• نادم بچل شاهي
ڳالهه ٻڌو هيءَ گهر جون نياڻيون
ڳالهه ٻڌو هيءَ گهر جُون نياڻيون،
بنجو نياڻيون اوهان سياڻيون.
سُئيءَ سان بخيو سهڻو سنهڙو،
ڏيئي بنجو ساهه سيباڻيون.
آر هلايو، گنجيون ٺاهيو،
ساٿ جون بنجو ساٿياڻيون.
ڇٻيون، وڃڻا، تڏا ٺاهي،
دولت جون بنجو ته ڌياڻيون.
هٿ جي هاج وڌائي مايون،
راڄ جون بنجو اوهان راڻيون.
• اُستاد بخاري
اچو ته پنهنجا گهرڙا ٺاهيون
اچو ته پنهنجا گهرڙا ٺاهيون.
ديوارون ۽ درڙا ٺاهيون.
والو، تون ڄڻ واڍو هوندين،
لاٽڻ، تُولا، ورڙا ٺاهيون،
ٿوڻيون، ٿنڀ، پنڃرا ٺاهيون- اچو ته پنهنجا گهرڙا ٺاهيون.
لالو تون ڄڻ لوهر هوندين،
چمٽا، ٽِڦڻيون تَوَڙا ٺاهيون،
ڪوڪا، ڪنڍا، ڪرڙا ٺاهيون- اچو ته پنهنجا گهرڙا ٺاهيون.
ڪالو تون ڄڻ ڪنڀر هوندين،
ڪنئرا، دلڙا، مٽڙا ٺاهيون،
پاٽيون، پارا، تسڙا ٺاهيون- اچو ته پنهنجا گهرڙا ٺاهيون.
ڀليڏنا، تون ڀاڳيو هوندين،
گايون، مينهون، اُٺڙا ٺاهيون،
گابا، وڇون، گهورڙا ٺاهيون- اچو ته پنهنجا گهرڙا ٺاهيون.
وارث، تون واپاري هوندين،
هٽڙا، وَٽِڙا، دٻڙا ٺاهيون،
تارازي ۽ پلڙا ٺاهيون- اچو ته پنهنجا گهرڙا ٺاهيون.
هاشم تون ڄڻ هاري هوندين،
ڏاند ڪي تنهنجا ڏَٻڙا ٺاهيون،
بگڙا ٺاهيون، ڪڪڙا ٺاهيون- اچو ته پنهنجا گهرڙا ٺاهيون.
• مائل
سهڻي صلاح
ٿيو ٻار اسڪول جا گڏ اچي،
ٻڌايان اوهان کي حقيقت سچي.
سويلي سمهو ۽ سويلي اُٿو،
ڪيو صاف منهن وار ڏند هٿ مٿو.
ڪريو تندرسيءَ جي سهڻي سنڀال،
صحت کانسواءِ جيئڻ جڳ ۾ جنجال.
ڪرڻ لاءِ استاد ڏيئي ڪم گهرُو،
ڪري سڀ، ڪريو پاڻ کي سرخرو.
سدائين وڏن جي چوڻ تي هلو،
انهيءَ ۾ سڀن جو سراسر ڀلو.
بزرگن جي عزت، سدا ڌارجو،
ڏجو پيار ننڍن، نه تن مارجو.
نه ڏيو جاءِ ڪا ڪوڙ کي جان ۾،
ڪتر ٿو وجهي ڪوڙ ايمان ۾.
وڏن لاءِ عزت ننڍن لئه پيار،
مِٺن لاءِ محبت ڪَڙن لئه ترار.
وري موٽي ”مائل“ ڪنداسون ڪلام،
چڱو هاڻ حافط خدا: و السلام،
ديس اسان جو پاڪستان
ديس اسان جو عاليشان،
ديس اسان جو جڳ جو مان-
ديس اسان جو پاڪستان.
ديس اسان جو چنڊ ۽ تارا،
ديس اسان جو سچ سمان-
ديس اسان جو پاڪستان.
ديس اسان جو اُن اُپائي،
آنَ ۾ ئي آهي ايمان-
ديس اسان جو پاڪستان.
جنهن ۾ سنڌو، ڪابل، راوي،
جنهن ۾ ٿر ۽ ڪوهستان-
ديس اسان جو پاڪستان.
جنهن جا هاري محنت وارا
جنهن ۾ ٻنيون ۽ ميدان-
ديس اسان جو پاڪستان.
ٻار به جنهن جا مٺڙا مٺڙا،
جنهن جا جوڌا جنگ جوان-
ديس اسان جو پاڪستان.
• محمد صديق مسافر
چئن مندن جو راڳ
ٻارو اچي مڙو هڪ ماڳ، ڳايون چئن مندن جو راڳ:
هڪڙي تن مان آهي بهار، هيءَ مند آهي واهه جا ٻار.
وڻ ٽڻ ڏسجن ٿا سڀ سهڻا، باغ لڳن ٿا من کي مهڻا.
گل ڦل باغن منجهه ٽڙن، پکي به مٺڙيون ٻوليون ڪن.
وڃي بهار ته اچي اونهارو، ڊول انهيءَ جو آهي نيارو.
گرميون اُن ۾ ٿين مُدام، پاڻي پڻ چڙهن ٿا جام.
هن ۾ پوي ٿي پڻ برسات، پوک جي سڀ کي وائي وات.
پوءِ سرءُ ٿي اچي وري، هوا لڳي ٿي گهِم ڀري.
هن رت ۾ ٿا پاڻي ڇڄن، پَن وڻن جا ڇَڻيو پَوَن.
دل کي وڻندڙ ناهه هوا، ٿئي تپت ٿي جاءِ بجاءِ.
ٿيو سرءُ جو پورو وارو، آيو تنهن تان وري سيارو.
هوا اُتر جي ڪري سوساٽ، سيءُ ۾ پو ٺريو گهر- گهاٽ.
سيءُ پوڻ سان ڪري پڄاڻي، وڃي ٿو گهٽجي هر هنڌ پاڻي.
چئن مندن ۾ پورو سال،
وري ٿئي ٿو ساڳيو حال.
چڱو ٻار
چڱو ٻار سو جو چڱائي ڪري،
جو هر وقت سڀ سان ڀلائي ڪري.
جي وعدو ڪري ڪنهن سان انجام ڪو،
ته وعدي جي پنهنجي وفائي ڪري.
سکي نيڪ ڳالهيون ڪري نيڪ ڪم،
ائين عُمِر پنهنجي سجائي ڪري.
نه ڪنهن کي ستائي، نه ڪنهن کي ڏکوئي،
نه ڪنهن سان ڏنگائِي لچائِي ڪري.
وڏن جو ادب ۽ ننڍن جو لحاظ،
اهو وڻج اهڙي ڪمائي ڪري.
نه ڪنهن سان ڪو تڪرار جهيڙو ڪري،
نه ڪنهن سان ڪَچائي ڦِڪائي ڪري.
• علامه اقبال
ترجمو: لطف الله بدوي
همدردي
ڏار وڻ جي تي پريشان هڪ پکي،
هو اڪيلو رات ٿي آئي مٿان.
دور آکيري کان اوجهيڙ جهنگ ۾،
ٿي ڊنو، دشمن اچي ڪوئي مٿان.
ايتري ۾ کڙ کٻيتو لاڏ مان،
چمڪندو گذريو اُن ٽاريءَ وٽان.
شاخ تي ويٺل ڏٺائين هڪ پکي،
منهن پَرن ۾ ڪنڌ اُونڌو فڪر سان.
ويو وٽس، ان کي چيائين سڪ مان:
تو وڃايو آ شايد پنهنجو آشيان؟
ڀؤ نه ڪر مون سان آهي روشني،
اچ ته سونهون ٿي وٺي تو کي هلان.
کڙکٻيتي جي ڀلائي سان پکي،
پهتو سلامت گهر خير سان.
جي آهين سگهو ته ٽانڊاڻي مثال،
تون اڙين، اَڀرن تي رَههُ ٿي مهربان.
ماکيءَ جي مک
مک، ماکيءَ لئه اٿي سويرو،
گلن مٿان سا ڏئي ٿي ڦيرو،
ڦڙو ڦڙو ڪيو گهر ڀري ٿي-
سستي ڪڏهن ڪين ڪري ٿي.
تتيءَ، ٿڌيءَ ڏي ڪين نهاري،
پورهيي ۾ ٿي ڏينهن گذاري،
محنت کان سا ڪين ڏري ٿي-
سستي ڪڏهن ڪين ڪري ٿي.
ڪم تي صبح سوير اُٿي ٿي،
ڪين ڪمائيءَ کان ٿڪجي ٿي،
سج لٿي پوءِ گهر وري ٿي-
سستي ڪڏهن ڪين ڪري ٿي.
مٺي ماکي نيو گهر لاهي،
ائين نه چئي ڪي ٿوري آهي،
ميڙي ماڻهن ڪاڻ ڌري ٿي-
سستي ڪڏهن ڪين ڪري ٿي.
ڇوڪر گهرجي آن کي جائي،
مک جان ڪريو خوب ڪمائي،
وڃي گلن لاءِ پري پري ٿي-
سستي ڪڏهن ڪين ڪري ٿي.
• محمد اسماعيل عرساڻي
لغڙا ڪاٽا
ڪٿان هڪ لغڙ ڪاٽا ٿي آيو،
جهٽڻ جو ڇوڪرن ڪيو خوب سعيو.
مچي ميدان ۾ ويو شور ڏاڍو،
لڳايو هر ڪنهن ٿي زور ڏاڍو.
چيو هڪڙي ”پري ٿيو آهي منهنجو،
جو منهنجي هٿ ۾ ڏور آهي تنهن جو“.
چيو ٻئي ”منهنجو آهي تنهنجو ناهي،
ڏسان مون کان سواءِ ٿو ڪير لاهي“؟
وڌي هڪ ٽيون وري وچ ۾ اچي پيو،
لغڙ ڪاڻ هڪ جهيڙو مچي ويو.
وڏي ڇڪتاڻ ٿي ويئي چؤطرف کان،
لغڙ ٿي پرزا پرزا ويو ڪِرڻ سان.
ڪنهن کي هٿ ۾ ڏوري جو ذرو هو،
ڪنهن کي آيو هٿ ڪاغذ جو ٽڪرو.
ڪنهين جي هٿ ۾ آنچي آئي مشڪل،
لغڙ، ڏورو ويو ٿي ناس بلڪل.
پيارا، هيءُ پهاڪو عام آهي، ته ”جهيڙي جو برو انجام آهي“.
ٻارڙن کي نصيحت
صبح اچي ٿو، ٿي پرڀات،
آيو ڏينهن ۽ ويئي رات.
پيارا پُٽڙا ٿيءُ سجاڳ،
شال ڀلو ٿئي تنهنجو ڀاڳ.
ننڊ ڦٽي ڪر سستي ڇڏ،
اُٿي ڌڻيءَ کي پنهنجي سڏ.
اول اٿي تون هٿ منهن ڌؤ.
مٺڙا ٿيءُ اڇو اُجرو.
ماني کائي مڪتب وڃ،
ڳالهه سڄڻ تون منهنجي مڃ.
رکُ ادب استاد سندو،
جو پڻ تو کي پيار ڪندو.
موٽي جڏهن اچين تون گهر،
ماءُ ۽ پيءُ جي خدمت ڪر.
ماني کائي گهرُ دعا،
ساڻي تنهنجو ٿئي خدا.
سمهه وڃي پوءِ منهنجا شير،
اُٿ وري تون صبح سوير. |