نهاريون-
اچو ته پنهنجو ڳوٺ سڌاريون.
رستن تي ڇڻڪار ڪنداسون،
پاسن کان وڻڪار ڪنداسون،
لڳي وڃن چؤطرف ٻهاريون-
اچو ته پنهنجو ڳوٺ سڌاريون-
علم، هنر هڪ دولت آهي،
جنهن کي چوريءَ جو ڊپ ناهي.
ننڍن وڏن کي علم سيکاريون-
اچو ته پنهنجو ڳوٺ سڌاريون-
گند، ڪچري ۾ آهي بيماري،
آهي صفائي حڪمت واري،
ڳوٺن مان ڪچري کي ٻهاريون-
اچو ته پنهنجو ڳوٺ سڌاريون.
موليٰ ملڪ ۾ مال وڌائي،
پنهنجو ”سليم“ تي ڀال ڀلائي،
ڀليون هجن شل پنهنجون ڀٽاريون-
اچو ته پنهنجو ڳوٺ سڌاريون.
• بردو سنڌي
هاري
هاري پيارا جوان سگهارا،
ملڪ مِٺي جا جيءَ جيارا!
مهل ملي ٿي، پاڻ ملهائج،
محنت جا ڪي مينهن وسائج.
جوڳ ڀليءَ کي ساجهر جوڙ،
کيت سان نينهن نڀائج توڙ.
تنهنجي محنت لائي رنگُ،
ڏک وڃن ٿئي سک جو سنگ.
سلي سلي جي ڪر سنڀارَ،
ڪڻي منجهان ٿين ڪيچ خرار.
بک بيماري ڪڍ ڀڄائي،
تنهنجا ڳڻ زمانو ڳائي.
تنهنجي محنت جو مانُ،
شال جئين تون هاري جوان!
هاريءَ جي محنت
هاڻي هاري هر سنڀار،
باقي مند ۾ ڏينهن ٻه- چار.
پرهه ڦٽيءَ جو ڪر تياري،
پوک اٿئي جي پنهنجي پياري،
گهوٻو، هر ۽ کڻ پاڃاري.
تنهنجا ٿين ٻيڙا پار.
لاهه ڪڍي پوءِ هر هلائج،
ڀتر ڀڃي تون ڪِيڻ ڪمائج،
ٻارا ٺاهيج دير نه لائج.
ترت ٻنيءَ کي ڪر تيار.
ٻج جو پوکين نج سو آڻج،
ڀاڻ سٺي سان زمين ڀاڻج،
ڦل پوءِ ان جو عمدؤ ماڻج:
اُن جا ٿيندا نيٺ انبار.
لهج سٺن جو سڌ سماءُ،
جيت جڻي کان ڪج بچاءُ
حيلو ڪر ڪو هاري ڀاءُ:
کڻ کنڀاڻي کائي نه جهار.
پوک پڇڻ تي وجهه لابارو،
لڻجانءِ جانچي ٻارو ٻارو،
واهه! واهه! والي ورايو وارو:
راضي ٿيئڙو رب ستار! |